سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل آگسٽ 2025ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: نجمه پنهور

 

شاهه جو پيغام

[18]

اَکِينِ اَدَبُ ڇَڏِئو، ڪوجها نَظَرَ ڪَنِ

کَرَنِ ساڻُ کِلَنِ، پييُون وَهِ وَرَنِ سين.

سمجهاڻي: اکين پنھنجو ادب (حياءُ شرم) ڇڏي وڃي (غيرن) بڇڙن ۽ بد خواهن سان نظر ملائي آهي. دشمنن ۽ غيرن سان پيون کلن ۽ خوش ٿين ۽ پنھنجن ورن (سڄڻن) سان سامھيون (بي ادب) ٿي بيٺيون آهن ۽ انھن سان ضد (مخالفت ۽ مقابلي وارو رخ) پيون ڪن.

[19]

اَکِيُون تان عيدَ، ڪانِھي عِيدَ اَکِيَنِ ري

خوشي ۽ خَريدَ، ويئي ويچارِينِ وِسَري.

سمجهاڻي: اکين سان ئي عيد (خوشي ۽ مزو) آهي (جڏهن اهي محبوب جو ديدار ڪن.) اکين کان سوءِ عيد (محبوب کي ڏسڻ کان سواءِ) ڪيئن ٿي سگهي ٿي. (جنھن صورت ۾ اکين کي محبوب سان ملڻ جو ڪو آسرو ڪونھي.) اکيون ويچاريون بيحال ٿي پيون آهن، ۽ کانئن (عيد واري) خوشي ۽ خريداري وسري وئي آهي.

[20]

اَکِين مون نه وَھيڻيُون، اکيون پنھنجيءَ مَتِ

اُتي وَڃي اَٽَڪِيُون جِتي جَانِ کَپَتِ

نَڪا ڳالھه نه ڳَتِ، جِيءَ ڏنِي رِءَ نه جُڙي.

سمجهاڻي: اکيون منھنجي هٿ وس ناهن، اهي پنھنجي سوچ ۽ ارادي واريون آهن، اُهي اُتي وڃي اڙيون آهن جتي پاڻ کي قربان ڪرڻو پوي ٿو. اتي ڪو دليل يا بھانو ڪونه ٿو هلي، بلڪ ساهه صدقي ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو حل ڪونھي.

[21]

اَکِڙينِ آرو، مُونھان پُڇِي نه ڪِئو

اُتي وَڃي اَڙِيُون جِتِ چَوَڻُ نه چارو

هَنِيَڙو ويچارو، واٽون جهَلِئو وِنجهُلي.

سمجهاڻي: اکين مون کي ٻُڌائي، محبت ڪانه ڪئي. اتي وڃي ڦاٿيون آهين جتي ڳالھه ٻولھه يا منٿ ميڙ جي به گنجائش ڪانھي. (هاڻي نتيجي طور) منھنجي دل محبوبن جي واٽن تي بيٺي نھاري ڏکن سورن ۾ پئي ڳري ۽ جهڄي.

[22]

وَسَنِ ۽ وِھُسَنِ، ڏينھاڻِي ڏِسَڻَ لَئي

جِئن جِئن پِرين پَسَنِ، تِئن تِئن نَشا نِينھَن جا.

سمجهاڻي: محبوب کي روز ڏسڻ لاءِ اکيون ڪڏهن ڳوڙها پيون ڳاڙين ته ڪڏهن وري ڏاڍيون خوش پيون لڳن. پر جيترو گهڻو محبوب جو ديدار ڪن ٿيون ته اوترو ئي محبت ۾ مست (ڳاڙهيون) ٿي وڃن ٿيون.

[23]

وَسَنِ ۽ وَھُسَنِ، ڏِينھاڻِي ڏِسَڻ لَئِي

ڏِسِي ڏِسِي آئِيُون، توءِ تلاَشُون ڪَنِ

ڍايُون نه ڍاپَنِ، ڪا جا اُڃ اَکِينِ کي!

سمجهاڻي: محبوب جي ديدار خاطر روزانو اکيون ڪڏهن لڙڪ پيون لاڙين ته ڪڏهن وري گهڻو خوش پيون ٿين. جيتوڻيڪ محبوب کي هر هر پيون ڏسن پر تنھن هوندي به پيون نھارين ۽ جهاتيون پائين. اکين کي اهڙي ڪا پياس آهي جو ڍئو ڪندي به نٿيون ڍاپن.

شاهه جو رسالو

]سُر ’آسا‘ داستان ٻيو. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سمجھاڻي ۽ مفھوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ:  سنڌي ادبي بورڊ[

 

عزير احمد ’عزير‘ علوي/شڪارپور

حمّد

بگڙيل سڀ جي پاڻ سنواري،

ٻُڏندڙ قسمت کي پڻ تاري.

 

مھر ڪري ٿو سڀ تي مالڪ،

ڪنھن کي در تان ڪِين ڌڪاري.

 

ڪِين سُمھاري ڪنھن کي بُک تي،

رازق ڏي خود رزق سنڀاري.

 

پاڻ ونڊي ورھائي ڏي الله،

ڪنھن ٻانھي کي ڪِين وساري.

 

ربّ جي بلڪل اعليٰ صفت آ،

پاڻ کارائي پاڻ پياري.

 

ھر دم ڏک ۾ ڪو نه رھائي،

سڀ تان پاڻ مصيبت ٽاري.

 

حيوان پکي انسانن کي،

پاڻ جياري توڙي ماري.

 

علم عقل رحمان ڏنو آ،

حمّد ’عزير‘ لکِي جيئن ساري.
 

امداد ’عاجز‘ نصيراڻي/ شڪارپور

نعت

نبي نرمل سخي سرور سيد سردار مدني آ،

مٺو محبوب سو منور نبي ننگدار مدني آ.

 

ڪفر جا ڪوٽ سڀ ڪيري ڪيو واقف شريعت کان،

سڄي عالم سَندو رهبر دلي دلدار مدني آ.

 

ڪئي عربي ختم اوندھه ٿيو روشن سمورو جڳ،

سِڌي هر واٽ ڏيکارِي مـٺي مھندار مدني آ.

 

گُهمي سـائين عرش آيو، ويو ڪوئي جتي ناھي،

نبي ڪيئي مگر اعليٰ پرين پڳدار مدني آ.

 

سھارو بي سھارن جـو غريبن ۽ نِماڻن جو،

ڀَلارو ڀَرجهلو دلبر يتيمن يار مدني آ.

 

ڪري ’امداد عاجز‘ ڇا ڪندو واکـاڻ محمدﷺ جي،

وڏو آ شانُ عربي جــو مُحـب مـنٺار مدني آ.

امداد سروري/آراضي سيوهڻ

سرسبز پرچم

سبز پرچم ٿو هر هنڌ نظر اڄ اچي،

کڻي هٿ ۾ جهنڊو ٻار هرڪو نچي،

ٿو جذبو محبت جو منَ ۾ مچي،

هھڙي محفل ڏسي پيار پلَ ۾ پچي،

مان به ٻارن سان گڏجي ته نچندو رهان،

دل چوي ٿي وطن لاءِ لکندو رهان.

 

جنھن ڌرتيءَ تي ماڻھو ڄمي ۽ مري،

انھيءَ ڌرتيءَ جي ماڻھن کي پنھنجو ڪري،

کڻي هٿڙا وطن لاءِ دعائون گهري،

ڪين پنھنجي وطن کان ٿئي ڪو پري،

مان به ٻارن سان گڏجي ته نچندو رهان،

دل چوي ٿي وطن لاءِ لکندو رهان.

 

ٻار منھنجي وطن جا گهٽين ۾ رُلن،

ڪيو ڪوشش اوهان وانگي هو ڀي پڙهن،

هو روئن پيا اسان پيا ملھايون جشن!

تن کي پنھنجو ڪيون هو اسان سان نچن،

کڻي ڪڇ تي مان تن کي کلندو رهان،

دل چوي ٿي وطن لاءِ لکندو رهان.

 

لوڀ لالچ نه ڪنھن وٽ ڪا نفرت هجي،

هر طرف هر قدم تي ته محبت هجي،

رڳو امُنَ ۽ ڀائيچاري جي دولت هجي،

هٿُ هٿَ ۾ هجي اهڙي طاقت هجي،

ڏُک غريبن يتيمن جا ٻُڌندو رهان،

دل چوي ٿي وطن لاءِ لکندو رهان.

 

ميرو ڪپڙو نه ڪنھنجي بدن تي هجي،

هرڪو خوشحال پنھنجي وطن ۾ هجي،

گهڻي خوشبو گُلن ۽ چمن ۾ هجي،

بس سچائي اسان جي ڪمن ۾ هجي،

گيت پنھنجي وطن جا مان پڙهندو رهان،

دل چوي ٿي وطن لاءِ لکندو رهان.

 

اڄ منھنجي وطن جو ٿيو آ جنم،

ملي منزل ملايون قدم سان قدم،

سڀ دعائون گهرون ٿين دشمن ختم،

لال سائين به پنھنجو ڪندو شل ڪرم،

روز روضي ۾دعائون مان گهروندو رهان،

دل چوي ٿي وطن لاءِ لکندو رهان.

 

اڄ وطن جو ترانو مان ڳائي نچان،

هھڙيون خوشيون مان هرسال هر هر ڏسان،

مان پنھنجي وطن لاءِ ڇاڇا لکان،

سچ ’امداد سروري‘ ٿو دل سان چوان.

قوم جي ٻارن سان گڏ مان هلندو رهان،

دل چوي ٿي وطن لاءِ لکندو رهان.

شوڪت جوڻيجو/لاڙڪاڻو

جھنڊو پاڪستاني

پاڪستان جو جهنڊو پيارو آهي،

هي ٻن رنگن وارو آهي،

رنگ ڏاڍو هن جو وڻندڙ آهي،

دل کي خوب سوڀيندڙ آهي.

 

چمڪندو جنھن ۾ تارو آهي،

پاڪستان جو جهنڊو پيارو آهي،

سائو اڇو آ سندس جو رنگ،

ڏسي سڀ ڪو رهي ٿو دنگ.

 

ٻين جهنڊن کان نيارو آهي،

پاڪستان جو جهنڊو پيارو آهي،

قومي غيرت جي آهي نشاني،

اچو ته ڏيون وطن لاءِ قرباني.

 

سونھن سندو هي سوڀارو آهي،

پاڪستان جو جهنڊو پيارو آهي،

ڦڙڪندي جڏهن ’شوڪت‘ آ ڏسندو

ان وقت هي خوب آ جهومندو،

 

سڀني لڳايو نعرو آهي،

پاڪستان جو جهنڊو پيارو آهي

هي ٻن رنگن وارو آهي.

نواب خاتون ويسر/ ٺري ميرواھه

قرآن پاڪ

بيشڪ ڀلارو ۽ سونھارو آهي قرآن،

نصيحتن سان ڀريل سارو آهي قرآن.

 

انسانيت جي هي عظمت ٿو ٻُڌائي،

سڀني جو سراسر سھارو آهي قرآن.

 

هيءُ پاڪ نبي سائينءَ تي نازل ٿيو،

سڀ لاءِ رهنمائيءَ وارو آهي قرآن.

 

ٻانھن ۽ خدا جي حقن جا ڏس ڏيئي،

سبقن سان ڀرپور هر سيپارو آهي قرآن.

 

اچو سُٺين نصيحتن تي عمل ڪريون،

اندر کي روشن ڪندو ٻارو آهي قرآن.

***


 

    بيخود بلوچ/پنوعاقل سکر

نرالا ٻار

مُرڪن روز نرالا ٻار،

نيڻ نه ڪن شل آلا ٻار.

 

شل نه ٿين غمگين اُھي،

مَھڪن گل رنگين اُھي.

 

ٻالڪ آهن سونھن جو نانءُ،

ڏسي انھن کي ٺَري ٿو ھانءُ،

 

علم انھن جي آهه سُڃاڻ،

حاصل ڪن شل ڪم جي ڄاڻ.

 

ڪِين ڏسن شل ڪُوڙ جو پار،

رھي سچن سان تن جو پيار.

 

ڪِين ٿين اسڪول کان دُور،

چاھن ڏاھپ ڏات شعور.

 

مولا کين ڪري ڪامياب،

’بيخود‘ جو ھي آھي خواب.

 

محمد ياسين ڪنڀر/سلطانپور/پنوعاقل

ٿَرُ

ٿر تي ٿيو آ وسڪارو،

ٿي پيو آ ٿر سونھارو.

 

سائي چادر اوڍي آ،

سبز ٿيو آ ٻني ٻارو.

 

ولين جي واس سان واسيو ٿر،

خوشبوءِ کٿوري ٿيو چارو.

 

وڍ وڇوڙي جا ڀرجي ويا،

رونق آئي آ ٻارو.

 

ڪارونڀار ھي ڪڪرن جا،

جُهڙ سان ٿيو آ اُڀ ڪارو.

 

خوشحالي آسودگي آ،

ساوَڪ ٿر ٿي ويو سارو.

 

ڏک ڏولاوا ڏور ٿيا،

ميھا چڀڙَ ڦُٽا يارو.

 

کِنوڻين جا کِڄڪاٽ ٻُڌي،

سانگين آھي ھنيو نعرو.

 

لاڙ اُتر ڪاڇو مَھڪيو،

رات جو چمڪيو چنڊ تارو.

 

وسي ته ٿر نه ته بر جو بر،

سچ ’ياسين‘ چيو يارو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org