سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل سيپٽمبر-آڪٽوبر 2026ع

باب:

صفحو:3 

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ /حيدرآباد

پاڪستان جي معلومات

                         ·پاڪستان جا چار صوبا، سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد (ڪي پي ڪي/خيبر پختونخواهه) آهن.

                         ·دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪو به درياءَ ڪونھي. پاڪستان هڪ خوشقسمت ملڪ آهي، جنھن ۾ انيڪ درياءَ، نديون، چشما ۽ ڍنڍون آهن.

                         ·ڪينجهر ايشيا جي عظيم ڍنڍ پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ موجود آهي.

                         ·دنيا ۾ ائٽمي پاور جي لحاظ کان پاڪستان جي اهميت آهي.

                         ·آباديءَ جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جو يارهون نمبر ملڪ آهي.

                         ·پاڪستان ۾ پھرين آدمشماري 9 فيبروريءَ کان 28 فيبروري 1951ع تي ٿي هئي.

                         ·پاڪستان ۾ ڪڻڪ، ڪپھه، چانور ۽ ڪمند جام ٿيندا آهن. جڏهن ته دنيا جي 45 ملڪن ۾ اهي شيون پيدا ڪونه ٿيون ٿين.

 

***


 

ڌڻي تعاليٰ هن سنسار کي سھنُ بنائڻ لاءِ ڌرتي ۽ آڪاش تي ڪيئن رنگ جوڙيا آهن سج، چنڊ، تارا، ٽيڙو، ڪتي ۽ ڪروڙين گوهه پنھنجي مدار ۾ ڦرندا رهن ٿا نيري آسمان ۾ وڻ ٽڻ، اڇا بادل ۽ انھن ۾ کنوڻين جا چمڪاٽ، مينھن جا وسڪارا ۽ مينگهه ملھار، ڌرتي تي وڻ ٽڻ، ڍنڍون، ڊورا سمنڊ، درياهه، جهنگ جبل ۽ گل ڦل من کي موهيندڙ ٿڌڙيون هوائون پکي  پرنڀ، ڇا ڇا نه خلقيو ويو آهي؟ هي سڀ پنھنجي محبوب انسان جي تخليق جي صدقي ۽ ان جي اولاد کي حسين و جميل ڪري پيدا ڪيو آهي ۽ انھن جا مٺڙا مٺڙا، پيارا پيارا ٻاراڻا ٻول ٻولائي زندگي کي خوشيون بخشيون، هي ٻار جيڪي روح کي راحت ڏين ٿا ۽ سُرور بخشن ٿا. سچ چيو آ ڏاهن ته ٻار مستقبل جا معيار آهن ”اهي ئي اسان جي آس ۽ اُميد آهن انھن جي مُرڪن سان خوشين جا گل ٽڙي پون ٿا.

ٻارڙن لاءِ ڪيترن ئي شاعرن ساعري سرجي آهي، اهڙن ئي شاعرن مان منھنجو پيارو دوست، ڀاءُ گوهر سنڌي به هڪ آهي، جنھن وڏن لاءِ ته کوڙ ساري شاعري ڪئي آهي، پر ٻارڙن لاءِ به وسان ڪين گهٽايو آهي هن ٻارڙن لاءِ ڪيترائي گيت نظم لکي پنھنجو پاڻ ملھايو آهي. گوهر سنڌيءَ سان منھنجي ڏيٺ ويٺ 1980ع ۾ ٿي جڏهن سنڌي ٻارڙن جي علمي ادبي تنظيم لطيف سنگت، جيئي سنڌ محاذ، سنڌي ادبي سنگت، ۽ ٻيون سماجي تنظيمون ضلعي شڪارپور اندر وجود ۾ آيون (اهو 80 وارو دور هو) ان دور کان گوهر کي سچو، کرو، محبت ۽ پيار ڏيندڙ انسان ڄاتو.

گوهرسنڌي روح جيان اسان جي ذهن ۽ دل ۾ سمايل آهي، گوهر پنھنجي سنڌ ديس سنڌي قوم سنڌي ٻولي، ڪلچر ۽ تاريخ سان بي انتھا پيار ڪندڙ آهي. جيتري به دير هن سان ڪچھري ڪندا سين ته هي پنھنجي ڌرتي، قوم ۽ ٻوليءَ بابت پيو ويچار ونڊيدو رهندو.

گوهر سنڌي ٻارڙن کي انسانيت سان پيار ڪرڻ جو درس ڏي ٿو. هونءَ به هو اُستاد آهي، ٻارن کي (شاگردن) پڙهائڻ، لکائڻ، سيکارڻ، سمجهائڻ ۽ ريجهائڻ جا گُر ڄاڻي ٿو ٻارڙن لاءِ شاعري ۾ آسان لفظ ننڍا جملا ڪتب آندا آهن، گوهر ”سنڌي الف- بي پٽيءَ جا ٻاراڻا ٻول“ ”چئن سٽن جا شعر“ ٽيڙو پٽي“ ”ٻن سٽن تي الفابيت“ هائيڪا ۽ ٽيڙو ججهي انداز ۾ پنھنجي ٻارڙن جي شاعري جي ڪتاب ”جاڳ او ٻالڪ جاڳ“ ۾ ڇپيل آهن.

گوهر سنڌي ٻارن لاءِ گيت نظم هيٺين عنوانن: ”سنڌ جو شان“ موهين دڙي ٻڌو ڪھاڻي“، ”سامي سندا سلوڪ“ ڀڳت ڪنور رام ”راڳ جو راڻو“، “طوطو“، ”گهوڙو“، ”سنڌي ٻولي“، ”لولي“ استاد ڪوڙ کان نفرت“، ”پوپٽ جهڙا ٻار“، ”سچ ته بيٺو نچ“ ۽ ٻين ڪيترين ئي عنوانن سان نظم ،گيت لکيا آهن. سچ ته گوهر ڪيترن ئي قسمن جي شاعري ڪئي آهي گوهر سنڌي جتي هڪ اُستاد، شفيق پيءُ، سماج سڌارڪ، دوستي نڀائيندڙ، هڪ بھترين آرٽسٽ به آهي سندس آرٽ جا ڪيترائي فن پارا شاهڪار نمايا آهن، خاص ڪيليگرافي، پلاسٽر آف پيرس سان ٺھيل سنڌ جي نقشي تي ٿيل چترڪاري، مورتيون، موهين جي دڙي جو ڍڳو ۽ ڀٽائي جا بيت اُڪريل آهن. رنگين چارٽ بينر ڪمرشل بنياد تي سائن بورڊ کان علاوه واٽر ڪلر ۽ آئل ڪلر ۾ نفيس ڪم ٿيل آهي خاص سنڌي ٽوپين تي مشھور ٿيل سنڌ جو نقشو ۽ اجرڪ جون ڦلڙيون به يادگار آهن.

آئون اهو چوندس ته هي هڪ خوبصورت فنڪار آهي هن ننڍڙن ٻارڙن کي رات سان گڏ شاعري جو فن به ڏنو آهي ۽ کوڙ سارا شاگرد پيدا ڪيا آهن. گوهر سنڌي سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ پنھنجي قوم جي ٻارڙن کي شڪارپور جي تاريخ بابت نظمن ۾ سٺي ڄاڻ ڏني آهي. گوهر سنڌي شڪارپور جي تاريخ بابت نظم ۾ ٻارڙن کي سير ڪرائيندي چوي ٿو.

اچو اوهان کي سير ڪرايان،

شڪارپور جو شھر گهمايان.

دائود پوٽن شھر اڏايون،

شڪار گاهه مان شھر بڻايو

گهمڻ هلون تاريخي ماڳ،

گڻيش باغ ۽ شاهي باغ

اٺ در ۽ نسائين آ دري،

قديم تاريخ سان پئي آ ڀري.

شڪارپور چار صديون گذرڻ جي باوجود به هن جا تاريخي اُهڃاڻ در دريون، باغ باغيچا، اسڪول ڪاليج، اسپتال ۽ حويليون اڃان تائين دائم ۽ قائم آهن گوهر سنڌي پنھنجي ديس سنڌ لاءِ محبت جو اظھار هيٺين گيت ۾ ڪري ٿو.

ديس اسان جو پيارو پيارو،

سائو سارو سارو ٻارو

اجرڪ ٽوپي پنھنجو مانُ،

سنڌ جو آهي اعليٰ شانُ

ڇو نه ڪيان مان ان جو بيان؟

هن ۾ شاهه ڀٽائي آهي،

سچل، سامي، سنائي آهي

هن ۾ هو سُو دريا خان

سنڌ جو آهي اعليٰ شان،

ڇو نه ڪيان مان ان جو بيان؟

سنڌ جي سر زمين کي شاعر جنت الفردوس سان ڀيٽا ڏين ٿا، تھڙيءَ طرح ڌڻي تعاليٰ سنڌ کي بي انتھا مالا مال ۽ سونھن سان سينگاريو آهي، سنڌ کي سنڌوءَ جھڙي درياءُ سان نوازيو ويو آهي، جھڙو عظيم شاعر مليو آ، سنڌ مذهبن ۽ تھذيبن جي ماءُ آهي هن ۾ سچي دنيا کان مختلف انسانن جي جياپي جا ڪيئي گڻ آهن. گوهر سنڌي پنھنجي ديس سان گڏ پنھنجي مٺڙي ٻوليءَ کي ياد ڪندي قومي ٻولي سان ڀيٽا ڏي ٿو.

سنڌي قوم جي مٺڙي زبان،

ٻولين ۾ هيءَ آهي مھان،

سنڌي ٻولي، قومي ٻولي،

ساري سنڌ جو آهي شانُ،

سنڌي قوم جو آهي مان،

سنڌي ٻولي، قومي ٻولي.

گوهر سنڌي جو ٻاراڻي ادب ۾ ٻارن لاءِ گيتن ۽ نظمن جو ڪتاب ”جاڳ او ٻالڪ جاڳ“ جنھن جا ٻه ايڊيشن ڇپيا آهن ڪتاب ۾ ٻين موضوعن سان گڏ ڀٽائي، سچل وغيره تي نظم لکيا آهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان جو قومي شاعر آهي هن پنھنجي شاعري ”شاهه جو رسالو“ ۾ ديس، قوم ٻولي کان علاوه روحاني راز سمائي ۽ سمجهاڻي ويو آهي. گوهر ٻه ڀٽائي ۽ سچل سائين سان محبت ونڊيندي پنھنجي شعرن ۾ هيٺين طرح ڀيٽا ڏئي ٿو.

واهه ڀٽائي تنھنجو شانُ

اهي مٿانھون تنھنجو مانُ،

تنھنجي ڀٽ ۾ آ درٻار،

تنھنجي جڳ ۾ آ اهٻڪار،

واهه ڀٽائي تنھنجو شانُ

آهي مٿانھون تنھنجو مانُ

وايون بيت نيارا سائين،

ڳايون ويٺا سارا سائين،

جڳُ جڳُ جيارا سائين،

آهين اعليٰ تون انسان

واهه ڀٽائي تنھنجو شانُ

آهي مٿانھون تنھنجو مانُ

سچل سائين کي هيٺين طرح ڀيٺا ٿو ڏي

سچل سارو سچ ئي آهي،

هرڪو ماڻھو هن کي چاهي،

آهي درازن ۾ دلدار،

محبت سندو آ مھندار،

سچل سارو سچ ئي آهي.

سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ لکندڙ شاعرن ٻين موضوعن سان گڏ جانورن ۽ پکين تي الاهي سارا نظم، گيت لکيا آهن مون کي ياد آهي ته ٻھراڙي جا ٻار باغن ۾ انبن جي وڻن مان طوطا ۽ طوطن جا ٻڄڙا پڪري گهرن ۾ پاليندا آهن ۽ انھن کي مرچ، ٽماٽا ۽ ٻيا ميوا جام کارائيندا آهن، خاص گهرن ۾ ته ڳالھائڻ به سيکاريو ويندو آهي. گوهر سنڌي به طوطي تي نظم لکي ٻارڙن جي دل وندرائي آهي.

ساوَن پرن سان ڳانيءَ وارو،

طوطو آهي پر سڀ کي پيارو،

هر هر مٺو پُٽ پيو ٻولي،

ڳاڙهي ڳاڙهي چُھنب پيو کولي،

”گوهر“ جي ٿو دل وندرائي،

ٻول نوان ٿو روز ٻُڌائي،

مرچ، ٽماٽا خوب ٿو کائي،

پينگهه ۾ ويي لڏي ڏيکائي،

ڌيان سان ڳالھيون ويھي ٻڌي ٿو،

طوطو مون کي خوب وڻي ٿو،

***


 

سنڌ جي ڌرتيءَ ڪيترن ئي اهڙن تخليقڪارن کي جنم ڏنو آهي، جن پنھنجي فڪر، احساس ۽ قلم وسيلي نه رڳو سنڌي ادب کي مالامال ڪيو. پر پنھنجي دؤر جي سماجي، قومي ۽ انساني قدرن کي به شاعريءَ ۾ امر بڻايو. انھن ئي معتبر نالن مان هڪ نالو بيخود بلوچ جو به آهي. بيخود بلوچ 14 آگسٽ 1971ع تي ضلعي سکر جي تعلقي پنوعاقل جي ڳوٺ جمعو جسڪاڻي ۾ جنم ورتو. هو پنھنجي علائقي جي سماجي شخصيت ڪامريڊ نصرالله جسڪاڻي جو فرزند آهي. پيشي جي لحاظ کان اُستاد آهي.

هو هڪ ذميوار اديب، شاعر، ليکڪ ۽ سنڌي ادبي سنگت پنوعاقل سان 1990ع کان لاڳاپيل آهي. بيخود بلوچ جو ادبي سفر 1988ع–1989ع ڌاري ٻارن جي مشھور رسالي گُل ڦُل ۾ لکڻ کان شروع ٿيو.

 سندس تخليقي سفر کي سنڌ جي نامور شاعر سيد اظھر گيلاني جي رهنمائي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين وڌيڪ نکاريو. بيخود بلوچ ڪيترين ئي ادبي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، جن ۾ غزل، نظم، گيت، وائي، بيت، قطعا ۽ چوسٽا شامل آهن. سندن شاعري سادي، سليس ۽ اثرائتي ٻوليءَ ۾ انساني جذبن جي ترجماني ڪري ٿي. جنھنڪري سندن تخليقون عام پڙهندڙ کان وٺي سنجيده ادبي حلقن تائين وڏي پذيرائي ماڻي چڪيون آهن.

بيخود بلوچ جي شاعري ۾ عشق، انسانيت، امن، ڌرتيءَ سان محبت، قومي شعور، سماجي درد ۽ داخلي احساسن جا گھرا رنگ موجود آهن. سندن لفظن ۾ محبت جي نرمي به ملي ٿي، ته مزاحمت جي سگهه به، ۽ ڌرتيءَ جي درد سان گڏ انسان دوستيءَ جو پيغام پڻ. سندس شاعريءَ جو ڳچ حصو ٻارن لاءِ لکيل شاعريءَ تي پڻ مشتمل آهي. هن وقت تائين سندس ٻارن لاءِ لکيل شاعريءَ جا ٽي مجموعا ’ٻوليون لوليون ٻارن جون‘، ’جاڳو ٻارو‘ ۽ ’اڳتي وڌو‘ شايع ٿي چڪا آهن. جن کي ٻارن طرفان ڀرپور موٽ ملي آهي. بيخود بلوچ جي ٻارن لاءِ لکيل شاعري ۾ سادا لفظ، سِڌو اظھار ۽ ترنم شامل هوندو آهي جنھنڪري سندن گيت ۽ نظم ٻار دلچسپيءَ سان پڙھندا ۽ جهونگاريندا آهن.

اھو ئي سبب آهي، جو سندس مجموعو ’ٻوليون لوليون ٻارن جون‘ سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي زيرِ اهتمام 1999ع ۾ آڪسفورڊ پريس پاران ٻيو ڀيرو ڇپرايو. بيخود بلوچ جو ٻارن لاءِ لکيل گيتن جو مجموعو ’جاڳو ٻارو‘ به سنڌي لئنگئيج اٿارٽي طرفان ٻه ڀيرا شايع ٿيو آهي.

بيخود بلوچ جي ٻارن لاءِ لکيل شاعريءَ ۾ هميشه علم، سائنس، سماجيات، اخلاقيات، توڙي جذبي ۽ همت جي موضوعن تي مشتمل نظم شامل هوندا آهن.

ساٿيو سُستي ڇڏي اڳتي وڌو،

وقت ٿو سَڀ کي سڏي اڳتي وڌو.

بيخود بلوچ جي شخصيت جو هڪ اهم پاسو اهو به آهي، ته هو ٻارن جي غير نصابي سرگرمين لاءِ به پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي. سندس چوڻ آهي، ته ”ٻار سماجي عمارت جو بنياد آهن. ان ڪري انھن جي فڪري تربيت ضروري آهي.“

سنڌي ادب ۾ بيخود بلوچ جو نالو انھن شاعرن ۾ شامل آهي، جن پنھنجي قلم کي شھرت کان وڌيڪ سماجي ذميواري سمجهيو. سندن شاعري پڙهندڙ جي دل تائين پھچي ٿي، سوچ کي تحرڪ ڏئي ٿي. ٻارڙن ۽ وڏڙن کي محبت، امن، انصاف ۽ پنھنجي ڌرتيءَ سان وفاداريءَ جو سبق سيکاري ٿي.

بيخود بلوچ پنھنجي فڪر، فن ۽ شخصيت جي حوالي سان سنڌي ادب جو هڪ معتبر آواز آهي، جنھن جون تخليقون ايندڙ نسلن لاءِ به فڪري ۽ ادبي سرمايو بڻيل رهنديون.

***


 

حميزا امداد بروهي

 قاضي جميل پبلڪ هاءِ اسڪول نواب شاهه

اچو ته وڻ ۽ ٻوٽا پوکيون

وڻ اسان جي زندگيءَ لاءِ تمام گهڻا ضروري آهن. وڻ اسان کي آڪسيجن، ميوا، ڪاٺ ۽ ڇانوَ فراهم ڪن ٿا. وڻ ماحول کي صاف رکڻ سان گڏ گرميءَ جي شدت کي به گهٽ ڪن ٿا.

وڻن جي کوٽ سبب ماحولياتي آلودگي، گرمي ۽ برساتن ۾ گهٽتائي جھڙا مسئلا پيدا ٿين ٿا. ان ڪري اسان سڀني کي گهرجي، ته گهڻي کان گهڻا وڻ پوکيون ۽ انھن جي حفاظت ڪريون.

اسڪولن، گهرن، روڊن ۽ خالي جڳھين تي وڻ پوکڻ گهرجن. وڻڪاريءَ سان اسان جو ماحول سرسبز ۽ خوبصورت بڻجي سگهي ٿو.

***


 

سنڌ جي تاريخي ماڳ ماٿيلو مومل جي ماڙي لڳ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول پنھون وسير ۾ ”جشن آزادي“ جو ڏھاڙو اسڪول جي ھيڊ ماستر عبدالحئي ڀٽو جي صدارت ۾   وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويو. جنھن ۾ استادن  غلام مرتضيٰ ڪلادي، وقار علي ميراڻي، غلام مرتضيٰ چوھاڻ ۽ سماج سڌارڪ فقير محمد حسن وسير سميت گلن جھڙن اسڪولي ٻارڙن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جڏھن ته ڪوٺايل جشن آزادي تقريب ۾ اسڪولي ٻارڙن عبدالباري ڀٽو، فھد علي وسير، محمد راشد ڀٽو، عامر علي ڇڄڻ، عبدالباقي ڀٽو، تبسم، محمود، قدرت الله وسير، ارويٰ، تھرين، حسين ڀٽو، رافيه، راشده، راڻي، اسدالله ڇڄڻ، فياض احمد وسير، عدنان، احمد وسير ۽ ٻين جشن آزادي جي حوالي سان تقريرون، قومي گيت، ملي نغمه ۽ قومي ترانو پيش ڪري شريڪ اُستادن ۽ ٻارن کان خوب داد حاصل ڪيو. آخر ۾ عبدالحئي ڀٽو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو، ته اسان جو ملڪ پاڪستان خوشحال ۽ سرسبز آھي. جنھن جا ماڻھون پنھنجي ملڪ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڏينھن رات محنت ڪري وطن پاڪستان جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو آھي.

اسان ۽ ھي گلن جھڙا ٻارڙا پنھنجي پياري ملڪ پاڪستان سان بيحد پيار ڪيون ٿا. پاڪستان جي آزادي لاءِ اسان جي محسنن قربانيون ڏنيون. اڄ اسين انھن جي قربانين ۽ عظمتن کي ھزارين سلام پيش ڪيون ٿا. اسان جي دعا آھي، ته ربّ پاڪ اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۽ ان جي ماڻھن کي ھميشه خوش ۽ آباد رکي.   ***

مھراڻ ياسين آرائين /ڦلجي اسٽيشن دادو

(AI) جي دور ۾ سنڌ جو نوجوان!

دنيا جا نوجوان مصنوعي ذهانت جي مدد سان نوان مستقبل تخليق ڪري رهيا آهن ۽ دنيا جون قومون پنھنجي نوجوانن جي ذهنن کي ايندڙ صديءَ جي طاقت بڻائي رهيون آهن. پوءِ سوال اهو آهي، ته سنڌ جو نوجوان دنيا کان پوئتي ڇو آهي؟ قابليت ۾ گهٽائي هجڻ يا انھن موقعن جي کوٽ، جيڪي سندس خوابن کي حقيقت بڻائي سگهن.

مصنوعي ذهانت (A_I) انسان جي سوچ، ڪم، تعليم، طب، صنعت، تحقيق ۽ ڪاروبار جا طريقا تبديل ڪري رهي آهي. چين، جاپان، آمريڪا ۽ دنيا جا ٻيا ڪيترائي ملڪ پنھنجي نوجوانن کي اهڙا موقعا ۽ وسيلا فراهم ڪري رهيا آهن، جتي هڪ شاگرد صرف ڪتابن تائين محدود نٿو رهي، پر نئين ٽيڪنالاجيءَ سان تجربا، تحقيق ۽ نيون شيون ٺاهي ٿو ۽ دنيا جي مسئلن جا حل ڳولي ٿو. اڄ دنيا جا نوجوان مصنوعي ذهانت جي مدد سان اهڙا ڪم ڪري رهيا آهن، جن جو ڪجهه سال اڳ تصور به نه هو. پر اسان جي سنڌ جو نوجوان؟

اسان جو نوجوان ذهانت ۾ ڪنھن کان گهٽ ناهي، خوابن ۾ ڪنھن کان گهٽ ناهي، محنت ۾ ڪنھن کان گهٽ ناهي. پر افسوس اهو آهي ته هن جي خوابن ۽ حقيقت جي وچ ۾ وسيلن جي هڪ وڏي ديوار بيٺل آهي. هڪ پاسي اهڙا ملڪ آهن، جتي نوجوانن کي جديد ڪمپيوٽر، تحقيق جا موقعا، جديد ٽيڪنالاجي، تربيت، انٽرنيٽ ۽ عالمي سطح جا موقعا فراھم ڪيا وڃن ٿا. ته ٻئي پاسي اسان جا نوجوان بنيادي وسيلن جي کوٽ سبب پنھنجي صلاحيتن کي مڪمل طور تي استعمال ئي نٿا ڪري سگهن ۽ پوءِ اسان جي دماغ ۾ اھو سوال گردش ڪندو رھي ٿو، ته اسان جا نوجوان دنيا جي مقابلي ۾ پوئتي ڇو آهن؟ ڪنھن به نوجوان کي صرف اهو چئي دنيا جي مقابلي ۾ نٿو آڻي سگهجي، ته ”محنت ڪر“. محنت هر قوم جا نوجوان ڪن ٿا. فرق اھو آھي، ته جتي محنت سان گڏ موقعا، وسيلا ۽ صحيح ماحول به موجود هجن. سنڌ جي هڪ ننڍڙي شھر يا ڳوٺ ۾ ويٺل ٻار جي اندر به شايد اهڙو ئي ذهن هجي، جيڪو دنيا ۾ ڪا وڏي ايجاد ڪري سگهي. پر جيڪڏهن ان ٻار وٽ جديد دنيا تائين پھچڻ جا وسيلا ئي نه هجن ته سندس قابليت آخر ڪھڙي ريت دنيا تائين پھچندي!؟ اسان کي پنھنجي نوجوانن کان اهو سوال نه ڪرڻ گهرجي، ته ”توهان اڳتي ڇو نٿا وڌو؟“ پر اسان کي پنھنجن حڪمرانن کان اھو سوال ضرور ڪرڻ گهرجي، ته انھن نوجوانن کي اڳتي وڌڻ لاءِ ڏنو ڇا آهي؟“ اڄ دنيا مصنوعي ذهانت جي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي. ايندڙ وقت انھن قومن جو هوندو، جيڪي پنھنجي نوجوانن جي ذهنن تي سيڙپڪاري ڪنديون. جيڪي قومون پنھنجي نوجوانن کي موقعا فراهم ڪنديون، اهي ئي دنيا جي اڳواڻي ڪنديون ۽ جيڪي پنھنجي نوجوانن کي وسيلن کان محروم رکنديون، اهي ترقي جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي وينديون. سوال اھو آهي، ته ڇا سنڌ جا نوجوان به دنيا جي ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي سگھن ٿا؟

جي بلڪل! پر ان لاءِ اسان کي سندس رستي مان وسيلن جي کوٽ جي ديوار هٽائڻي پوندي. ڇو ته سنڌ جو نوجوان دنيا کان گهٽ ناهي، بس دنيا تائين پھچڻ لاءِ کيس جديد موقعا گهرجن.
 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org