



عبدالغفار درس (سنڌڙي)
منهنجو طوطو
منھنجو نالو عبدالغفار درس آهي، آءٌ فاس شاھه
مردان شاھه پبلڪ اسڪول، تعلقو سنڌڙي، ضلعو
ميرپورخاص جي ڇھين درجي جو شاگرد آهيان.
مون کي ننڍپڻ کان ئي پکين سان بيحد گهڻو پيار رهيو
آهي. انھن جي مٺڙن آوازن کي ٻُڌڻ ۽ کين اُڏامندي
ڏسڻ مون کي ڏاڍو وڻندو آهي. منھنجي گهر ۾ هڪ
خوبصورت سائي رنگ جو طوطو هوندو هو. جيڪو منھنجو
سڀ کان پيارو دوست هو. مون ان کي ننڍي لاڪون پاليو
هو. ڇو ته هو مون کي بيماري جي حالت ۾ مليو هو.
مون ان جو مڪمل خيال رکيو، ته هو جلد چاق ٿي ويو.
آءٌ هر روز کيس داڻو، ساوا مرچ، زيتون ۽ صاف پاڻي
ڏيندو هئس. هو به مون سان بي پناھه محبت ڪندو هو.
جو منھنجو آواز ٻڌندي ئي خوشيءَ سان ٽھڪ ڏيڻ لڳندو
هو.
آءٌ جڏهن صبح جو اسڪول وڃڻ لاءِ نڪرندو هئس، ته هو
مون کي ڏسي آواز ڪڍندو هو ۽ شام جو منھنجي موٽڻ تي
ڏاڍو خوش ٿيندو هو. آءٌ روز کيس ڪجهه وقت لاءِ
پنڃري مان ٻاهر ڪڍندو هئس، ته جيئن هو پنھنجا پَر
ڦڙڪائي سگهي. اسان هر ڪم گڏجي ڪندا هئاسين، هو مون
سان پڙهائي به ڪندو هو. جڏهن آءٌ ٽي وي ڏسندو هئس،
ته هو مون سان اچي ويھي رهندو هو ۽ راند به مون
سان گڏجي ڪندو هو. آءٌ هن کي پنھنجو بھترين دوست
سمجهندو هئس.
هڪ ڏينھن جڏهن آءٌ اسڪول مان واپس آيس، ته ڏٺم
منھنجو پيارو طوطو پڃري ۾ بيجان پيو هو. اهو منظر
ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک رسيو، منھنجون اکيون ڳوڙهن سان
ڀرجي آيون. ڇاڪاڻ ته هو مري چڪو هو. ان گهڙيءَ مون
کي ائين لڳو، ڄڻ مون پنھنجو هڪ سچو دوست وڃائي
ڇڏيو آهي. پوءِ اسان نھايت ئي احترام سان کيس باغ
۾ دفن ڪيو ۽ سندس لاءِ دعا گهري.
ان ڏينھن کان پوءِ مون کي وڌيڪ احساس ٿيو، ته پکي
به احساس رکندڙ جاندار آهن. اهي به محبت، رحم ۽
سُٺي سنڀال جا حقدار آهن. ان ڪري اسان سڀني کي
گهرجي، ته پکين سان پيار ڪريون. کين بي سبب تڪليف
نه ڏيون. سندن لاءِ داڻو ۽ پاڻي رکون ۽ انھن جي
حفاظت ڪريون. ڇو ته بي زبان مخلوق سان محبت ڪرڻ ئي
سچي انسانيت ۽ رحمدليءَ جي نشاني آهي. ***

مترجم: اظھر آزاد مغل/شڪارپور
اڌ ڀريل اڌ خالي
تون اھو ڪيئن ڪندين آھين، اِرم ؟“
ھن جي سھيلي ھن کان سوال ڪيو.
اِرم پنھنجي سھيلي ڏانھن نھاريو ۽ چيو،
”ڇا
ڪندي آھيان؟“
تون بخوبي ڄاڻين ٿي، سدائين روشن پھلو ڏسڻ،
دستبردار نه ٿيڻ لاءِ ھر ڪنھن جي حوصلا افزائي ڪرڻ
وارو ڪم ۽ عمل.“
اِرم مسڪرايو ۽ پنھنجو ڪنڌ لوڏيو، واقعي اھو ته
ڪجهه به ناھي.رڳو ھڪ پياري، مھربان ۽ مٺي پوڙھي
عورت، منھنجي ڏاڏي، جا ڏاھپ وارا ڏس ۽ ڳالھيون
آھن.“
ھُن جي سھيلي بي قابو ٿي وئي ،
”اوھه،
ڪھاڻي! مون کي ضرور ٻڌاءِ.“
اِرم پوءِ پنھنجي سھيليءَ جي ڀرسان ويٺي ۽ ھُن کي
آکاڻي ٻُڌائڻ شروع ڪئي.
ھن جي ڏاڏي تمام وڏي عقلمند عورت ھئي. ھن دنيا کي
تبديل ٿيندي ڏٺو ھو ۽ پنھنجي پوٽن ۽ پوٽين ڏانھن
نصيحت آموز نقطا منتقل ڪرڻ چاھيا. اِرم ڏھن سالن
جي ھئي، جڏھن ھن جي ڏاڏي ھن کي ويھڻ لاءِ چيو ۽ ھن
جي اڳيان پاڻي جو گلاس جهلي بيٺي ۽ چيائينس،
”اِرم
دلربا، تون ڇا ٿي سمجهين، ته گلاس اڌ ڀريل آھي يا
اڌ خالي آھي؟“
”اڌ
ڀريل“
اِرم جواب ڏنو، جيئن اھو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ
نمايان نظر آيو. ھن جي ڏاڏيءَ مسڪرايو ۽ چيو،
”چڱو،
پر ڇا توکي اھا خبر آھي، ته ھرڪوئي ائين نه ٿو
سمجهي ۽ سوچي.“
”تنھنجي
چوڻ جو مقصد ڇا آھي ڏاڏي؟“
اِرم ھن کان سوال ڪيو.
مان
توکي ڏيکارينديس. رڳو ڏسجانءِ، ھن چيو ۽ پوءِ
پنھنجي پُٽ، اِرم جي پيءُ، کي سڏايو ۽ ھن کان
ساڳيو سوال پڇيائين. پُٽ ڇا ھي گلاس اڌ ڀريل آھي
يا اڌ خالي؟“
اِرم جي والد پنھنجو ڪم ڇڏي گلاس ڏانھن نھاريو ۽
چيو،
”اڌ
خالي“
۽ پنھنجي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو. اِرم ھي ٻُڌي واقعي
حيران ٿي وئي. ھُن پنھنجي ڏاڏيءَ ڏانھن ڏٺو ۽ سوال
ڪيو،
”ڪيئن؟“
ھن جي ڏاڏي ورندي ڏيندي چيو،
”جڏھن
ماڻھو نوجوان ھوندا آھن، ته ھر شيءِ کي مثبت انداز
۾ ڏسندا آھن ۽ جيئن جيئن اھي وڏا ٿيندا ويندا آھن
۽ زندگي ۾ مشڪلاتن سان منھن ڏيندا آھن؟ اھي سوچڻ
لڳندا آھن، ته ھر شيءِ ناممڪن آھي.“
جيئن سج برسات کان پوءِ ظاھر ٿيندو آھي، پياري
توھان جي راھه ۾ سدائين رنڊڪون ۽ تڪليفون اينديون،
پر توھان کي سچ پچ ڪڏھن به زندگي جي روشن پھلو
ڏانھن نھارڻ کي نه وسارڻ گهرجي. بھادر بڻجو ۽
ناڪامين کي ڪڏھن به پنھنجي مٿان حاوي ٿيڻ نه ڏيو.“
ھن جي ڏاڏيءَ ھن کي ڀاڪرن ۾ ڀريندي چيو.
”تنھنڪري،
اھا ئي ڪھاڻي آھي،“
اِرم پنھنجي ڪھاڻي جي پُڄاڻي ڪندي چيو. حيرت انگيز
ڪھاڻي. ھاڻي رڳو ھڪڙو ئي مسئلو آھي، ھن جي سھيليءَ
چيو.
”اھو
وري ڪھڙو؟“
اِرم ھن کان پريشاني وچان پڇا ڪئي.
”ڇا
گلاس اڌ ڀريل آھي يا اڌ خالي؟“
ھن جي سھيلي ھٿ ۾ پاڻيءَ جو گلاس جهليندي
مُسڪرايو.
”اِرم
کلڻ لڳي،“
توکي منھنجي جواب جي خبر ھجڻ گهرجي.“
اھو منھنجي لاءِ ھميشه اڌ ڀريل ھوندو آھي.
***


مستقيم محمد علي ڪوريجو /ڪراچي
جنرل جان جيڪب جو تعمير ڪرايل ڪبوتر گھر جيڪب آباد
ڪبوتر گهر، جيڪب آباد جي تاريخي ورثي مان هڪ اهم
يادگار آهي، جيڪو برطانوي دور ۾ شھر جي باني جنرل
جان جيڪب تعمير ڪرايو. هن پنھنجي رهائشگاهه جي
احاطي ۾ لڳ ڀڳ
30
فوٽ اوچو ڪبوتر گهر ٺھرايو، جتي سوين تربيت يافته
ڪبوتر رکيا ويندا هئا. ان دور ۾ مواصلاتي سھولتون
محدود هيون ۽ علائقو انتھائي ڏورانھون هو. تنھنڪري
جنرل جان جيڪب ڪبوترن کي پيغام رسائي ۽ فوجي
نگراني (جاسوسي) لاءِ استعمال ڪندو هو. هي
’ڪبوتر
گهر‘
پنھنجي نوعيت جو منفرد منصوبو هو. جيڪو برطانوي
دؤر ۾ سنڌ جو پھريون اهڙو مرڪز ليکيو وڃي ٿو، جتي
ڪبوترن ذريعي تيز رفتاري سان پيغام پھچائڻ جو
انتظام ڪيو ويو هو. برطانوي آفيسر راجر پيرس
پنھنجي سوانح عمري (Once
a Happy Valley (Memoirs of an ICS Officer in
Sindh, 1938–1948)
۾ لکي ٿو، ته جبلن ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا اڪثر سنڌ جي
ميداني علائقن تي حملا ڪندا هئا. جنرل جان جيڪب نه
رڳو کين شڪست ڏني، پر پنھنجي قائم ڪيل
’سنڌ
هارس ريجمينٽ‘
جي مسلسل گشت ۽ چوڪين جي وچ ۾ ڪبوترن ذريعي تيز
پيغام رسائي جي نظام سبب اهڙين ڪاررواين کي مؤثر
نموني روڪي ڇڏيو. هي تاريخي ڪبوتر گهر اڄ به
پنھنجي اصل شڪل ۾ موجود آهي. هر سال سوين جهنگلي
ڪبوتر هن ۾ آکيرا ٺاهيندا آهن. جيڪي هن تاريخي
يادگار کي زنده رکندي، جيڪب آباد جي باني جنرل جان
جيڪب جي دؤر جون يادون تازيون ڪن ٿا.
خالد ڀٽي/شڪارپور
ڪير هيرو ڪير زيرو؟
جهور
پوڙهو، جنھن جي منھن تي گهڻا گهُنج هئا، پر هو
جادوگر، جنھن جو نالو
”کومبي“
هو. کومبي جادوگر پنھنجي قبيلي جي ماڻھن کي واري
ڀيري سان چوندي پئي آيو.
”خبردار!
جو توهان منجهان ڪو متان هُنَ پار ويو آهي. جيڪڏهن
توهان مان ڪو اوڏانھن ويو ته اهو پاڻ ته بڇڙو ٿي
مرندو، پر پنھنجي قبيلي کي به مصيبت ۾ وجهندو. ڍنڍ
جي هُنَ پار خطرناڪ بلائن ۽ بد روحن جو ٺڪاڻو آهي.
اسان جي قبيلي جو ڪوبه مرد ماڻھو ان پاسي ناهي
ويندو.“
کومبي جادوگر جي ڳالھين قبيلي وارن جي دلين ۾ اهڙو
ته خوف ويھاري ڇڏيو هو، جو اهي خواب ۾ به انھيءَ
پاسي وڃڻ جو سوچي به نٿي سگهيا.
”جَما“
۽
”چروا“
ڳوٺ جا ٻه بھادر ڇوڪرا هئا. اهي پاڻ ۾ گهاٽا سنگتي
هئا. ٻنھي جي فطرت ۾ تجسس گهڻو هوندو هو. اهي ٻئي
ڍنڍ جي هُنَ پار وڃڻ لاءِ هر وقت اُتاولا هوندا
هئا. اهو ڏسڻ لاءِ ته اتي ڇاهي؟ ٻئي دوست وهمن
وسوسن، بد روحن ۽ غيبات کي نه مڃيندا هئا. جما ۽
چروا جي بستي ڍنڍ ڪناري آباد هئي. ڍنڍ ائين هئي
ڄڻ ڪو سمنڊ. ڍنڍ جو ٻيو ڪنارو چاليھه ميل پري هو.
ٻيڙيءَ وسيلي ايڏو ڊگهو سفر خطري کان خالي نه ھو.
پري پري تائين پکڙيل ڍنڍ جي پاڻيءَ جون ڇوليون هر
وقت ڄڻ رقص ۾ هونديون هيون. ڳوٺ وارن کي ڪڏهن ڪڏهن
ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ پري کان رنگين عڪس حرڪت ڪندي به
نظر آيا هئا. نيٺ هڪ ڏهاڙي جما ۽ چروا ٻنھي دوستن
ڍنڍ جي پرينءَ ڀر وڃڻ جو اٽل ارادو ڪيو. هنن ڍنڍ
ڪناري هڪ ٻيڙي ٺاهڻ شروع ڪئي. ڳوٺ وارن کين گهڻي
ئي منع ڪئي. ٻنھي کي بد روحن جو ڊپ ڏنو ۽ ڊيڄاريو.
طرح طرح جو خوف ڏياريو، پر هي ڪونه مُڙيا. هو ڳوٺ
وارن کي چوندا هئا، ته انھن شين جو ڪو وجود ناهي.
جيڪڏهن اتي ڪي اهڙيون پُراسرار شيون آهن، ته هتي
ڇو نه ٿيون هليو اچن. اسان پاڻ وڃي انھن وهمن
وسوسن جي راز کي پڌرو ڪري حقيقت کي آڏو آڻينداسون،
اسان اوڏانھن ضرور وينداسون. ان ڳالھه جي خبر
جادوگر کومبي کي به پئجي وئي. هن کي ڏاڍي ڪاوڙ
لڳي، هن اچي ڇوڪرن کي ڏاڍا دڙڪا داٻا ڏنا. چيائين
”نادان
ڇوڪرؤ! توهان هُنَ پار نٿا وڃي سگهو. توهان ٻيڙيءَ
سوڌو وچ ڍنڍ ۾ ئي ٻڏي ويندؤ، اوڏانھن وڃڻ قبيلي جي
دستور جي اُبتڙ آهي. کومبي ڊيڄاريندو رهيو، پر جما
۽ چروا کي پڪ هئي، ته هو ضرور ڪامياب ٿيندا.
نيٺ اهو ڏينھن به اچي پھتو، ٻئي ساٿي ٻيڙيءَ ۾ سفر
تي روانا ٿيڻ وارا هئا. ماڻھن جو انبوهه بيٺو هو.
سڀني جو خيال هو، ته ٻيڙي ٻُڏي ئي ٻُڏي، ڇو ته
جادوگر جي اڳڪٿي ٿيل هئي ۽ کومبي جادوگر پاڻ به
اتي موجود هو. جادوگر ڪاوڙ ۾ ڀريل هو. هو هٿ اُڀو
ڪري ڪجهه پڙهي رهيو هو. ٻيڙي ڍنڍ جي ڪناري تان
رواني ٿي. ڳوٺ وارن جي دل ڌڪ ڌڪ ڪري رهي هئي. ٻيڙي
ٿورڙو ئي اڳتي مس هلي هئي، ته ٻُڏڻ لڳي. ٻنھي
دوستن هڪدم ڍنڍ ۾ ٽپو ڏنو ۽ تار هڻي ڪناري تي آيا
۽ ٻيڙي ٻُڏي وئي. اهو لقاءُ ڏسي جادوگر ٽَھڪ ڏئي
کلڻ لڳو، چيائين،
”اڙي
سورهيؤ! ڇا ٿيو، ٻيڙي ٻُڏي وئي نه؟! ھا ھا ھا!
”هو
ٻئي ماٺ رهيا. ٻئي ڏهاڙي جما ۽ چروا گڏجي ٻيڙي
پاڻيءَ مان ٻاهر ڪڍي. ٻنھي دوستن کي جادوگر جي
اڳڪٿيءَ تي ٿورڙو به يقين نه هو، هو رڳو اهو ڏسڻ
پيا گهرن ته، ٻيڙيءَ ٻُڏڻ جو سبب ڪھڙو هو. جيڪو
هنن ڳولي لڌو هو. هنن ڏٺو ته ٻيڙيءَ جي تري ۾ هڪ
سوراخ ٿيل هو. جيڪا ڪنھن ماڻھوءَ جي حرڪت هئي. ٻئي
دوست هڪ ٻئي ڏانھن نھاري مُرڪيا ۽ دل ۾ چيائون،
”کومبي!
اهو آهي تنھنجي اڳڪٿي جي سچائيءَ جو راز، اسان به
ڏسون ٿا ته تون ڪيترا ڀيرا ٿو ٻيڙيءَ ۾ ٽُنگ ڪرين.“
هن ڀيري ٻنھي دوستن ٻيڙيءَ کي گهڙي پل لاءِ به
اڪيلو نه ڇڏيو. ٻنھي وڏي محنت سان ٻيڙيءَ جي مرمت
ڪئي. ٽن ڏهاڙن کان پوءِ وري ڪناري تي اچي ماڻھو گڏ
ٿيا. انھن پاڻ ۾ پئي چيو،
”هنن
ٻنھي ڇوڪرن جي ته مت مُئي آهي. عقل کسجي ويو اٿن.
ٻئي ڇوڪرا کومبي جي سچائي ڏسي به چڪا آهن، تڏهن به
پنھنجي هوڏ تان لھن ئي نٿا.“
ٻيڙي ڪناروڇڏي هوريان هوريان ترڻ لڳي. بستيءَ وارا
حيرت مان ڏسي رهيا هئا. اهي سمجهن پيا ته، اجھو ٿي
ڪنھن مھل به ٻيڙي ٻُڏي. سندن دماغ ۾ ٽي ڏينھن اڳ
وارو منظر آڏو هو. کومبي جادوگر سڀني کان الڳ ٿلڳ
اُداس بيٺو سوچي رهيو هو،
”ھن
ڀيري ته ٻيڙي ٻُڏڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، اڳئين
ڀيري ته مون لڪي ڇُپي، چالاڪي ڪري ٻيڙيءَ جي تري ۾
ٽُنگ ڪري اُن کي مِٽيءَ سان لِنبي ڇڏيو هو، ته
جيئن اهو نظر نه اچي. پوءِ ٻيڙي اڳ ڀري ٿي، ته مٽي
ڳرندي ويئي ۽ سوراخ ظاهر ٿي پيو. جنھنڪري ٻيڙي
ٻُڏڻ لڳي ۽ ڇوڪرن کي خبر نه پئجي سگهي. پر هن ڀيري
هي بھادر ڇوڪرا هُن پار ضرور پھچندا.“
ماڻھن پاڻ ۾ هورڙيان چيو پئي،
”توهان
ڏسجو، اجهو ٿي ٻيڙي ٻُڏي.“
پر کومبي سوچي رهيو هو، ته ٻيڙي سلامت رهندي ۽ هي
ڇوڪرا هُنَ پار وڃي مھذب ۽ سُڌريل ماڻھن کان عقل ۽
ڏاهپ جا سبق وٺندا. کانئن علم پرائيندا ۽ پوءِ
هوريان هوريان اُتان جا اجنبي ماڻھو هتي ايندا
ويندا۽ نئين تھذيب ۽ نوان خيال کڻي ايندا. اهي پاڻ
سان نئين روشني ۽ نئين زندگي کڻي ايندا. منھنجن
وڏڙن ڊيڄاري هتان جي ماڻھن کي انھن کان ان ڪري
پري رکيو، ته جيئن هتي اسان جادوگرن جو راڄ ۽
حڪمراني هجي. پر هاڻي مان انھن کي وڌيڪ وقت کين
جھالت جي ٻاٽ اونداهين ۾ رکي نٿو سگهان. اسان
جادوگرن جو دور وڃي پيو ختم ٿيندو. هاڻي علم ۽ عقل
جي روشني هتي به اچي پھچندي. هن نئين زماني ۾ مون
جھڙن جادوگرن جي لاءِ ڪا جاءِ ناهي. الوداع، اي
بستي وارؤ! الوداع !! مان هتان وڃان پيو.“
ائين چئي کومبي هوريان هوريان وکون کڻندو جهنگ
منھن ڪيو ۽ وري ڪڏهن نظر نه آيو.
***
ڪيڊٽ علي حيدر سولنگي/ڪراچي
جينياتي سائنسدان
عابد پنھنجي ماءُ سان گڏ هڪ ڳوٺ ۾ رهندو هو. هُو
اڃان ننڍڙو ئي هو، جو سندس پيءُ گذاري ويو هو.
سندس ماءُ ڪپڙا سِلائي ڪري گهر جو خرچ پکو
هلائيندي هئي. عابد هڪ ذهين ۽ فرمانبردار ڇوڪرو
هو. هُو صبح جو اسڪول ويندو هو ۽ منجهند کان پوءِ
ڳوٺ جي هڪ دڪان تي نوڪري ڪندو هو. اُتان کيس جيڪا
پگهار ملندي هئي، تَنھن جو اڌُ پنھنجي پڙهائيءَ جي
خرچن لاءِ پاڻ وٽ رکندو هو ۽ باقي اڌ پنھنجي ماءُ
کي ڏئي ڇڏيندو هو. ته جيئن گهر جون ضرورتون پوريون
ٿي سگهن.
دڪان جو مالڪ حاجي عبدالله هڪ نيڪ ايماندار ۽
مھمان نواز شخص هوندو هو. جيڪي به ٻاهران مھمان
ايندا هئا، سي سندس اوطاق تي ترسندا هئا. جتي سندن
لاءِ رهائش ۽ کاڌي پيتي جو زبردست بندوبست ٿيل
هوندو هو.
عابد جو تعلق ڳوٺ جي ان قبيلي سان هو، جن جي هٿن ۽
پيرن ۾ ٽي، ڇھه يا نَوَ آڱريون هونديون هيون. عابد
کي هڪ ڀيري دڪان جي مالڪ ٻُڌايو هو، ته اهو هڪ
جينياتي (Genetic)
نقص آهي. جنھنجي ڪري هٿن ۽ پيرن جون آڱريون تعداد
۾ گهٽ وڌ هئڻ سان گڏ ٽيڙيون به ٿينديون آهن. عابد
جي هٿن ۽ پيرن ۾ نَوَ نَوَ آڱريون هيون.
عابد جڏهن مئٽرڪ پاس ڪري، شھر جي ڪاليج ۾ يارهين
درجي ۾ داخل ٿيو، ته هن علم
’حياتيات‘
۽ علم
’ڪيميا‘
جي چونڊ ڪئي. ڇو ته اهي سندس پسنديده مضمون هئا.
گڏوگڏ هن
’جينياتي
سائنس‘
کي به پڙهڻ شروع ڪيو.
هڪ
ڏينھن شھر جي هڪ وڏي يونيورسٽيءَ کان پروفيسر
ڊاڪٽر وسيم احمد نالي هڪ جينياتي سائنسدان سندن
ڳوٺ، ان قبيلي تي تحقيق ڪرڻ لاءِ آيو هو. ڪجهه
ٽائيم حاجي عبدالله جي اوطاق تي ترسيو. حاجي صاحب
عابد کي اها ذميداري ڏني، ته هو پروفيسر صاحب جي
خدمت چاڪري ڪري ۽ سندس ضرورتن جو خيال رکي. عابد
جينيات جي باري ۾ کانئس ڄاڻ وٺندو رهندو هو. سندس
جينيات ۾ معلومات ۽ دلچسپي ڏسي، پروفيسر صاحب ڏاڍو
متاثر ٿيو. هن ارادو ڪيو هو، ته عابد کي شھر وٺي
ويندو ۽ کيس اعليٰ تعليم ڏياريندو. تنھنڪري اهو
رٿيو ويو، ته عابد جيئن ئي ٻارهن درجا پاس ڪندو،
ته وڌيڪ تعليم جي لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺندو.
ان دوران پروفيسر صاحب عابد کي چڱو چوکو وظيفو به
موڪليندو هو، ته جيئن هو گهر جي خرچ پکي کان آجو
ٿي، پنھنجي پڙهائيءَ تي ڌيان ڏي.
وقت گذرندو رهيو، عابد ٻارهن درجا شاندار نموني
پاس ڪيا. پوءِ پروفيسر صاحب جي چوڻ تي هن
يونيورسٽيءَ ۾
’بايو
ڪيميسٽري‘
شعبي ۾ داخلا ورتي. هُو وڏي محنت سان پڙهندو ۽
ليبارٽريءَ ۾ تجربا ڪندو رهيو.
پروفيسر صاحب عابد جي قبيلي تي ڪيترن ئي سالن جي
تحقيق کان پوءِ اها راءِ ڏني، ته هڪ ئي خاندان ۾
شادين جي ڪري اهو جسماني نقص پيدا ٿيندو آهي. ان
حوالي سان هن پنھنجا ڪيترائي تحقيقي مقالا بين
الاقوامي جريدن ۾ پڻ شايع ڪرايا.
عابد ماسٽرس جي ڊگري اعليٰ اعزاز سان حاصل ڪئي ۽
پوءِ، ان ئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿي ويو.
پڙهائڻ سان گڏ هُو پنھنجي ئي ڊپارٽمينٽ ۾ پنھنجي
قبيلي تي پي. ايڇ. ڊي.ڪرڻ لڳو. پي. ايڇ. ڊي. ڪرڻ
دؤران عابد هڪ نئون ايڪس لنڪڊ (X-Linked)
جين (Gene)
ڳولي لڌو. جنھن جي ڪري سندس قبيلي جي ماڻھن ۾ اهو
نقص پيدا ٿيو هو. اهو
’ايڪس
لنڪڊ جين‘
ان هنڌ تي هوندو آهي، جتي
’ڪروموسومز‘
(Chromosomes)
هوندا آهن. ايڪس لنڪڊ جين جي ڪري جيوگھرڙي جي
اڻپوري يا ناقص واڌ ٿيندي آهي، جنھن جو اثر پيدائش
جي مرڪز يعني (Centromeric)
تي پوندو آهي. جين ٿيراپيءَ وسيلي ڊاڪٽر عابد ان
جينياتي نقص کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان جين
ٿيراپيءَ ذريعي ڪنھن به ماڻھوءَ جو جين تبديل ڪري
سگهجي ٿو ۽ پوءِ ان تبديليءَ ڪري اهو نقص ختم ٿي
ويندو آهي.
هن سڀ کان پھرين پنھنجي هٿن ۽ پيرن جي آڱرين کي
جينيات جي ان ٽيڪنڪ وسيلي درست ڪيو. هاڻي هو ڳوٺ
جي باقي ماڻھن جو اهو نقص ختم ڪرڻ ۾ مصروف آهي، ته
جيئن منجهن محروميءَ جو احساس ختم ٿي سگهي.
***
علي محمد پلھه/شاهپور چاڪر
سهڻا سخن
·بھترين
دانائي ماڻھن سان محبت ڪرڻ آھي.
·ربّ
پنھنجي بندي جي مدد ۾ تيستائين رهي ٿو، جيستائين
بندو پنھنجي ٻين ڀائرن جي مدد ۾ رهي ٿو.
·سڀ
کان وڏي خيانت قوم سان غداري آهي.
(حضرت
مُحمّدُﷺ)
·حق
جي تلوار ڪڏهن به مُڏي ناهي ٿيندي.
·سچ
بھترين راهه ۽ علم بھترين رھنما آهي.
·اوهان
مان جنھن وٽ ٻه ڪوٽ هجن، هڪ ڪوٽ انھيءَ کي ڏي،
جنھن وٽ هڪ به نه آهي. جنھن وٽ کاڌو آهي، اهو به
ائين ڪري.
(حضرت
عيسيٰعه)
·جيڪو
شخص اوهان تي ڪاوڙ به ڪري ۽ اوهان سان تعلق به نه
ٽوڙي، اهو بُري وقت ۾ توهان جو سچو دوست ثابت
ٿيندو.
(حضرت
علي )
·پراڻي
ڪاٺي ٻارڻ لاءِ، پراڻا دوست ڀروسي لاءِ، پراڻا
ڪتاب مطالعي لاءِ بھترين دوست آهن.
(عمر خيام)
***
سيده معصومه بخاري/جهانگارا/سيوھڻ
ماهره جي محنت
ماهره
هڪ غير معمولي ڇوڪري هئي، جيڪا ٻين کان مختلف سوچڻ
جي سگهه رکندي هئي.
سندس
اکين ۾ هميشه سکڻ جو شوق نظر ايندو هو.
جڏهن
ٻيا ٻار راند کيڏڻ ۾ مصروف هوندا هئا، ماهره
پنھنجي ڪتابن ۾ گم هوندي هئي.
هن
جي سھيلي نائلا کلندي پڇندي هيس، ته
”توکي
هميشه پڙهڻ جو شوق ڇو آهي؟“
ماهره ورائيندي چيس، ته
”ڇو
جو علم روشني آهي ۽ آءٌ روشنيءَ جي راهه تي هلڻ ٿي
چاهيان!“
ماهره جي ڳوٺ ۾ ڇوڪرين جي تعليم کي گھڻو اهم نه
سمجهيو ويندو هو.
گھڻيون
ڇوڪريون ٿورو پڙهي، پوءِ گهر جي ذميوارين ۾ لڳي
وينديون هيون. پر ماهره کي اها ڳالھه قبول نه هئي.
هوءَ ڄاڻي پئي ته تعليم ئي زندگيءَ کي بدلائي سگهي
ٿي.
هن
جو خواب هو، ته وڏي ٿي سائنسدان بڻجي ۽ دنيا لاءِ
ڪجهه نيون ايجادون ڪري.
پر
هن ۽ سندس منزل جي وچ ۾ بيشمار ڏکيائيون هيون.
گهر
۾ وسيلن جي کوٽ، سماجي پابنديون ۽ ماڻھن جون
ڳالھيون، انھن سڀني جي باوجود، ماهره جو خواب
مضبوط رهيو.
ماهره
جي اسڪول ۾ نه ليب هئي، نه ئي سٺو ڪتابن جو
بندوبست. پر ته به هن همٿ نه هاري.
هوُءَ
هر هفتي ڳوٺ کان شھر وڃي نوان سائنسي ڪتاب خريد
ڪري ايندي هئي.
هڪ دفعي، جڏهن اسڪول جي فيس لاءِ گهر ۾ پئسا نه
هئا، ته ماهره جي پيءُ هن کي همٿائيندي چيو،
”تعليم
لاءِ ڪا به رڪاوٽ وڏي ناهي. بس تون محنت ڪر، آءٌ
ڪونه ڪو بندوبست ڪندس.“
ماهره
وڌيڪ محنت ڪرڻ لڳي. هوءَ رات جو دير تائين پڙهندي
هئي. ڏينھن جو پنھنجي اُستادن کان وڌيڪ سکڻ جي
ڪوشش ڪندي هئي.
هاءِ
اسڪول جي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن جو خواب هو،
ته ڪنھن وڏي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي، پنھنجي علم
کي وڌيڪ اڳتي وڌائي.
هن
داخلا لاءِ امتحان ڏنو، پر هوءَ پھرين ڀيري ۾
ناڪام رهي، ته ڪيترن ماڻھن چيو، ته
”ڳوٺن
جون ڇوڪريون پڙهڻ لاءِ ناهن، تون وساري ڇڏ!“
پر ماهره ايتري آسانيءَ سان هار مڃڻ وارن مان نه
هئي. هن سخت محنت ڪئي ۽ آخرڪار هن ڀيري امتحان ۾
اول نمبر حاصل ڪيو.
هن
کي بھترين يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملي وئي.
جڏهن
هوءَ پھريون ڀيرو شھر وئي، ته سڀ نوان ماڻھو،
وڏيون عمارتون، ۽ جديد ٽيڪنالاجي ڏسي حيران ٿي
وئي. پر هن پاڻ کي يقين ڏياريو. مان هتي محنت سان
پڙهڻ لاءِ آئي آهيان ۽ آءٌ پنھنجي خوابن کي پورو
ڪنديس!“
يونيورسٽيءَ
۾، ماهره سائنس جي دنيا ۾ نوان تجربا ڪرڻ لڳي.
هن
هڪ اهڙي سمارٽ ڊيوائس ايجاد ڪئي، جيڪا بجليءَ کان
سواءِ پاڻيءَ کي صاف ڪري سگهي. هيءَ ايجاد خاص طور
تي انھن ڳوٺن لاءِ هئي، جتي صاف پاڻيءَ جي کوٽ
آهي. جڏهن هن پنھنجي تحقيق پيش ڪئي، ته پوري دنيا
۾ سندس نالو مشھور ٿي ويو. هن کي عالمي انعام به
ڏنو ويو ۽ ڪيترن ئي اخبارن ۾ سندس لاءِ لکيو ويو.
”ننڍڙي
ڳوٺ جي وڏي سائنسدان ماهره، جنھن دنيا کي صاف
پاڻيءَ جو تحفو ڏنو!“
هاڻي،
ماهره هڪ عالمي سائنسدان آهي، جڏهن هوءَ پنھنجي
ڳوٺ واپس ايندي آهي، ته سڀئي ڇوڪريون ڏسي متاثر
ٿينديون آهن.
هوءَ
انھن کي چوندي آهي، ته
”زندگيءَ
۾ جيڪڏهن اوهين وڏا خواب ڏسو، ته پوءِ محنت ڪريو ۽
ربّ سائين تي پنھنجو يقين مضبوط رکو، ته دنيا جي
ڪابه طاقت اوهان کي روڪي نٿي سگهي!“
ماهره
ثابت ڪري ڏيکاريو، ته تعليم ئي سڀ کان وڏي
طاقت
آهي ۽ جيڪو سکڻ جي جذبي سان اڳتي وڌي ٿو، اهو
روشنيءَ جو مينار بڻجي وڃي ٿو.
ماهره
۽ ٻين ڇوڪرين ۾ وڏو فرق هو سندس سوچ، علم حاصل ڪرڻ
جو شوق، ۽ وڏا خواب ڏسڻ هو. ٻين ڇوڪرين وانگر هن
محدود سوچ کي قبول نه ڪيو. جتي ڳوٺ جون گهڻيون
ڇوڪريون روايتي رسمن جي پيروي ڪري ڇڏينديون هيون.
ماهره تعليم ۽ ڄاڻ جي روشنيءَ ڏانھن سفر جاري
رکيو. ماهره جي فرق جو سبب سندس وڏا خواب،
غيرمعمولي ذھانت، ۽ بيحد محنت هئي، جنھن کيس ٻين
کان منفرد بڻايو.
پيارا ٻارؤ!
ماهره
پنھنجي عقل ۽ محنت سان علم حاصل ڪيو ۽ پنھنجا وڏا
خواب سچا ڪري ڏيکاريا.توهان به ماهرن وانگر هميشه
اوچي سوچ رکو دنيا ۾ ڪجهه ٿي ڏيکاريو
***
سعد اڪرم حيدري
ٽنڊو حيدر
منهنجو
تعارف
منھنجو نالو سعد اڪرم حيدري آهي. آءٌ پھرين درجي ۾
پڙهان ٿو. منھنجو ڳوٺ ٽنڊو حيدر، تعلقو حيدرآباد
آهي. مون کي اسڪول وڃڻ ۽ پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق
آهي. آءٌ پنھنجي اُستادن جي عزت ڪندو آهيان ۽
پنھنجي ساٿين سان پيار سان رهندو آهيان. مون کي
نيون نيون ڳالھيون سکڻ وڻنديون آهن. آءٌ وڏو ٿي
فوجي بڻجڻ چاهيان ٿو. منھنجي خواهش آهي، ته آءٌ
پائليٽ بڻجي پنھنجي پياري ملڪ پاڪستان جي حفاظت
ڪريان. آءٌ بھادر سپاهي بڻجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت
ڪري، پنھنجي والدين جو نالو روشن ڪرڻ چاهيان ٿو.
مون کي نماز پڙهڻ جو به شوق آهي. آءٌ ربّ پاڪ کي
ياد ڪرڻ ۽ چڱائيءَ جا ڪم ڪرڻ پسند ڪندو آهيان. مون
کي جانورن ۾ ڀولڙو تمام گهڻو پسند آهي، ان جون
حرڪتون مون کي وڻنديون آهن. آءٌ وڏو ٿي سُٺو،
محنتي، بھادر ۽ ايماندار انسان بڻجڻ چاهيان ٿو.
***
منير
حيدر لغاري/شھدادپور
آئينو
مئي جو مھينو هو، گرمي به تمام گهڻي هئي، بجلي جي
نه هجڻ ڪري شاگرد اُستاد جي ڳالھين تي صحيح توجهه
نه پئي ڏئي سگهيا. سائين سانول سمجهائيندو به
رهيو، ته ٽوال سان هر هر منھن تان پگهر به اگهندو
رهيو. ٻار ٿوري ٿوري دير کان پوءِ ٿڌي ۽ صاف پيئڻ
جي پاڻي جي گهر ڪندا رهيا، ڇو ته جر جو پاڻي کارو
هو، جيڪو پيئڻ لائق نه هو. سائين سانول انھن سڀني
شين کي نظر انداز ڪري اسٽيم پروجيڪٽ جي باري
ٻڌائيندو رهيو.
”پيارا
شاگردو! پاڻ کي ڪو اهڙو ماڊل ٺاهڻو آهي، جيڪو
پنھنجي عملي زندگي جا مسئلا حل ڪري سگهي. سڀاڻ کان
وٺي پاڻ انھي پروجيڪٽ جون سرگرميون ڪنداسين، اوهان
سڀئي سڀاڻ اهڙي قسم جي ماڊل تي سوچي اچجو.“
(سائين سانول پگهر اگهندي ڪلاس مان ٻاهر نڪري
ويو).
ٻئي ڏينھن به سج صبح کان ئي باهه وسائڻ لڳو هو. پر
اُستاد ۽ شاگرد ان سخت گرمي کي نظرانداز ڪري اسٽيم
پروجيڪٽ جي تيارين ۾ رڌل هئا. ڪٿي شاگرد ماڊل ٺاهي
رهيا هئا، ته ڪٿي چارٽ تيار ٿي رهيا هئا، ته ڪٿي
اُستاد رهنمائي ڪري رهيا هئا.
ننڍيون ننڍيون ٽيمون ٺاهيون ويون، انھن ٽيمن مان
هڪ ٽيم ۾ برکا، نمرتا ۽ سنجها هيون. ٽيم جي اڳواڻ
برکا هئي. هوءَ ذهين ۽ محنتي ڇوڪري هئي، پر سندس
هڪ ڪمزوري هئي، ڪڏهن ڪڏهن جذباتي ٿي ڪاوڙ ۾ اچي
غلط فيصلا ڪري ويھندي هئي.
سائنس ليب ۾ برکا، سنجها ۽ نمرتا سوچڻ لڳيون، ته
پروجيڪٽ لاءِ ڪھڙو ماڊل تيار ڪجي.
برکا چيو:
”ڇو
نه اهڙو اسڪول جو ماڊل تيار ڪجي جتي پاڻ کي گرمي
گهٽ لڳي، بجلي به هر وقت هجي، مٺو ۽ صاف پاڻي به
هجي ۽ جيڪو ايندڙ موسمياتي تبديلين کي منھن ڏئي
سگهي؟“
”اهو
ته سٺو خيال آهي ۽ اهو ته اسان جي اسڪول جو مسئلو
به آهي. جيڪڏهن اسان هن تي سٺو ڪم ڪيون، ته پنھنجو
ماڊل سڀني کان بھتر ثابت ٿيندو.“
نمرتا چيو.
”پر
رڳو اسڪول ڇو، اهڙو ته گهر جو به ماڊل جوڙي سگهجي
ٿو.“
سنجها چيو. برکا:
”بلڪل،
گهر جو به ماڊل ٿي سگهي ٿو، پر پاڻ اسڪول جي ماڊل
تي ڪم ڪنداسين.“
سنجها سوچيندي چيو: ته
”پوءِ
اسان کي اهڙو اسڪول جو ماڊل ٺاهڻ گهرجي، جيڪو گرمي
۽ سردي کان محفوظ رهي سگهي، برساتن ۾ پاڻي کي
محفوظ به ڪري ۽ ان ۾ قدرتي توانائي جو نظام پڻ
هجي.“
”ها،
بلڪل!“
نمرتا خوش ٿيندي چيو.
سنجها پنھنجي خيال جو اظھار ڪندي چيو:
”منھنجي
ذهن ۾ هڪ آئيڊيا آهي. منھنجو خيال آهي، ته اسڪول
جي هر اها ڀت، جنھن تي سج جي روشني پوي ٿي، اتي
ٻٽي ديوار ٺاهڻ گهرجي.“
ايتري ۾ برکا ڳالھه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو:
”تون
پنھنجا آئيڊيا پاڻ وٽ رک، مان هن ٽيم جي اڳواڻ
آهيان، مان سڀاڻي پاڻ بھتر منصوبو سوچي اينديس.“
سنجها خاموش ٿي وئي. سندس چھري تي ڏک جا آثار ظاهر
ٿي پيا.
نمرتا نرميءَ سان چيو:
”برکا!
سنجها جي ڳالھه ته ٻڌ، ٿي سگهي ٿو سندس خيال اسان
جي ڪم جو هجي.“
پر برکا ڪاوڙجي پنھنجو ڪتاب زور سان ميز تي ڦٽو
ڪري چيو:
”توهان
ٻنھي کي ڪنھن به شيءِ جي خبر ناهي. مان پاڻ ئي
سڀاڻي ڪو سٺو ماڊل سوچي اينديس.“ائين
چئي هو ڪلاس مان ٻاهر نڪري وئي، جڏهن ته نمرتا ۽
سنجها هڪ ٻئي ڏانھن خاموشيءَ سان نھارڻ لڳيون.
نمرتا کان رهيو نه ٿيو. هوءَ سنجها جي ڀر ۾ آئي ۽
چيائين:
”سنجها،
تنھنجو ٻٽي ديوار وارو خيال سچ پچ سٺو هو. برکا کي
ائين نه ڪرڻ گهرجي ها، پر تون پريشان نه ٿي، مان
سائين سانول سان ڳالھائيان ٿي.
”نه
نمرتا، جيڪڏهن اسان اُستاد وٽ شڪايت ڪنداسين، ته
برکا اڃا وڌيڪ ناراض ٿيندي ۽ ٽيم جو ڪم به خراب
ٿيندو. مان گهر وڃي پنھنجي خيال کي پاڻ اڳتي
وڌائينديس، بابا سائين سان به صلاح ڪنديس.
انھيءَ شام سنجها گهر پھتي، ته پنھنجي پيءُ سان
پنھنجا خيال ونڊيا، سندس والد چيو، ته اهڙي ديوار
کي 'ٿرمل انسوليشن' چئبو آهي ۽ اهو گرمي روڪڻ ۾
واقعي مددگار ثابت ٿئي ٿو. سنجها خوش ٿي پنھنجو
خيال ڪاغذ تي لکي ڇڏيائين، جيئن جڏهن به موقعو
ملي، پيش ڪري سگهي. پر دل ۾ وري اهو خيال به جاڳيو
ته
”شايد
برکا منھنجي ڳالھه کي اهميت نه ڏي.“
هيڏانھن برکا تيز قدم کڻندي گهر پھتي، پر سندس ذهن
۾ اڃا تائين ساڳيون ڳالھيون گهمي رهيون هيون. هوءَ
پنھنجي ڪمري ۾ وڃي ڪتاب کوليو، ڪاغذ ۽ پينسل هٿ ۾
کنيا ۽ اسڪول جو ماڊل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيائين.
ٺاهيندي هئي وري ڊاهيندي هئي.
پھرئين ڏينھن رات دير تائين ڪم ڪرڻ باوجود ڪو خاڪو
نه جڙي سگهيو. ٻئي ڏينھن اسڪول ۾ به هوءَ خاموش
رهي. سنجها ۽ نمرتا ڏانھن نظر مِلائڻ کان لڪندي
رهي، پر دل ۾ اڪيلي سوچيندي رهي:
”سنجها
جو خيال شايد سچ پچ سٺو هو، پر جيڪڏهن مان هاڻي
وڃي معافي وٺان، ته اُهي مون کي گهٽ سمجهنديون.
ٽيو ڏينھن به ائين ئي گذري ويو، هاڻ ته هو تمام
گهڻي پريشان ٿي وئي، ته اسڪول ۾ انھن سان ڳالھائي
به نه پئي سگهان ۽ ماڊل جو خاڪو به نه پئي جوڙي
سگهان. برکا کي ذري گهٽ روئڻ ٿي آيو.
اهو منظر سندس ڏاڏي پري کان پئي ڏٺو، ڏاڏي برکا وٽ
آئي ۽ ڳراٽڙي پائي چيائين:
ڪھڙي ڳالھه منھنجي امان کي منجهايو آهي؟ مان ڏسان
پئي ته تون ٽن ڏينھن کان ڪنھن مسئلي ۾ منڌل آهين،
تون ايڏي پريشان ڇو آهين؟“
برکا سڏڪن ۾ پئجي وئي ۽ ڏاڏي پرچائيندي رهي، آخر
گهڻي وقت کان پوءِ ڏاڏي کي پروجيڪٽ جي پيرائتي
ڳالھه ڪري ٻڌايائين. ڏاڏي پڇيو:
”پٽ،
جڏهن سنجها پنھنجو خيال ٻڌائي رهي هئي، تڏهن
تنھنجي دل ۾ ڪھڙو خيال آيو هو؟“
”مون
کي لڳو، ته جيڪڏهن مان سندس ڳالھه ٻڌنديس ته ان جي
اهميت مون کان وڌ ٿي ويندي. برکا ٿورو سوچيندي
وراڻيو.
هاڻ ٽن ڏينھن جي لڳاتار ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ توکي ڇا
ٿو لڳي؟ ڏاڏي پڇيو.
برکا ڪجهه دير خاموش رهي، پوءِ آهستي چيائين:
”لڳي
ٿو... ته مان اڪيلي سر ڪجهه به نه ڪري سگهنديس.
ڏاڏي مُرڪندي هٿ کان وٺي کيس آئيني اڳيان بيھاريو
۽ چيائين ته:
”پٽ!
هن آئيني ۾ ڏس، توکي ڇا ٿو نظر اچي؟“
”منھنجو
چھرو.“
برکا وراڻيو.
”هاڻي
ٻه ٽي قدم پوئتي هٽي ڪري ڏس. هاڻ توکي ڇا ٿو نظر
اچي؟“
”هاڻي
اوهان ۽ ڪمري جون ٻيون به شيون نظر اچي رهيون آهن.“
ڏاڏي مُرڪندي چيو:
”زندگي
به هن آئيني وانگر آهي، پٽ اسان جڏهن رڳو پاڻ کي
ئي اڳيان رکون ٿا، تڏهن ٻين جون اسان کي ڳالھيون
نظر ناهن اينديون. پر جڏهن ٿورو پوئتي هٽبو، ته سڀ
ڪجهه ظاهر ٿي پوندو آهي. پوءِ اهو گهر هجي، ٽيم
هجي يا دوست.“
برکا کي جڏهن ڏاڏي جي ڳالھه سمجهه ۾ آئي، ته کيس
پنھنجي غلطي جو احساس ٿيو، پر دل ۾ اڃا به ٿوري
منجهيل هئي.
”ڏاڏي
امان... جيڪڏهن مان معافي وٺان، ته ٿي سگهي هو مون
گهٽ سمجهن ۽ منھنجي عزت ۾ گهٽتائي ٿئي. ڏاڏي کيس
ويجهو ڪري چيو:
”جيڪو
ماڻھو پنھنجي غلطي مڃي ٿو، اهو ماڻھو ننڍو نه، پر
وڏو ماڻھو هوندو آهي. اهو ئي حقيقي اڳواڻ آهي ۽
اڳواڻ هميشه سڀني جي ٻُڌندو آهي، سمجهندو آهي ۽
پنھنجي غلطين کي درست ڪندو آهي.“
ان رات برکا گهڻو ئي سوچيندي رهي. صبح جو هوءَ
اسڪول لاءِ نڪتي، ته دل ۾ اڃا به مڪمل طور تي
معافي وٺڻ لاءِ مطمئن نه هئي. جڏهن هو اسڪول پھتي
ته هوءَ سڌو سنئون ڪلاس ڏانھن نه وئي، پر ٿوري دير
ٻاهر بيھي رهي، ذهن ۾ لفظ ترتيب ڏيندي رهي. نيٺ
همت ڪري اندر گهڙي. نمرتا ۽ سنجها ڪلاس سامھون
هيون ۽ برکا سندن سامھون وڃي بيٺي، پھريان صرف
سنجها ڏانھن نھاريو، پوءِ نظرون هيٺ ڪري آهستي
چيائين:
”مون...
مون کان وڏي غلطي ٿي آهي. مون تنھنجي ڳالھه ٻڌڻ
کان اڳ ئي رد ڪري ڇڏي، سنجها. اهو صحيح نه هو.“
سنجها حيران ٿي کيس ڏٺو. برکا جاري رکندي چيو:
”توهان
ٻنھي مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر مون رڳو
پنھنجي ڳالھه کي صحيح سمجهيو. جيڪڏهن اوهين مون کي
دل سان معاف ڪريو.“
نمرتا مُرڪي چيو:
”ڪا
ڳالھه ناهي برکا، توکي احساس ٿيو، اهائي وڏي ڳالھه
آهي.“
سنجها به ٿورو ترسي، پوءِ مسڪرائي چيو:
”اسان
سڀ دوست آهيون. پر... اڄ به منھنجو خيال ٻڌندينءَ؟“
برکا پھريون دفعو کليل دل سان مرڪي:
”ها،
بلڪل ڇو نه؟
سنجها جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي. برکا چيو:
”مان
چاهيان ٿي ته اڄ کان هن ٽيم جي اڳواڻ سنجها هجي.
هن ۾ اهي سڀ خوبيون آهن، جيڪي هڪ سٺي اڳواڻ ۾ هجڻ
گهرجن.“
سنجها ٿورو شرمائيندي چيو:
”نه
برکا، اڳواڻ ٿيڻ کان وڌيڪ اهم ڳالھه سٺي ٽيم هجڻ
آهي. تون اڳواڻ رهه، پر هاڻي کان اسان ٽئي گڏجي
فيصلو ڪنداسين.“
نمرتا ٽنھي کي ڏسي مُرڪندي چيو:
”ته
پوءِ هاڻي ڪم شروع ڪجي؟“
ٽنھي مُرڪي هڪ ٻئي ڏانھن نھاريو ۽ پوءِ گڏجي ميز
تي ويھي پنھنجا پنھنجا خيال ونڊ ڪرڻ لڳيون.
سنجها ٻٽي ديوار ۽ ٿرمل فوم جو خيال تفصيل سان
سمجهايو. ڪيئن اها ديوار سج جي گرمي کي اندر اچڻ
کان روڪيندي. نمرتا مينھن جي پاڻي کي گڏ ڪرڻ لاءِ
زير زمين وڏي ٽينڪي جو خيال ڏنو ۽ ٻڌايائين ته
اهڙي ٽينڪي شھر ۾ ڏٺي هئي، برکا چيو، ته اسڪول جي
ڇت تي سولر پينل سان گڏ ننڍي ونڊ ٽربائن به
لڳائجي، جيئن رات جي وقت جڏهن سولر پليٽن مان
توانائي ملڻ بند ٿئي، ته اتان توانائي حاصل ڪري
سگهجي.
نيٺ ٽنھي جي گڏيل سوچ ۽ محنت سان هڪ خوبصورت ۽
جديد اسڪول جو ماڊل تيار ٿيو، جيڪو گرمي، سردي،
مٺي پاڻي جي کوٽ، توانائي جي بحران جھڙن مسئلن جو
گهڻي حد تائين حل هو.
ڪجهه ڏينھن کان پوءِ اسٽيم پروجيڪٽ جي نمائش ٿي.
ججن هر ٽيم جو ماڊل غور سان ڏٺو. جڏهن هنن برکا،
نمرتا ۽ سنجها جي ماڊل جو جائزو ورتو، ته هو تمام
گهڻا متاثر ٿيا.
سائين سانول شاگردياڻين جو ماڊل ڏسي سرهو ٿي پيو.
کيس خوشي هئي، ته ٻارن رڳو هڪ ماڊل نه ٺاهيو هو،
پر پنھنجي اسڪول جي مسئلن جو حل به ڳولي ورتو هو.
نتيجن جو اعلان ٿيو، هنن جي ماڊل کي بھترين اسٽيم
پروجيڪٽ جو ماڊل قرار ڏنو ويو. انعامن ۽ شاباسين
سان نوازيو ويو. ٽنھي جي منھن تي مرڪ هئي.
برکا جي نظر جڏهن ڪاريڊور ۾ لڳل آئيني تي پئي، ته
سندس چھرو ويتر مرڪي ۽ مھڪي پيو، ان مرڪ پويان پاڻ
سڃاڻڻ واري شعور جي حاصلات جي خوشي هئي.
***
سڪندر
گلاب سومرو/خيرپورناٿن شاهه
لالچي ڪنڀر ۽ ڪاڻو گڏهه
چون ٿا ته، هڪڙي ڳوٺ ۾، آندل نالي هڪڙو هاري رهندو
هو. هن جي گذر سفر جو ذريعو ڏاندن جو هڪ جوڙو هو.
جنھن کي هو پنھنجي ٻنيءَ ۾، هر ڪاهڻ لاءِ ڪتب
آڻيندو هو ۽ هڪ گڏهه، جيڪو وري کاٻي اک کان ڪاڻُو
هو. ڪاڻي گڏهه کي آندل پنھنجي اُپايل اُن کي منڊي
۾، آڻڻ جي لاءِ ڪتب آڻيندو رهندو هو. ڪاڻو گڏهه
آندل وٽ ڪيئن پھتو اهو قصو به، هڪ عجيب قصو آهي.
آندل جي ڳوٺ جي ڀر واري ڳوٺ ۾ هڪ ڪنڀر رهندو هو.
ڪنڀر ان ماڻھوءَ کي چوندا آهن، جيڪو چيڪِي مِٽي
ڳوهي، ان جا چاڻا ٺاهي، انھن کي چَڪَ تي رکي ٿانوَ
ٺاهي. ڪنڀر پنھنجي ٺاهيل ٿانون کي منڊي ۾، آڻڻ جي
لاءِ جيڪا سواري ڪتب آڻيندو هو. اها سواري اهو
گڏهه هوندو هو! جنھن کي ڪجهه ئي ڏينھن مس ٿيا هئا
جو اهو آندل وٽ پھتو هو.
سڄي ڳوٺ ۾، هي ڳالھه مشھور هئي، ته ڪُنڀر ٿانون
ٺاهڻ جو ته ڀلوڙ ڪاريگر آهي، پر هن جي طبيعت تمام
گهڻي بخيلي ۽ لالچ واري هئي. گڏهه جيئن ته جانور
آهي سو رستي تي هلندي هلندي جڏهن گوهِي ڪندو هو،
ته ڪنڀر گڏهه کي لڪُڻ سان ڪُٽي ناس ڪندو هو.
هڪ ڏينھن گڏهه جيئن ئي گوهي ڪئي، ته ڪنڀر کي ڏاڍي
ڪاوڙ اچي وئي. هن گڏهه کي لڪُڻ سان سٽڻ شروع ڪيو ۽
بس ڪرڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي. ڀرسان بيٺل ماڻھن
کيس گهڻو ئي سمجهايو، پر هُو نه مُڙيو ۽ گڏهه کي
ڪُٽيندو رهيو. اوچتو هن جو لڪُڻ گڏهه جي کاٻي اک ۾
وڃي لڳو. گڏهه جي اک مان رت وهڻ شروع ٿي ويو. سو،
جڏهن هن گڏهه جي اک مان رت وهندي ڏٺو، ته پاڻ به
ششدر ٿي پيو. پشيمان به ٿيو ۽ گڏهه کي جانورن جي
’طبي
خاني‘
ڏانھن وٺي ويو. ڪنڀر ان وقت ڏاڍو پريشان ٿيو، جڏهن
جانورن جي طبيب گڏهه جو علاج ڪرڻ کان پوءِ هن کي
ٻُڌايو ته،
”لڪُڻ
سٽ“
جي ڪري گڏهه جي اک ضايع ٿي چڪي آهي.
گڏهه ڪنڀر جي مجبوري ته هو، پر هاڻي هو ان مان تنگ
اچي چڪو هو. ان جو سبب هاڻي گڏهه جي گوهِي، نه پر
ڳوٺ جي ٻارن جي وات ۾ اها وائي هئي. جيڪا هن کي
گڏهه تان هٿ کڻڻ جي لاءِ مجبور ڪري رهي هئي. ڪنڀر
جنھن به گهٽي، يا رستي تان گذرندو هو، ته ڳوٺ جا
ٻار هن ڏانھن ڏسي چوندا هئا، ته
”هو
ڏسو اوهيو ٿو وڃئي ڪاڻي گڏهه وارو ڪنڀر“
جيئن ڪنڀر اڳتي وکون ڀريندو ويندو هو، ٻار ان جي
پويان لڳي وڏي واڪي چوندا هئا، ته
”ڪنڀر
ڪاڻي گڏهه وارو، ڪنڀر ڪاڻي گڏهه وارو.“
اهڙي طرح آخرڪار هڪ ڏينھن ڪنڀر پنھنجي گڏهه کي گهر
مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ڀر واري ڳوٺ وڃي ڇڏي آيو. گڏهه
جيئن ته هاڻي آزاد ٿي چڪو هو سو، وتندو هو گور
گهمندو. ائين هڪ ڏينھن آندل جي ٻني ۾ ڪَھي آيو ۽
فصل لتاڙي آندل جو نقصان ڪري ڇڏيائين. آندل به دير
ئي نه ڪئي ۽ گڏهه کي پڪڙي سڌو وڃي ڍَڪَ ڀيڙو ڪري
گهر موٽي آيو. ڍڪ ان کي چوندا آهن، جتي آوارا
جانورن کي واڙيو ويندو آهي ۽ مالڪن پاران ڪجهه
چَٽي ڀرڻ جي بدلي مالڪن جي حوالي ڪيو ويندو آهي.
اڃان ڪجهه ڏينھن ئي مس گذريا هئا، ته گڏهه وري
آندل جي ٻني ۾ اچي نقصان ڪيو ۽ آندل ٻيھر جڏهن
گڏهه کي ڍڪ تي ڇڏڻ آيو، ته ڍڪدار وراڻي ڏنس، ته
”ادا
آندل هن گڏهه جو ڪو به مالڪ پيدا ڪونه ٿو ٿئي، سو
اسان هن کي ڍڪ ۾ رکي ڇا ڪنداسين. اُلٽو ڏنڊ ملڻ جي
بجاءِ اسان جو خرچ ٿو وڌي. منھنجي صلاح مڃي، ته هن
گڏهه کي تون پاڻ وٽ رکي ڇڏ. هن کان ڪم وٺ. فصل کي
منڊي تائين پھچائڻ جي لاءِ سواري جو ڪم خوب ڏئي
سگهي ٿو.“
آندل کي ڍڪدار جي ڳالھه دل سان لڳي ۽ هو، گڏهه کي
واپس گهر وٺي آيو. گڏهه جي سٺي خدمت چاڪري ڪرڻ
لڳو. ڪجهه ئي ڏينھن مس گذريا، ته آندل جي ٻني
پنھنجو جوڀن ڏيکارڻ لڳي. آندل فصل جي ڪٽائي ڪري،
ان کي منڊي تائين پھچائڻ جي لاءِ گڏهه گاڏو تيار
ڪرايو ۽ اهڙي طرح پنھنجي فصل کي منڊي تائين آڻيندو
رهيو.
آندل محسوس ڪيو، ته هي گڏهه ته هن جي لاءِ وڏو ڀاڳ
وارو ثابت ٿي رهيو آهي، ڇو ته هن وٽ هاڻي ڏوڪڙ اچڻ
شروع ٿي ويا آهن. سو، گڏهه جي وڌيڪ پرگهور لھڻ
لڳو. آندل جڏهن گڏهه کي ڀاڳ وارو گڏهه چوڻ لڳو، ته
هن جي ڳوٺ وارا آندل جو حال احوال وٺڻ سان گڏ گڏهه
جي باري ۾ به اچي پڇا ڳاڇا ڪندا هئا. اهڙي طرح هن
ڀاڳ واري گڏهه جي واکاڻ ان ڳوٺ تائين به وڃي پھتي،
جنھن ڳوٺ ۾ ڪنڀر رهندو هو. ڪنڀر جيئن ته، لالچي
طبيعت وارو هو سو جڏهن هن ڀاڳ واري گڏهه جي باري ۾
خبر چار ورتي، ته هن کي معلوم ٿيو، ته اهو ڀاڳ
وارو گڏهه ڀر واري ڳوٺ ۾ آندل نالي هڪ هاري وٽ
آهي.
اهڙي طرح ڪنڀر هڪ ڏينھن سھي سنبري آندل وٽ وڃي
اُسھيو ۽ گڏهه جي باري ۾ پڇا ڪئي. آندل هن کي
ٻُڌايو، ته ڪيئن هي گڏهه هن وٽ پھتو ۽ ڪيئن اهو هن
جي لاءِ ڀاڳ وارو ثابت ٿيو آهي. ڪنڀر آندل کي عرض
ڪيو، ته
”اهو
گڏهه کيس ڏيکاريو وڃي، ته سندس جو ٿورو ٿيندو.“
آندل جيئن ئي ڪنڀر کي گڏهه ڏيکاريو، ته ڪنڀر وائڙو
ٿي ويو ۽ سوچڻ لڳو، ته ٻيلي هي گڏهه ته منھنجو
آهي. ڪنڀر آندل کي سڄي ڳالھه سربستي ڪري ٻُڌائي،
ته هي ڀاڳ وارو گڏهه دراصل هن جو گڏهه آهي ۽ اهو
گڏهه هن کي واپس ڪيو وڃي، ته هو هن جو ٿورائتو
رهندو.
آندل کي ڪنڀر تي ڪھل اچي وئي. هو ڪنڀر کي گڏهه
واپس ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويو. هن کي گڏهه جي
ويجهو وٺي ويو. ڪنڀر جئين ئي گڏهه جي پُٺي ٺپي، ته
گڏهه هن کي اهڙي ته زوردار اِٽَ هنئين جو گڏهه جو
کُرُ ڪنڀر جي کاٻي اک ۾ وڃي لڳو. اک ڳاڙهي ٿي وئي.
ڪنڀر رڙين ۾ پئجي ويو. آندل به دير ئي نه ڪئي. هن
کي گڏهه کان پري ڪري پنھنجي ڪلھي تان انگوشو لاهي
هن جي اک کي زور سان ٻُڌو. پر ڪنڀر جون رڙيون هيون
جو چُپ ڪرڻ جو نالو نه ئي پيون وٺن. آندل هن کي
ڳوٺ واري
’طبي
خاني‘
ڏانھن وٺي ويو. طبيب علاج ڪرڻ کان پوءِ آندل کي
ٻُڌايو، ته
”گهڻو
ممڪن آهي، ته ڪنڀر جي اک ضايع ٿي وڃي.“
ڪنڀر جڏهن طبيب جي هيءَ ڳالھه ٻُڌي ته هن کي
پنھنجا اهي سڀ ڪرتوت ياد اچڻ لڳا. خاص طور تي گڏهه
کي سٽڻ وارو اهو ڏينھن جنھن ڏينھن گڏهه جي اک ۾ ڌڪ
لڳو هو.
ڪنڀر مايوس ٿي پنھنجي ڳوٺ واپس موٽي آيو. ڪجهه
ڏينھن کان پوءِ جڏهن هو گهر کان ٻاهر نڪتو، ته
گهٽي ۾ بيٺل ٻارن هن ڏانھن ڏٺو ۽ وڏي واڪي چيو،
”اڙي
اڙي هو ڏسو ڪاڻي گڏهه وارو ڪاڻو ڪنڀر....“
ٻار ٽھڪن ۾ پئجي ويا. ڪنڀر ڪنڌ نوايو چُپ چاپ گهر
واپس موٽي ويو.
|