|
ناديه ٻٻر/آر ٽي سي /ڄام شورو
محنت جو ڦل
هڪ شھر ۾ هڪ ڳوٺاڻو رهندو هو. هن جو نالو علي محمد
۽ سندس زال جو نالو زنيرا هو. پر انھن کان سواءِ
سندن ٻيو ڪو به خاندان نه هو. هو ڏاڍو غريب هو ۽
وڌيڪ پڙهيل لکيل به نه هو. هو پنھنجي گهر جي خرچن
جي ڪري ڏاڍو پريشان رهندو هو ۽ وٽس پنھنجو گهر به
نه هو.
هن
جي زال هن کي مشورو ڏنو، ته هو ڪجهه مٽي جمع ڪري
گهر کڻي اچي. جيڪو هن ٻنھي گڏجي ڪيو. هن جي زال
مٽيءَ جا مختلف ٿانوَ ٺاهيا ۽ انھن کي وڪڻڻ شروع
ڪيو. انھي وڪري مان جيڪي پئسا ڪمايا، تن مان هن جي
زال سبزين جو ننڍڙو دڪان کوليو. ڪاروبار سٺو ھلڻ
لڳو، پر هڪ ڏينھن تيز برسات جي ڪري دڪان تي ڪو به
گراهڪ نه آيو ۽ سبزين جو وڏو اسٽاڪ موجود هو. هن
جي زال مھارت سان سبزين کي خراب ٿيڻ کان بچائي
ورتو. ۽ پنھنجي لڳايل ريڙهيءَ تي پچائي وڪرو ڪيون.
هر ڪو هن جي تيار ڪيل سبزين کي پسند ڪرڻ لڳو. هن
جي زال روزانو سبزيون پچائيندي ۽ وڪڻندي هئي ۽
انھيءَ جوڙي سٺي آمدني ڪمائي. آخرڪار انھن پنھنجو
هڪ گهر به خريد ڪيو ۽ آرامده زندگي گذارڻ لڳا.
پيارا ٻارؤ! هيءَ ڪھاڻي اسان کي پنھنجن پيرن تي
بيھڻ جو سبق سيکاري ٿي.
***
امر ادريس درس/ ميرپورخاص
چاچو چڱو چڻن وارو
منھنجو نالو چاچو چڱو آهي منھنجي ماءُ پيءُ منھنجو
نالو چنيسر رکيو منھنجو پيءُ چڻا کپائيندو هو چڻا
کپائڻ کان پھريان هو چاچي رحيمداد وٽ ڪمدار هو
چاچو رحيم داد نھايت نيڪ ۽ نفيس انسان هو سدائين
غريبن جو خيال رکندو هو پرسندس وفات کان پوء سندس
پٽ ذاڪر اڳواڻ ٿيو پيءُ جي ابتڙ هن ۾ هر اها عادت
هئي جيڪا معاشري ۾ عيب سمجهي ويندي هئي سندس اوطاق
تي هر وقت موالي چور ۽ لوفر ڇوڪرا ويٺا هوندا هئا
منھنجي پيءُ کيس گهڻو ئي سمجهايو پر هو نه مڙيو
نيٺ بابا ڪمداري ڇڏي چڻا کپائڻ لڳي ويو بابا کان
پوء آئون به اهو ئي ڌنڌو ڪندو آهيان ۽ خوش
گذاريندو آهيان۔
بابا
پنھنجي آخري لمحن ۾ هر هر مون کي چوندو رهيو ته پٽ
ڪڏهن به ڪوڙنه ڳالھائجان نه ته عزت حاصل ڪري نه
سگهندين ۽ ڪڏهن به ڪنھن جو حق نه کائجان نه ته رزق
روزي ۾ برڪت نه پوندي مون پنھنجي بابا جي ان نصيحت
کي هينئين سان هنڊائي ڇڏيو آ ارادو ڪيو اٿم ته
بابا جيان هميشه سچ ڳالھائيندس ۽ حق حلال جي روزي
ڪمائيندس۔ ننڍپڻ کان وٺي آئون مختلف اسڪولن ۾ چڻا
کپائيندو آهيان پر درس اسڪول جي ڳوٺ جا ٻارڙا
پنھنجي چڻن جا ڄڻ ته ديوانا آهن اتي ماستر رحيم
اسڪول ۾ ٿورو دير سان ايندو آهي ان جي اچڻ تائين
آء ٻارن کي مختلف قصا ۽ ڪھاڻيون ٻڌائيندو آهيان
ٻار چڻا کائيندي کائيندي منھنجا قصا وڏي شوق سان
ٻڌندا آهن ڪنھن ڪنھن مھل ڪو ٻار ڳالھه کي اڌ ۾
ڪٽيندي ڪو سوال به پڇي وٺندو آهي کيس پيار سان
سمجهائيندو آهيان مون اسڪول ۾ ڪيترائي ٻار ڏٺا اهي
ٻار ٻوٽي مان وڌي وڏا وڻ ٿيا کوڙ سارا ٻار پنھنجي
منزل تي پھتا کين زندگي ۾ سٺيون پوسٽون ۽ اعليٰ
مقام مليا پر مون هڪ ڳالھه سکي آهي ته جن به
پنھنجو اندر اجرو رکيو آهي ۽ انسانيت جي خدمت جو
جذبو رکي پڙهيا اهي اعليٰ مقام ۽ بلند مرتبي تي
پھتا جن پنھنجي اندر ۾ کوٽ رکي اهي ڪڏهن سٺي مقام
تي پھچي نه سگهيا۔
هڪ
ڏينھن آء اسڪول ۾ چڻا کپائي رهيو هوس تڏھن اچانڪ
ڪلاس جي اندر گوڙ ٻڌم آء به ڊوڙندي اندر ڀڳس ڏٺم
ته وڏيري ذاڪر جي پٽ شيراز شاهد جو مٿو ڦاڙي ڇڏيو
آهي ۽ مٿي مان رت وهي رهيو هو آء شاهد کي کڻي سندس
مائٽن جي حوالي ڪري آيس ۽ واپس اچي شيراز کي نھايت
پيار مان سمجهائيندو رهيس ۽ هو ٻڌندو رهيو ۽ نيٺ
هن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ان کان پوء هن سڀني ڪلاس کان
معافي ورتي ان بعد هو نھايت سٺي نموني زندگي گذارڻ
لڳو تڏهن اهو به سکيم ته جيڪڏهن هر ٻار کي سٺي ۽
سھڻي نموني سمجهائجي ته هن جي اندر ۾ چڱائيء جو وڻ
ڦٽي پوندو ڇو ته ٻار تي جيترو پيار جو اثر ٿيندو
آهي اوترو مار جو اثر نه ٿيندو آهي۔
آء
اڪثر ڪري رب کان اها ئي دعا گهرندو آهيان ته جيترا
ڏينھن به جيار حق ۽ سچ جي واٽ هلائج مخلوق جي
محتاجي کان محفوظ رکجان بس اها دعا رب پاڪ پنھنجي
بارگاهه ۾ قبول ڪجان.
***
عبدالسميع
ابن الھيار ڄام شورو
(قسط: نائين)
سڙهه
وَڻجاري وَرِي، پرِهَ پَڳَھَه ڇوڙِئا
اولِيُون پَسِي اُنِ جُون پِئَڙَمِ ڳَچَ ڳَرِي
ويندِيَسِ ماءِ مَرِي، ساري سمونڊِرينِ کي.
ميرب:
”اسان
پھرين سوچيو ته تون ڪنھن بندرگاھه تي ملي ويندين،
اسان موخا ۽ مسقط جي بندر تي ست مھينا وقت گذاريو
۽ رڍن جي اُن جو واپار شروع ڪيو. وري اوني ڪپڙن جو
ننڍو ڪارخانو لڳايو. ان سان گڏ اسين تنھنجي تلاش ۾
ڦرندا رھياسين، پر جڏھن ڪافي وقت تائين تنھنجي ڪا
خبر نه ملي، ته پوءِ سيٺ ممتاز چيو، ته حج جا
ڏينھن آھن. انڪري مان ساٿين کي وٺي حج ڪرڻ ويندس ۽
اُتي ڪجهه واپار به ٿي پوندو. مختلف ملڪن جي ماڻھن
سان ملي ڪري سنڌيار جي خبر وٺندس من ڪنھن نموني
خدا سڻائي ڪري.“
سنڌيار:
”يا
خدا مون کي ڇو نه اھو خيال آيو؟؟“
ميرب:
”پر
سيٺ ممتاز کي اھو به گمان ھيو ته تون يمن جي آس
پاس ئي ملندين. سو ھن مون کي ڪجهه پئسا ڏوڪڙ ڏنا ۽
رڍن جي ان جو ڪاروبار جاري رکڻ جي صلاح ڏني. ھتي
رھڻ منھنجو مقصد ڪاروبار نه بلڪه تنھنجي تلاش ھئي
۽ ھاڻ خدا جي مھربانيءَ سان تون ملي وئين، ڪافي
بدلجي ويو آھين يار.“
سنڌيار:
”سچ
پڇين ته پويون سمورو وقت مون پنھنجي ٽوليءَ ۽ گهر
کي ياد ڪندي گذاريو، پر مان مجبور ھيس پنھنجي غم
کي دٻائڻ لاءِ دنيا ۾ مصروف رھڻو پوي ٿو.
ميرب: واقعي! بس مقدر جي اڳيان ڪنھن کي مجال آھي.
ھاڻي ھل ته پاڻ به سفر جي تياري ڪيون ۽ حجاز ۾ ھلي
سيٺ سان ملون.
سنڌيار: پئسي ڏوڪڙ جو ماحول ڪيئن آھي؟
ميرب: پئسي ڏوڪڙ جي ڳڻتي نه ڪر. منھنجو ھتي سٺو
ڪاروبار ھلي پيو ۽ ڏينھن ٻن ۾ اوڌر جا پئسا حاصل
ڪريان، ته پاڻ نڪري ھلنداسين.
سنڌيار: مون جيڪو ڪمايو سو ساڻ اٿم، تون صرف
پنھنجي حجاز وڃڻ جو اطلاع واسطيدارن کي موڪل باقي
حساب واپسيءَ ۾ ڪجانءِ.
ميرب: چوين صحيح ٿو. حج جا ڏينھن ويجها آھن ۽ حج
تي ھلي پھچڻ گهرجي. جيئن اھو پاڪ فريضو نصيب ٿئي.
سنڌيار: ھا بلڪل ۽ شايد پنھنجي ٽوليءَ سان به
ملاقات ٿي وڃي .
ميرب: ان شاءَ الله ضرور ملندا. ھنن جو ته ٻيو ٻيو
حج آھي. اتي ئي ملندا.
سنڌيار ۽ ميرب سفر جي تياري شروع ڪري ڏني ۽ ميرب
پنھنجي رھيل رقم ماڻھن کان وٺڻ شروع ڪئي. تنھن کان
پوءِ ھو سفر تي نڪتا. سمنڊ ۾ بيٺل وڏي ٻيڙي تي
چڙھندي سنڌيار جي دل ڌڙڪي رھي ھئي. کيس تصور ئي
تصور ۾ چاچو ممتاز ۽ بابا صديق ملندي نظر اچي رھيا
ھئا. ڪنھن مھل ھو پاڻ کي حرم پاڪ ۾ حج ڪندي ڏسي
رھيو ھو، ته ڪنھن وقت پنھنجي ٽوليءَ سان گڏ پھرين
دفعي جھاز تي چڙھڻ جا جهروڪا کيس نظر اچي رھيا
ھئا. خير سان جھاز لنگر کنيو ۽ بندرگاھه تان روانو
ٿيو ۽ ھي ٻئي سنگتي جھاز جي عرشي تي ويٺي ڪچھري
ڪري رھيا ھئا. قسمت جي وڇوڙن ۽ وري ملڻ واري قدرت
جي ڪارنامن تي گفتگو ڪري رھيا ھئا.
ميرب: سنڌيار! مقدر به ڪيڏي عجيب شيءِ آھي.
سنڌيار: ھمممم. بلڪل مقدر جا رستا ڪٿي پاڻ ۾ گڏيل
۽ وڪوڙيل آھن، ته ڪٿي ويرانن ۾ اڪيلا وڃايل آھن.
ميرب: تو يار وفادار جو قصو ٻڌو آھي ؟
سنڌيار: نه ...... (تجسس مان)
ميرب: اڄ مان توکي يار وفادار جي قصو ٿو ٻُڌايان.
جيڪو منھنجو ڏاڏو ننڍي ھوندي مون کي ٻُڌائيندو ھو.
سنڌيار: لڳي ٿو ڪافي دلچسپ آھي. اگر مون کي وڻيو،
ته مان ان کي لکندس.
ميرب:
”ھا
ته ٻڌ.“
ھيءُ قصو ھڪ شھزادي ۽ سندس پياري دوست وزير جو
آھي. جنھن ۾ شھزادو اسفند ھڪ خوبصورت شھزاديءَ جي
تصوير ڏسي مٿس موھت ٿي پوي ٿو. پر کيس اھا خبر
ناھي، ته ھي شھزادي ڪير آھي. ڪٿان جي آھي. ائين ئي
ڪنھن پرديسيءَ کيس ڍڪيل تصوير تحفو ڪري ڏني جنھن
کي ڏسي اسفند پنھنجي دل ھاري ويٺو. پر تصوير جي
حقيقت جي خبر نه پئجي سگهي، ته ڪنھن جي آھي يا
ڪٿان جي آھي. شھزادي اسفند پنھنجي گهاٽي يار وزير
سان انگل ڪيو، ته ھيءَ تصوير واري اپسره مون کي
آڻي ڏي. ٻي صورت ۾ مون کان ملڪي معاملا ته ڇڏ جيئڻ
به نه پُڄندو. وزير شھزادي کي قائل ڪرڻ جي ڏاڍي
ڪوشش ڪئي، ته اھو ضد ڇڏي ڏي ۽ چوين ته مان توکي ٻي
خوبصورت ۽ خوب سيرت ڪنوار پرڻائي ڏيان. پر ھو
ناڪام رھيو. نيٺ وزير ان تصوير جو نقل ڪرائي ساڻ
کنيو ۽ تلاش ۾ نڪري ويو. ڪيترو عرصو گذري ويو، پر
نه اھا تصوير واري شھزادي ملي نه وزير موٽيو.
پٺيان شھزادو پشيمانيءَ ۾ پاڻ ڳاريندو رھيو. جنھن
ڪري سندس پيءُ کيس ٻاھر ملڪن جي سفر تي موڪلي
ڇڏيو. ايتري ۾ ھڪ جھازي کين پٺيان سڏي ٿو، اي سنگت
جا ديوانؤ. اچو ماني کائو. ھو ٻئي ٽھڪ ڏيندا اُٿيا
۽ سنڌيار ميرب کي چيو قصو واقعي دلچسپ آھي. فارغ
ٿي مون کي پورو ٻُڌائجان. ميرب سيني تي ھٿ رکي چوي
ٿو، حاضر سائين.... ٻيو حڪم. ماني کائڻ بعد ميرب ۽
سنڌيار جھازين سان سڙھون چاڙھڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ٻنھي
جو پوري جھاز وارن سان چرچو ۽ شغل پيو ھلندو آھي.
جھازي کين ھڪ ٻئي جا ديوانا يا جوڙي ڪري سڏيندا
آهن ۽ ھي به پاڻ کي پيا وندرائيندا آھن. رسا ڇڪي
جڏھن ھو فارغ ٿين ٿا، ته سنڌيار ميرب کان قصي جو
اڳتي احوال پڇي ٿو، ته پوءِ ان شھزادي ۽ وزير جو
ڇا ٿيو؟
ميرب: پاڻ ڪاٿي ھئاسين.
(هلندڙ........)
اسلام عليڪم رفيق سائين، گل ڦل جي لاءِ هيءَ ترجمو
ٿيل ڪھاڻي اُماڻيان ٿو ،جيڪا اڳ ڪٿي به شايع ٿيل
ناهي، ڪھاڻي پنهنجي خيال جي لحاظ کان منفرد ۽
دلچسپ آهي. جيڪڏهن گل ڦل جي معيار جي هجي ته گل ڦل
جي صفحن جي زينت بڻائيندا.
سائين، اوهان ڏانهن ٽيون ڏينهن ڪتاب پوسٽ ڪيا آهن،
ڪتاب ملڻ جي آگاهي ڏيندا.
خالد ڀٽي/شڪارپور
***
اسلام عليڪم محترم جناب ايڊيٽر سائين رفيق جمالي
صاحب گل ڦل رسالو ھر مھيني باقائدا شوق سان پڙھندو
آھيان. جولاءِ مھيني جو شمارو ھٿن تائين پھتو،
پڙھي تمام گهڻي خوشي ٿي. ڪجهه ٽائيم مصروف رھڻ سبب
مان پنھنجو مواد گُل ڦُل ڏانھن اُماڻي ناھيان
سگهيو، پر ھر مھيني ماھوار پرچو پڙھندو ھئس. ھن
ڀيري اوھان ڏانھن پنھنجا
2
مضمون جنھن جا نالا آھن،
”ڇا
ننڍڙي ٻارن کي انٽرنيٽ ھلائڻ گھرجي؟“
۽ ٻيو
”استاد
جو احترام“
جي عنوان سان ۽
2
ڪھاڻيون اُماڻي رھيو آھيان جنھن جو عنوان آھي،
”سچائي
جو انعام“
۽
”محنت
جو ڦل“
اُميد ته اوھان پنھنجي خوبصورت رسالي ۾ مون کي
جڳھه ڏيندا، ته مھرباني ٿيندي.
عابد حسين ڪنڀر
خيرپورناٿن شاهه
***
جناب
ايڊيٽر گُل ڦُل، ادا رفيق جمالي صاحب گذارش ته
ماھوار گُل ڦُل ۾ ھنن ٻالڪڙن جون تصويرون شايع
ڪندا، جنھن لاءِ آءٌ بيحد ٿورائتو رھندس.
عبدالسميع الهيار
ڄامشورو
***
محترم ايڊيٽر صاحب اسلام عليڪم۔ سدا خوش ھجو۔
سائين ھي تصويرون نالي عزادار حسين ھيسباڻي جون گل
ڦل ٽائيٽل پيج لاءِ موڪليان پيو ڇپجڻ لائق ھجن ته
ضرور ڇاپجو۔ اوھان جي محبتن جو مشڪور
مجاھد”خاموش“ھيسباڻي
لاڙڪاڻو۔
***
محترم ايڊيٽر ماهوار گل ڦل رسالو ڄامشورو
السلام عليڪم اميد ته اوهان ٺيڪ هوندا, عرض ته
ماهوار گل ڦل رسالي جي ايندڙ شماري لاءِ نڪور
ڪھاڻي موڪليان پيو، اميد ته پھريان جيان مانائتي
موٽ ملندي. والسلام
امدادالله گهنڃو
اسٽيشن
روڊ
داون شاھ محلا شڪارپور
***
اسلام عليڪم ايڊيٽر گُل ڦُل سائين، مون سڄو
سفرنامو پاڻ لکيو ۽ ان کي پاڻ ايڊٽ ڪيو آهي ۽ مان
چاهيان ٿو، ته منھنجو هي سفرنامو گُل ڦُل ۾ شايع
ڪيو.
شعيب علي کو سو
ڪلاس نائون گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول رحمت پور
لاڙڪاڻو
***
لطيفي
لات جو نتيجو
آگسٽ
2026ع
جي ماهوار شماري ۾
”لطيفي
لات“
جي سلسلي ۾ ڏنل بيت
”سُر
سارنگ“
جي داستان پھرئين جو ڏهون نمبر بيت آھي.
بيت جي سمجھاڻي ۽ مفھوم:
منھنجا سڄڻ سانوڻيءَ جي مينھن وانگر ماروئڙن جي
ماڳ طرف لاڳيتو (آواز سان) پيا وسن. ايڏي عام جام
مينھن جي پاڻيءَ سان هر هنڌ پٽن ۽ پوٺن تي سائو
گاهه پيدا ٿي پيو آهي (هر طرف ساوڪ جو نظارو آهي).
سھڻا سڄڻ پنھنجي (مڌ ڀريل آبدار) اکين سان هر ڪنھن
سڪايل عاشق کي هڪ جھڙو (گهٽ وڌائيءَ کان سواءِ)
پيا پيارين ۽ اڃ لاھين!
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
*راشد علي ويسر: (ڪلاس ڇھون): عاطف فائونڊيشن
اسڪول ٺري ميرواهه.
*سليم ويسر: (ڪلاس ٽيون) پرائمري اسڪول قبول محمد
دستي ٺري ميرواهه.
*صفيه ويسر: (ڪلاس چوٿون) پرائمري اسڪول علي بيگ
ويسر ٺري ميرواهه.
*شازيه ويسر: (ڪلاس اٺون): هاءِ اسڪول مولابخش شر،
ٺري ميرواهه/خيرپور
*طارق علي سومرو: (ڪلاس ڇھون) هاءِ اسڪول مولابخش
شر، ٺري ميرواهه/خيرپور
*خوشبوءِ ويسر: (ڪلاس ستون) هاءِ اسڪول مولابخش
شر، ٺري ميرواهه/خيرپور
*ڪائنات ويسر: (ڪلاس ڇھون) هاءِ اسڪول مولابخش شر،
ٺري ميرواهه/خيرپور
*نيڪ محمد سومرو: (ڪلاس ٽيون) پرائمري اسڪول علي
بيگ ويسر، ٺري ميرواهه/خيرپور
*غلام مرتضيٰ شر: (ڪلاس ٽيون):پرائمري اسڪول محسن
علي شر، ٺري ميرواهه/خيرپور
*شعيب علي کوسو : (ڪلاس نائون) گورنمينٽ بوائز
هاءِ اسڪول رحمت پور لاڙڪاڻو.
*ناهيد بيگم: لاڙڪاڻو.
*دعاءِ زينب ٻٻر: ڪلاس ستون، گورنمينٽ ايس ڪي رحيم
گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد.
*رايان علي ڀٽي: ڪلاس چوٿون، ڪيئر هائوس اسڪول
حيدرآباد.
*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي
اسٽيشن دادو.
*ام حبيبه: ڪلاس ڇھون، مريم ايليمينٽري اسڪول
حيدرآباد.
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان
صفيه ويسر جو ڪُڻو نڪتو آھي، کيس سنڌي ادبي بورڊ
پاران
’گُل
ڦُل‘
رسالي جي ڪاپي موڪلجي ٿي.

 |