سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل سيپٽمبر-آڪٽوبر 2026ع

باب:

صفحو:2 

اويس ساگر سومرو/ سکر

شاهه ڀٽائي رح

پنھنجو شاعر شاھه ڀٽائي،

صوفي شاعر شاھه ڀٽائي.

 

بيت جو جيڪو ماهر آهي،

ڀِٽُ جو جيڪو شاعر آهي.

 

شاعري سڀ فنڪارن ڳائي،

صوفي شاعر شاھه ڀٽائي.

 

’رسالو‘ جنھن جو آهي ڪاڻ،

جوڙيو جنھن کي آهي’ڪلياڻ‘.

 

 اکيون پير ڪري مشھور ٿس وائي،

صوفي شاعر شاھه ڀٽائي.

***


 

عبدالجبار ’مسافر‘ ويسر/ٺري ميرواهه

اُستادن جا احسان

هي اُستادن جا احسان آهن،

جيڪي اسان جا مھربان آهن.

 

هنن جي ڪري عزت ٿي ملي،

زندگيءَ ۾ حوصلو همت ٿي ملي،

هي اسان جو شوڪت ۽ شانُ آهن.

 

صبح سويري اسڪول جي اچن،

پيار سان سبق اسان کي ڏين،

پڙهائيندا مِٺي سنڌي زبان آهن.

 

ڪري ڇا بيان شانُ اُستاد جو،

جنھن ڪري هي ’مسافر’ شاد ٿيو،

جن علم جا ڪيا آباد گُلستان آهن.

***


 

وفا گل محمد جمالي /شھدادڪوٽ

غزل

يا خدا! منھنجي ٻُڌي وٺ تون دعا،

ملڪ کي منھنجي، ڪري ڇڏ تون عطا.

 

​علم جي ڏي لاٽ، روشن من ڪريان،

دور منھنجي جڳ مان، ڪر هر هڪ خطا.

 

​امڙ بابا جو، سدائين پيار ڏي،

ڀاءُ ڀينر کي، سدا رک تون گڏي.

 

​ڪُوڙ کان مون کي، بچائي رک سدا،

سچ جي راهن تي، هلايو مصطفيٰ.

 

​ملڪ جو نالو، سڄو روشن ڪريان،

قوم جي خدمت، ڪندس مان بي بھا.

 

​هٿ کڻي مان، توکان گُهران ٿو پيو،

دل سندي منھنجي، ٻُڌي وٺ تون صدا.

 

​سنڌڙي منھنجي، سدائين شاد رک،

يا الاهي! تون سُڻين منھنجي دعا.

***


 

نويد ناز ڀٽي/لاڙڪاڻو

راڄ دُلارو

گهر ۾ جيسين آهي پيءُ،

مُرڪي مُرڪي ٻالڪ جيءُ.

 

خوش ٿي ٻالڪ کاءُ پتاشا،

جيسين تنھنجا آهن چاچا.

 

توکي تيسين ڳڻتيون ناهن،

جيسين تنھنجون ڀيڻيون آهن.

 

لاهيون چاڙهيون، کاهيون کاما،

اچڻ نه ڏيندا تنھنجا ماما.

 

چاچيون ماسيون گهور پُڦيون ٿين،

ماميون توتي ساهه پنھنجو ڏين.

 

دل سان توکي پيا ٿا چاهن،

پيارا تنھنجا ڀائر آهن.

 

توتي اُڀ ٿي گهوري سارو،

تون آن امڙ جو راڄ دُلارو.

***

 

مجاهد ’خاموش‘ هيسباڻي

لاڙڪاڻو

ٽيڙو

راند کيڏن ٿا،

ٻار ڏس ڪيڏا،

پيارا لڳن ٿا.

 

مينھن وسي ٿو،

ٻار خوشيءَ ۾،

جُهمر ھڻي ٿو.

 

ٻالڪ سڀئي پيارا،

چنڊ ستارن وانگي،

سندر ۽ نيارا.

 

ڳائن پيا گيت،

ٻارن جي ڏس پاڻ ۾،

ڪيڏي آ پريت.

 

مولا مينھن وساءِ،

ٿرين جي تون ٿاڪ کي،

باغ بھار بڻاءِ.

 

وڙھڻ آ بيڪار،

اچو سڀئي ھڪ ٿي،

ٻارو ڪيون پيار.

 

اسڪول وڃن ٿا،

ٻار پڙھڻ ۾،

مشغول رھن ٿا.

 

سياڻن چيو آ،

ٻارو علم کانسواءِ،

انسان انڌو آ.

 

علم سان لڳايون دل،

جنھن کان سواءِ  ٻارو،

جيئڻ آ مشڪل.

 

بابا خرچي ڏي،

چيو ميثم پيءُ کي،

وڃان ميلي تي.

 

محنت ڪري پاس،

جيڪو ٿيو آھي،

ان کي ملي شاباس.

 

ٻڪري مون ڌاري،

ميثم عزادار کي،

ڏاڍي آ پياري.

***


 

عابد حسين ڪنڀر/خيرپورناٿن شاهه

ڇا ننڍڙن ٻارن کي انٽرنيٽ هلائڻ گھرجي؟

اڄ جو دؤر انٽرنيٽ جو دور آهي. دنيا جا لکين ماڻھو هر روز انٽرنيٽ ذريعي علم حاصل ڪن ٿا. دوستن سان رابطو رکن ٿا ۽ نيون شيون سکن ٿا. ننڍڙا ٻار به هاڻي موبائل، ٽيبليٽ ۽ ڪمپيوٽر آساني سان استعمال ڪرڻ لڳا آهن. اهڙي حالت ۾ اهو سوال پيدا ٿئي ٿو، ته ڇا ننڍڙن ٻارن کي انٽرنيٽ هلائڻ گهرجي؟

ان جو جواب آهي ها، پر والدين ۽ اُستادن جي نگراني سان. انٽرنيٽ علم جو هڪ وڏو خزانو آهي. ٻار ان ذريعي تعليمي وڊيوز ڏسي سگهن ٿا. نيون ٻوليون سکي سگهن ٿا. سائنس جا دلچسپ تجربا سمجهي سگهن ٿا ۽ پنھنجي پڙهائي ۾ بھتري آڻي سگهن ٿا. ڪيترائي تعليمي راندين وارا پروگرام ٻارن جي ذهني صلاحيتن کي وڌائين ٿا ۽ کين سکڻ ڏانھن راغب ڪن ٿا.

انٽرنيٽ جا ڪجھه نقصان به آهن. جيڪڏهن ٻار بنا نگراني جي انٽرنيٽ استعمال ڪن، ته هو غير مناسب مواد ڏسي سگهن ٿا. اجنبي ماڻھن سان رابطي ۾ اچي سگهن ٿا. يا گهڻو وقت اسڪرين تي ويھڻ سبب سندن اکين، صحت ۽ پڙهائي تي خراب اثر پئجي سگهي ٿو. گهڻو وقت موبائل استعمال ڪرڻ سان، ٻارن جي راند، ورزش ۽ گهرڀاتين سان وقت گذارڻ جون عادتون به گهٽجي سگهن ٿيون.

ان ڪري والدين کي گهرجي، ته ٻارن لاءِ انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ جو وقت مقرر ڪن. محفوظ ويب سائيٽون ۽ تعليمي ايپس چونڊين ۽ ٻارن کي سيکارين، ته پنھنجي ذاتي معلومات ڪنھن سان به شيئر نه ڪن. اُستادن کي به گهرجي، ته هو شاگردن کي انٽرنيٽ جي صحيح ۽ محفوظ استعمال بابت آگاهي ڏين. ٻارن کي اهو به سمجهڻ گهرجي، ته انٽرنيٽ صرف وندر لاءِ نه پر سکيا، تحقيق ۽ سٺي معلومات حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. جيڪڏهن هو ان کي ذميواري سان استعمال ڪندا، ته اهو سندن مستقبل لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو.

آخر ۾ چئي سگهجي ٿو، ته ننڍڙن ٻارن کي انٽرنيٽ هلائڻ کان روڪڻ بدران کين صحيح رهنمائي ۽ نگراني سان ان جو استعمال سيکارڻ گهرجي. جڏهن ٻار احتياط ذميواري ۽ مناسب وقت سان انٽرنيٽ استعمال ڪندا، ته هو علم اخلاق ۽ صلاحيتن ۾ اڳتي وڌندا ۽ سُٺا بااعتماد ۽ ذميوار شھري بڻجندا.

***

تَتِي ٿَڌِيءَ ڪاههِ، ڪانھي ويل وِهَڻ جي،

متان ٿئي اونداههِ ، پير نه لھين پرين جو.

هن شعر ۾ شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح انسان کي همت حوصلي ۽ جدوجھد جو سبق ڏنو آهي. دنيا ۾ ڪو به مشڪل ۽ ڏکيائي اهڙي نه آهي جنھن کي انسان محنت ۽ جدوجھد سان حاصل نه ڪري سگهي. همت ۽ محنت عجيب شيءِ آهي. ڪائنات تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته خالق ڪائنات جنھن شيءَ کي جنھن ڪم واسطي مقرر ڪيو آهي، اهو ان ۾ پوري طرح رڌل آهي. مثال جي طور تي سج ڪھڙي طرح پنھنجي وقت تي لھي ۽ اُڀري ٿو. گرمي. سردي، بھار ۽ خزان مخصوص وقت لاءِ اچن ۽ موڪلائي وڃن ٽيون. مطلب ته ڪائنات جي هر شيءِ پنھنجي پنھنجي ڪم ۾ مصروف آهي خود انسان به ته انھي خالق جو خلقيل آهي. جنھن کيس دنيا ۾ سندس حيثيت مطابق اعلى مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو. ظاهر آهي ته ان لاءِ به جدوجھد جي ضرورت آهي. قرآن ڪريم به صاف لفظن ۾ ان جي تصديق فرمائي ٿو: ”لَّيْسَ لِلْاِنْسَانِ اِلَّا مَا سَعٰى“ ترجمو:  انسان لاءِ ڪجهه به نه آهي پر جيڪا ڪوشش ڪري.“

دنيا ۾ انسان کي هر وک تي مشڪلاتن ۽ سخن سان منھن ڏيڻو پوندو آهي جيڪڏهن هو همت ۽ مستقل مزاجيءَ کان ڪم نه وٺي ته ڪڏهن به ڪاميابي حاصل ڪري نه سگهندو. پراني ابتڙ جيڪڏهن هو همت، حوصلي ۽ بردباريءَ کان ڪم وٺي ته وڏي مشڪل به حل ڪري سگهي ٿو. دنيا جي عظيم انقلابي مفڪر ۽ الله تعالى جي پياري حبيب آقائي نامدار حضرت محمد ﷺ جن جڏهن طائف وارن کي الله تعاليٰ جي وحدانيت جو پيغام پھچايو ته انھن بدنصيبن مڃڻ ته ٺھيو پر ننڍن ٻارن کي چيو، ته هن شخص کي پٿر هڻو، ٻار ن پٿر هينا ايستائين جو  جُتيون  مبارڪ رت سان ڀرجي ويون. تڏهن به پاڻ سڳورن جدوجھد جاري رکي ۽ رب پاڪ جي هيڪڙائي جو درس ڏيندا رهيا. صحابه ڪرام   جي زندگي ۽ حالات کي ڏسو. انھن تي مڪي جي ڪافرن ڪيتري قدر ظلم ۽ ستم ڪيو، انھن جو معاشرتي بائيڪاٽ ڪيو ۽ بي گهر ڪيو پرانھن جي ثابت قدمي مستقل مزاجيءَ ۾ ڪمزوري نه آهي ۽ پوءِ هڪ وقت اهڙو به آيو جو دنيا جا ظالم ۽ ڏاڍ ڪندڙ حڪمران انھن جو نالو ٻُڌي ڏڪي ويندا هئا.

اصل ۾ زندگي همت بردباري ۽ چرپر ۽ عمل جو نالو آهي. خاموشي، سڪوت ۽ بي حسي موت آهي ۽ جيڪي ماڻھو دنيا ۾ سُست، آرام طلب ٿي ويندا آهن، اهي سدائين ٻين جو سھارو ڳوليندا آهن. تاريخ اهڙي قسم جي مثالن سان ڀري پيئي آهي. جيستائين مسلمان همت ۽ حوصلي سان ڪم ڪندا رهيا هئا ته سڄي دنيا انھن جي پيرن ۾ هئي. انھن مغرب جي وادين ۾ بانگون ڏنيون. انھن الجزائر، مراڪش، هسپانيه، فرانس، ڏکڻ ۽ اوڀر يورپ جي ملڪن ۾ فتح جا جهنڊا کوڙي ڇڏيا. جڏهن انھن ۾ سُستي ۽ آرام طلبي اچي وئي، ته اهي ذليل ۽ خوار ٿي رهجي ويا ۽ اڪثر علائقا انھن جي قبضي مان نڪري ويا. زندگي حقيقت ۾ اهائي آهي جنھن ۾ چرپر، محنت ۽ همت هجي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح پڻ همٿائيندي چوي ٿو:

ٽَڪيائِي ٿَرٿيلَ، چَڙههُ چُڪيائِي چوٽِيين،

هَلندي هوتَ پُنھُونءَ ڏي، ڀَوءِ مِڙيئِي ڀِيلَ،

اُٿِي رائو ريلَ، ويٺنِ تان وارِي وَري.

دنيا ۾ اڄ جيتري قدر ايجادون نظر اچي رهيو آهن اهي سڀ همت ۽ محنت جو ڦل آهن. هي بجلي، سولر سسٽم، پن بجلي، ڪمپيوٽر، جھاز، ريل، جديد ڇپائي جون مشينون ۽ موبائيل وغيره. هي سڀ انسان جي همت ۽ محنت جو ڪمال آهي. رڳو هي نه پر هن همت ۽ محنت سان ڪم ڪري ڪائنات جي ٻيڙي کي قابو ڪرڻ جا جتن ڪري رهيو آهي. هو اڄ هوائن جي ڪُلھن تي سوار ٿي چنڊ جي دنيا ۾ قدم کڻي رهيو آهي ۽ سيارن جي محفل ۾ خيما کوڙيندي نظر اچي ٿو ۽ رب ڄاڻي هن جي ان سفر جي پڄاڻي ڪٿي ٿيندي.

دنيا ۾ جيترا به وڏا وڏا رهنما، ڊاڪٽر، انجنيئر عالم فاضل ٿي گذريا آهن، اهي سڀ همت ۽ محنت جي ڪري ئي ڪامياب ٿيا. انھن جا  حوصلا بُلند ۽ پختگي جبل جھڙي هئي. اهي زندگيءَ جي رستي ۾ ايندڙ مشڪلاتن ۽ تڪليفن سان ٽڪر کائڻ ڄاڻندا هئا ان ڪري هو پنھنجي مشن جي طرف نھايت همت ۽ بردباريءَ سان هلندا رهيا ۽ آخرڪار پنھنجي مشن ۾ ڪامياب ٿي ويا.

همت جدوجھد ۽ لڳاتار محنت سان دنيا جو معمولي انسان به ڪمال جي اوج تائين پھچي سگهي ٿو. دنيا ۾ عظيم انسانن جون سوانح عمريون هن ڳالھه جون شاهد آهن ته جن ماڻھن لڳاتار محنت ۽ همت کي پنھنجو شيوو ڍنگ ٺاهي ورتو هو. اهي ترقي جي آسمان تي پھتا ۽ شھرت انھن جا پير چميا. جابرين حيان اعلى تعليم وارو نه هئڻ جي باوجود مشھور سائنسدان ۽ ڪيميا جو ابو بنجي ويو. فلاسافر امام غزاليرح هڪ سُٽ اُڻندڙ جو پُٽ هو، ابراهيم لنڪن هڪ غريب پيءَ جي پُٽ هئڻ جي باوجود محنت ۽ همت ڪري ريڊيو ايجاد ڪيو. اسٽيفن سن هڪ معمولي کاڻ کوٽيندڙ جو پُٽ هئڻ جي باوجود ريلوي ۽ انجڻ ايجاد ڪئي. مشھور سائنسدان گيليلو واچ، ٿرماميٽر ۽ دوربين ايجاد ڪئي. هڪ يتيم ٻار ٻڪريون چاريندڙ عراق ملڪ جو صدر صدام حسين هو، بس محنت ۽ همت ئي انفرادي ۽ اجتماعي ترقيءَ جي پھرين تمھيد آهي.

 

عائزه ڪبير ڦل

آءِ بي اي ڪاليج/نوشھرو فيروز

سنڌ جو صوفي شاعر

هڪ ڏينھن منھنجي ڀيڻ عائمه مون کان پڇيو، ته عائمه ادي شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح ڪير هو؟ مون عائزه کي جواب ڏنو، ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح سنڌ جو مشھور شاعر هو. هن جي شاعريءَ ۾ خالص انسانيت ۽ نوجوان نصل لاءِ نصيحت آهي. هن پنھنجي شاعريءَ جي ذريعي امن ۽ محبت جو درس ڏنو آهي. عائمه دلچسپيءَ سان پُڇندي چيو، ته شاهه سائين ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو.

عائزه: شاهه سائين 1689ع ڌاري هالا حويلي ۾ ڄائو. مان ان کي وڌيڪ معلومات ڏيندي، چيو ته شاهه سائين جي پيءُ جو نالو حبيب شاهه ۽ ان جي ڏاڏي جو نالو شاهه عبدالڪريم هو.

عائمه: شاهه سائين تعليم ڪٿان حاصل ڪئي.

عائزه: شاهه سائين تعليم حاصل نه ڪئي ان صرف الف اکر پڙهيو، عائمه حيرانيءَ سان پڇندي.

عائمه: پوءِ ان کي ايڏي ڄاڻ ڪٿان آئي؟

عائزه: هن کي ربّ پاڪ جي طرف کان اهو هڪ تحفو هو. شاهه سائين جي شاعري ۾ مٺاس، محبت، مزو ۽ اهڙو درس ڏنل آهي، جيڪو پڙهڻ واري کي متاثر ڪري ٿو. اها شاعري اسان کي ٻُڌائي ٿي، ته سنڌ جي سر زمين ڪيڏا نه ڏاها انسان پيدا ڪيا آهن.

عائمه: اها شاعري سنڌي ادب ۾ ڪيئن واڌارو ڪري ٿي؟

عائزه: هيءَ شاعري اسان کي قديم زبان ۽ سنڌي ادب جي سڃاڻپ ڪرائي ٿي. جنھنڪري سنڌ جي ثقافت ۾ واڌارو ٿئي ٿو ۽ اها شاعري نه صرف سنڌ ۾ پر دنيا ۾ ياد ڪئي وڃي ٿي. جيئن،

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانھي ويل ويھڻ جي،

متان ٿئي اونداهه ته پير نه لھين پرين جو.

وري فرمايو اٿس،

سُتا اُٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري،

سلطاني سھاڳ ننڊون ڪندي نه ملي.

عائمه: ادي ان جي تشريح ڇا ٿيندي؟

عائزه: مٿين ٻنھي شعرن ۾ شاهه سائين اسان کي پنھنجو مقصد حاصل ڪرڻ ۽ منزل حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻ سُستي ۽ ڪاهلي ڇڏڻ ۽ زندگيءَ ۾ ايندڙ تڪليفن کي منھن ڏيڻ، اڳتي وڌڻ ۽ هر حال ۾ مقصد کي حاصل ڪرڻ جو درس ڏنو آهي.

عائمه: واهه! شاهه سائين جي شاعري ڪيڏي ته بھترين آهي. آءٌ هاڻي ڪوشش ڪنديس، ته ان جو رسالو پڙهي ان مان سبق حاصل ڪيان.

عائزه: ڀيڻ عائمه ڇا توکي خبر آهي، ته سنڌي ادب ۾ ڪيئي مشھور شاعر آهن. جيئن، اُستاد بخاري، سچل سرمست، تاجل بيوس، عبدالغفار تبسم ۽ شيخ اياز. انھن پنھنجي شاعريءَ جي ذريعي اسان کي سچائي، ايمانداريءَ جو درس ڏنو اهي سنڌ جي خدمت ۽ سنڌي ثقافت جي سڃاڻپ آهن.

عائمه: انھن شاعرن اسان کي ڪھڙو درس ڏنو آهي؟ وضاحت سان ٻُڌايو، ته جيئن مان سمجهي سگهان.

عائزه: انھن شاعرن اسان کي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ڄاڻ ۽ نصيحت ڀري شاعري ۾ اسان کي درس ڏنو آهي. جنھن ۾ موسم جي ڄاڻ زندگيءَ جون مشڪلاتون جدوجھد ڪرڻ تقويٰ ۽ پرهيزگاري، حب الوطني ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوئن تي شاعري ڪري اسان کي درس ڏنو آهي. جنھن مان اسان فائدو حاصل ڪيون.

عائمه: توهان جي وڏي مھرباني جو اوهان مون کي ٻُڌايو، پر هڪ سوال اڃان آهي، ته توهان شروع ۾ شاهه سائين جي ڄمڻ جي تاريخ ٻُڌائي. شاهه سائين جي وفات جي تاريخ ٻُڌايو.

ان جي وفات 1752ع ۾ ٿي ۽ سندس آخري آرام گاهه ”ڀٽ شاهه“ آهي. جتي اڄ تائين ڪيترائي ماڻھو زيارت ڪرڻ ايندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org