سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل آگسٽ 2025ع

باب:

صفحو:2 

صوفي عبدالقيوم جکراڻي/ جيڪب آباد

سچ ڳالهايو

پيارا ٻارو سچ ڳالھايو،

سچ ڳالھائي، عزت پايو.

 

سچ چوڻ ۾، عزت آھي،

ڪُوڙ کان پاڻ کي بچايو.

 

سچو ٻار سڀن کي پيارو،

سچ سان ئي شانُ وڌايو.

 

ڪُوڙ وڏي هڪ آھه بُرائي،

انھي بُرائيءَ کان لنوايو.

 

سچ سدائين سوڀارو آ،

سچ جا هر جاءِ عَلم اڏايو،

 

’قيوم‘ ڪُوڙان ڪريو پاسو،

ڪُوڙ ڳالھائڻ کان ڪيٻايو.

 

’صوفي‘ بڻجي صاف سدائين،

چھرو پنھنجو، پيا چمڪايو.

اويس ساگر/سکر

سنڌي ٻولي

سنڌي ٻولي شاد رهي،

سنڌي ٻولي آباد رھي.

 

نشاني آهي ”شاھه رسالو“،

سُھڻن بيتن وائن وارو.

 

تنھنجي ٻولي منھنجي ٻولي،

سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي.

 

قائم دائم سنڌي ٻولي،

سائم سدائم سنڌي ٻولي.

 

مون به سِکي آ سنڌي ٻولي،

تون به ڳالھائي سنڌي ٻولي.

 

سنڌي آهي قديمي ٻولي،

سُھڻن اکرن واري ٻولي.

***


 

مجاهد ’خاموش‘ هيسباڻي/لاڙڪاڻو

سنڌي ٻولي

ڪيڏي سادي ۽ سولي سنڌي ٻولي،

امڙ ھنج ۾ ڏني لولي سنڌي ٻولي.

 

ماکيءَ کان وڌ مٺڙي ڪيڏي پياري آ،

سڀني ٻولين کان ھي نياري آ،

مؤج ڀري آ سنڌوءَ ڇولي سنڌي ٻولي.

 

ڪوئل جي مٺڙي لات جيان ھي،

پِرھه ڦُٽي پرڀات جيان ھي.

پکيئڙن جي ڄڻ ڪا ٽولي سنڌي ٻولي.

 

روح کي راحت پئي رسائي،

جڳ کي مُعطر پئي بڻائي.

جيجل ماءُ جي جهولي سنڌي ٻولي.

 

سنڌي ٻولي جو آ شانُ نرالو،

مليو اسان کي آ مانُ نرالو،

دشمن جي اک ۾ گولي سنڌي ٻولي.

 

تاريخ جي سُھڻن ورقن ۾،

 لطيف سچل جي بيتن ۾،

’مجاھد‘ راھِه حق مون ڳولي سنڌي ٻولي.
 

نويد ناز ڀٽي/لاڙڪاڻو

پوپٽ

باغ ۾ هو بادامي پوپٽ،

گُلڙن جو هو سلامي پوپٽ.

 

صبح جي ٿڌڙي هِير نھاريو،

باغ ۾ هو آرامي پوپٽ.

 

مون ڀنڀوري پڪڙي ڳاڙهي،

پڪڙيو آيو ڪامي پوپٽ.

 

نفرت جي ڪائي باهه نه ٻاريو،

ويندو سارو کامي پوپٽ.

 

تازي تازي لام گُلن جي،

آيو ’ناز‘ اُڏامي پوپٽ.

***

صبح جو وقت

جاڳو پُٽڙا اکيون کوليو،

هنڌ ڇڏيو ۽ مُنھن کي ڌوئو.

ايڏو سُمھڻ ٺيڪ ته ڪونھي،

وقت وڃائڻ ٺيڪ ته ڪونھي.

سج آ نڪتو تارا گم ٿيا،

دنيا وارا سارا جاڳيا.

گُل ڦُٽا هن رنگ رنگيلا،

اڇا ڳاڙها نيرا پِيلا.

تون به اُٿندين ٻاهر ويندين،

اهڙي پلَ مان سُڪون وٺندين.

}نوٽ:اردو مان سنڌيءَ ۾ ترجمو{
 

خيرمحمد لاکو/سڪرنڊ

لال توکي لولي ڏيان

سورهيه پٽ سرواڻ ٿيجان،

سنڌڙيءَ جـو سلـطان  ٿيجان،

مــڙس ڪــو مـھـان ٿيجان،

نـگن دنگن تي قربان ٿيجان.

لال تــوکـي لـــولــي  ڏيــان،

هـو لـولي ڏيـان لولي ڏيــان.

 

آزادي  ســان  هــلجــان تـون،

سنڌڙي  ساري  گهمجان تـون.

ڪمزورن جو يار ٿيجان تون،

ظلمــت خـــلاف ٿيجـان تون.

لال تــوکـي لـــولــي  ڏيــان،

هـو لـولي ڏيـان لولي ڏيــان.

 

شــان ســـان جـيئــجـان تون،

ڪنھن تي نـه بار ٿيجـان تون.

 دلــيـر پُــٽُ  دودو ٿـــيـجـان،

سستو ڪـين سـوڌو ٿـيجـان.

 لال تــوکـي  لـــولــي ڏيــان،

هـو لـولي  ڏيـان لولي ڏيــان.


 

چونڊ: اعجاز علي جوکيو/نئون ڪوٽ

ٻارو ماني کائو گڏجي

واري واري سان ھٿ ڌوئي،

ٻارو ماني کائو گڏجي.

 

دعا ڌڻيءَ کان پھرين گهرجي،

مانيءَ ۾ ائين برڪت پوندي.

 

پيارا ٻارو ھيءُ نه وساريو،

ھيڏي ھوڏي ڪِين نھاريو.

 

مانيءَ مان جو عيب ڪڍي سو،

ڏاھو ٻار ڪڏهن به نه سڏبو.

 

ننڍڙا ننڍڙا گرھه کڻي جو،

ٻار سڀن کي سو ته وڻي ٿو.

 

وات ۾ گرھه وجهو ٿا جيڪو،

اُن کي پوريءَ رِيت چٻاڙيو.

 

ماني کائڻ ڪم آ سڀ جو،

شڪر ادا ڪريو پنھنجي ربّ جو.

***


 

ٻارن جي ڪامياب زندگيءَ جي لاءِ والدين هميشه اعليٰ تعليم کي ترجيح ڏيندا آهن. اڪثر والدين سمجهندا آهن، ته اگر انھن گهڻي دولت جمع ڪري ورتي، ته پوءِ انھن جي ٻارن جو مستقبل محفوظ ٿي ويندو. پر ائين بلڪل به ناهي. گهڻي دولت سان ٻار خراب ٿي ويندا آهن. جيڪي والدين ٻارن کي سُٺو اخلاق ۽ اعليٰ تعليم جو مضبوط بنياد مھيا ڪندا آهن، اُهي ٻار نه صرف ماءُ پيءٌ جو نالو روشن ڪندا آهن بلڪ ڪامياب ۽ پُر سڪون زندگي به گذاريندا آهن.

ٻار جي اخلاق جي تربيت گهر کان ئي ٿيندي آهي. والدين جي سُٺي تربيت جي ذريعي ٻارن جي ڪتابن ۽ تعليم سان محبت پيدا ٿئي ٿي. انھن جي تعليم جو پھريون قدم ڪتابن جي وچ ۾ رشتو پيدا ڪرڻ آهي. اڪثر والدين اهو سمجهندا آهن، ته ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ کان پوءِ انھن جي ذميواري ختم ٿيو وڃي. جڏهن ته ائين ناهي هوندو. بلڪ اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ کان پوءِ والدين تي ذميواري اڃان وڌيو وڃي  ٿي. انھن کي ٻار جي هر شيءِ تي نظر رکڻي پوندي آهي. ان سلسلي ۾ والدين کي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. جڏهن ٻار ان عمر تي پھچي وڃي، ته هو هر شيءِ کي پاڻ سڃاڻي سگهي ٿو.

والدين ٻارن کي رنگين  تصويرن  وارا ڪتاب ڏيکارين، ته ٻار رنگين شيون ڏسي خوش ٿيندا آهن. ائين ڪرڻ سان ٻار ۽ ڪتاب وچ ۾ هڪ تعلق قائم ٿيندو آهي. جيڪو انھن جي مستقبل کي مضبوط ڪري ٿو.

ٻار جڏهن وڏو ٿي وڃي ٿو، ته انھن کي ڪھاڻيون پڙهي ٻُڌايو. ياد رکو جڏهن به توهان کي لڳي، ته ٻار تصويرن کي ڏسڻ سان گڏوگڏ ڪھاڻيون ٻُڌڻ ۾ دلچسپي وٺي ٿو، تڏهن ان کي پھرين ڪھاڻيون پڙهي ٻُڌايو. پوءِ ان کي ٻُڌايو، ته هو پاڻ ڪھاڻيون پڙهڻ جي ڪوشش ڪري. اهڙو رويو ٻارن ۾ مطالعي جو شوق پيدا ڪري ٿو.

ٻارن کي اسڪول موڪلڻ کان پوءِ والدين تي ذميوارين جو ٻيو مرحلو شروع ٿئي ٿو. شروعاتي ڏينھن ۾ ٻار کي والدين ۽ اُستاد ٻنھي طرفان وڌيڪ توجهه جي ضرورت هوندي آهي. هي اهو وقت هوندو آهي، جڏهن ٻار جي صاف ۽ شفاف دماغ ۾ لفظ جمع ٿيڻ شروع ٿيندا آهن، ان وقت ٻار لفظ کي جمع ڪرڻ ۽ ان ۾ اضافو ۽ انھن لفظن جي ادائگي ڪرڻ لاءِ ٻار تي خصوصي توجهه ڏيڻي پوندي آهي. لفظن کي پنھنجي نگرانيءَ ۾ هِجي ڪرائڻ ۾ مدد ڪرائن. شروعات ۾ اهڙن ڪجهه لفظن کي هِجي ڪري ٻُڌائن ۽ چوَن، ته جيڪر هو هن کي صحيح هِجي ڪري ٿو وٺي، ته ان کي انعام ملندو.

ٻئي ڏينھن ٻار کان پُڇن ته ڪلھه اسان ڪھڙن ڪھڙن لفظن کي هِجي ڪيو هو. ائين ڪرڻ سان ٻارن ۾ سِکڻ جو شوق پيدا ٿيندو آهي.       ***

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي/ڪراچي

عجائب گھر عمرڪوٽ

عمر ڪوٽ جي شاھي ۽ ڀڀڪيدار قلعي جي اندر موجود ’عجائب گهر عمرڪوٽ‘ جنھن ۾ ٿرپارڪر جي تاريخ، تھذيب ۽ مغليه دؤر جي اهم نوادرات کي محفوظ ڪيو ويو آهي.

هيءُ ننڍڙو پر سھڻو عجائب گهر 1968ع ۾ تعمير ڪيو ويو هو. هن عجائب گهر ۾ قلمي مخطوطات، هٿيار، سِڪا، خطاطيءَ جا نمونا، شاهي فرمان ۽ دستاويز، موجود آهن. ٿرپارڪر مان مليل جين ۽ هندو ڌرم وارن جا مجسما، ٿر جا زيور ۽ تصويرون نمائش لاءِ پڻ رکيل آهن.

ٿر ۽ پارڪر بنيادي طور تي مذهبن جي اوسر وارو علائقو پئي رهيو آهي. جين ۽ هندومت جا ڪافي مثال ڏئي سگهجن ٿا. انھن ئي مذهبن جون عبادتگاهون سڄي ٿر ۾ پکڙيل آهن. گوڙيءَ جي مندرن، ويرواھه، پاري نگر ۽ نگر پارڪر ۾ واقع انھن ڌرمن جي عبادت گاهن مان لڌل پٿرن جي مورتين ۽ ٻين اهڃاڻن کي نھايت ادب سان محفوظ رکيو ويو آهي.

عام ماڻھن ۽ سياحن جي ڄاڻ لاءِ ٿر جا خوبصورت ۽ هنر جي  عظمت کي ظاهر ڪندڙ زيور به رکيا ويا آهن. جھڙوڪ.

       ·پيرن جون ڪڙيون

       ·جهانجهر

       ·ڪٺمال يا کارڪي

       ·هٿ جي ڪڙين جي گهنٽي

       ·وارن جي ڌاني

       ·واڙلو

       ·ڦَڻيءَ جو ڍڪ

       ·هٿ سڪڙو

ٿر جي سونھن ڀري ۽ سادي زندگيءَ کي انساني قد جيڏن ڊايورامانز وسيلي ڏيکاريو ويو آهي. هڪ نظر ٿري ماڻھن جي هنن تصويرن سان خبر پوي ٿي، ته ٿر ۽ پارڪر ۾ موجود جين مذھب سان تعلق رکندڙ عبادتگاهن جون تصويرون تعميري فن جو لازوال مثال آهن.

عجائب گهر عمرڪوٽ ۾ لڳل مڙني مغل حڪمرانن جا سِڪا پڻ رکيا ويا آهن. جھڙوڪ،

               ·شھنشاهه ظھير الدين محمد بابر جي دؤر جا سِڪا

       ·نصيرالدين محمد همايون جي دؤر جا سِڪا

       ·جلال الدين محمد اڪبر جي دؤر جا سِڪا

       ·نورالدين محمد جھانگير جي دؤر جا سِڪا

       ·شھاب الدين محمد شاهجھان جي دؤر جا سِڪا

       ·محي الدين اورنگزيب عالمگير جي دؤر جا سِڪا

       ·معظم شاهه بھادر عالم جي دؤر جا سِڪا

       ·اعظم شاهه جي دؤر جا سِڪا

       ·معزالدين جھاندار شاهه جي دؤر جا سِڪا

       ·محمد فرخ سير جي دؤر جا سِڪا

       ·رفيع الدرجات جي دؤر جا سِڪا

       ·محمد ابراهيم جي دؤر جا سِڪا

       ·روشن اختر محمد شاهه جي دؤر جا سِڪا.

مغل بادشاهن جي سرپرستيءَ ۾ مصوريءَ جي فن تمام گهڻي ترقي ڪئي. شھنشاهه همايونءَ ايران جي ٻن مصورن مير سيد علي ۽ عبدالصمد شيرازيءَ کي پاڻ وٽ گُهرائي، هن فن جي حوصلا افزائي ڪئي. پر مغليه طرزِ مصوريءَ جو بنياد اڪبر اعظم جي دؤر ۾ پيو. جھانگير جي دؤر ۾ هي فن پنھنجي عروج تي پھتو. ان فن جون جهلڪيون اتي رکيل تصويرن مان پَسي سگهجن ٿيون.

ميوزيم ۾ مغل دؤر جا ڪيترائي هٿيار پڻ رکيا ويا آهن. اوهان جڏهن به عمرڪوٽ وڃو ته هي عجائب گهر ڏسڻ نه وسارجو.
 

سنڌيڪار: صدام کوسو/ ڄام شورو

کاڌي کائڻ جو ادب

پيارا ٻارؤ! الله تعاليٰ انسان جي زندگي لاءِ غذا کي لازم قرار ڏنو. جيڪا انسان جي واڌ ويجهه ۽ جيئري رهڻ لاءِ ضروري آهي. کاڌي کائڻ جا به ڪجهه آداب هوندا آهن، جيڪي اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن اسان کي ٻُڌايا آهن ٻارو کاڌو کائڻ ۾ جلدبازي نه ڪندا ڪريو .

               ·کاڌو کائڻ کان اڳ پنھنجا ٻئي هٿ چڱيءَ طرح ڌوئڻ گهرجن.

               ·کاڌو کائڻ کان پھرين هميشه بسم الله پرهندا ڪريو. جيڪڏهن بسم الله چوڻ وسري وڃي ته کائڻ جي دوران جڏهن ياد اچي ته بسم الله اول و آخر پڙهڻ گهرجي.

               ·ساڄي هٿ سان کائڻ گهرجي.

               ·ٻين جي سامهون کان هٿ وڌائي نه کائڻ گهرجي.

               ·کاڌو کائڻ جي دوران گرهه ڪِري پوي ته ان کي کڻي صاف ڪري کا.ئڻ گهرجي.

               ·کاڌي مان ڪڏهن به عيب نه ڪڍڻ گهرجي اگر ناهي پسند ته اُٿي هليو وڃجي.

               ·کاڌو آهستي آهستي چڱيءَ طرح چٻاڙڻ گهرجي، ته جيئن هاضمو بھتر طريقي سان ٿئي ۽ جسم غذائي شين کي بھتر طريقي سان هضم ڪري سگهي.

               ·تمام گهڻو گرم نه کائڻ گهرجي، ان کي ٿورو ٿڌو ٿيڻ ڏجي.

               ·کائڻ کان پھرين ۽ بعد ۾ ٿوري وقفي کان پوءِ پاڻي پيئڻ گهرجي.

               ·کاڌي کائڻ کان پوءِ کاڌي کائڻ جي دعا پڙهجي ۽ ٻيھر هٿ ڌوئي ۽ گُرڙي ڪجي.

حوالو: جنگ اخبار جي ٿورن سان

گُل حسن ’احسن‘ ڪربلائي/حيدرآباد

برداشت جو مادو

برداشت ڪرڻ جي معنيٰ آهي، ته بدلي وٺڻ جي طاقت هوندي ڪنھن اڻوڻندڙ يا ڪاوڙ ڏيارڻ واري ڳالھه ٻُڌي صبر ڪري ۽ ڏوهاري کي معافي ڏني وڃي.

حديث ۾ آهي، ته جيڪو ماڻھو طاقت رکندي ڪاوڙ کي روڪي ٿو. ڌڻي تعاليٰ اُن کي قيامت جي ڏينھن سڀني جي اڳيان سڏي خاص انعام ڏيندو.

هڪ ڀيري حضرت علي  يھودي جي هڪ ڪٽنب کي شڪست ڏني. جيڪي يھودي گرفتارٿيا، تن ۾ هڪ تمام معزز يھودي به شامل هو. جڏهن اُن کي حضرت علي  جي اڳيان پيش ڪيو ويو. تڏهن ان کي چيائون، ته ”اي شخص اسلام قبول ڪر، ته توکي آزاد ڪيو وڃي.“

يھودي ويجهو وڃي سندن منھن مُبارڪ تي ٿُڪَ اڇلائي چيو، ته وٺ هي منھنجو جواب اٿئي.

حضرت علي  ان جو ڏوهه معاف ڪري ڇڏيو ۽ چيائون، ته ”اي شخص هتان هليو وڃ. متان منھنجي ڪاوڙ نه جاڳي پوي، وڃ مون توکي آزاد ڪيو. جيڏانھن وڻنئي اوڏانھن هليو وڃ.“

يھودي ڏاڍو حيران ٿيو ۽ چوڻ لڳو، ته اي علي  تون مون کي آزاد ڇو ٿو ڪرين؟ جڏهن ته مون تنھنجي بي ادبي ڪئي آهي. تنھنجي دين کي به چڱو نٿو ڀانيان.

حضرت عليءَ جن جواب ڏنو، ته تون يھودي آهين. ڌڻي تعاليٰ پنھنجي حبيب حضرت مُحمّدُﷺ جي وسيلي پيغام موڪليو آهي، ته سمورا ڪافر مسلمان ٿي وڃن. خدا ۽ ان جي حبيب کي رسول ڪري مڃين، نه ته قتل ڪيا ويندا. اسلام قبول نه ڪرڻ ڪري آءٌ توکي ضرور قتل ڪريان ها. پر هينئر تو منھنجي بي ادبي ڪئي آهي. هاڻي جيڪڏهن آءٌ تنھنجي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏيان ها، ته ان جو هڪ سبب هي به ٿئي ها، ته تو منھنجي بي ادبي ڪئي هئي. يعني تنھنجو قتل صرف ڪافر هئڻ جي ڪري نه ٿئي ها. هاڻي آءٌ پنھنجو وير نٿو وٺان. انھيءَ ڪري آءٌ توکي آزاد ڪريان ٿو ۽ پنھنجي نفس کي تنھنجي قتل ۾ شريڪ نٿو ڪريان. تنھنڪري هاڻي تون هتان جلدي هليو وڃ.

يھودي هن برداشت ڪندڙ طاقت کي ڏسي حيران ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو، ته مون بي سبب اوهان جي بي ادبي ڪئي. پر توهان ڪاوڙ ڪرڻ ۽ مون کي قتل ڪرڻ جي سزا ڏيڻ بدران، معافي ڏئي آزادي بخشي. جنھن خدا جي اوهان بندگي ڪريو ٿا، سو بيشڪ سچو خدا آهي. جيڪو انسان جي عادت ۽ سڀاءُ کي اهڙي طرح بدلائي سگهي ٿو، جھڙو توهان جو آهي. ‎ان کان پوءِ هو حضرت علي کان هينئن چئي موڪل ورتي، ته مون ٻُڌو هو، ته مسلمان بي رحم ظالم ٿين ٿا.

***

سنڌ اها خوش نصيب ڌرتي آهي، جيڪا هميشه عظيم ماڻھن کي جنم ڏيندي رهي ٿي. انھن مان اڪبر جسڪاڻي به هڪ آهي. جنھن پنھنجي سڄي زندگي سنڌ جي ٻارن جي نانءُ ڪري ڇڏي. هن هر موڙ تي ٻالڪن جي حقن جي ڳالھه چئي، ٻارن جون دليون کٽي ورتيون. اڪبر جسڪاڻي سادو ۽ دل جو صاف ماڻھو هو. ان کي ڪُوڙ ڳالھائڻ ايندو ئي ڪونه هو. هن جي سُھڻين سُھڻين لکڻين ۾ سچائيءَ جا عڪس نظر اچن ٿا. هن سنڌي ٻاراڻي ادب کي سگهارو بنائڻ لاءِ سڄي عمر ٻارن لاءِ خوب لکيو. اڪبر جسڪاڻي ماهوار گُل ڦُل رسالي کي بھتر ڪرڻ منظر عام تي آڻڻ لاءِ گُل ڦُل رسالي ۾ نوان گل، رنگ چٽي ۽ ان کي خوبصورت بڻائي، سنڌ جي ٻارن تائين پھچايو. هن هميشه حق سچ لکيو ۽ پنھنجي ضمير جي سوديبازي ڪڏهن به نه ڪئي. تڏهن ته سنڌ جي پياري شاعر ابراهيم منشي اڪبر جسڪاڻي جھڙن عظيم ڪردارن لاءِ لکي ٿو، ته

جھڙو ماڻھو تھڙو ناڻو،

هرڪو پنھنجي اگهه اگهاڻو،

جيڪو ماڻھو ڪين وڪاڻو،

سوئي ماڻھو موتيءَ داڻو.

اڪبر جسڪاڻي پيار، پريت ۽ سونھن جو پوئلڳ هو. هو سنڌي ٻاراڻي ادب جو اڪيڊمي هو. هن سنڌ جي ٻارن جي جياپي لاءِ پنھنجي زندگي ارپي ڇڏي. اڪبر جسڪاڻي جيڪي ٻارن لاءِ گيت، نظم ۽ بيت لکيا آهن. اُهي اڄ به سنڌ جي جهرجهنگ ۾ گُونجي رهيا آهن. جڏهن ته ڪاڇي جي مشھور شاعر طالب لغاري جو اڪبر جسڪاڻي بابت چوڻ آهي، ته ”اڪبر فقيري طبيعت جو مالڪ هو. جنھن ۾ ور وڪڙ ڪونه هئا. هو ڪاڇي سان گڏ جوھي جي به سڃاڻ هو. ان سنڌ ۽ ڪاڇي جي ٻارن ۾ علمي ۽ ادبي شعور آندو. ان جا فڪري شاگرد اڄ به سٺو لکن ٿا. اهو سنڌ جي سمورن ماڻھن کي ڏاڍو پيارو هو. جنھن کي هر وقت ياد رکيو ويندو.“ اڪبر جسڪاڻي کي پنھنجي ڌرتيءَ سان بيحد محبت هئي. انھيءَ سنڌي قوم جي مظلوم ٻارن جا ڏُک ۽ درد پنھنجا سمجهي پنھنجن لکڻين ۾ انھن کي چٽو ڪيو. اڪبر جسڪاڻي ھڪ ھنڌ لکي ٿو، ته ”آءٌ سڄي زندگي شاگرد ئي ٿي سکندو رهيس.“ تڏهن ته هڪ شاعر چوي ٿو، ته

دنيا آهي درسگاهه سبق پڙهه مرڻ تائين،

شاگرد ٿي سکندو رهه متان تون اُستاد سڏائين.

13 آگسٽ 1999ع تي اڪبر جسڪاڻي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. اڪبر جسڪاڻي ته اڄ به سنڌي ٻارڙن جي دلين ۾ زندهه آهي ۽ زنده رهندو. آءٌ مرحوم اڪبر جسڪاڻيءَ کي آخر ۾ سنڌ جي عوامي شاعر اُستاد بخاري جي هنن سٽن جي ڀيٽا ڏيان ٿو.

جو قوم جيئاري اهو جيئندو رهندو،

جو عام اُجاري اهو جيئندو رهندو،

مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي،

جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو.

***

مقبول عباسي/چنيھاڻي ڪنڊيارو

’حجر اسود‘ جنتي پٿر

سن 17 ذوالحج 313هه ۾ بحرين جي حاڪم ابو طاهر سليمان قرامطي مڪي شريف تي قبضو ڪري ورتو. خوف ۽ هراس جي هيءَ حالت هئي جو ان سال ڪير به حج تي نه اچي سگهيو. ڪير به  عرفات اچي نه سگهيو. هيءُ اسلام ۾ پھريون موقعو هو جو بيت الله جو حج نه ٿيو.

ابو طاهر قرامطي ڪعبةالله شريف مان ’حجر اسود‘ اکوڙي کڻي ويو. جڏهن بنو عباس جي حڪومت آئي، ته خليفه مقتدر بالله عباسي ابو طاهر قراطميءَ سان فيصلو ڪيو ۽ ٽيھه (30) هزار دينار ڏنا، تڏهن حجر اسود واپس بيت الله شريف ڏانھن آيو. (22 سالن) تائين بيت الله شريف ۾ حجر اسود موجود ڪونه هو.

جڏهن فيصلو ٿيو، ته حجر اسود کڻي اچڻو آهي، ته وقت جي خليفي مقتدر بالله هڪ وڏي عالم محدث شيخ عبدالله کي حجر اسود وٺڻ لاءِ هڪ وفد (جماعت) سان بحرين موڪليو. بحرين پھچڻ کان پوءِ بحرين جي حاڪم هڪ تقريب (گڏجاڻي) جو انتظام ڪيو، ته هنن لاءِ هڪ خوشبودار پٿر ريشمي غلاف سان ڪڍيو ويو، ته هي حجر اسود آهي. اوهان کڻي وڃو. محدث شيخ عبدالله چيو ته نه بلڪ حجر اسود ۾ ٻه نشانيون آهن. جيڪڏهن هن پٿر ۾ اُهي ٻه نشانيون هونديون، ته حجر اسود آهي ۽ اسين کڻي وينداسين. پھرين نشاني هيءَ آهي ته هيءُ پاڻيءَ ۾ نٿو ٻُڏي. ٻي نشاني هيءَ آهي ته هن کي باهه ۾ وجهڻ سان گرم نٿو ٿئي. پوءِ هن پٿر کي پاڻيءَ ۾ وڌو ويو ته هڪدم ٻُڏي ويو ۽ باهه ۾ وجهڻ کان پوءِ گرم به ٿي ويو ۽ ڦاٽي پيو ته فرمايائين، ته هيءُ حجر اسود جو پٿر ڪونھي. وري ٻيو پٿر ڏنو ويو، ان کي به پاڻيءَ ۾ ۽ باهه ۾ وڌو ويو ته ٻڏي به ويو ۽ گرم به ٿي ويو. بزرگ چيو ته  اسان کي اصلي پٿر ڏنو وڃي. ان کان پوءِ اصلي پٿر آندو ويو. هن کي پاڻيءَ ۾ وڌو ويو ته گل وانگر ترڻ لڳو ۽ باهه ۾ وڌو ويو ته ٿڌو ٿي ويو.

محدث عبدالله چيو ته بيشڪ هيءُ حجر اسود آهي. اهو ئي بيت الله  جي سونھن آهي، جنتي پٿر آهي. ان وقت ابو طاهر قرامطي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ پُڇيائين، ته هي ڳالھيون اوهان کي ڪٿان مليون آهن؟

محدث عبدالله چيو ته هي ڳالھيون اسان کي الله جي رسول حضرت مُحمّدُﷺ وٽان مليون آهن، ته حجر اسود  نه ڪي پاڻيءَ ۾ ٻُڏندو ۽ نڪي باهه ۾ سڙندو.

جڏهن حجر اسود مسلمانن کي ملي ويو، ته ان کي هڪ ڏٻري ڏاچيءَ تي رکيو ويو. جنھن تيز رفتاريءَ سان بيت الله شريف تائين پُھچايو. هن (ڏاچي) ۾ زبردست طاقت اچي وئي. انھيءَ ڪري حجر اسود کي بيت الله شريف تائين جلدي پھچايائين پر جڏهن حجر اسود کي بيت الله شريف مان ڪڍيو ويو ۽ بحرين کڻي وڃي رهيا هئا ته جنھن اُٺ تي رکيائون ٿي، ته اهو مري ويو. بحرين تائين پھچندي تانجو چاليھه اُٺ مري چڪا هئا.

حوالو: (ماهوار الفاروق رسالو ص 199. 1433هه تان ورتل)                    ***

امان الله ڪانڌڙو
آر. ٽي. سي سينٽر



جديد ٽيڪنالاجيءَ جا
فائدا ۽ نقصان

جديد ٽيڪنالوجيءَ انسان جي زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي آندي آهي. ڪمپيوٽر، موبائل فون، انٽرنيٽ ۽ ٻين جديد اوزارن سبب زندگي وڌيڪ آسان، تيز ۽ آرامده ٿي وئي آهي. اڄ جي دور ۾ ٽيڪنالوجي هر شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

جديد ٽيڪنالوجيءَ جا ڪيترائي فائدا آهن. ان جي ذريعي رابطي جا ذريعا بهتر ٿيا آهن، تعليم حاصل ڪرڻ آسان ٿي وئي آهي ۽ ڪاروبار ۾ به تيزي آئي آهي. ماڻهو دنيا جي ڪنهن به ڪُنڊ ۾ ويٺل فرد سان چند سيڪنڊن ۾ رابطو ڪري سگهن ٿا. آن لائن تعليم، بينڪنگ ۽ خريداري جهڙيون سهولتون به ٽيڪنالوجيءَ جي ڪري ممڪن ٿي سگهيون آهن.

موبائل فون جديد ٽيڪنالوجيءَ جو هڪ اهم تحفو آهي. موبائل ذريعي نه رڳو ڳالهائي سگهجي ٿو، پر ان سان تعليم حاصل ڪرڻ، معلومات ڳولڻ، تصويرون ڪڍڻ ۽ مختلف ضروري ڪم به ڪري سگهجن ٿا. شاگرد به موبائل جي مدد سان پنهنجي پڙهائي ۾ بھتري آڻي سگهن ٿا.

ٻئي طرف جديد ٽيڪنالوجيءَ جا ڪجهه نقصان به آهن. موبائل فون ۽ سوشل ميڊيا جي گهڻي استعمال سبب وقت ضايع ٿئي ٿو. شاگرد ۽ عام ماڻهو به پنهنجي اهم ذميوارين کان غافل ٿي وڃن ٿا. ان کان علاوه، جسماني سرگرمين ۾ گهٽتائي، اکين جي بيمارين، ننڊ جي مسئلن ۽ سماجي لاڳاپن ۾ ڪمزوري جهڙا مسئلا به پيدا ٿين ٿا.

نتيجي طور، جديد ٽيڪنالوجي انسان لاءِ هڪ وڏي نعمت آهي، پر ان جو صحيح ۽ متوازن استعمال ضروري آهي. جيڪڏهن اسين ٽيڪنالوجي کي سٺن مقصدن لاءِ استعمال ڪنداسين ته ان جا بيشمار فائدا حاصل ڪري سگهنداسين ۽ ان جي نقصانن کان به بچي سگهنداسين.
 

امداد جسڪاڻي/پنوعاقل سکر

ٻارن جي ادب جو عاشق عبدالحئي ڀٽو

پوري سنڌ جي ادبي حلقن ۾  ٻارن تي لکيل تخليقن ذريعي سڃاڻپ ٺاھيندڙ ٻارن جي ادب کي سگهه بخشيندڙ سگهارو ليکڪ عبدالحئي ڀٽو ڪنھن به تعارف جو محتاج ناھي. حئي ڀُٽي جي نالي کان سنڌي ادب جو ھر پڙھندڙ  واقف آهي، ته عبدالحئي ٻارن جي ادب جو عاشق شاعر ۽ نثر نويس آهي. ھي ليکڪ پنھنجي طبيعت ۾ جيترو سادو آهي، اوتري ئي سندس تخليق سادي ۽ سولي آهي.

عبدالحئي ڀٽو ليکڪ سان گڏوگڏ سنڌي ٻاراڻي ادب جو جاکوڙي ڪردار به آهي. جيڪڏهن اوهان اخبارون پڙھندا آھيو، ته عبدالحئي ڀٽي جو نالو ’ٻالڪ ادبي فورم‘ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ٿيندڙ پروگرامن جي خبرن ۾ ضرور پڙھندا ھوندا، ته ھي ليکڪ  ڪنھن نه ڪنھن ليکڪ جي ياد ۾ يا اُن جي مانَ ۾ تقريب ڪوٺائي، انھن کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي  يا وري ڪڏهن ھي خبر پڙهڻ لاءِ ھوندي آھي، ته ”ٻالڪ ادبي فورم طرفان ٻارن جي چٽاڀيٽيءَ واري تقريب ۾ ٻارن تقريرون ڪيون، ٽيبلو پيش ڪيا ۽ ٻارن گيت به ڳايا جن کي ڪتابن رسالن جا انعام ڏنا ويا.“

حئي ڀُٽو پرائمري اسڪول ’پنھون وسير‘ ضلعي گهوٽڪي ۾ اُستاد ۽ ھيڊ ماستر آهي.

جيڪو ٻارن کي ٻاراڻي ادب ڏانھن لاڙڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪندي نظر ايندو آهي. پاڻ ٻالڪ ادبي فورم جو بنياد وجهي ڪيترائي ٻارن جي نوعيت جا ادبي پروگرام ڪرايا ۽ ھن ٻاراڻي تنظيم جا سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ يونٽ پڻ ٺاھيا ۽ وڏي پيماني تي گڏجاڻيون ۽ تقريبون منعقد ڪيون. جن ۾ ٻارن وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي پنھنجون صلاحيتون مڃرايون.

حئي ڀٽو ھڪ ئي وقت ليکڪ به آهي، ته ٻاراڻي ادب جو جاکوڙي ڪردار به آهي. جنھن جو ڪم وڏي اھميت رکي ٿو. ھن وقت به حئي ڀُٽو ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جو صدر آهي. جنھن جون ادبي خدمتون تاريخ جو حصو آهن.

اڪبر جسڪاڻي (مرحوم)، اسرار شام ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کان پوءِ ٻارن جي ادب ۾ حئي ڀٽو به هڪ آهي. جيڪو مسلسل لکندو به اچي ٿو، ته عملي طور به ٻارن ۾ ٻاراڻي ادب لکڻ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪري ٿو. سندس موڪليل تصويرون گُل ڦُل ۾ شايع ٿين ٿيون. جن ۾  ٻارن جي ادب جا ڪتاب گُل ڦُل جا رسالا ٻارن ۾ ورھائيندي ڏسون ٿا. سادي طبيعت جي مالڪ ۽ ٻارن جي ادب جي متحرڪ ڪردار حئي ڀُٽي کي تَتِي ٿڌيءَ ۾ ادبي پروگرامن ۾ شرڪت لاءِ پنڌ ڪندي به ڏٺو آهي. حئي ڀُٽو فل ٽائيم ليکڪ ۽ سنڌي ادب جو محافظ آهي. جنھن جو ھيءَ به ھڪ مثال آهي، ته پاڻ ٻاراڻي ادب کي ڏھه ڪتاب ڏئي چڪو آهي ۽ ٽي ڪتاب قدم روشني ڏي، ’ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جو سفر ۽ علم جو پيڪر‘ ٿوري وقت ۾ ڇپجي پڌرو ٿيڻ وارا آهن. عبدالحئي وٽان اھو به معلوم ٿيو آهي، ته  ويھارو کن ڪتاب سندس ترتيب ھيٺ آھن.

ضلعي گهوٽڪي جي تاريخي ماڳ (ڳوٺ) ماٿيلو مومل جي ماڙي ۾ عالم دين مولوي محمود ڀُٽي جي گهر ۾ 2-آگسٽ 1975ع ۾ جنم وٺندڙ عبدالحئي ڀٽو پنھنجي ديس ۽ دنيا جي ٻارن جو ڄڻ ته نمائندو شاعر ۽ ليکڪ آهي. جنھن جي دل ھميشه ٻارن لاءِ ڌڙڪندي محسوس ٿيندي آهي. ٻارن جي روئڻ تي ھن حساس ليکڪ جون اکيون سانوڻ جي ڪڪر جيان وسڻ لڳنديون آهن.

حئي ڀُٽي جي ٻاراڻي شاعريءَ ۾ ٻارن جي زندگي جا سُھڻا عڪس ڏسي سگهجن ٿا. جنھن ۾ ٻار راند ڪندي، جُھولن تي جهولندي، اسڪول ويندي نظر اچن ٿا، ته ڪٿي وري ڪي ٻارڙا ڪنھن مجبوري ۽ غربت سبب اسڪول نٿا وڃي سگهن. انھن کي علم لاءِ تڙپندي ڏسون ٿا، ته ڪن ٻارن کي  ٻالڪپڻ ۾ سخت پورهئي ۾ مصروف ڏسون ٿا. حئي ڀُٽو جا نظم ڪنھن مصور جو شاھڪار آھن. جڏھن ڪو وڏي عمر وارو ماڻھو به ھن جا لکيل نظم پڙھندو آھي، ته ان کي انھن باعنوان نظمن ۾ پنھنجو ننڍپڻ نظر ايندو آهي.

عبدالحئي سنڌي  ادب سان محبت ڪندڙ شخصيت آھي. ھن کي مون ائين پرکيو آهي، ته ھي شھرت لاءِ نه پر سنڌي ٻوليءَ جو محافظ بڻجي، پنھنجي ٻوليءَ کي زنده رکڻ لاءِ ڪتاب لکي ٿو ۽ ڳوٺن شھرن ۾ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ به ڪم ڪري ٿو. اھڙا ليکڪ ئي تاريخ ۾ پنھنجو نالو لکرائن ٿا. تڏهن ته آءٌ چوندو آھيان، جيڪي سنڌي ادب جا  سچا سرجڻھار ھوندا آھن، انھن کي اسٽيج تي ويھڻ، ايوارڊ ڪمائڻ جي بُک ناھي ھوندي.

عبدالحئي ڀٽو ٻارن جي ادب جي ليکڪن ۽ وڏن جي ادب جي مرحوم اديبن جي ياد ۾ تقريبون ڪوٺائڻ سان گڏ، حيات ليکڪن سان رهاڻيون به رچائي ٿو. تڏهن اھو محسوس ڪندو آهيان، ته ھي دوست پنھنجي ٻوليءَ جي ليکڪن جو نئين نسل کي ڄڻ ته تعارف ٿو ڪرائي.

عبدالحئي سان دعا سلام ڳچ وقت کان آھي، جڏھن به مليا آهيون، ته ادبي شخصيتن ۽ ادب ئي اسان جي گفتگو جو موضوع رهيو آهي. سندس ’ايڪونجاهين سالگرهه‘ جي موقعي تي ھن مضمون ذريعي عبدالحئي ڀٽو کي مبارڪون پيش ڪيون ٿا، ۽ ڌڻيءَ در دعاڳو آهيون، ته ربّ پاڪ کيس ھميشه سُکيو ستابو رکي.

(آمين)

زين العابدين ڪلاس ڇھون /ٽنڊو حيدر/ حيدرآباد

منهنجو اُستاد منهنجو والد

دنيا ۾ هر انسان جي زندگيءَ ۾ ڪنھن نه ڪنھن اُستاد جو وڏو ڪردار هوندو آهي. اُستاد اسان کي علم سيکاريندو آهي. سُٺا اخلاق سيکاريندو آهي ۽ صحيح رستي تي هلڻ جي تربيت ڏيندو آهي. منھنجي لاءِ سڀ کان وڏي خوشي اها آهي، ته منھنجو اُستاد منھنجو والد، اُستاد اڪرم حيدري آهي. آءٌ پاڻ کي خوش نصيب سمجهان ٿو، جو مون کي اهڙو پيءُ ۽ اهڙو اُستاد مليو آهي، جنھن جي زندگي علم، ادب ۽ سُٺن اخلاقن سان ڀريل آهي.

منھنجو والد نھايت سادو، مھربان ۽ محنتي انسان آهي. هو هر ڪنھن سان محبت سان پيش ايندو آهي. هو هميشه سچ ڳالھائڻ، وڏن جو ادب ڪرڻ ۽ ننڍن سان پيار ڪرڻ جو سبق ڏيندو آهي. سندس هر ڳالھه ۾ نرمي ۽ سمجهاڻي هوندي آهي. هو ڪڏهن به سخت لھجي ۾ ڳالھائڻ پسند نه ڪندو آهي. سندس سٺو اخلاق هر ڪنھن کي پنھنجو بڻائي وٺندو آهي.

اُستاد اڪرم حيدري کي علم سان تمام گهڻي محبت آهي. هو ڪتابن جو شوقين آهي. هو روزانو پڙهندو به آهي ۽ لکندو به آهي. هو چاهي ٿو، ته هر ٻار پڙهي، اڳتي وڌي ۽ پنھنجي قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪري. هو هميشه چوندو آهي، ته علم انسان جو سڀ کان وڏو خزانو آهي. دولت ختم ٿي سگهي ٿي، پر علم هميشه انسان سان گڏ رهندو آهي.

منھنجو والد هڪ بھترين اُستاد هجڻ سان گڏ سٺو اديب به آهي. هو سنڌي ٻولي، ادب ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر سان گهڻو لڳاءُ رکي ٿو. هو پنھنجي لکڻين وسيلي ماڻھن ۾ علم، محبت، امن ۽ سٺن خيالن کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. سندس خواهش آهي، ته نوجوان پنھنجي ٻولي، ثقافت ۽ مذهب سان محبت ڪن ۽ سٺو ڪردار اختيار ڪن. هو جڏهن اسڪول ۾ پڙهائيندو آهي، ته هر شاگرد کي پنھنجي اولاد وانگر سمجهندو آهي. هو ڪنھن سان فرق نه ڪندو آهي. هو ڪمزور شاگردن کي به همٿ ڏيندو آهي ۽ کين اڳتي وڌڻ لاءِ حوصلا افزائي ڪندو آهي. هو چوي ٿو، ته محنت ڪندڙ شاگرد ضرور ڪامياب ٿيندو.

منھنجو والد مون کي صرف ڪتابي علم نه سيکاريو آهي، پر زندگي گذارڻ جو سليقو به سيکاريو آهي. هن مون کي وقت جي پابندي، صفائي، ايمانداري، محنت، صبر ۽ شڪر جو سبق ڏنو آهي. جڏهن به مون کان ڪا غلطي ٿيندي آهي، ته هو پيار سان سمجهائيندو آهي. ان ڪري مون کي ساڻس تمام گهڻي محبت آهي. مان جڏهن سندس علمي ۽ ادبي ڪم کي ڏسان ٿو، ته منھنجي دل ۾ وڌيڪ عزت پيدا ٿيندي آهي. هو ڏينھن رات علم جي خدمت ڪندو رهي ٿو. هو مختلف رسالن ۽ اخبارن لاءِ به لکندو آهي. سندس مقصد شھرت حاصل ڪرڻ نه، پر علم کي عام ڪرڻ آهي. اهوئي هڪ سچي اُستاد جي سڃاڻپ آهي.

منھنجي والد جي زندگي مون لاءِ هڪ روشن مثال آهي. مان به چاهيان ٿو، ته وڏو ٿي سٺو انسان بڻجان. علم حاصل ڪريان. پنھنجي اُستادن جي عزت ڪريان ۽ پنھنجي والد وانگر ماڻھن جي خدمت ڪريان. مون کي يقين آهي، ته جيڪڏهن هر ٻار پنھنجي اُستاد جي عزت ڪندو، ته اسان جو سماج وڌيڪ سٺو ۽ مھذب بڻجي ويندو.

اُستاد اڪرم حيدري جھڙا انسان قوم جو قيمتي سرمايو هوندا آهن. اهي ذهنن کي روشن ڪن ٿا. هو ٻارن ۾ سٺا اخلاق پيدا ڪن ٿا. هو علم جي روشني هر گهر تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اهڙن اُستادن جي محنت سبب ئي قومون ترقي ڪن ٿيون ۽ ملڪ خوشحال بڻجن ٿا.

آخر ۾ مان پنھنجي پيارَي والد ۽ اُستاد لاءِ دعا ٿو ڪريان، ته خدا پاڪ کيس سٺي صحت، ڊگهي ڄمار ۽ وڌيڪ علمي خدمت جي توفيق عطا فرمائي. ربّ پاڪ کيس هميشه خوش رکي. مان فخر سان چوان ٿو، ته منھنجو اُستاد منھنجو والد آهي، ۽ منھنجو والد منھنجي زندگيءَ جو سڀ کان بھترين اُستاد آهي. سندس ڏنل تعليم ۽ تربيت هميشه منھنجي زندگيءَ لاءِ روشنيءَ جو مينار رهندي.                       ***

اظھار الحق/سنڌيڪار: فدا کوسو/ ڄام شورو

ماڪوڙين بابت ڄاڻ !!

ماڪوڙين جا ڪن ناهن هوندا. هو پنھنجي اينٽينا جي مدد سان ٻُڌي ۽ سُنگهي سگهن ٿيون. ان سان گڏ ذائقو به معلوم ڪري سگهن ٿيون. انھيءَ ڪري ماڪوڙيون هر وقت پنھنجي اينٽينا کي هيڏانھن هوڏانھن لوڏينديون رهنديون آهن. انھيءَ جي مدد سان هو پنھنجي رستي ۾ رهڻ وارن کي سڃاڻينديون ۽ رستو معلوم ڪنديون آهن.

انساني اک ۾ هڪ تارو هوندو آهي جڏهن ته ماڪوڙين جي اکين ۾ هڪ کان وڌيڪ تارا هوندا آهن. جنھن جي بدولت هو هر شيءِ کي آساني سان ڏسي سگهنديون آهن. ماڪوڙين جو هڪ قسم پن کي ڪٽي ڪٽي پنھنجي رهڻ واري جاءِ ۾ جمع ڪنديون آهن. ان پنن مان هو پنھنجي ٻچن لاءِ خوراڪ تيار ڪنديون آهن. جنھن کي فنگس (Fungus) به چيو ويندو آهي. ماڪوڙين جو تعداد هزارن لکن ۾ هوندو آهي  ۽ هر وقت هلنديون رهنديون آهن. انھن جي جسم مان ايندڙ مھڪ هڪ جھڙي هوندي آهي. جنھن سان هو هڪ ٻئي کي سُڃاڻي سگهنديون آهن.

هي ڪنھن جڳهه تي مستقل طور تي پنھنجي رهائش ناهن ڪنديون بلڪ گڏجي هر وقت مصروف رهنديون آهن. سڀني جي ذمي ڪو نه ڪو ڪم ضرور هوندو آهي.

گهڻو ڪري ماڪوڙيون ڪماندُ، گُل، ثمر ۽ ٻج وغيره کائين ٿيون. ڪجهه ماڪوڙيون مٺو رس پيئڻ جون شوقين هونديون آهن. ڪي ماڪوڙيون ڪيڙا کائڻ جون شوقين هونديون آهن ۽ ڪجهه پنھنجي سامھون ايندڙ هر شيءءِکي چٽ ڪري وينديون آهي پوءِ ڇو نه اهي ننڍا ننڍا جيت ۽ جانور هجن.        
 

نديم ڪوثر/ڦلجي اسٽيشن دادو

سنڌ جا هنر

مُنهن رَکي/مورَکِي

ڪنڀارڪي هنر ۾ ڪم ايندڙ چيڪي مٽيءَ جي ڳوهيل پنوڙي مان ٺاهي ويندڙ مورَکي/مُنھنُ رَکي (يعني مُنھن  يا مٿي کان رکڻ واري شيءِ) تازي ڄاول ٻار جي مٿي ويھارڻ يا مٿي کي سڌو ڪرڻ خاطر ڄاول ٻار جي پھرين ڏينھن کان وٺي ٻار جي مٿي کان رکي ويندي آھي. مورکي به ڪنڀرن جي  گهر ۾ ٺھندڙ مٽيءَ جي گهريلو اسمن ۾ شمار ٿئي ٿي. جنھن کي اڪثر ڪري ڪنڀرن جون هنرمند عورتون گهرن ۾ تيار ڪنديون آھن. هي ڪنڀارڪي هنر جو واحد اسم آھي، جيڪو آويءَ جي باھه ۾ پچڻ واري مرحلي کان بلڪل آجو هجي ٿو. مورکي بغير پچائڻ جي استعمال ڪئي ويندي آھي. گهريلو اسم ٺاهيندڙ ڪنڀرن جون ڪاريگر عورتون هڪ فوٽ ويڪرائي ڇھه انچ اونچي ۽ ٻيئي پاسي چار انچ ويڪر تائين جھڙي بيھڪ رکندڙ مورکي جي هڪ پاسي کي بلڪل سڌو رکنديون آھن جڏھن ته باقي پاسن کي لاسدار بڻائي، ان ۾ شيشا رنگ وغيره لڳائي ڊزائن ترتيب ڏني ويندي آھي. گڏوگڏ مورکي جي مٿان فٽ سوا يا ڏيڍ فوٽ جون ٻه گول جنڊي لٿل ڪاٺيون/ڏنڊڙيون ٿورڙي وِٿيءَ سان پڻ لڳايون وينديون آهن. جيڪي ٻار جي مٿان پوندڙ ڪپڙي وغير کي مٿي کڻي بيھنديون آھن. مورکي جو سڌو پاسو ٻار جي مٿي ڏانھن ڪيو ويندو آھي. هي ننڍڙي ٻار جي مٿي سان ملائي رکي ويندي آھي.

اڄڪلھه بازار ۾ ڪاٺ توڙي پٿر جي مورکي پڻ ملي ٿي. جيڪا آڳاٽي زماني کان استعمال ٿيندڙ مٽيءَ جي قديم مورکي جو متبادل ٿي سامھون آئي آھي. هن وقت ٺڪر جي ٿانون جي استعمال سان گڏ ڪنڀارڪي هنر هيٺ ايندڙ شين جو واهپو تيزي سان گهٽجي رهيو آھي. جنھن ۾ مورکي (مُنھن رکي) پڻ شامل آھي. هن وقت منھن رکي ناڻي عيوض دڪانن يا ڪنڀارڪن گهرن مان خريد ڪئي وڃي ٿي. ليڪن مليل روايتن موجب اڳي مورکي جي مراد ۾ مختلف تحفه مختلف شيون ورتيون وينديون هيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org