سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل مئي 5/ 1996ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل 5/ مئي

اڪبر جسڪاڻي

حال احوال

پيارا ٻارو، توهين ٽيليويزن تي روزانو هڪ اشتهار ڏسندا هوندا. جنهن ۾ نياڻين کي تعليم پرائڻ جي لاءِ چيو ويندو آهي.  ٻارو، تعليم هر هڪ انسان تي فرض آهي، جي گهر ۾ ڪا عورت پڙهيل هوندي ته ٻارن جي سار سنڀال ۽ پرگهور سهڻي نموني سان لهندي، هونئن به چوڻي آهي ته جي گهر ۾ هڪ نياڻي پڙهيل آهي ته ڄڻ سڄو گهر پڙهيل آهي. ان لاءِ ٻارو، توهين والدين کي چئي پنهنجين، ڀينرن کي پڙهايو ۽ مٽن ۽ مائٽن کي به راضي ڪريو ته هو به نياڻين کي تعليم ڏيارين. اها اوهان جي وڏي ڪاميابي آهي.

ٻارو! هي پرچو جڏهن اوهان جي هٿن ۾ پهچندو ته توهين عيدالاضحيٰ ملهائي چڪا هوندا. ان لاءِ اوهان کي عيد جون مبارڪون هجن.

ٻارو، مئي مهيني کي به وڏي اهميت حاصل آهي. جو هن مهيني جي پهرين تاريخ تي پورهيتن جو ڏينهن ملهائبو آهي. ان لاءِ ته آمريڪا جي شهر شڪاگو جي مزدورن جدوجهد هلائي. پنهنجا حق حاصل ڪيا هئا. ان جدوجهد ۾ هزارين مزدور شهيد ٿيا هئا.

پيارا ٻارو، اسلامي سال جو پهريون مهينو محرم الحرام به وڏي احترام جي لائق آهي. ڇو ته هن مهيني ۾ حضرت امام حسين عليه السلام پنهنجن ساٿين سان گڏ، يزيد جي لشڪر سان جنگ ڪندي شهادت ماڻي هئائون، يزيد هڪ ظالم حڪمران هو. امام حسين عليه السلام اها قرباني ڏيئي، اسلام کي بچائي ورتو ۽ اڄ هر هنڌ امام حسين عليه السلام کي ماڻهو ياد ڪن ٿا، پر يزيد تي لعنت وجهن ٿا.

امام حسين عليه الالسلام جي قرباني مان اهو سبق ملي ٿو ته سچ جي راهه تي جي ماڻهو کي سر جي قرباني ڏيڻي پئي ته ان جي پرواهه به نه ڪري. ڇو ته فتح هميشه سچ جي ٿيندي آهي.

اوهانجو چاچا،

اڪبر جسڪاڻي

لطيفي لات

ڪربلا جي پڙ ۾، خيما کوڙيائون

جهيڙو يزيد سامهون، جُنبي جوڙيائون

منهن نه موڙيائون، پسي تاءَ ترار جو.

 

مٿيون بيت شاهه جي رسالي مان کنيو ويو آهي. هي بيت سُر ڪيڏاري جي داستان ٻئي جو ٻيون نمبر بيت آهي.

سمجهاڻي: ڪربلا جي ميدان تي اچي خيما کوڙيائون. يزيد (يزيد جي لشڪر) سامهون، جوش ۾ اچي جنگ جوٽيائون، ترار جو تاب ڏسي، منهن نه موڙيائون.

معنيٰ: خيما =تنبو. جُنبي = جوش ۾ اچي. تاءَ = تاب.

 

(ڪلياڻ آڏواڻي)

اڪبر جسڪاڻي

 

محرم الحرام

 

هي اسلامي سال جو پهريون مهينو آهي. محرم جي معنيٰ آهي اُها شيءِ جيڪا حرام ڪئي وئي هجي. اسلام کان اڳ به هي مهينو. انهن چند مهينن ۾ لکيو ويندو هو. جنهن ۾ جنگ جهيڙو فساد بند ڪيو ويندو هو ۽ وڙهڻ حرام سمجهيو ويندو هو. ان ڪري هن مهيني جو نالو ئي محرم پئجي ويو. اسلام کان اڳ به هن مهيني ۾ اهڙا واقعا پيش ايندا رهيا. هن مهيني ۾ ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت امام حسين عليه الاسلام ۽ سندن ساٿين جي شهادت جو واقعو ٿيو، جنهن ڪري به هن مهيني جي اهميت اڄ تائين قائم آهي ۽ تاقيامت قائم رهندي.

حضرت امام حسين عليه السلام 3 شعبان المعظم سنه 4 هجري ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه جن جي گهر ۾ پيدا ٿيا ۽ حڪم الاهي سان سرور ڪائنات ”حُسين“ رکيو. امام حسين عليه الاسلام سان حضور سائين ﷺ جن جي ايتري ته محبت هوندي هئي جو کين هر وقت پنهنجين اکين اڳيان رکندا هئا. تڏهن ته پاڻ هڪ هنڌ فرمايو اٿن ته ”حسين مني و انا من الحسين“ يعني حُسين مون مان آهي ۽ مان حسين مان آهيان.“ هڪ ڀيري پنهنجي ڌيءَ بيبي فاطمہ الزهريٰ رضه کي چيائون ته ”اي ڌيءُ، حُسين کي نه روئاريندي ڪر، ڇاڪاڻ جو سندس روئڻ جي ڪري مون کي سخت تڪليف ٿي رسي. حضور ﷺ جن اما حسن سان به پيار ڪندا هئا. ٻئي ڀائر ايندا هئا ته کين هنج ۾ ويهاريندا هئا. حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي نازن جي نپايل، حضرت علي عليه الاسلام جن جي اکين جي ٺار حضرت امام حسين عليه الاسلام کي جڏهن ڪوفين کين ناني جي دين بچائڻ لاءِ هزارين خط لکيا ۽ نياپا موڪليا ته توهين اچو. اسين اوهان جي هٿ تي بيعت ڪنداسين. پر اُتي جون حالتون اُن جي اُبتڙ هيون. ڪيترن ساٿين سمجهاين ته، توهين نه وڃو، ڪوفي وارا غداري ڪندا.

اهڙين حالتن جو جائزو وٺڻ لاءِ پهرين پاڻ پنهنجي پياري سوٽ حضرت مسلم بن عقيل کي ڪوفي ڏانهن موڪليائون. اُتي ڪيترن ئي ماڻهن سندن هٿ تي بيعت ڪئي. اها خبر جڏهن يزيد کي پئي ته اُن مسلم بن عقيل کي شهيد ڪرائي ڇڏيو. ان شهادت جي خبر حضرت اما حسين عليه الاسلام کي پئجي چڪي هئي. پر پاڻ دين اسلام جي خاطر ڪوفي ڏانهن روانا ٿي ويا. سندن قافلو جڏهن عراق جي ميدان تي پهتو ته پاڻ پڇيائون ته هي ”ڪهڙو ميدان آهي.“ ماڻهن ٻڌايو ته ”ڪربلا“ پاڻ اُتي ئي خيما کوڙيائون. هوڏانهن يزيد جي لشڪر به اچي کين گهيرو ڪيو ۽ چيائون ته ”يزيد جي هٿ تي بيعت ڪريو يا جنگ لاءِ تيار ٿيو.“ پر پاڻ صاف جواب ڏنائون ۽ جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا. جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ رات جي وقت امام حسين عليه الاسلام پنهنجن ساٿين کي چيو ته جن کي وڃڻو آهي سي ڀل وڃن، پر سندن ساٿين مان ڪو به نه ويو.

جنگ دوران امام حسين عليه الاسلام ۽ سندن ساٿين جو پاڻي به بند ڪيو ويو. ان دوران يزيد جي فوج جو هڪ سپہ سالار حر اچي امام حسين عليه الاسلام جن سان شامل ٿيو ۽ شهادت جو درجو ماڻيائين.

جنگ ۾ امام پاڪ جا ڪيترائي ساٿي شهيد ٿيندا ويا. سندن نوجوان فرزند حضرت علي اڪبر به شهادت ماڻي، پر معصوم حضرت علي اصغر جيڪو فقط ڇهن مهينن جو کير پياڪ ٻار هو، اُن کي به ظالمن تير هڻي شهيد ڪري ڇڏيو. آخر ۾ پاڻ حضرت امام حسين عليه السلام جنگ جي ميدان تي آيا ۽ دشمنن جون صفن جون صفون صاف ڪري ڇڏيائون. 10 محرم جي تاريخ هئي، جنگ دوران نماز جو وقت به اچي ويو ۽ پاڻ نماز پڙهڻ لڳا ته يزيدي فوج جي هڪ سپه سالار شمر کين شهيد ڪري ڇڏيو. امام پاڪ جي شهادت کان پوءِ يزيدي لشڪر جي ظالمن اهل بيت جي خيمن کي باهيون ڏنيون ۽ اُنهن کي قيد ڪيو.

پيارا ٻارو! حضرت امام حسين عليه الاسلام جن جي هن عظيم قربانيءَ جو ئي نتيجو آهي ته اڄ به هر هنڌ دين اسلام جو نالو روشن آهي ۽ جيستائين ڪائنات هوندي اوستائين نماز قائم هوندي ۽ ڪلمون پڙهندڙ قائم هوندا. ان واقعي مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته ڪنهن جي به حق تلفي نه ڪجي ۽ نه ظلم ڪجي ۽ نه ئي ڪنهن ظالم جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. حق جي راهه ۾ جي سرُ ڪپجي وڃي ته ڀل ڪپجي پر ظالم دُشمن آڏو نه جهڪجي.

اڄ به پهرئين محرم کان ڏهين محرم تائين حضرت امام حسين عليه الاسلام ۽ سندس ساٿين جي ياد ۾ وڏا جلسا ۽ مجلسون ٿينديون آهن ۽ ماڻهو خير خيرات ۽ نياز ڪندا آهن.

محرم موٽي آيو، آيا تان نه امام

مديني جا ڄام، موليٰ مون کي ميڙئين

(شاهه)

احسان دانش

محنت

جيڪو خوب ڪندو آ محنت،

ملندي تنهن کي آهي عزت.

محنت ۾ ئي عظمت آهي،

محنت سان ڪيو حاصل عظمت.

محنت واري ٻار کي ملندي،

ماءُ پيءُ جي آهي الفت.

محنت سان جو پڙهندو لکندو،

ملندي تنهن کي علم جي دولت.

محنت جو ڦل مِٺو آهي،

اها به هڪڙي آهي حقيقت.

ٻار ڪندو جو محنت آهي،

تنهنجي سٺي هوندي آصحبت،

محنت وارو ٻالڪ هر جا،

ماڻيندو آ ڏاڍي حرمت.

جوهر بروهي

لات

صبح ويلي گڏجي پکين لات لائي

اٿو! جاڳو! جڳ ۾ به آئي سهائي

 

ڇڏيو ننڊ، نيڻن جو آرام ڀائو

جو غفلت ۾ رهندي نه ٿئي شام ڀائو

سڀن پرت مان ڳائي وحدت جي وائي

 

اجهو سج ٿو اڀري عمل لئه پڪاري

نه غفلت ۾ انسان ٽائيم ٽاري

جو هڪ ڏينهن رهندي رڳو ڌوڙڇائي

 

۽ گلشن ۾ ڳايا گلن ڀي ترانا

جو محنت سان هٿ ايندا ڪيئي خزانا

نه گذري وڃي ويل پنهنجي اجائي

 

اٿي سار ”جوهر“ صبح وارو سائين

جو حامي آپينگهي کان سڪرات تائين

ملي علم سان ٻاٽ ۾ روشنائي.

عطا محمد ڀنڀرو

”موسم متوالو“

مُوسو ڪو ڏينهن خالي ڪونه ڪندو هو. روز ويندو هو پنهنجي ماسي مُومل ڏي. ماسهس مُومل، موسي جي ماءُ ملوڪان ڏي ڪانه ڪا شيءَ سوکڙي  ڪري موڪليندي هئي. ٻنهي ڀينرن ۾ سٻنڌ ۽ سڪ سوائي هئي. سو هڪ ڏينهن ماسي مُومل ڀرواريءَ بيڪريءَ تان هڪ سٺو ۽ سونهري ڪيڪُ وٺي موسا کي ڏنو. هُو به مٺُ ۾ سُڪَ ۽ سوگھو جَھلي وڃي گھر نڪتو. خير سان گھر ته پهتو. پر سندس مُٺ ۾ ڪيڪ جي رڳي ڀور وڃي بچي هئي. ٻيو الائي ڪاٿي ڪيرائي آيو هو. سندس ماءُ ملوڪان کانئس پڇيو:

”پُٽ! موسيٰ توکي ماسهن مُومل ڏنو ڇا هو؟“

”امان ماسي مُومل بشڪُوءَ واري بيڪريءَ تان ڪيڪُ وٺي ڏنو هو.“

”پٽ موسيٰ! توکي ته ڄمڻ وارن ٻارن جيتري به ساڃهه ڪانهي. ڪيڪُ ائين ٿورو ئي کڻي اچبو آهي. پهريون تون اُن چڱيءَ طرح ڪنهن ڪاڳر پني ۾ ويڙهي سُڪ ڪري وري بوڇڻ جي پلاند ۾ اٽڪائي اچينس ها ۽ پوتڙو ويڙهي سيڙهي رکين ها کڻي مٿي تي الا الا خير سَلهه، سمجھيئه نه موسيٰ.“

” ها امان اڳتي مان ائين ڪندس.“

ٻئي ڏينهن به مُوسو ويو پنهنجي ماسي مُومل ڏي. اُن ڏينهن وري ماسهنس مومل تازو تازو مکڻ ماٽيءَ مان ڪڍي ڏنس ته جھٽ وڃي ماءُ کي پهچاءُ.

موسي وري ڇا ڪيو جو پنن ۾ ويڙهي سيڙهي ٻڌائينس کڻي پوتڙي جي پلاند ۾ ۽ پوتڙو کڻي رکيائين مٿي تي. ڏينهن به هو گرم، پوءِ اچي مکڻ رِجڻ شروع ڪيو ۽ رجندو رهيو وهندو ۽ ڳڙندو رهيو. پهريون سندس مٿو سڻڀو ٿيو پوءِ نِوڙِي آيو نِرڙ تي. پوءِ اتان ڳڙي اچي ڳَلن تي نڪتو. ڳَلن تان ڳَڙندو سرڪندو وڃي سيني تي سهڙيو. پويان وري پٺيءَ جا پاسا ۽ ڪنڊي جي گٺ ڏئي وڃي ٽنگن تي ٽڙڪو ڪيائين. موسُو به گھر پهتو ته مکڻ به وڃي سندس پير پڪڙيا. ماڻس مُوسي ڏانهن ڏسي چيو ”مئا اڄ وري ڇا ڪيو ٿئي، کڏ کڄئي، چاڪيءَ جي گھاڻي ۾  کُتَ هيئين ڇا، جو سڄو سڻڀ ۾ ڳڙندو گھر پهتو آن.“

”امان، اڄ ماسيءَ مومل سيرُ سوا ڏنو هو مکڻ جو، جيڪو ماٽيءَ ۾ نڪتو سو کڻي ڏنائين.“

”آئي مُٺيس، کوءِ پيا، مکڻ ائين کڻبو آ، مئا ڳاٽو لهئي. ننڍڙن ٻارن جيتري ساڃهه ڪونهي توکي. مکڻ کڻجي ته ان اڳ ۾ پنن سُڪ ڪري ويڙهجي پوءِ ڪڙئي ڪسيءَ يا واهَ جي پاڻيءَ ۾ پسائيندو ٿڌو ڪندو اچجي، ۽ خبرداريءَ سان هٿن ۾ کنيو گھر هليو اچجي.“

”ها امڙ مان اڳتي ائين ڪندس.“

ٻئي ڏينهن ماسهنس، مُومل، ڪُتي جو ننڍڙو گُلر ڏنس ته گھر کڻي وڃ.

مُوسي مولائي به ڪُتي جي ننڍڙي گلر کي پنن ۾ ويڙهي سڪ ڪري کڻي ڏنس مٿو. رستي ۾ آيو پاڻيءَ ۾ ٻه ٽي ٽٻيون ڏياريائينس. اُتان به اڳتي روانو. وري اڳيان ڪا ڪَسي آئي اُتي به گُلر کي ٻه ٽي ٽٻڙڪا ڏياريائين. اڳيان وري ڪو واه آيو. تيستائين ڏينهن به ڪجھ گرم ٿي چڪو هو. مُوسي ڇا ڪيو جو ڪجھ ٺرڻ لاءِ گُلر کي پاڻي ۾ جھلي بيٺو ۽ پوءِ ڪڍي هٿن ۾ کڻي ٿيو گھر راهي.

گھر پهتو ته گُلر مري چڪو هو. سندس ماءُ ڏانهس نهاري پڇيو.

”مولا مهر ڪرئي، ميان موسيٰ، اڄُ وري ڇا کڻي آيو آهين؟“

”اما، ڪُتي جو ننڍو گُلر.“

”ڪتي جو گُلر! هئي الا، اهو ته مري چڪو هوندو ويچارو. گُلر کڻي اچڻ جو اهو طريقو آهي. ميان مُوسي ڪتي جو گُلر هيئن کڻبو آهي جو کيس نوڙي ۾ ٻڌي زمين تي رکي ڇڪي گھِلي ڪاهي گھر اچبو آهي، توکي ڄمڻ جيتري ٻار جيترو به عقل ڪونهي.

”ها، امڙ اڳتي ائين ڪندس.“ مُوسي وراڻيو.

ٻئي ڏينهن ويو مُوسو، ماسيءِ مومل وٽ. اُن ڏينهن ماسهنس ڳائي گِهه ۽ مصريءَ مٺا لولا تَريا هئا، سو ٻه ٽي ڀيڻ ملوڪان لاءِ ڏنائين. موسي کي، رنگ جا ڀورا سونهري سوڪ ڪڙڪ گِهه ۾ ڳڙندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com