سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل آگسٽ 2025ع

باب:

صفحو:5 

عبدالسميع ابن الھيار ڄام شورو                  (قسط: اٺين)

سڙهه

سامُونڊرِينِ سَعيو، سَدائِين سَفَرَ جو

ڪو ڏيھُه چِتَايو، اُونِھين وَڃنِ اوهَرِئا.

سنڌيار:” ادا ھي رانديڪو اوھان جو آھي؟“

دڪاندار: نه ادا، ھي ته ميان ميرب خان جي امانت آھي.

سنڌيار: ”اھو ڪير آھي؟ يار مون کي ھي جانور خريد ڪرڻو آھي.“

دڪاندار: ”اھو پاڻ رڍن جي اُنَ جو واپاري آھي ۽ ھن رانديڪي کي اڪثر ھتي ڇڏي پاڻ بازار جا ڪم پورا ڪرڻ ويندو آھي.“

سنڌيار: چڱو ڀلا مان به تڪڙو آھيان، ھڪ ڪورو ڪاغذ ڏيو، ته مان ان لاءِ پيغام لکان جڏھن اچي ته کيس ڏجو.

دڪاندار: ضرور ضرور ھي وٺو ڪاغذ. پر اوھان پاڻ سائين ڪير؟

سنڌيار: منھنجو نالو صديق آھي. مان سنڌ جو واپاري آھيان. دراصل ھي ڀولڙي مون کي ڪنھن عزيز کي تحفي ۾ ڏيڻي اٿم، سو خريد ڪرڻ لاءِ کيس لکي رھيو آھيان، ته وقت ڪڍي بندرگاهه تي مون سان ملي.

دڪاندار: ڀلو سائين ڀلو. مان ضرور ميرب خان کي اوھان جو نياپو ڏيندس.

ڌرتيءَ تي قدرت واري جا عجب ڪم رچايل آھن. ڪي دليون ڌار ٿين، ته ڪي وڇڙيا ملي پون. خدا پاڪ کي سڀ طاقت ۽ خبر آهي ۽ اھو ئي ڪمن کي ڊاھي ۽ ٺاھي ٿو. اھي ڳالھيون سوچيندي سنڌيار پنھنجي سوچن ۾ گم مسقط جي بندرگاھه واري ڀت تي پير لڙڪايون ويٺو ھو. گمان پئي ڪيائين ته الائجي اھو ميرب ھوندو الائجي ڪو ٻيو؟؟ ٿي سگھي ٿو سندس ڀولڙي ڪنھن کي ھٿ اچي وئي ھجي ۽ ان پاڻ کي ميرب سڏايو ھجي! اڃان اھي خيال پئي ڪيائين، ته پٺيان ڪنھن سندس ڪُلھي تي اچي ھٿ رکيو. ڇرڪي پوئتي جو ڏٺائين، ته ميرب ھٿ ۾ ڏاڙھون جهليو بيٺو ھو. سنڌيار کان وات مان نڪري ويو ”اڙي... ميرب تون ؟؟ “

   ميرب ۽ سنڌيار پاڻ ۾ چنبڙي پيا. ڄڻ زندگي واپس ملي وئي ھجين. ڳالھائڻ کان بغير بس ھڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي چُپ ۾ لڙڪ پئي اگھيائون.

ميرب: مون کي تنھنجو پيغام مليو، ان ڪري بنا دير جي ھليو آيس.

سنڌيار: چاچو ممتاز ڪيئن آھي؟ بابا صديق؟ پنھنجي جھازين جو ڇا ٿيو؟

ميرب: ڪٿي ويھه ته صحيح ڪو پاڻيءَ ڍڪ پيءُ سڀ خبرون ڪيون ٿا. ايتري ۾ ھڪ بئرو ھنن لاءِ شربت کڻي آيو.

سنڌيار: (شربت جو ڍڪ ڀريندي) ٻيا ساٿي ڪاٿي آھن؟ ڪيئن آھن؟

ميرب: سڀ خير خيريت سان آھن ۽ ھن وقت ھو حجاز ۾ ھوندا.

سنڌيار: ھوندا؟ ڇا مطلب؟

ميرب: ھا! مان نيربان جھاز تان سڪن سان ڀريل ھڪ صندوق کڻي فرار ٿي ويو ھئس ۽ قزاقن جي ھٿ کان بچي ويس. ان ئي صندوق جي مدد سان تري مان ڪناري نڪتس.

سنڌيار: ”۽ چاچو ممتاز ؟“ سنڌيار تعجب مان پڇيو.

ميرب: مان ڪجهه وقت بعد غلامن جي بازار ويس. مون کي خبر ھئي، ته قزاق ماڻھن کي غلام بڻائي وڪرو ڪندا آھن.

سنڌيار: ”پوءِ ....“

ميرب: پوءِ مان صندوق ۾ موجود رقم مان ڪجهه حصو غلامن تي خرچ ڪيو. جيڪي حقيقت ۾ منھنجا جھازي دوست ھئا. مون سيٺ ممتاز کي به خريد ڪيو ۽ چاچا صديق کي ۽ ٻين به سورھن جھازي دوستن کي.

سنڌيار: ”سچي؟ تو پنھنجي سيٺ کي غلام ڪري خريد ڪيو ؟“ کائنس کِل نڪري وئي.

ميرب: نه. صندوق جا پئسا سيٺ جا ئي ھئا، مان ته صرف وقتي طور انھن جو مالڪ ٿيس. اسان جڏھن پاڻ ۾ ملياسون، ته سڪون مليو. پر توکي غائب ڏسي ڏاڍو پريشان ٿي وياسين.

سنڌيار: ”مان به...“ سندس لھجي ۾ وڇوڙي ۽ تڪليف جي اثر ھو.

ميرب: چريا اداس نه ٿي، ھاڻ ته پاڻ ملي وياسين... ھاڻ خوش ٿي.

سنڌيار ڀت ڇڏي ميز تي وھي ٿو ۽ ميرب کائنس سوال ڪري ٿو.

ميرب: پر تون ڪاٿي ھئين؟ اسان توکي تلاش ڪندا رھياسين، پر تنھنجو اتو پتو ئي نه ؟“

سنڌيار: مان پھرين ته منجهي پيس، ڪجهه به سمجهه نه پئي آيو نه تون ملئين نه چاچا ممتاز نه صديق بابا.

ميرب: پوءِ توکي ڪنھن خريد ڪيو يا؟

سنڌيار: ”نه .... مان اُتان فرار ٿي ويس. ڀڄي ته نڪتس پر وڃان ڪاڏي. مون کي اڄ به اھا وحشت ۽ حيراني ياد آھي. پوءِ مان اومان جي ھڪ ڳوٺ ۾ ھڪ گهر ۾ وڃي نڪتس.

ميرب: ھاھه... قسمت ۾ ڏُک سُک گڏ ھوندا آھن.... پوءِ ڇا ٿيو؟

سنڌيار: پوءِ ان گهر جي بي اولاد جوڙي مون کي پُٽيلو ڪري رکيو ۽ مان ساندھ ٻه سال ساڻن رھيس. اتي جيڪي ڪمايم ان مان سفر جي تياري ڪري مسقط پھتو آھيان ۽ ھاڻ توسان گڏ آھيان. ميرب ھڪ گھري مُسڪراھٽ سان کيس حوصلو ڏنو ۽ چيائين دير يا سوير پر پتي تي پھتو آھين.

سنڌيار: پر تو چيو، ته چاچو ممتاز حجاز ھوندو؟ سو ڪيئن؟

ميرب: ھا... جڏھن مان پنھنجي ساٿين کي غلام جي طور خريد ڪيو، ته پاڻ ۾ ملي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ اڃا اسان وٽ ٽي حصا دولت ھئي، پر اسان کي تنھنجي ڳڻتي ھئي خاص ڪري سيٺ ممتاز کي.

سنڌيار: ھا يار مان پاڻ ڏاڍو سڪايل ھئس.

(هلندڙ........)


 

محترم ايڊيٽر صاحب سدا خوش هجو. مان اوهان جي ادبي رسالي ”گل ڦل“ جو هڪ ننڍڙو پڙهندڙ ۽ ادب سان چاھه رکندڙ آهيان. ادبي ذوق ۽ سنڌي ٻوليءَ سان محبت جي جذبي تحت مون هڪ مختصر اخلاقي ڪھاڻي لکي آهي. هيءَ ڪھاڻي هڪ سادي گهريلو ماحول ۾ ماءُ ۽ پٽ جي گفتگو وسيلي تعليم جي قدر ۽ اهميت کي بيان ڪري ٿي. مان اوهان کي گذارش ٿو ڪريان، ته جيڪڏهن هيءَ ڪھاڻي اوهان جي ادبي معيار تي پوري لھي، ته مھرباني ڪري ان کي ”گُل ڦُل“ ۾ شايع ڪندا. اوهان جي مھرباني.

اقبال هنڱورو

ڀٽائي ڪمپيوٽرس اينڊ فوٽو اسٽيٽ پوسٽ آفيس ڪنڊيارو ضلعو نوشھروفيروز

***

السلام عليڪم، محترم ايڊيٽر صاحب اُميد ته اوهان پنھنجي سٿ سميت خير ۽ عافيت سان هوندا. محترم جيئن ته ڪافي مھينن کان پوءِ هن مختصر مواد ”حجر اسود جنتي پٿر“ سان اوهان جي خدمت ۾ حاضر آهيان. منھنجو نماڻو عرض ته مان ڪجهه وقت کان هر مھيني اوهان ڏانھن گُل ڦُل رسالي لاءِ مواد موڪليندو هئس ۽ ڪجهه ٻين ساٿين کي به  ترغيب ۽ شوق ڏياريم انھن به مواد لکڻ شروع ڪيو (ڏاڍي خوشي ٿي) پھريان منھنجو مواد هر مھيني اوهان رسالي ۾ شايع ڪندا هئا ليڪن افسوس جو هاڻي چئن، پنجن مھينن کان وٺي مواد شايع نه پيو ٿئي. خبر نه آهي الائي ڪھڙين ڪوتاهين جي ڪري. اُميد ته منھنجو هيءُ هاڻوڪو ۽ پراڻو ڪافي مواد پنھنجي هن قيمتي رسالي ۾ شايع ڪري وڌيڪ لکڻ جو حوصلو بخشيندا.

محترم! ٻيو هيءُ عرض ته اسان طالب علمن کي گُل ڦُل رسالي اچڻ جو گهڻو انتطار رهندو آهي ڪافي مھينن کان هاڻي گُل ڦُل دير سان پھچي ٿو. شدت سان انتظار رهي ٿو. اُميد ته هاڻي وقت سر شروع تاريخن ۾ ئي هر بوڪ اسٽال تي پھچائيندا جيئن اسان جھڙا مسڪين طالب علم هن روشن، علمي، ادبي، معلوماتي رسالي ذريعي پنھنجي علم جي اُڃ اُجهائن. آمين.

مقبول احمد عباسي

عثمانيه لائبريري چنيهاڻي تعلقو ڪنڊيارو ضلعو نوشھروفيروز

***

 

مانوارا ايڊيٽر صاحب ماهوار گل ڦل رسالو السلام عليڪم، اميد ته اوهان ٺيڪ هوندا. عرض ته سائين رسالي جي ايندڙ شماري لاءِ نڪور ٻاراڻي ڪھاڻي  ”هاڻي اسان به ڪمپيوٽر سکنداسين“ جي عنوان سان اماڻي رهيو آهيان، اُميد ته پھريان جيان ئي مانائتي موٽ ملندي.

امداد ”عاجز“ نصيراڻي

محلو ڀٽائي ڪالوني، نزد ريلوي لائن، منڊو ڦاٽڪ شڪارپور

 

محترم ايڊيٽر صاحب السلام عليڪم، اوهان جو انتھائي ٿورائتو آهيان, جو اوهان منھنجي ڪھاڻي جولاء شماري ۾ شامل ڪئي. ماهوار گل ڦل رسالي جي ايندڙ شماري لاءِ به نڪور ڪھاڻي موڪليان پيو, اُميد ته پھريان جيان مانائتي موٽ ملندي.

امدادالله گهنڃو

اسٽيشن روڊ داون شاھ محلا شڪارپور

***


 

 


 

 

 


 

لطيفي لات جو نتيجو

جولاءِ 2026ع جي ماهوار شماري ۾ ”لطيفي لات“ جي سلسلي ۾ ڏنل بيت ”سُر سارنگ“ جي داستان ٻئي جو سورهون نمبر بيت آھي.

بيت جي سمجھاڻي ۽ مفھوم:

اي ٻاجهه ۽ رحم وارا مالڪ الملڪ، تون پنھنجي رحمت جا ڪڪر وساءِ (مينھن کي موڪل ڏي) تون ئي ته سڀني ماڻھن کي ماني کارائي ڍئو ڪرائين ٿو ۽ سڀني جانورن جو پيٽ گاهه سان ڀرين ٿو جو هو اوڳارون ڪندا وتن. اي سچا سائين، اهڙي طاقت ۽ قوت جو مالڪ فقط تون ئي آهين، توکي ئي اهڙي طاقت جڳائي ٿي. اي ماءُ، منھنجي سڄڻ جي اچڻ جي (ملڻ جي) خوشخبري ڏيڻ لاءِ اهو ڪانگ ڪڏهن لنوندو، مون کي انھيءَ جو انتظار آهي.

بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:

*شازيه ويسر: (ڪلاس اٺون): هاءِ اسڪول مولابخش شر، ٺري ميرواهه/خيرپور

*خوشبوءِ ويسر: (ڪلاس ستون) هاءِ اسڪول مولابخش شر، ٺري ميرواهه/خيرپور

*ڪائنات ويسر: (ڪلاس ڇھون) هاءِ اسڪول مولابخش شر، ٺري ميرواهه/خيرپور

*نيڪ محمد سومرو: (ڪلاس ٽيون) پرائمري اسڪول علي بيگ ويسر، ٺري ميرواهه/خيرپور

*غلام مرتضيٰ شر: (ڪلاس ٽيون):پرائمري اسڪول محسن علي شر، ٺري ميرواهه/خيرپور

*صفي الله سومرو: ڪلاس ستون، پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ضلع نوشھروفيروز.

*محمود سومرو: ڪلاس ٽيون، پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول، ٺارو شاهه، ضلع نوشھروفيروز.

*دعاءِ زينب ٻٻر: ڪلاس ستون، گورنمينٽ ايس ڪي رحيم گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد.

*رايان علي ڀٽي: ڪلاس چوٿون، ڪيئر هائوس اسڪول حيدرآباد.

*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن دادو.

*ام حبيبه: ڪلاس ڇھون، مريم ايليمينٽري اسڪول حيدرآباد.

بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان
شازيه ويسر جو ڪُڻو نڪتو آھي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران
’گُل ڦُل‘ رسالي جي ڪاپي موڪلجي ٿي.        **

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org