سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل آگسٽ 2025ع

باب:

صفحو:4 

سرمد عباسي/ خانواهڻ (قسط: ويھين/آخري)

سپِي،  سارنگ ۽ مَتارو

} ٻاراڻو ناول{

توھان ڇا سمجهيو ته مون کان بچي ويندؤ. مان متارو آھيان. ببر شينھن. ھنَ جهنگ جو بادشاهه“ متاري ڏاڍي ڪاوڙ مان چيو، ”بَبر شينھن. پرَ تون ته جهنگلي ڪتن کي ڏسي ڀَڄي ويو ھئين بادشاهه سلامت.“ سپيءَ ٺٺول ڪندي پڇيو.

اجايو نه ڳالھاءِ سپي. متاري لَڄي ٿيندي چيو.

انھيءَ مھل ته ھيءُ ٻاتو به ٿي ويو ھو. سارنگ چيو ۽ سپيءَ کان ٽھڪ نڪري ويو. سپيءَ کي کلندي ڏسي متارو ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ٿي ويو. ھنَ چنبو ھڻي سامانُ به کِنڊيري ڇڏيو ۽ ڀوائتا آواز ڪڍي، ڏندَ ڪِرٽيندو سارنگ ڏانھن  وڌڻَ لڳو. خبردار متارا، متان ھيڏانھن آيو آھين. آڪاش، متاري کي ھَڪلَ ڏيندي چيو.

بگهڙَ ڪجهه مارجي ويا، ته ڪجهه ڪُتن جي ڪڍَ ھليا ويا. توھان جون بندوقون به الائجي ڪٿي وڃي ڪِريون. پوءِ ڀلا مان، اوھان ڏانھن ڇو نه اچان؟ متاري، آڪاش ڏانھن چِتائي نھاريندي چيو.

متاري جي وراڻي ٻُڌي سڀني ھڪ ٻئي ڏانھن ڏسي ڪي اشارا ڪيا ۽ ھوريان ھوريان پوئتي ٿيڻَ لڳا. سندن بچاءُ به انَ ۾ ئي ھو ته ھو ھتان ڀَڄي وڃن ٻِي صورت ۾ ھُو متاري جي ھٿان مارجي وڃن ھا. متاري گجگوڙ جو آواز ڪڍيو ۽ ھڪ ڀيرو وري ھنن ڏانھن وڌڻَ لڳو. ھو به پُٺتي ٿي رھيا ھئا. کين پُٺتي ٿيندو ڏسي متاري پنھنجو پيٽ، ھيٺ ڪري پڇُ اُڀو ڪيو ۽ اُڇل کائي ھڪ وڏو ٽپُ ھنن ڏانھن ڏنائين. آڪاشَ، ٽارچ ھن ڏانھن ڪئي ۽ سُھائي ۾ ھنَ ھڪ عجب جھڙو ڏيکُ ڏٺو. متارو ھوا ۾ اُڏامندو ھنن ڏانھن پئي آيو جو بگهڙن جي ڏَرن وٽ مٽيءَ جي ننڍڙن پھاڙن تان ڪيترا ئي  ھرڻَ اُڇل ڏيندا مٿي، متاري ڏانھن آيا ۽ پنھنجا ڊگها سِڱَ متاري جي بُتَ ۾ کُپائي ڇڏيون. متاري کي لڳو ته ڄڻ ڪيتريون ئي لوھي شِيخون ھن جي بُتَ ۾ لھي ويون ھجن. ھنَ ھڪ وڏي دانھن ڪئي ۽ اُونڌو ٿي ھيٺ اچي ڪريو. ھرڻَ به ھيٺ لھي سارنگ کي ڏاڍي پاٻوهه مان ڏسڻَ لڳا. بابا...چاچا...سارنگ، سرھائيءَ وچان رڙ ڪئي ۽ ڊوڙندو ھرڻن ڏانھن ھليو ويو. اھي ھرڻَ، سارنگ جي ڪُٽنبَ جا ھئا. جيڪي ڪيتري ئي دير کان سارنگ کي ڳولي رھيا ھئا. ھنن جي سِڱن، متاري کي سخت ڦَٽي ڪري وِڌو ھو. سارنگ، انھن سان مِلي ٽپَ ڏئي رھيو ھو. انَ کان اڳُ جو متارو وري اُٿي، ھلو ته ھليا ھلون. آڪاش سپيءَ جو ھٿ پڪڙي، وڻن ڏانھن وڌندي چيو.

”پرَ سارنگ؟؟، سپيءَ، سارنگ ڏانھن نھاريندي چيو. سارنگ کي پنھنجو ڪُٽنب ملي ويو. ھُو ھاڻي اسان سان گڏ نه ھلندو.“  فھيم چيو.

سپيءَ جي دل ته ڏاڍو پئي چاھيو، ته سارنگ کان موڪلائي پر فھيم جي ڳالھه به صحيح ھئي. ھنَ ھڪ نھارَ سارنگ تي وِڌي ۽ پوءِ ٻين سان گڏ اڳتي وڌڻَ لڳي. پنھنجي ڪٽنب سان ملي ٺينگ ٽپا ڏيندڙ سارنگ کي خبر ئي نه پئي ته سپي وڃي پئي.

اسان جون بندوقون. فواد افسوس وچان چيو.

ڪنھن به کيس ورندي ڪونه ڏني ۽ ھُو سڀ وڻَ ٽَپي ان جاءِ تي اچي ويا جتي ڪجهه دير اڳ جهنگلي ڪتا ۽ بگهڙ وڙھيا ھئا. اتي ڪير به ڪونه ھو. نه ئي وري ڪنھن ڪُتي يا بگهڙَ جو لاش پيل ھو. پڪ سان، مارجي ويل جانورَ وري ٺِيڪُ ٿي اڳتي ھليا ويا ھئا.

ھنَ پاسي ھليا ھلو. آڪاش ٽارچ سان اشارو ڪيو. ھنَ جي ٽارچ جي بيٽري به ختم ٿيڻ تي ھئي. تنھنڪري انَ جي سُھائي جَهڪي ٿي وئي ھئي. ٻيون ٽارچون به متاري پاران سامان کِنڊيرڻَ جي ڪري وِڃائجي ويون ھيون. ھُو سڀ پُسيلَ ڊَڀن تي ڊوڙندا اڳتي وڌڻ لڳا. ڪنھن ڪنھن مھل ٿيندڙ کنوڻ ۾ رستو ڏسندا ھو ڊوڙندا رھيا. نه ته بس اندازي سان ڊُڪي رھيا ھئا. ڊڪندي ڊڪندي جڏھن سَھڪڻَ لڳا ته ھنن ھلڻ شروع ڪيو. ھنَ مھلَ ڪٿي به بِيھڻُ ڄَڻُ ته پاڻَ کي متاري حوالي ڪرڻ ھو. ھلندي ھلندي آڪاش جو پير ھيٺ لھي ويو. اُتي شايد ڪجهه ھيٺانھِين يا ڪا کڏَ ھئي. آڪاش پاڻَ کي سنڀالي بيھي رھيو. ”ڇا ٿيو آڪاش؟“ فھيم پڇيو.

”ھتي ڪو کڏو آھي. ان ۾ پير لھي ويو ھو. اسان کي ھوشياريءَ سان اڳتي وڌڻو پوندو.، آڪاش، پنھنجي سامھون گُهگهه اوندهه ۾ نھاريندي وراڻيو.

”پاڻَ کي ھڪ صفَ ۾ ھلڻ گهرجي. ايئن سڀُ ھٿيڪا رھنداسين.“ فواد چيو.

اھا ڳالھه سڀني کي وڻي.

”سپي تون منھنجي پُٺيءَ تي چڙهه ۽ اسان ٽئي، ھڪٻئي جا ھٿ پڪڙي صِفَ ٺاھي ٿا ھلون. ايئن ڪرڻُ صحيح ٿيندو.“ آڪاش چيو.

سپي ھائوڪار ۾ مٿو لوڏيندي اڳتي وڌي ۽ آڪاش جي پُٺيءَ تي چڙھي وئي.آڪاش پنھنجي ھٿ ۾ فھيم جو ھٿ پڪڙيو ۽ فھيم، فواد جو. ايئن ھُو ھڪٻئي جي ڪڍَ ھلڻ لڳا. ھيٺانھينءَ ۾ ھلڻ سٺي ڳالھه آھي. اسان کي لِڪڻَ لاءِ اَوٽَ ٿي پوندي.  فھيم چيو. انَ مھل ئي متاري جي گجگوڙ ٻڌڻَ ۾ آئي. متاري جو آواز ٻُڌي ھو وري ڳڻتيءَ ۾ وَٺجي ويا. ھنن کي تڪڙ ۾ ڪنھن لِڪڻَ واري جاءِ تي پھچڻو ھو. ڇو جو ھاڻي ھنن وٽ بندوقون يا ڪو ٻيو ھٿيار ڪو نه ھو. ”متاري مان جِند ڪڏھن ڇُٽندي؟“ فواد، بيزاريءَ مان چيو.

”جڏھن پاڻَ، پنھنجي دنيا ۾ پھچي وينداسين.“ فھيم وراڻيو. ھڪ ڀيرو وري متاري جي گجگوڙ ٻڌڻَ ۾ آئي ۽ ھيلَ گجگوڙ جو آواز ويجهي کان آيو ھو. متارو تڪڙو تڪڙو ھنن کي ويجهو ٿي رھيو ھو.

”تڪڙا ھلو.“آڪاش چيو.

”سپي...سپي بيھو. ايڏانھن نه وڃو.“ سارنگ جي آواز کين ڇِرڪائي ڇڏيو. سارنگ کي ھنن جو اُلڪو (خيال) ھو. تڏھن ئي ته پنھنجي ڪٽنب سان گڏ ھنن جي ڪڍَ ھليو آيو ھو.

”ادا...ادا، سارنگ.، سپيءَ اُتاولائپ (بيچينيءَ) وچان، آڪاش کي چيو.“ سپي، جي بيٺاسين ته متاري ھٿان مارجي وينداسين.، آڪاش ورندي ڏني ۽ وکَ اڳتي وڌائي. پر سندس پير ڌرتيءَ تي پوڻَ بدران ڪنھن کڏَ ۾ لھي ويو. ھُو مُنھن ڀَر ھيٺ ٿي ويو ۽ ڪِرڻَ لڳو. ھن سان گڏ ئي سپي، فھيم ۽ فواد به ھيٺ ڪرڻَ لڳا.

سپي، ايڏانھن نه وڃو. ايڏانھن کاھي آھي. سارنگ جو ٻِيھرَ آواز آيو. پر ھنَ کي دير ٿي وئي ھئي. سپيءَ وارا اونداھي کاھيءَ ۾ ڪري پيا ھئا ۽ اھا کاھي ’ٽنڊي مھراڻ‘ واري کاھيءَ کان به وڌيڪَ اُونهي ۽ اُونداھِين ھئي. ھنن کان رڙيون نڪري ويون.پر ھاڻي بچڻَ جو ڪو به دڳُ نه بچيو ھو. ھنن جون رڙيون ٻُڌي،کاھيءَ جي ڪَنڌيءَ تي پھتل متاري ڪاوڙ وچان گجگوڙ جو آواز ڪڍيو ۽ ھيٺ کاھيءَ ۾ ڏسڻَ لڳو. اُونداھيءَ ۾ کيس ڪيترائي پاڇا، ھيٺ ڪِرندي ڏسڻَ ۾ آيا. افسوس جو مان کين کائي نه سگهيس. ھيٺِ ته ھنن جا ھَڏا به ڪونه بچندا.“ متاري سوچيو. کِنوڻِ جو چمڪاٽ ٿيو ۽ گجگوڙ جي ھيبتناڪ آواز سڄي جهنگَ کي ڌوڏي ڇڏيو. متاري ھِيسجي مٿي جهڙَ ڏانھن ڏٺو ۽ تڪڙ ۾ ھڪ پاسي ڊُڪندو،اوندهه ۾ گم ٿي ويو.

ڪجهه ئي پَرتي، ڊَڀن ۾ پنھنجي ڪٽنب سان گڏ لڪيل سارنگ جي نيرين اکين مان لُڙڪ وھڻَ لڳا.

”سِپي...منھنجي ڀيڻ.“ سارنگ جي وات مان نڪتو ۽ ھو سُڏڪا ڀري روئڻ لڳو.

***

کاھيءَ ۾ ڪِرندي ئي سڀني کان دانھون نِڪري ويون.سپي به آڪاش کان ڌار ٿي وئي. فھيم ۽ فوادَ جا ھٿ به ھڪٻئي کان ڇڏائجي ويا. ھو سڀ، ھڪٻئي کان ڌار ٿي ھوا ۾ ھٿَ پيرَ ھڻندا ھيٺ ڪرڻ لڳا. کنوڻ ۽ گجگوڙ جو ٺڪاءُ ٿيندي ئي ھنن جي نھار ھيٺ ڌرتيءَ تي پئي. کاھيءَ جو تَرو صفا ويجهو ھو ۽ اُھو چُھنبدار پٿرن سان سَٿيل ھو. ھنن پنھنجون اکيون ٻُوٽي ڇڏيون.

***

نه ڄاڻ ڪيتري دير گذري وئي. سپيءَ جون اکيون کُلي ويون. ڪجهه گهڙيون ته کيس سمجهه ۾ ئي نه آيو، ته ھوءَ ڪٿي آھي؟ پرَ جيئن ئي کيس اھو ياد آيو، ته ھوءَ کاھيءَ ۾ ڪِري پئي ھئي ته ھنَ اُٿي ويھڻَ ۾ دير ئي نه ڪئي. پاڻَ کي پنھنجي گهرَ ۾ ڏسي کيس پتِ ئي ڪونه پئي ٿي. ھوءَ ٽي وي ھالَ ۾ صوفي تي ويٺل ھئي. ھالَ ۾ تِکي سُھائي پکڙيلَ ھئي ۽ ٻاھران تيز وسڪاري جا آواز پئي آيا. آڪاش، فھيم ۽ فواد به ھيٺ ڪِريل ھئا ۽ ھوش ۾ اچي ويا ھئا. ”اسان پنھنجي دنيا ۾ پھچي وياسين.“ فواد سَرھائيءَ وچان چيو.

”ھا،شُڪر اَلحمدلله“ فھيم مُرڪندي وراڻيو.

”رات جا ساڍا ٻارھن پيا ٿين.ان کان اڳ جو سپيءَ جي امڙ جي ننڊَ ڦِٽي، ھلو ته ھتان ھلون.، آڪاش چيو.

”اسان سچ ۾ شينھن، جهنگلي ڪُتن ۽ بگهڙن کان بچي ھتي پھتا آھيون؟“ فھيم پنھنجي ٻانھن تي ھٿ ڦيريندي چيو.

”۽ کاھيءَ ۾ ڪرڻَ کان به.“ فوادَ ٿڪلَ انداز ۾ چيو.

”اھو ٻاھر ھلي سوچيون ٿا.“ آڪاش کلندي چيو ۽ ھُو سڀ سپيءَ کان موڪلائي ھليا ويا. سپي به ٻاھرين  درَ کي ڪَڙو ڏئِي، اندر آئي.ٽي وي بند ڪري ھنَ ڪپڙا مٽايا ۽ امڙ سان گڏ اچي ليٽي پئي. کَڙڪي تي ڪينجهر جاڳي پئي.

”سپي، اڄ جو ڪارٽون ڪيئن ھو؟“ ڪينجهر ننڊاکڙي اندازَ ۾ سپيءَ کان پڇيو.کيس اھا ڄاڻَ ئي نه ھئي ته سپي ڪھڙين ڪھڙين مصيبتن کي مُنھن ڏئي آئي آھي؟ سپيءَ جي اکين آڏو گذريل ساڍا چار ڪلاڪ اچي ويا.

”امان...زبردست. اڄ ته ڏاڍو مزو آيو.“ سپيءَ مُرڪندي وراڻيو ۽ امڙ کي ڀاڪرُ پائي سُمهي پئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org