سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل سيپٽمبر-آڪٽوبر 2026ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: رفيق جمالي

 

شاهه جو پيغام

[24]

ڏِسَنِ ڏِينھاڻِي، توءِ تَرَسَنِ اوڏَهِين

آيا سُڃاڻِي، نيڻَ نِھاري پِرينءَ کي.

سمجهاڻي: جيتوڻيڪ اکيون هر روز محبوب جو ديدار پيون ڪن، پر تڏهن به سندن سڪ لھي ئي ڪانه ٿي ۽ هر هر ان طرف پيون واجهائين لڳي ٿو ته اهي محبوب کي چڱيءَ طرح ڏسي وائسي آيون آهن ۽ سندن ديدار ڪري آيون آهن.

[25]

ڦيرِ مَ تون  اُبَتِ، کَڻُ سُبَتِيُون سُپرِين

مون کي موهي جَنِ سِين ماري ڳيڙَيَئِي مَتِ

اِيءَ پِرين تُنھنجِي پَتِ، هاڻِ جَڏو جِيي نه مَري.

سمجهاڻي: اي محبوب، اکيون ابتيون ڦيري ڏس (ڪاوڙ سان نه ڏس) بلڪ سنيون سبتيون ڪري (پيار ۽ محبت سان) مون تي نظر ڪر. اها نظر جنھن سان مون کي موهي (ديوانو بنائي) ماريو اٿئي ۽ جنھن سان منھنجو مت عقل کسجي ويو آهي. اي پرين، تنھنجي شان وٽان اها ڳالھه ٿيندي (جل!و پاڻ راضي ٿي توجهه ڪرين)، باقي (تنھنجي محبت جو) هي بيمار نه ته جيئرو آهي ۽ نه مئ

[26]

جِتِي آڻي ڇَڏِيَئِي، اُتِي ئِي آهِينِ

سي سٻاجهيون اَکِيُون ماڳُ نه مَٽَائِينِ

جيٿِي لِکَ لاهِينِ، ته ڪَڍِي ڪانگنِ کي ڏِيان.

سمجهاڻي: اي محبوب، منھنجيون اکيون جتي تو ڇڏيون يعني جتي تو پاڻ ڏيکاريو ۽ تو ۾ نظر ڪري بيٺيون اتي ئي آهين. اهي نماڻيون اکيون اها جاءِ ڇڏين ئي ڪونه ٿيون، جيڪڏهن اهي ذري جيتري به گهٽتائي ڪن (هيڏانھن هوڏانھن ٿڙن) ته ڪڍي ڪانون کي ڏيئي ڇڏيان.

[27]

جِتِي آڻي ڇَڏِيَئِي اُڀِيُون آهن اُتِ

ٻيو ڀَروَسو نَه ڀِتِ، اکيون اوهان جي آسَري.

سمجهاڻي: اي پرين، (منھنجيون اکيون) جتي تو پاڻ ڇڏيون اتي ئي بيٺيون آهن، منھنجي اکين کي ٻيو ڪو سھارو ۽ ٽيڪ ناهي، اهي تنھنجي ئي آسري تي آهن.

[28]

کُتِيُون ڪِينَ کِسَنِ، ڪِنھِ جِنھِ آگَمِ اُڀِيُون

پييُون پِنبڻينِ ۾ کُوري جِيئَن کامَنِ

لاٽُون ڪِئو لُوسَنِ، لالَڻَ لاءِ لَطِيفُ چَئي.

سمجهاڻي: اکيون جتي کپي ويون آهن، (اتي ئي ڄمي بيٺيون آهن) اتان چُرن ئي ڪونه ٿيون، بلڪ گهٽ ۽ گرميءَ واري جهڙ جيان پيون لڳن. اهي اکيون اندر ئي اندر ۾ باهه جي مچ وانگر پيون ٻِرن. عبداللطيف چوي ٿو ته اهي پنھنجي محبوب لاءِ ڄڀيون ڪري پيون سڙن ۽ جلن.

[29]

کُتِيُون ڪِينَ کِسَنِ، ڪِنھِ جِنھِ آگَمِ اُڀِيُون

نيڻين جهيڙو پاڻ ۾، ويڻين ڪِينَ وڙَهنِ

اَکينِ ۽ پِرينِ، پُوريون پاتِيُون پاڻَ ۾.

سمجهاڻي: اکيون جتي هيڪر کپي ويون آهن، اتان هٽن ئي ڪونه ٿيون ۽ ڪڪرن وانگر ڀرجي بيٺيون آهن. (عاشق ۽ معشوق جي) اکين هونئن پاڻ ۾ وڏي ويڙهه ڪئي (هڪ ٻئي سان پيار ۾ جنبي ويون)، ليڪن انھن هڪٻئي کي ڏوراپا ڪونه ڏنا. ائين اکين ۽ پرين پاڻ ۾ حساب پورو ڪري ڇڏيو.

شاهه جو رسالو

]سُر ’آسا‘ داستان ٻيو. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سمجھاڻي ۽ مفھوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ:  سنڌي ادبي بورڊ[

 

 

محمد ياسين ڪنڀر/سلطانپور، پنوعاقل

حمّد

ڏينھن منظر مِھِرَ جو سھڻو بڻائي ٿو خدا،

رات نورِ ماھه جي چادر وڇائي ٿو خدا.

 

جانور وڻ گُل پکي ۽ جيت ڌوئي ٿو ڇڏي،

رحم جي مخلوق تي بارش وسائي ٿو خدا.

 

گُهٽَ ۽ ٻُوسَٽَ رُگَهه حُٻَسَ ۾  موسمِ گرمي اندر،

ٿڌڙي ٿڌڙي هير پياري ڪئين ھلائي ٿو خدا.

 

ھيڏو سارو ڏيھه آھي ھڪ ڌڻيءَ جي ڌِيانَ ۾،

۽ ڪڏھن سڀني حِجابن کي ھٽائي ٿو خدا.

 

ٻج ڇٽيون ٿا ٻاجهه وارو پوک ٿو پيدا ڪري،

ھڪڙي داڻي مان سوين داڻا اُپائي ٿو خدا.

 

ڪو سنڀاري يا وساري ڀل نه ڪو ٻاڏائي ٿو،

پر سمورن کي سدائين خوش رھائي ٿو خدا.

 

مٺڙي مٺڙي ننڊ ٿو مولا سُمھاري دوستو،

ناگھاني ڏکَ بَلائن کان بچائي ٿو خدا.

 

روشني پيدا ڪري ٿو سو انڌيرو ٿو ڪري،

ماري ۽ جيئاري ٿو موسم مَٽائي ٿو خدا.

 

ظالمن جو ڪنڌُ ٽوڙي ھيڻي جي واھُرَ ڪري،

آ ڪندو ’ياسينَ‘ نصرتَ رنگ لائي ٿو خدا.

صديق سِڪايل پيرزادو/قمبر شھدادڪوٽ

نعت

سڀن جو ته سرتاج سردار آهين،

نبين ۾ نبي تون نروار آهين.

 

سچو سائين سرور اِجهو عربي اطھر،

نبي پھريون نمبر اظھار آهين.

 

طٰهٰ تاج تنھنجو ٿيو ڏاج تنھنجو،

آ معراج تنھنجو جو مھندار آهين.

 

حُسن جو تون پرور تنھنجو ڪين همسر،

داور جو آن دلبر تون دلدار آهين.

 

ولھين جي به واهر اڙين جي ته آڌر،

هيڻن سان ته هر هر مددگار آهين.

 

’سڪايل‘ جي پارت قبر ۽ قيامت،

حشر ۾ حمايت پائدار آهين.

 

ارباب علي ’عادل‘ چوهاڻ/شڪارپور

سنڌ جا ٻارڙا

علم سان رک چاھه سنڌ جا ٻارڙا،

وٺ اھائي راھه سنڌ جا ٻارڙا.

 

ھڪ اکر تو کي سيکاري جو ھتي،

ڏي انھيءَ تي ساھه سنڌ جا ٻارڙا.

 

جو وڃي اسڪول ڏي ساجهر سدا،

ان سان ٿي ھمراھه سنڌ جا ٻارڙا.

 

رک مھارت علم جي ھر فيلڊ ۾،

ٿي پوي واھه واھه سنڌ جا ٻارڙا.

 

پوک ڀل اسڪول جي باغيچي ۾،

ڇانوَ لئه وڻراھه سنڌ جا ٻارڙا.

 

اچ سگهو اُستاد ’عادل‘ ڏي پڙھڻ،

ٿي نه بي پرواھه سنڌ جا ٻارڙا.

***

امداد سروري/آراضي/ سيوهڻ

زبان

دل چوي ٿي لکان ۽ مان لکندو رهان،

ڇو نه پنھنجي مان مٺڙي زبان تي لکان.

مٺا ٻول ٻولي جي ڪنھنجي زبان،

ٿو هر ڪوئي چاهي ته ان سان مِلان.

زبان ۾ آ جادوءَ کان زياده اثر،

زبان ٺاهي هر دل ۾ پنھنجو ٿي گهر.

کَٽَ تي يا پَٽَ تي ويھاري زبان،

مٺو يا ڪڙو پاڻي پياري زبان.

زبان سان ڪري خوش بياني ڏسو،

لفظن کي توري زبان مان ڪڍو.

چقمق کان زياده زبان جو اثر،

سڀن جي زبان تي زبان جو ذڪر.

زبان سان ٿو هر ڪنھن کي سمجهائجي،

زبان کي سُٺو پوش پارائجي.

زبان سان وڃي ڪنھن کي آٿت ڏجي،

زبان سان ئي دشمن کي پنھنجو ڪجي.

زخم لٺِ ڪُھاڙي جو ويندو ڇُٽي،

زبان جو زخم ڪين ڇُٽندو وري.

تـــنـــزيـــلا ۽ اســـمـــا پـــنھـــور ڏسو،

اُٿڻ ۽ ويھڻ هڪ ٻئي کان سکو.

زبان کي ڪري قابو ليڪچر ٻُڌو،

بعد ان جي اُستاد کان ڪجهه پُڇو.

سُٺو آ هميشه اهو ئي ته ٻار،

پڙهائي سان جنھنجو گهڻو آهي پيار.

دعا ٿو ڪري هي ’امداد سروري‘،

سدا خوش هجي سنڌ جي ڇوڪري.

 

امداد جسڪاڻي/پنوعاقل

موڪل جا ڏينهن

موڪل ٿي وئي پوري ھاڻ،

ان جي سڀ کي آھي ڄاڻ.

 

ھل ھل ھل ته ھلون اسڪول،

وقت وڃائڻ آھه فضول.

 

بُڪ جي ڪاپي وٺجو ڀاءُ،

پَينَ به گڏ گڏ رکجو ڀاءُ.

 

خوشبو ڏيندا خوب ڪتاب،

منھنجا ٿئي محبوب ڪتاب.

 

الف ب ڪجهه پڙھندا ٻار،

اھڙا دل کي وڻندا ٻار.

 

موڪل جا جتِ گُذريا ڏينھن،

ڪاٿي آھن وسريا ڏينھن.

 

ايندو اونھارو ٻي سال،

گهمجو سکر ساهيوال.

 

شفيق عاصم منگي/شڪارپور

چَپَ چَورِيو

ڌرتيءَ لئه چَپَ چَوريو هاڻي

وِکَ وِکَ پنھنجي سوريو هاڻي.

 

ڪِينيَ ڪُلفَت جي ڪوٽَن کي،

ڀِترَن وانگي ڀَوريو هاڻي.

 

رُوپُ امڙ جو سڏجي جيڪا،

تَنھن لَئه تَڪيو تَوريو هاڻي.

 

اَمن ترقي خوشحالِي لئه،

پاڻ به ڪجهه ته ڏَوريو هاڻي.

 

ياد ڪَري سڀ ڏُکَ ڏولا وا،

جيءُ نه پنھنجو جَهوريو هاڻي.

 

عِلمَ اَدبَ جا خِيما کوڙي،

وقت اُتي ئي گهَوريو هاڻي.

 

ڪيڏا ڪِيسَ ڪَلوُرَ وَطَن سان،

’عاصم‘ تِن کي ڪَوريو هاڻي.

***

اعجاز علي شاهه رضوي ’اعجا/حيدرآبادز‘

روشن تارا

ننڍڙا ننڍڙا روشن تارا،

روشن تارا روشن تارا.

 

علم و هنر سان ذوق زياده،

لکڻ پڙهڻ سان شوق زياده.

 

محنت جرئت جذبي وارا،

روشن تارا روشن تارا.

 

گهر اسڪول ۽ راند جو ميدان،

هرجاءِ روشن هرهنڌ تابان.

 

جيون هردم جيءَ جيارا،

روشن تارا روشن تارا.

 

سنڌي ٻولي پياري پياري،

جيجل ماءُ جي لولي پياري.

 

گڏجي سُر سان ڳايو سارا،

روشن تارا روشن تارا.

 

مشڪ و عنبر کا خوشبو وارا،

روشن تارا روشن تارا.

 

مکڙي وانگر مرڪ چپن تي،

روشن تارا روشن تارا.

 

دل سان ٿيو ”اعجاز“ دعاگو،

ديس جا ٿيندا وارا نيارا.

 

گلزاراحمددرس ڳوٺ خليفو قاسم/بدين

جوت جلايون

ٻارو علم پرايون جوت جلايون،

ايڪي ٻڌيءَ جو ڀاڪر پايون.

 

سوچون سُندر رکون سدائين.

منزل طرف وکون وڌايون.

 

ماءُ پيءُ جا پير چُمي ٻئي،

ڀاءُ ڀينرن کي گلي لڳايون.

 

ھمت حوصلو ساڻ گڏ رھون،

ھمت بنا  ڪجهه ڀي ناھيون.

 

پيار محبت ساڻ رھون پيارا،

پيار جو ھڪڙو گيت ڳايون.

 

مٺڙا مٺڙا ٻول پڙھي مرڪون،

ٻارو اچوڙي ٻاري سجايون.

 

راھن کي ڪريون معطر مٺڙا،

واٽن تي ويھي گُل ورھايون.

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org