سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل آگسٽ 2025ع

باب:

صفحو:3 

 

نصرالله حبيب نھڙيو لياکڙو

استاد جو مقام

استاد جي عظمت، قرباني ۽ رهنمائيءَ کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ برابر آهي. استاد صرف ڪتابي علم ناهي ڏيندو، پر هو انسان کي زندگي جيئڻ جو فن ۽ شعور سيکاريندو آهي. استاد ان ميڻ بتيءَ وانگر آهي، جيڪو پاڻ کي ساڙي ٻين جي زندگيءَ کي روشن ڪندو آهي. هڪ بھترين استاد اھو ناھي، جيڪو صرف سبق ياد ڪرائي. پر اھو آھي جيڪو شاگرد جي ذهن ۾ سچائي، تحقيق ۽ سوچڻ جي صلاحيت پيدا ڪري.

ڪنھن به مھذب سماج جو بنياد استاد جي محنت تي هوندو آهي. ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان يا ليکڪ. هر ڪو ڪنھن نه ڪنھن استاد جي تراشيل هيرن وانگر هوندو آهي. استاد اسان جي اخلاق ۽ ڪردار کي سنواري اسان کي هڪ سٺو انسان بڻائيندو آهي. انھن شخصيتن مان سائين سورتو مل ميگهواڙ به ھڪ آھي کين هڪ درويش صفت انسان طور سڃاتو وڃي ٿو. سندن لباس کان وٺي رهڻي ڪھڻي تائين، سادگي سندن سڃاڻپ رهي آهي. پنج ڪلو ميٽر پنڌ ڪري، بنا ڪنھن ناغي جي، چاهي ٿر جي تپندڙ گرمي هجي يا سياري جي سخت سردي، پنھنجي ڳوٺ ٻپراڙيو کان لياکڙو پھچڻ ڪو معمولي جذبو ناهي. اها سچائي ثابت ڪري ٿي، ته هو صرف هڪ سرڪاري ملازم نه، پر هڪ سچو مخلص رهبر آھي. موسم جي سختي ۽ پنڌ جي تڪليف جي باوجود وقت تي پھچڻ سندن فرض شناسيءَ جو وڏو ثبوت آهي.جن مون کي ڇھين کان اٺين ڪلاس تائين رياضي (Mathematics) جھڙو ڏکيو مضمون ۽ وري ستين ڪلاس ۾ انگريزي پڙهايو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو، ته هو هڪ باصلاحيت ۽ ورسٽائل استاد آھن. سائين شاگردن کي نه صرف ڪتاب پڙهايا، پر پنھنجي عمل سان اهو به سيکاريو، ته منزل حاصل ڪرڻ لاءِ رستن جي سختي ناهي ڏسبي، پر پنھنجي مقصد تي نظر رکبي آهي.

خوش نصيب آهن، اهي شاگرد جن کي سائين سورتو مل جھڙا جاکوڙي استاد مليا. اڄ توهان جيڪي به آهيو، ان ۾ سندن ان پگهر جو به حصو آهي. جيڪو هنن ٻپراڙيو کان لياکڙو جي رستن تي وهائيو.              

***


 

ڊرائنگ ٽيچر ڪلاس روم جي بورڊ تي ڪو نقش چٽي رهيو هو، سڀئي شاگرد دلچسپ نگاهن سان ڏانھس متوجھه هئا، ته ڪيئن ٿو اُستاد نقش چِٽي....؟

اُستاد چاڪ سان هڪ ٽٻڪو ڪڍيو ۽ شاگردن ڏانھن سواليه نگاهن سان گهوريائين. ڪنھن شاگرد سوچيو، ته ”ان ٽٻڪي جي آسپاس هڪ جهوپڙي ٺھندي. جنھن ۾ ڪا ٻُڍڙي تسبيح سوري زندگي جا باقي ڏينھن ڳڻيندي هوندي.“

جنھن شاگرد ائين سوچيو، ان جي تخليقي صلاحت کان هم ڪلاسي ۽ اُستاد واقف هئا. اُستاد وري ان ٽٻڪي کان ٿورو پرڀرو  هيٺ ٻيو ٽٻڪو پاتو ۽ وري به ڳالھائڻ بنا متجسس نگاهه سان شاگردن ڏانھن ڏٺائين. هڪ ٻيو شاگرد سوچي رهيو هو، ته ”مٿيون ٽٻڪو آڪاش آهي. جھڙوڪر: ٻي معنيٰ ۾ ڇت آهي ۽ هيٺيون ٽٻڪو پَٽُ، ٿلھو، ڌرتي يا اڱڻ آهي.“ اُستاد وري انھن ٻن ٽٻڪن کان ٿورو وٿِيرو ٽيون ٽٻڪو ڪڍيو ۽ شاگردن ڏانھن گهوريائين. انھن شاگردن ۾ هڪ شاعر جو پُٽ ويٺل هو. انھن ٽٻڪن کي ڏسي هن جي ذهن ۾ ”ٽيڙو“ اچي رهيو هو. پڻس ’شاعر‘ کيس ٻُڌايو هو، ته آڪاش ۾ ٽي ستارا قطار ۾ هوندا آهن. ائين ئي شاعريءَ ۾ ”ٽي سٽا“ يا ”ٽيڙو“ هوندا آهن. پوءِ کي هڪ ”ٽيڙو“ ٻُڌايو هئائين.

اُستاد وري بورڊ تي هڪ چوٿون ٽٻڪو پاتو ۽ ائين محسوس پئي ٿيو، ته اهي چار ئي ٽٻڪا ڄڻ ڪنھن کٽ جا پاوا هجن. انھن پاوَن واري سوچ سڀ کان اول ڪلاسين وچ ۾ ويٺل واڍي جي پُٽ کي اچي رهي هئي ۽ هو بنا ڪنھن هٻڪ جي اُٿي بيٺو، ۽ چيائين ته ”سائين باقي ٻه اوپرا ۽ ٻه اِيسون غريباڻي کٽ ۾ لڳنديون، ته کٽ تيار ٿي ويندي!“ اها ڳالھه ٻُڌندي ئي سڄي ڪلاس ۾ ٽھڪڙو مچي ويو. اُستاد ڏانھس مُرڪندي ڏسي ڄڻ کيس داد ڏيڻ لڳو!

اُستاد انھن ٽٻڪن جي وچ تي وري ڪينچيءَ جھڙا ليڪا پاتا، ته لوھار جو پُٽ اُٿي بيٺو، ۽ چيائين ته ”سائين اوهان شايد ڪينچي ٺاهي رهيا آهيو؟“ اُستاد ڏانھس به ڏسي مُرڪيو ۽ ڪو جواب نه ڏنائين.

اُستاد وري مٿين ٻنھي ٽٻڪن کان واري واري سان لڪيرون ٿورو مٿي ڇڪي وري ٽيڙيون ٽيڙيون کڻندي، وڃي هڪ ٻئي سان ملايون!! هڪ شاگرد جيڪو هڪ ڪارٽونسٽ جو پُٽ هو، تنھن کي سوچ آئي، ۽ چيائين ته ”سائين ڪو ڪارٽون ٺاهي رهيو آهي؟“ ان شاگرد پڻس وٽ ڪارٽونن بابت ڪي ڳالھيون ٻُڌيون هيون. تنھن هڪدم اُٿي چيو، ته ”سائين ڪارٽون وغيره منھنجو والد ٺاهيندو آهي، ته آءٌ ڏسندو آهيان..!“ اُستاد ڏانھس ڏسي ائين مُرڪيو جيئن ٻين ڏانھن ڏسي مُرڪيو هو.

اُستاد جي مُرڪ ۾ هڪڙو شاگرد وري پنھنجي ڪا تخليقي معنيٰ تلاشڻ جي جستجو ۾ هو، ان شاگرد جي شھر جي ڪنھن ”ينگرس ڪلب“ ۾ ميمبر شپ هئي. هو هر ڳالھه ۾ ظاهري معنيٰ کان مخفي معنيٰ ڳولڻ جو عادي هو. هُو سوچي رهيو هو، ۽ چيائين، ته ”سائين جي مُرڪ ٻُڌائي پئي، ته هو اسان مڙني شاگردن جو تجسس ۽ تخليقي صلاحيتون جاچڻ ٿا چاهين!!

پيرڊ هاڻي پنھنجي پُڄاڻي طرف وڃي رهيو هو ۽ نقش اڻ چٽو ۽ مبھم هو. ايتري ۾ اُستاد مڙني شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو، ته ”اڄ فقط اوهان جي تخليقي صلاحيتن، سوچن ۽ تجسس جو امتحان هو. جنھن ۾ اوهان گهڻي قدر ڪامياب رهيا آهيو. توهان سوچيو..... سوچيندا رهو ۽ پنھنجي تخليقي صلاحيتن کي اُڀاريندا ۽ ڪتب آڻيندا رهو، ته ”اڳتي ڇا ٿيندو...؟“ اڳتي ڇا ٿيڻ وارو سوال نه رڳو اوهان جو تجسس وڌائيندو. پر اوهان جون تخليقي سوچون پڻ وڌنديون...! اهو چئي اُستاد ڪلاس روم مان ٻاهر هليو ويو ۽ هم ڪلاسي هڪ ٻئي سان ان موضوع تي بحث ۾ جُنبي ويا....!

***


 

صالح شريف پيرزادو/دادو

غربت جو احساس

هڪ دفعي غريب عورت هڪ ڏاهي ماڻھو وٽ روئندي وئي. هن چيو، حضرت، منھنجو ٻار بُک جي ڪري روئي ٿو، منھنجي مدد ڪريو. هي ڏک هاڻي مون کان سھيو نه ٿو ٿئي. ڏاهي ماڻھونءَ ڪجهه به نه چيو. بس هڪ ڪاغذ تي ڪجهه لکي، ان  عورت کي هٿ ۾ ڏئي  چيو ته، هن ڪاغذ کي سنڀالي رکجو ۽ ربّ پاڪ تي ڀروسو رکجو. ٻئي ڏينھن جڏھن عورت گهر جو دروازو کوليو، ته اتي پئسن سان ڀريل هڪ ٿيلھو پيل هو نه ڄاڻ ڪنھن رکيو هو. عورت ۽ سندس مڙس ان پئسن سان ننڍو دڪان کوليو. اهي رات ڏينھن محنت ڪرڻ لڳا. ايمانداري سان ڪم ڪيائون. ربّ پاڪ جو شڪر به ادا ڪندا رهيا. وقت سان گڏ ڪاروبار وڌيو. هڪ دڪان مان ٻه ٿيا، ٻن مان چار ٿيا. ربّ پاڪ انھن کي آسودو ڪري ڇڏيو. گهڻا سال گذري ويا. هڪ ڏينھن عورت پراڻو صندوق صاف ڪري رهي هئي. ان ۾ هن کي اهو ئي پراڻو ڪاغذ مليو. هن ان ڪاغذ کي کوليو، ان تي لکيل هو، ته ”جڏهن ربّ پاڪ توهان کي ڏئي، ته سڀ پاڻ لاءِ نه رکو. انھن گهرن تائين به پھچايو جتي ٻار بُک سبب روئن ٿا.“

اهو پڙهي عورت جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. هن کي سمجهه ۾ آيو، ته اها ڪا جادو واري ڳالھه نه هئي اها ته نصيحت هئي. ان کان پوءِ اهي به رات جو خاموشي سان غريبن جي مدد ڪرڻ لڳا. جيئن ڪنھن انھن جي مدد ڪئي هئي. ربّ پاڪ جي ڏنل رزق ۾ اسان جو اڪيلو حق نه هوندو آهي. جڏهن اسان ٻين سان ورهائيندا آهيون، تڏهن ئي ان ۾ برڪت پوندي آهي.

***


 

اشرف علي ابڙو /ڳڙهي ياسين/شڪارپور

آزادي

”اي ڇوڪرا، ايتري رات جو ڪيڏانھن وڃي رهيو آهين؟ ڇا توکي خبر ناهي، ته شھر جا حالات ڪيترا خراب آهن؟“ هڪ ادهڙ عمر جي واٽھڙو هڪ ڇوڪري کي مخاطب ڪيو. جيڪو مٿي تي هڪ ڳوٿري رکي وڃي رهيو هو.

چاچا، انگريزن اسان کي آزادي ڏئي ڇڏي آهي. آءٌ پنھنجي آزاد وطن پاڪستان وڃي رهيو آهيان. ڇوڪري خوشيءَ سان واٽھڙو کي جواب ڏنو. سندس اکيون خوشيءَ سان چمڪي رهيون هيون.

چڱو! ته تون پنھنجي آزاد وطن پاڪستان وڃڻ چاهين ٿو؟ واٽهڙو سوال ڪيو.

ها! آءٌ پنھنجي ان پياري ۽ آزاد وطن ۾ وڃڻ چاهيان ٿو. جتي اسان تي صرف ۽ صرف هڪ الله جي حڪومت هجي. ڇوڪري جي انداز ۾ ڪا به تبديلي نه آئي.

تنھنجي اها جرئت ته تون لال سنگهه سامھون زبان هلائين؟ واٽھڙو جو چھرو اوچتو بدلجي ويو. هن ڇوڪري کي هڪ لتَ هنئي، جنھن سان هو رڙھندو پري وڃي ڪريو. اهو شخص وري ڇوڪري تي جهپٽيو. سندس منھن تي مُڪن ۽ چماٽن جي برسات ڪري ڇڏي. حيرت جي ڳالھه اها هئي، ته اهو معصوم ڇوڪرو رُنو ڪونه. هن پنھنجي ڳوٿري کي چڱيءَ طرح پنھنجي سيني سان لڳائي ڇڏيو. هاڻي ڳالھاءِ، ڳالھاءِ ته تون پنھنجي پياري وطن پاڪستان وڃڻ چاهين ٿو. واٽهڙو جانورن وانگر کيس ماريندي چرين وانگر رڙيون ڪري رهيو هو.

ها! آءٌ پنھنجي آزاد وطن پاڪستان ويندس. ڇوڪري جي انھن لفظن واٽھڙو کي وڌيڪ ڪاوڙايو. هو وري کيس مارڻ لڳو. پنھنجي بچاءُ ۾ ڇوڪري کان ڳوٿري پري وڃي ڪِري پئي. معصوم ڇوڪرو مار کائيندي پھريون ڀيرو ڳوٿري ڏانھن ڊوڙيو. ڇوڪري جي اهڙيءَ طرح ڳوٿري ڏانھن ڊوڙڻ مان واٽھڙو سمجهي ويو، ته ان ۾ ضرور ڪا قيمتي شيءِ آهي. هاڻي هو ان کي مارڻ سان گڏ ڳوٿري ڦرڻ جي ڪوشش به ڪرڻ لڳو. جيڪا ڇوڪرو وري پوري طاقت سان پنھنجي سيني سان چنبڙيل رکيو. گهڻي دير ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ واٽھڙو ڇوڪري کان اها ڳوٿري ڦري وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

ڳوٿري مون کي واپس ڏئي ڇڏ. چاچا! توکي خدا جو واسطو. منھنجو پورو گهر ان ڳوٿري جي ڪري تباهه ٿيو آهي. هڪ آءٌ ئي بچيو آهيان. مون کي وڃڻ ڏي. منھنجو واعدو آهي، ته پاڪستان وڃي تنھنجي ان احسان جو بدلو چڪائي ڇڏيندس.

ڇوڪري جون ڳالھيون ٻُڌي ان جو يقين وڌيڪ پختو ٿي چڪو هو، ته ان ۾ گهڻي دولت آهي. هن پنھنجي ٽنگ پوري طاقت سان گُهمائي، جنھن جي نتيجي ۾ ڇوڪرو هيٺ ڪري پيو. واٽھڙو جو پير ان جي منھن تي ڏنو پيو هو. جُوتي تي لڳل ڪا سخت شيءِ ان جي نڪ تي لڳي هئي، جتان رت جو ڦھارو نڪري آيو. بدقسمتي سان جنھن جاءِ تي هو ڪريو، اُتي پٿر پيا هئا. هڪ پٿر ان جي مٿي جي هيٺان لڳو.

جلدي ۾ آزاد پاڪستان ”الله اڪبر“
ڇوڪري جي وات مان رڙ ڪندي اهي چند لفظ نڪتا ۽ ان جو مٿو لڙڪي پيو. جيئن ئي ان جو مٿو لڙڪيو، واٽھڙو اهڙو ڇرڪيو، جيئن گَھري ننڊ مان اوچتو ڊڄي سجاڳ ٿيو هجي. هن پنھنجو مٿو جهٽڪيو ۽ ان ڳوٿريءَ جو گنڍ کولڻ لڳو. گنڍ کوليندي ڪپڙي کي هيٺ اونڌو ڪيائين ته ائين لڳو، جيئن ڪنھن ان جي مٿي تي ڪو وزني گُرز هڻي ماريو هجي. ڳوٿري مان هڪ سائي رنگ جو جهنڊو نڪتو. واٽھڙو اهو جهنڊو ڇوڪري کي اوڙهرايو، ۽ پنھنجا ڳوڙها ڳاڙيندي چيو، جنھن ديس جو ٻار ٻار آزادي لاءِ مٿي تي ائين ڪفن ٻڌي ميدان ۾ اچي، ان کي ڪا ٻي قوم ڪيئن پنھنجو غلام بڻائي سگهي ٿي؟

***


 

گلزار احمد درس/ڳوٺ خليفو قاسم/ بدين

ٽن جي انگ جي اھميت

       ·ٽي شيون ھڪ ئي جاءِ تي پلجن ٿيون، گُل، ڪنڊو ۽ خوشبوءِ.

       ·ٽي شيون ھر ھڪ کي ملن ٿيون، سُک، ڏُک ۽ موت.

       ·ٽي شيون ھر ھڪ جون جدا جدا آھن، صورت، سيرت ۽ قسمت

       ·ٽن ڳالھين کي ھرگز ننڍڙو نه ڄاڻجو، فرض، قرض ۽ مرض.

       ·ٽي شيون ھرگز نه ٽارجو، دعوت، تحفو، مشورو.

       ·ٽن شين کي ھر ڪو پنھنجو ڪري، صبر، رزق ۽ شڪر.

       ·ٽن شين کي سدائين پاڪ رکو: جسم، لباس ۽ خيالَ.

       ·ٽن شين کي سدائين ياد رکو، نعمت، احسان ۽ موت.

       ·ٽن شين کي ھميشه حاصل ڪيو، علم، اخلاق ۽ ھنر.

       ·ٽن شين کان پاسو ڪيو، ساڙُ، گِلا، چُغلي.

       ·ٽي شيون قبضي ۾ رکو، زبان، ڪاوڙ، نفس.

       ·ٽن شين لاءِ ويڙھه ڪيو، وطن، حَق، عزت.

       ·ٽي شيون  واپس نه ٿيون موٽن، حياتي، وقت ۽ جواني.

       ·ٽي شيون سنڀالي کڻو، قَدم، قَسم، قَلم.

***


 

خليل الله ميمڻ/ڪوٽڙي

ٽرڙائپ

بلاول ٻھراڙيءَ جو محنتي ۽ ڦڙتيلو ڇوڪرو هو. جيڪو هر ڪنھن سان خلوص ۽ عاجزيءَ سان پيش ايندو هو. جبار جيڪو بلاول جو ڪلاسي هو. پر هو بلاول سان نه ٺھندو هو. اڪثر پيو اجايو ڳالھائيندو هو پيو پاڻ پَڏائيندو هو ۽ پاڻ کي اسڪول جو دادا سمجهندو هو. اصل ۾ بلاول هڪ پڙهاڪُو شاگرد هو. اسڪول جي هر ڪم ۾ اڳڀرو رهندو هو. راند روند ۾ پڻ اسڪول جي اڳواڻي ڪندو هو. جيڪا ڳالھه جبار کي نه وڻندي هئي.

وقت جو وهڪرو پنھنجي رفتار سان وهندو رهيو. بلاول جي سليڪشن ڳوٺ کان ٻاهر ڪيڊٽ ڪاليج ۾ ٿي وئي. جتي هن دل لڳائي محنت ڪئي ۽ ڪيتريون ئي ڪاميابيون ماڻيون. سياري اُونھاري جي موڪلن ۾ ڳوٺ اچي پنھنجن يارن دوستن سان ملي سڄا حال احوال ڪندو هو. هڪ اونھاري جي ويڪيشن ۾ بلاول کي دوستن زور ڀريو، ته هلو ته هلون اڄ ’دادو ڪئنال‘ ۾ هلي وهنجون. بلاول ته تَرڻ جي مقابلن ۾ شامل ٿي ڪئي انعام کٽيا هئا. سو پنھنجي ڳوٺائين سان گڏ لھي پيو پاڻيءَ ۾.

جبار به سنگت ساڻ ڪري اچي ڪئنال تي پھتو. جبار به سٺو تارُو هو. پر هن ٽرڙائپ جو مظاهرو ڪندي ٽالھيءَ جي وڻن تي چڙهي پاڻ کي پاڻي ۾ اُڇلائي، بلاول تي رعب ڄمائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. هڪ گهڙي اهڙي آئي، جو جبار وڻ تان ٽپو ڏنو، ته پاڻيءَ ۾ پيٽ ڀر اچي ڪِريو ۽ ڌڪ لڳڻ سبب

نستو ٿي ٻُڏڻ لڳو. سندس دوستن وٺي رڙيون ڪيون، ته جبار ٻڏي رهيو آهي. بلاول اهو ٻُڌي تيزيءَ سان پاڻيءَ ۾ ٽُٻي هڻي، وڃي جبار کي پھتو ۽ پنھنجي تربيت جو عملي مظاهرو ڪندي، کيس مھارت سان پاڻي کان ٻاهر ڪڍيو ۽ پنھنجي پُٺيءَ تي اونڌو لڙڪائي ڪئنال جي ڪپر تي ڊوڙندو رهيو، ته جيئن جبار جي ڦڦڙن تائين پھتل پاڻي نڪري سگهي. پوءِ وڻ جي هيٺيان ليٽائي ڪجهه ساهه کڻايو. جنھن تي جبار هوش ۾ آيو ۽ کيس دوستن جي مدد سان کڻائي اسپتال پھچايو. جتان ضروري علاج ڪرڻ کان پوءِ کيس گهر ڇڏي آيو.

جبار جڏهن چڱو ڀلو ٿيو ۽ کيس اهو احساس ٿيو، ته مون ڪيترو ئي وقت بلاول کي اجايو ستايو. پر بلاول ته منھنجي جان بچائي مون تي احسان ڪري ڇڏيو. جنھن کان پوءِ جبار بلاول وٽ هلي آيو ۽ کائنس معافي ورتي. بلاول ته هڪ همدرد ۽ سٺو ڇوڪرو هو. هن ان وقت ئي جبار کي ڀاڪر پائي سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو. ائين ٻئي ڳوٺائي پاڻ ۾ پڪا دوست ٿي ويا.                   ***

اظھر آزاد مغل/شڪارپور

خانداني ميلو

جيئن ئي آءٌ ۽ منھنجو خاندان، ’خانداني ميلي‘ ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ حفاظتي چيڪ پوسٽ وٽان گذرياسين، منھنجي ماءُ مون کي خبردار ڪيو، ”منھنجو ھٿ نه ڇڏجانءِ ۽ اسان سان گڏ رھجانءِ.“ پر مون اُن تي ڪو ڌيان نه ڏنو.

آءٌ ماڻھن جو ھجوم ڏسي دھشت ۽ خوف ۾ مبتلا ٿي ويس. جيڪي مختلف اسٽالن ۽ کاڌن جو لطف وٺڻ لاءِ گڏ ٿيا ھئا. ماڻھو ٽھڪ ڏئي رھيا ھئا. خريداري ڪري رھيا ھئا ۽ تصويرون ڪڍي رھيا ھئا. جڏھن ته ڪٿي ڪوئي مختلف اسٽالن ۽ شين جي فروغ لاءِ مسلسل اعلان ڪري رھيو ھو. جڏھن ته مون کي ھن نظاري مدھوش ڪري ڇڏيو ھو. آءٌ خفي ٿي ويو ھوس. جيئن ئي منھنجا ماءُ ۽ پيءُ ھر اسٽال تان گهريلو سامان خريد ڪرڻ جي لاءِ رڪيا. پر انھن مان ڪا به شيءِ منھنجي لاءِ نه ھئي. پنجن منٽن جي وڏي جهڳ جهڳ ۽ بحث مباحثي ڪرڻ کان پوءِ،  اُھي اڳتي وڌيا ۽ ٻي اسٽال وٽ بيٺا. بيزار ۽ بيڪار ھجڻ ڪري، مون چوڌاري ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو ۽ ڪجھه اسٽالن جي مفاصلي تي مون کي ھڪڙو رانديڪن جو اسٽال نظر آيو. ان اسٽال جي موجودگي مون کي پُرجوش ۽ جذباتي ڪري ڇڏيو ۽ مون پنھنجي ماءُ کي چيو ، ”امان، ڇا اسان ان رانديڪن جي دڪان ڏانھن ھلون؟“

ماريه، مون توکي ڇا چيو ھو؟ تون منھنجي پاسي رھجانءِ ۽ ڪنھن به قيمت تي مون کي نه ڇڏجانءِ. جيئن ئي اسان ھتان وارو پنھنجو ڪم مڪمل ڪنداسين، اسان اوڏانھن ھلنداسين. منھنجي ماءُ دڙڪا ڏنا ۽ پنھنجو توجهه واپس اسٽال ڏانھن لڳائي ڇڏيو. جتي دڪاندار پنھنجي شيءِ جي بھترين خاصيتن جي وضاحت ڪري رھيو ھو. آءٌ بي صبري ٿي ويس ۽ دل ئي دل ۾ خيال ڪيو، ”آءٌ بلڪل ھينئراوڏانھن ڇو نه وڃان ۽ جڏھن اُھي ھتان واندا ٿيندا، ته ھليا ايندا.“ مون پنھنجي ماءُ کي ڇڏي ڏنو ۽ مڇريل ماڻھن جي ھجوم کان لتاڙجڻ کان بچڻ لاءِ اڳتي وڌيس. آءٌ رانديڪن جي دڪان تي پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. مون پنھنجو پاڻ کي رانديڪن جي دنيا ۾ مصروف ڪري ڇڏيو ۽ ائين مون کان ٻي ھر شيءِ وسري وئي. ڪجھه منٽن کان پوءِ ، مون کي پنھنجي والدين جو احساس ٿيو، جيڪي منھنجي ڀرسان نه ھئا.

منجھيل ۽ ذھني دٻاءَ جو شڪار، مون ھر پاسي نظر ڊوڙائي، پر انھن کي ڳولي نه سگهيس. اھو محسوس ڪندي، ته متان آءٌ انھن کي ڪڏھن به لھي نه سگهان ، منھنجي دل خوف سان ڀرجي وئي ۽ مون رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. مون ڏانھن نھاريندي ، سڀئي حيران پريشان ٿي ويا. اسٽال جي مالڪ اعلان ڪرايو. انھيءَ اعلان ۽ پڙھي جي ڪجهه ئي منٽن کان پوءِ، منھنجا والدين مون سان ملي ويا. آءٌ انھن کي ڏسي ھلڪي ٿيس ۽ مون کي ڏسي اھي پڻ. انھيءَ ڏينھن مون کي اھم سبق مليو، ته ٻار ھئڻ ڪري مون کي ماڻھن جي ڀريل ميڙ واري جاءِ تان ڪڏھن به پنھنجي والدين جو پاسو نه ڇڏڻ گهرجي.                             ***

علي محمد پلھه/ سانگهڙ

‎چورن مٿان مور

‎هڪ چورَ، گهوڙو چورائي آيو خيال ڪيائين، ته هو گهوڙي کي وڪڻي ڪجهه رقم حاصل ڪري. سو ان کي ڪاهي بازار ۾ آيو. تمام گهڻي دير کان پوءِ هڪ خريدار اچي گهوڙي جي رقم پڇي.

چور جيڪا رقم ٻُڌائي، خريدار ان تي راضي نه ٿيو. گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ هڪ قيمت تي ٻئي راضي ٿي ويا. ليڪن خريدار چيو، ته آءٌ گهوڙي جي قيمت ته هن وقت ئي ڏئي سگهان ٿو، پر گهوڙي ۾ ڪا ڪمي پيشي يا خرابي ته ناهي.

چور مالڪ جواب ڏنو، ته نه گهوڙو بلڪل تندرست ۽ صحيح آهي.

خريدار چيو، ته جيستائين آءٌ مطمئن نه ٿيندس، تيستائين تنھنجي ڳالھين تي اعتبار ڪيئن ڪندس. چور تنگ ٿي چيس، جيڪڏهن توکي منھنجي ڳالھين تي اعتبار ڪونھي، ته پوءِ جيئن تون چاهين پنھنجو اطمينان پورو ڪر.

خريدار چيو، ته هن جي چال ته صحيح آهي، هڪ پير کان منڊو ته نه آهي؟

‎چور چيو، ته مون توکي چئي ڇڏيو، ته تون پاڻ اطمينان حاصل ڪر. ڇو ته جيڪڏھن آءٌ جواب ۾ ها چوندس، ته تون مون تي اعتبار ڪونه ڪندين.

‎خريدار پنھنجا جُوتا لاهي، چور جي حوالي ڪيا ۽ چوڻ لڳو، چڱو ته تون منھنجا جُوتا سنڀال ته آءٌ گهوڙي کي ڊوڙائي ڏسان چور جُوتا پنھنجي سنڀال ۾ رکيا ۽ خريدار گهوڙي جي پُٺيءَ تي چڙهي گهوڙي کي هيڏانھن هوڏانھن گهمائڻ ڦيرائڻ لڳو. گهوڙو بلڪل صحيح ۽ تندرست هو. هڪ دفعي چڪر ڏئي چور کي ڌوڪو ڏئي گهوڙي کي اهڙي ته اڙِي هنيائين، جو گهوڙو هوا ۾ اُڏامڻ لڳو ۽ سوار سميت غائب ٿي ويو.

چور شام تائين خريدار جو انتظار ڪندو رهيو. پر جڏهن هو نھاري نھاري ٿڪو، تڏهن مايوس ٿي ويو، چيائين ته هن مون سان فريب ڪيو ۽ گهوڙو ڪاهي ڀڄي ويو ۽ هاڻي ڪڏهن به واپس نه ايندو. آخر هن ٻئي جوتا کنيا ۽ گهر ڏانھن واپس هلڻ لڳو. رستي ۾ ڪنھن پڇيس، ته ڀائو گهوڙو گهڻي ۾ وڪڻي آئين.

چور جواب ڏنس، ته جنھن قيمت ۾ ورتو هئم، ان ئي قيمت ۾ وڪڻيم. باقي هي جوتا نفعي ۾ مليا اٿم.

‎***


 

 غفار عباسي/ ڪنڊيارو

سچائيءَ جو انعام

پيارا ٻارو، اچو ته اوھان کي هڪ ڳالھه ٻڌايان. ھڪڙي ڳوٺ جي ننڍڙي اسڪول ۾ يوسف نالي هڪ هوشيار شاگرد پڙهندو هو. هو پڙهائيءَ سان گڏ سُٺن اخلاقن جي ڪري به سڀني جو پسنديده شاگرد هو. جيئن چوڻي آهي، ”ادب اخلاق انسان جو اصل زيور آهن.“

هڪ ڏينھن اسڪول جي موڪل ٿيڻ کان پوءِ، هو گهر ڏانھن وڃي رهيو هو. رستي ۾ کيس هڪ لفافو هٿ آيو. هن لفافو کوليو، ته ان ۾ ڪجهه ڏوڪڙ، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ اهم ڪاغذ هئا.

يوسف جي دوست چيو، ايترا ڏوڪڙ آهن، ڪنھن کي خبر به نه پوندي، پاڻ وٽ رکي ڇڏ.

پر يوسف وراڻيو، هي منھنجا ناهن. ڪنھن غريب يا ضرورتمند جا هوندا. ان کي ضرور پريشاني ٿيندي. امانت ۾ خيانت، ايمان جي گهٽتائي آهي. هن سڃاڻپ ڪارڊ تي لکيل ائڊريس موجب پرس جي مالڪ کي ڳولي لڌو. جڏهن مالڪ پنھنجو پرس ڏٺو، ته سندس چھري تي خوشي ڇانئجي وئي. هن چيو، مون ته سمجهيو هو، ته منھنجا سڀ ضروري ڪاغذ ۽ پئسا وڃائجي ويا. جيڪي ڪڏهن به نه ملندا. واهه يار سچ چوندا آھن، ته سچو ماڻھو، سون کان به وڌيڪ قيمتي هوندو آهي. هن يوسف کي انعام ڏيڻ پئي چاهيو، پر يوسف ادب سان چيو، مون پنھنجو فرض ادا ڪيو آهي. ’نيڪي ڪر، درياهه ۾ وجهه.‘ سچائيءَ جو سڀ کان وڏو انعام انسان جي عزت ۽ ضمير جي خوشي آهي. ٻئي ڏينھن اهو شخص اسڪول پھتو ۽ سڀني شاگردن آڏو يوسف جي ايمانداريءَ جي ساراهه ڪئي. هيڊماستر صاحب به يوسف کي شاباس ڏني ۽ چيو، قوم جا سچا ۽ ايماندار ٻار ئي مستقبل جا بھترين شھري بڻجي سگهن ٿا. جھڙو ٻج پوکبو، تھڙو ڦل ملندو.

ان ڏينھن کان پوءِ اسڪول جا ٻيا شاگرد به اهو عمل ڏسي پڪو پھُه ڪرڻ لڳا، ته هو هر حال ۾ سچائي، ايمانداري ۽ امانتداريءَ جو دامن نه ڇڏيندا. ان ڳالھه جو سڄي اسڪول جي شاگردن تي ان جو اثر ڇانئجي ويو. هڪ چڱي عمل سان سوين دلين ۾ نيڪيءَ جو ڏيئو ٻري سگهي ٿو.

پيارا ٻارؤ! سچائي ۽ ايمانداري انسان جو سڀ کان وڏو سرمايو آهن، جيڪي کيس هميشه عزت ۽ ڪاميابي ڏيارين ٿا. اوهان به اميد ته ايمانداريءَ جي آڱر نه ڇڏيندؤ. مشھور چوڻي آھي ته: ”سچ جي ٻيڙي لُڏي ته سگهي ٿي، پر ٻُڏي ڪڏهن به نه ٿي.“ ايماندار ۽ صالح ڪردار هئڻ سبب ماڻھوءَ جي مثالي شخصيت بڻجي وڃي ٿي. ياد رکو، ”جيڪو سچ جو ساٿي هوندو، سو سڀني جي دلين ۾ جاءِ ٺاهيندو.

***

فرمان علي خاصخيلي/آراضي

شهيد عبدالله

دوستي مون به ڏٺي آهي، پر دوستي هجي ته انور ۽ عبدالله جھڙي. انور ۽ عبدالله ٻئي هڪ ڳوٺ ۾ رهندا هئا. گڏ پڙهندا هئا، اسڪول ٽائيم کان پوءِ هو شام جو وري ملندا هئا. ڪڏهن شام جو ڪرڪيٽ راند تي ويندا هئا، ته ڪڏهن اوطاق تي ويھي ڪچھري ڪندا هئا. وقت گذرندو رهيو انور ۽ عبدالله به اچي جوان ٿيا. اسڪول کان ڪاليج تائين پڙهائيءَ جو سفر به ختم ڪيائون. هاڻي هنن ٻنھي کي رڳو روزگار جي تلاش هئي.

هاڻي ڳوٺ ۾ جيڪا به چوري ٿيندي هئي، چوندا هئا، اها چوري يا انور ڪئي آهي يا عبدالله، ٻئي چور آهن. عبدالله کي پنھنجو پيءُ به چوندو هو، چوري ٿو ڪرين! منھنجي گهر نه ايندو ڪر. پوءِ عبدالله گهر کان ٻاهر هڪ امام بارگاهه ۾ سُمھندو هو.

هڪ ڏينھن هنن ٻنھي جو خيال ٿيو، ته اڄ قلندر لال شھباز جي زيارت ڪري اچون. پاڻ ۾ پروگرام ٺاهي انور ۽ عبدالله سيوهڻ روانا ٿيا. اتي سيوهڻ ۾ پاڪ آرمي جي ڀرتي به هلي رهي هئي. انور ۽ عبدالله ٻئي اندر سينٽر ۾ داخل ٿيا. اُتي هنن جي ٽيسٽ ورتائون. ان ٽيسٽ ۾ عبدالله جي سليڪشن ٿي. انور جي سليڪشن نه ٿي سگهي هن جو قد ڪجهه گهٽ هو.

خير! انور چيو عبدالله کي تنھنجي سليڪشن ٿي وئي آهي، تون هليو وڃ، وڃي آرمي جوائن ڪر. جڏهن عبدالله گهر موٽي آيو، ته پنھنجي امڙ کي چيائين، ته امان منھنجي پاڪ آرمي ۾ سليڪشن ٿي وئي آهي. مون کي ڪجهه پيئسا کپن. عبدالله جي امڙ اها ڳالھه ٻُڌي خوش ٿي خوشيءَ مان ڪجهه پئسا عبدالله کي ڏنا عبدالله هليو ويو.

عبدالله جي وڃڻ کان پوءِ انور به مزدوري ڪرڻ لڳو. آهستي آهستي وقت گذرندو رهيو. عبدالله به پاڪ آرمي ۾ حوالدار جي پوسٽ تي اچي پھتو. جڏهن به عبدالله ايندو هو، ته اچي ڳالھيون ٻُڌائيندو هو. آرمي جون ڳالھيون ٻُڌڻ ۾ مزو ايندو هو ۽ چوندو هو، ته توهان به وڏا ٿي پاڪ آرمي جوائن ڪجو. پنھنجي پاڪستان وطن جي حفاظت ڪجو. سندس کي به وڏو جنون هو، ته آءٌ شھيد ٿيان. ٿيو به ائين انور ۽ عبدالله گڏ چانھه پي رهيا هئا، ته اتي عبدالله چيو انور کي، يار انور اڄ آخري دفعو توسان چانھه ٿو پيان. وري آءٌ اڳئين دفعي پيتيءَ ۾ بند ٿي شھيد ٿي ايندس ڏسجاءِ.

انور چيو عبدالله کي يار ربّ پاڪ توکي حياتي ڏيندو. اڄ به مون کي اها ڪاري رات ياد آهي، جڏهن مسجد ۾ اعلان آيو، ته عبدالله باڊر تي دشمنن سان وڙهندي وڙهندي شھيد ٿي ويو آهي. جڏهن اهو اعلان ڳوٺ وارن ٻُڌو، ته سڀ حيران ٿي ويا ته عبدالله شھيد ٿي ويو. صبح جو سڀني ڳوٺ وارن کي انتظار هو، ته پاڪ آرمي جي گاڏي ڪيڏي محل ٿي اچي. شھيد عبدالله جي باڊي، مجهند جا ٻه ٿيا، ته گاڏي به اچي وئي. جڏهن عبدالله جو چھرو ڏٺو، اسان ڳوٺ وارا سڀ روئي پياسين. مٽن مائٽن دوستن کي فخر ٿيو.

هي اهو عبدالله هو. جنھن کي ڳوٺ وارا چور چور چوندا هئا ۽ نفرت ڪندا هئا، اڄ عبدالله هڪ اهڙو اعزاز حاصل ڪيو، جو ڳوٺ وارن کي روئاڙي ڇڏيائين ۽ پنھنجي خاندان ۾ جام شھادت جو تحفو ماڻيائين. جڏهن عبدالله کي پاڪ آرمي سلامي ڏئي دفنايو، ته ان جي والد صاحب روئي چيو، ته عبدالله مون کي توتي فخر آهي ۽ تون چور نه پر هڪ اهڙو ھيرو آهين، جنھن جو ڪو مُلھه ناهي.

انور اڄ ڏينھن تائين عبدالله جي قبر تي شام جو روز ڏيئو ٻاريندو آهي ۽ اُداس اکين سان قبر کي ڏسندو آهي ۽ چوندو آهي، ته يار عبدالله تو کي ته آءٌ بي وفا به چئي نٿو سگهان.

***


 

مستقيم محمد علي ڪوريجو/ڪراچي

سهڻا سخن

سنڌي ادب جا مختصر سوال جواب

سوال: ”تنقيدون ۽ تجزيا“ جو مصنف ڪير آهي؟

جواب:  پروفيسر نذير احمد سومرو.

سوال: ٻارن لاءِ ”ڌرتي تارا“ ڪنھن لکيو؟

جواب: نثار بزمي.

سوال: ”آچر جا احوال“ ڪنهن جي شاعريءَ جو مجموعو آهي؟

جواب: ادل سومرو.

سوال: ” نيٺ گونگي ڳالھايو“ ڪنھن لکيو؟

جواب: امر جليل.

سوال: ڪتاب ”وحدت نامو“ جو مصنف ڪير آهي؟

جواب: قادر بخش بيدل.

سوال: شاھ ڪريم جو جنم ڪھڙي شھر ۾ ٿيو؟

جواب: مٽياري ۾.

سوال: ڪتاب ”شاھ سچل ۽ سامي“ ڪنھن لکيو؟

جواب: محمد ابراهيم جويو.

سوال: حمل فقير جا وڏا اصل ڪٿان جا هئا؟

جواب: ديرو غازي خان جا.

سوال: ”دل ته چوي ٿي“ ڪنھن جي شاعر جو مجموعو آهي.

جواب: مشتاق ڦل.

***
وفا گل محمد جمالي/شھدادڪوٽ

وعدي جي پاسداري

گهڻو وقت اڳ جي ڳالھه آهي، ته ڪوهه قاف جي جبلن جي دامن ۾ هڪ خوبصورت ڳوٺ آباد هو. جنھن جو نالو ”گلن جو ڳوٺ“ هو. ان ڳوٺ جي ٻاهران هڪ جهوپڙيءَ ۾ دادا رحيم نالي هڪ بزرگ رهندو هو. جيڪو پنھنجي ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ لاءِ سڄي علائقي ۾ مشھور هو. سندس هڪ ننڍڙو دوست هو، جنھن جو نالو عمر هو. عمر هڪ هوشيار ۽ بھادر ٻار هو. جيڪو اڪثر دادا رحيم وٽ ويھي پراڻيون ڪھاڻيون ٻڌندو هو.

هڪ ڏينھن دادا رحيم سخت بيمار ٿي پيو. هن کي محسوس ٿيو، ته هن جي عمر هاڻي پوري ٿيڻ واري آهي. هن پنھنجي صندوق مان هڪ ننڍڙي، چمڪندڙ ڪاٺ جي دٻي ڪڍي ۽ عمر کي سڏي چيو: ”پٽ عمر! منھنجي زندگي جو آخري وقت ويجهو آهي. هن دٻيءَ ۾ هڪ خاص ٻج آهي، جيڪو منھنجي اباڻي وطن جي هڪ خاص گل جو آهي. مون پنھنجي ڀاءُ سان واعدو ڪيو هو، ته هي ٻج سندس ڳوٺ پھچائيندس، جيڪو هتان کان تمام پري ’واديءَ جي ڳوٺ‘ ۾ آهي. جيڪڏهن اهو ٻج هن موسم ۾ نه پوکيو ويو ته اها ناياب نسل ختم ٿي ويندي. ڇا تون منھنجو هي واعدو پورو ڪندين؟“

عمر هڪ پل لاءِ سوچيو. واديءَ جو ڳوٺ ڏکيو رستو هو. جنھن ۾ گهاٽا ٻيلا ۽ اوچا جبل هئا. پر هن دادا جي اکين ۾ ڏٺو، جيڪي اُميد سان ڀريل هيون. هن پنھنجو مٿو لوڏيو ۽ چيو: ”دادا، مان توهان جو واعدو ضرور پورو ڪندس. توهان فڪر نه ڪريو.

عمر ٻئي ڏينھن صبح جو سوير نڪري پيو. هن دٻي کي پنھنجي ڪمربند سان مضبوطيءَ سان ٻڌي ورتو. سفر جو پھريون ڏينھن سٺو گذريو، پر ٻئي ڏينھن موسم تبديل ٿي وئي. آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا ۽ زوردار مينھن وسڻ لڳو. واٽون چِڪَ ٿي ويون ۽ هلڻ ڏکيو ٿي پيو. عمر ٿڪجي پيو هو ۽ وسوسا هن جي دل ۾ اچڻ لڳا، ته شايد هو واپس هليو وڃي. پر پوءِ کيس دادا رحيم جا چيل لفظ ياد آيا: ”وعدو هڪ قرض آهي، جيڪو انسان جي شان کي ظاهر ڪري ٿو.“ هن همت نه هاري ۽ اڳتي وڌندو رهيو.

ٽئين ڏينھن عمر هڪ اهڙي دڪان وٽان گذريو، جتي هڪ واپاري ويٺو هو. جڏهن واپاريءَ کي خبر پئي، ته عمر وٽ ڪا قيمتي شيءِ آهي (هن کي لڳو ته دٻيءَ ۾ سونا سِڪا آهن)، ته هن عمر کي لالچ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. واپاري چيو، ”ٻارڙا! هي دٻي مون کي ڏئي ڇڏ، مان توکي ايترا پئسا ڏيندس جو توکي عمر ڀر ڪم ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي. هيءَ خطرناڪ سفر ڇو ٿو ڪرين؟“

عمر مُسڪرائيندي جواب ڏنو، ”سيٺ صاحب! هي دٻي مون وٽ امانت آهي. منھنجو واعدو پئسن کان وڌيڪ قيمتي آهي. جنھن جي امانت آهي، ان تائين پھچائڻ ئي منھنجو فرض آهي.“ واپاري حيران ٿي ويو ۽ هن کي وڃڻ ڏنائين.

آخرڪار، ستن ڏينھن جي ٿڪائيندڙ سفر کان پوءِ، عمر دادا جي ڳوٺ پھتو. اتي جا ماڻھو اُداس هئا، ڇاڪاڻ ته سندن زمينون بنجر ٿي چڪيون هيون. عمر دادا رحيم جي ڀاءُ کي ڳولي لڌو ۽ کيس اها دٻي ڏني.

جڏهن ان پوڙهي ماڻھوءَ دٻي کولي، ته هن جون اکيون ڀرجي آيون. هن ٻج کي چُمي ڏني ۽ چيو: ”اسان سالن کان هن ٻج جو انتظار ڪري رهيا هئاسين. تو نه رڳو منھنجي ڀاءُ جو واعدو پورو ڪيو آهي، پر هن سڄي علائقي کي نئين زندگي ڏني آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ، اهي ٻج پوکيا ويا ۽ اتي اهڙا گُل ٽڙيا جن جي خوشبوءِ سڄي واديءَ کي مُعطر ڪري ڇڏيو. اهو ڳوٺ وري خوشحال ٿي ويو. جڏهن عمر واپس پنھنجي ڳوٺ پھتو، ته کيس خبر پئي، ته دادا رحيم وفات ڪري چڪو آهي. عمر کي ڏک ته ٿيو، پر کيس اطمينان هو، ته هن پنھنجي واعدي جي پاسداري ڪئي هئي. سڄي ڳوٺ ۾ عمر جي بھادريءَ ۽ ايمانداريءَ جا چرچا ٿيڻ لڳا.

***

 


 

شاداب حسين علوي /هالا نوان

سهڻا سخن

       ·جيڪڏهن ٻار ننڍو آهي، ته کيس اخلاق جون ڳالھيون نه ٻُڌايو، صرف ان کي هڪ رانديڪو ڏيو، ٻار جي اھا ئي سندس سڄي دنيا آهي.

       ·اُستاد کي علم نه سيکاريو، عزت ڏيو، ڇو ته عزت ئي سندس سڀ کان وڏو انعام آھي.

       ·پنھنجي سَسُ کي طعنا نه ڏيو. بلڪ عزت احترام ۽ محبت سان ڳالھايو. ڪاوڙ ڪروڌ پاڻھي ختم ٿي ويندو.

       ·پنھنجي مڙس کي پنھنجو مسئلو ڪاوڙ نه بلڪ سُڪون ۽ پيار سان سمجھايو، ڇو ته سندس دنيا دليل سان نه پر سُڪون سان هلندي آھي.

       ·پنھنجي زال کي ھيرن جي تحفظ ڏيڻ بجاءِ، اُن کي عزت احترام سان گڏ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي. اوھان جي زال ”گھرواريءَ“ جي دل اوهان جي وقت ڏيڻ سان روشن ٿيندي آھي.

       ·اوھان پنھنجي نوڪر يا ملازم کي حڪم نه بلڪ عزت ۽ سُٺي پگھار ڏيندا، ته هُو وفادار ٿي ويندو.

       ·اوھان جي پنھنجي دوست کي تحفن بجاءِ، صرف اُن کي پنھنجو ڀروسو ڏيو. جيڪو سچي دوست جي ضرورت آھي.

***


 

ندا ساحل (ڪلاس 12) گورنمينٽ گرلس هائير سيڪينڊري اسڪول شاهپورچاڪر

محنت يا قسمت

هڪ وقت جي ڳالھه آهي، هڪ ڇوڪري جيڪا پنھنجي ماءُ پيءُ ۽ ننڍي ڀيڻ سان گڏ شھر ۾ خوش رهندي هئي. اهي ٻئي ڀيڻون هڪ ئي ڪلاس ۾ پڙهنديون هيون. سارا وڏي هئي ۽ زارا ننڍي هئي. زارا ڏاڍي خوش مزاج ۽ کلندڙ ڇوڪري هئي. جڏهن ته سارا  پنھنجي پاڻ ۾ ئي مگن رهڻ واري هوندي هئي. سارا جا خواب به ڏاڍا وڏا هوندا هئا.  پر هوءَ محنت کان پري ڀڄندي هئي. ننڍي ڀيڻ زارا تمام گھڻي محنت ڪندي هئي. پنھنجي خوابن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ محنت ڪندي رهندي هئي. هوڏانھن سارا هر ڪم دير سان ڪندي هئي ۽ اسڪول جي ٽيسٽ ۾ زارا کي محنت ڪندي ڏسندي ۽ چوندي هئي، ته ايتري پڙهڻ مان ڪھڙو فائدو؟ جڏهن ته ٿوري پڙهڻ سان به ڪاميابي ملي ويندي آهي. ائين ڪندي ڪندي اهي ٻئي ٻارهون ڪلاس پاس ڪري ڇڏينديون آهن ۽ نتيجو آيو. ڏسندا آهن، ته سارا جا نمبر زارا کان سُٺا ايندا آهن. انھيءَ تي سارا چوندي آهي، ته ڏس آئون چوندي هيس نه، ته بغير محنت جي به ڪاميابي ملندي آهي.

اهو ڏسي زارا مايوس ٿي ويندي آهي. مگر پوءِ به ان کي ائين لڳندو هو، ته محنت جو اجر دير سان سھي، پر ملندو ضرور آهي. بلڪ ٻئي پاسي سارا جي رزلٽ ان جي دل ۾ وڏو جذبو پيدا ڪري ڇڏيو، ته وڌيڪ محنت نه ڪرڻ گھرجي. ائين ئي ٻئي پنھنجي سوچن ۾ هلنديون رهيون ۽ نيٺ فائنل ٽيسٽ ويجھو اچي وئي. سارا محنت ڪرڻ کان پري ڀڄڻ لڳي. جڏهن ته زارا وڌيڪ محنت ڪرڻ لڳي. ائين ئي ٽيسٽ جو ڏينھن اچي ويو ۽ ٻئي ٽيسٽ ڏيڻ ويون. سارا وري زارا کي چيو، ته ڏينھن رات ڪتابن ۾ رهندي آهين، پر ڏسجان ته هن واري به منھنجي رزلٽ سڀني کان سُٺي ايندي. زارا انھن ڏينھن وانگر اڄ به چُپ هئي ۽ نتيجي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي. جڏهن رزلٽ آئي خبر پئي، ته هن دفعي زارا جي محنت، اُن جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هوءَ سُٺن نمبرن سان پاس ٿي وئي آهي. اهو ڏسي زارا ڏاڍي خوش ٿي ۽ سارا کي جڏهن ڀيڻ هر وقت اهو چوندي هئي، ته قسمت هر وقت ساٿ نه ڏيندي آهي، محنت ڪرڻ ضروري آهي، قسمت هڪ چڪر تنھنجو ساٿ ڏنو، پوءِ تو محنت ڪرڻ ڇڏي ڏني. اهو ٻُڌي سارا کي شرمندگي محسوس ٿئي ٿي ۽ اندر مان ٽُٽي وئي. سوچي رهي هئي، ته ڪاش آءٌ وقت تي پڙهان ها! پوءِ ان کي سڄي ڳالھه سمجھه ۾ اچي وئي، ته قسمت هر وقت ساٿ نٿي ڏئي.  قسمت تڏهن ساٿ ڏيندي آهي، جڏهن ڪو محنت ڪندو آهي. پوءِ ان جي والدين کين حوصلو ڏنو ۽ سمجھايو، ته اڃان تو وٽ ٽائيم آهي تون محنت ڪري ٽيسٽ پاس ڪري سگھين ٿين، سارا سوچي ڇڏيو، ته هاڻي آءٌ محنت ڪنديس ۽ ٻئي دفعي ٽيسٽ ۾ ضرور پاس ٿينديس. پوءِ هن محنت ڪئي ۽ محنت سان ٽيسٽ پاس ڪيائين.

پيارا ٻارؤ! هن ڪھاڻي مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو، ته قسمت هميشه ساٿ ان جو ڏيندي آهي، جيڪو محنت ڪندو آهي. سو اسان کي به گھرجي، ته اسان وقت سر محنت ڪري امتحانن ۾ ڪاميابي ماڻي پنھنجي ماءُ پيءُ ۽ وطن عزيز جو نالو روشن ڪريون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org