سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جولاءِ  2026ع

باب:

صفحو:5 

اقبال هنڱورو/ڪنڊيارو

تعليم جي اهميت

گلڻ صبح جو جيئن ئي اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ٿيو ته سندس ماءُ کيس چيو، ”پٽ، ڪالھه تنھنجي پيءُ چيو هو، ته سڀاڻي گلڻ کي پاڻ سان گڏ ڪم تي وٺي ويندس. مون کي به سَھارو ٿي پوندو ۽ هو آهستي آهستي ڪم به سکي ويندو. تون ڇا ٿو چوين؟“

گُلڻ وراڻيو، امان، آءٌ پھرين اسڪول ويندس. موٽ تي بابا جيڪو به ڪم چوندو، سو خوشيءَ سان ڪندس.

ماءُ ٿورو سمجهائيندي چيو، پٽ، تنھنجو پيءُ ته صبح سوير گهران نڪري ويندو آهي ۽ شام جو موٽندو آهي. تون جڏهن اسڪول کان موٽندين ته اڌ ڏينھن گذري چڪو هوندو، پوءِ ڪم ڪڏهن سکندين؟

گلڻ ڪجهه گهڙيون خاموش رهيو، پوءِ وراڻيائين، امان، جيڪڏهن آءٌ اڄ پڙهائي ڇڏي بابا سان گڏ ڪم تي وڃان ته سڀاڻي جڏهن وڏو ٿيندس، ته ڇا پنھنجي ٻارن کي به پڙهائي ڇڏرائي ڪم تي وٺي ويندس؟

پٽ جي اها ڳالهه ٻڌي ماءُ خاموش ٿي وئي. هن محسوس ڪيو، ته ننڍڙي عمر هوندي به گلڻ وڏي سمجهه واري ڳالھه ڪئي آهي. سندس دل ڀرجي آئي. هن پيار سان پٽ جي مٿي تي هٿ ڦيريندي چيو، پٽ، تنھنجو پيءُ جيترو به ڪمائي آڻيندو، اسين اوتري ۾ گذارو ڪري وٺنداسين، پر تنھنجي پڙهائي ڪڏهن به نه ڇڏائينداسين. تون دل لڳائي پڙهه ۽ پنھنجي مستقبل کي روشن بڻاءِ.

گلڻ ماءُ جي ڳالھه ٻُڌي مُرڪي پيو. هن پنھنجو ٿيلھو کنيو ۽ خوشيءَ سان اسڪول ڏانھن وڃڻ لڳو. ماءُ کيس ويندي ڏٺو ۽ دل ئي دل ۾ چيائين، غربت ته وقت سان ختم ٿي ويندي، پر جيڪڏهن ٻار جي تعليم هٿان نڪري وئي، ته اها کوٽ سڄي عمر پوري نه ٿي سگهندي.                      ***


 

گُلشن سنڌو/ ڪراچي

ٽُـــــــٽَــــــــل رانديـــــــڪا

جميل چوٿين ڪلاس جو ھڪ ذھين شاگرد ھو. سندس والد غريب پورھيت ھو ۽ امڙ به بنگلن ۾ ڪم ڪار ڪري، چار پيسا گهر ۾ آڻيندي ھئي. تڏھن ئي گھر جو چرخو سھي ھلي سگهندو ھو. جميل کي رانديڪا ڏاڍا وڻندا ھئا.  ھُو به چاھيندو ھو، ته رانديڪن سان پنھنجي دل وندرائي، کيس به ھر قسم جا رانديڪا ھجن بيٽ بال ريموٽ واري ڪار جھاز مطلب ته ھُو سوچيندو ھو، ته اي ڪاش! منھنجي گهر جو ڪٻٽ به رانديڪن سان ڀريل ھجي! کيس گهر ۾ صرف ھڪ رانديڪو ڪافُور جو گُڏو ھو. بس سڄو ڏينھن ان سان ئي راند ڪُڏندو ھو. ڪجهه ڏينھن کان سندس ماءُ سدوريءَ کي بنگلي تان به جواب ملي ويو، ڇو ته سندس مالڪياڻي ٻئي شھر شفٽ ٿي رھي ھئي. تنھنڪري سندس ماءُ به ٻئي ڪم نه ملڻ جي ڪري پريشان ھئي. ڪافي ڏينھن ائين ئي گذري ويا، پر سندس ماءُ کي ڪو ڪم نه پئي مليو. آخرڪار ڪنھن پاڙي واريءَ ٻڌايس ته ھڪ بنگلو آھي، جتي ڪم واريءَ جي ضرورت آھي. تون جلدي وڃي پُڄ نه ته ٻئي ڪنھن کي ڏئي ڇڏيندا.

اھو ٻُڌي سدوري جلدي جلدي ۾  جميل جو ھٿ پڪڙي رواني ٿي. جميل جي ھٿَ ۾ ڪافُور جو گُڏو پڻ ھو. بنگلي جي بيگم جڏھن جميل جي ھٿ ۾ گُڏو ڏٺو، ته چيائين سڀاڻي آءٌ توکي ڍير رانديڪا ڏينديس، ته تون کيڏجانءِ.

جميل دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو. رستي کان گهر تائين انيڪ سپنا ڏٺائين، ھُو سوچي رھيو ھو، ته سڀاڻي مون کي به نوان ۽ ڀلا رانديڪا ھوندا. ريموٽ واري ڪار، گاڏيون ۽ بيٽ بال پوءِ آءٌ انھن سان کيڏندس.

رات جو ھُو جڏھن بستري تي آيو، ته ياد آيس ته ڪيئن ھُو ٻين جي رانديڪن کي حسرت سان ڏسندو ھو. بنگلي وارن جا ٻار ته کيس گڏ کيڏاريندا به نه ھئا. بلڪ رانديڪن کي ھٿُ به نه لائڻ ڏيندا ھيس. پر ھاڻي ته ھُو به ڀلا رانديڪا ھلائي سگھندو. سچ ته رانديڪن جي خوشيءَ ۾ اڄ جميل کي ننڊ به نه پئي آئي. خبر ناھي ڪھڙي پھر کيس ننڊ اچي وئي صبح جو جلدي اٿيو ماءُ سان گڏ وڃڻ لاءِ خوشي خوشي وھنجي سھنجي صاف ڪپڙا پاتائين سوچي رھيو ھو، ته بيگم صاحبه متان رانديڪن جي دڪان تي وٺي ھلي ان ڪري صحيح طريقي سان سنبريو ۽ آخرڪار ماڻس سان گڏ بنگلي تي پھتو. بيگم صاحبه سدوريءَ کي ڪم سمجهائي رھي ھئي ۽ جميل بي چين ٿي رھيو ھو، ته بيگم صاحبه جلدي کيس رانديڪا وٺي ڏئي. پوءِ جميل سان مخاطب ٿيندي، چيائين اچ بابا جميل! توھان کي رانديڪا ڏيان.

پوءِ کيس اسٽور مان ھڪ ڀريل ٿيلِھي ڏنائين. جنھن تي مٽيءَ جا ڍير لڳل ھئا. جميل اھا ٿيلھي کولي به رھيو ھو ۽ مٽيءَ سبب کنگهي به رھيو ھو. ٿيلھي ۾ ڏٺائين، ته سڀئي رانديڪا بلڪل ڀڳل ۽ ٽُٽلَ ھئا. کيڏڻ جي لائق نه ھئا. انھن ۾ ڪوبه رانديڪو اھڙو نه ھو، جنھن سان راند ڪُڏي سگهجي.

آخر جڏھن سندس ماءُ سدوري ڪم مان واندي ٿي، ته ھُو اھا ٿيلھي کڻي ماءُ سان گڏ گهر روانو ٿيو. گهر اچي ٿيلھيءَ کي پاسي تي رکي جاري ۾ رکيل ڪافُور جو گُڏو کڻي ان سان کيڏڻ لڳو. اھو سوچيندي ته غريبن کي خواب به حيثيت آھر ڏسڻ گهرجن.                      ***

ذيشان جمالي بکرجمالي /سعيد آباد

درگذر ڪرڻ

ابوالڪلام چوي ٿو، هڪ رات کاڌو کائڻ جي وقت منھنجي والده ٻوڙ ۽ سڙيل ماني منھنجي والد جي اڳيان اچي رکي. آءٌ بابا جي ردِعمل جو انتظار ڪندو رهيس، ته شايد هو ڪاوڙ جو اظھار ڪندو، پر هن انتھائي سُڪون سان ماني کاڌي ۽ گڏوگڏ مون کان پڇيو، ته اڄ اسڪول ۾ منھنجو ڏينھن ڪيئن گذريو؟ مون کي ياد ناهي، ته مون ڇا جواب ڏنو. پر! اُن دوران منھنجي والده ماني سڙي وڃڻ تي معذرت ڪئي. منھنجي والد چيو، ڪا ڳالھه ناهي! پر مون کي ته اها ماني کائي مزو آيو. اُن رات جڏھن آءٌ پنهنجي والد کي شب بخير چوڻ هن جي ڪمري ۾ ويس، ته کانئس ان باري ۾ پڇيو، ته ڇا بابا! اوھان کي سچ پچ ۾ اها سڙيل ماني کائي مزو آيو؟

پاڻ پيار سان مون کي جواب ڏيندي، چيو پٽ! هڪ سڙيل ماني ڪوبه وڏو نقصان نٿي ڪري. پر هڪ تلخ ردعمل ۽ بد زباني انسان جي جذبات کي مجروح ڪري ٿي ڇڏي. منھنجا ٻچا هيءَ دُنيا بيشمار ناپسنديده شين ۽ ماڻھن سان ڀري پئي آهي. آءٌ به ڪو بھترين يا مڪمل انسان ناهيان ۽ آءٌ اهو سمجھان ٿو، ته اسان جي ارد گرد جي ماڻھن کان به غلطي ٿي سگھي ٿي. هڪٻئي جي غلطين کي درگذر ڪرڻ، رشتن کي خوش اسلوبي سان نبھائڻ  اعليٰ ظرفي جو مظاهرو ڪرڻ ئي تعلقات ۾ بھتري جو سبب بڻجي ٿو. اسان جي زندگي ايڏي، ته  مختصر آهي، جو ان ۾  معذرت ۽ پڇتاءُ جي ڪائي گنجائش نه هجڻ گھرجي.                       ***


 

سرمد عباسي /خانواهڻ            (قسط: اوڻويھه)

سپِي،  سارنگ ۽ مَتارو

} ٻاراڻو ناول {

پويان کان ايندڙ فالسو ۽ ٻيا ڪتا به ويجهو پھچي ويا ھئا. ھُو،ڪتن جي گهيري ۾ ڦاسي پيا ھئا. ھائنا ھي ڪتا ناھن. ھي ته ھائنا آھن. بگهڙ جو ھڪ قسم.  فھيم، ڳيت ڏيندي چيو.

”بگهڙَ. مري وياسين.“ فواد پوئتي ٿيندي چيو. ڪُتا به گِگُون ڳاڙيندا پھچي ويا ھئا ۽ ٺٺولَ وچان بگهڙن ڏانھن ڏسي عجب جھڙيون چِيٽُون ڪرڻ شروع ڪيائون. ڪُوڪل. منھنجا پيارا دوست. سارنگ رڙ ڪئي ۽ بگهڙن ڏانھن ڊُڪيو.

بيھي رھه سارنگ اھي بگهڙَ آھن. تو کي کائي ويندا. سپيءَ به دانھن ڪئي ۽ سارنگ ڏانھن ڊوڙِي ته جيئن کيس روڪي سگهي. پنجن بگهڙن مان وڏي قدَ واري بگهڙَ، اچرج مان سارنگ ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ انَ به سارنگ ڏانھن ڊُڪڻ شروع ڪيو. سپي پنھنجي جاءِ تي بيھي رھي ۽ سارنگ کي ڏسڻَ لڳي. آڪاش سوڌو سڀني کي پڪَ ٿي وئي ته بگهڙ سارنگ کي کائي ويندا. پر اھو ڏسي سڀ وائڙا ٿي ويا، ته وڏي قد واري بگهڙ سارنگ وٽ پھچي پھرين کيس سِنگهيو ۽ پوءِ سندس بُتَ کي چَٽڻ شروع ڪري ڏنائين. ”سارنگ! منھنجا پِتڪڙا دوست.“ بگهڙ ڳري آواز ۾ چيو ۽ سارنگ جي ڪنڌ تي پنھنجي مُنڍي رکي ڇڏيائين. سارنگَ به پنھنجو مُنھن بگهڙ جي ڳچيءَ سان لاھي اکيون ٻُوٽي ڇڏيون. ”ڪُوڪل! بند ڪر اھو ناٽڪ ۽ منھنجا شڪارَ، منھنجي حوالي ڪري ڇڏ.“ پويان بيٺل فالسي ڪاوڙ مان چيو ۽ ڀؤنڪڻ لڳو. ڪوڪل اکيون کولي فالسي ڏانھن نھارڻَ لڳو. ھنَ جا ڀوائتا ڏندَ به ڏسڻَ ۾ پئي آيا. سِپي ڊڄُ نه. ھيءُ منھنجو دوست ڪُوڪل آھي. ھيءُ اوھان کي ڪو نه کائيندو. سارنگ سپيءَ ڏانھن ڏسي چيو. اھو ٻُڌي سپيءَ کي ڪارٽون سيريز ”سارنگ ۽ متارو“ ياد اچي وئي. ان ۾ ڪڏھن ڪڏھن ڪُوڪل به ڏيکاريندا ھئا. جيڪو ھر ڏکيءَ ويل ۾ سارنگ جي واھر ڪندو ھو. اڙي ھا! مون ته ھاڻي سڃاتو. ڪوڪل سدائين توکي متاري کان بچائيندو آھي.  سپيءَ مُرڪندي چيو. اھو ٻُڌي آڪاش، فھيم ۽ فواد سُرھا ٿي ويا. نه ته پاڻَ کي ڪُتن ۽ بگهڙن جي وچَ ۾ ڏسي ھنن کي پنھنجو موتُ پئي ڏسڻَ ۾ آيو. بچي وياسين.  فواد، فھيم ڏانھن ڏسندي چيو.

ھِي سڀُ منھنجا دوستَ آھن فالسا. تنھنجي ڀلائي ان ۾ آھي، ته تون ھتان ھليو وڃ. ڪوڪل، فالسي کي چيو ۽ اُڀ ڏانھن مُنھن ڪري اوناڙَ ڪئي. ھن کي ڏسي ٻيا بگهڙَ به ايئن ڪرڻ لڳا. توھان پنج ڄڻا، اسان ٽيھن جي ٽولي سان وڙهندؤ. حياتي پياري ڪونه اَٿئي ڇا ڪوڪل؟ فالسي ٽھڪ ڏئي چيو.

پھريان، پُٺتي مُڙي ڏِسُ پوءِ وڙھڻَ جي ڪجانءِ. ڪُوڪل به ساڳئي نموني چيو. فالسي ۽ سندن ساٿين جيئن پُٺتي مڙي ڏٺو، کانئن دانھون نڪري ويون. ھنن جي پويان، ٻيا بگهڙ به پھچي ويا ھئا. جن جو انگُ، ڪُتن کان به گهڻو ھو. ڪُتا ھيسجي ويا ۽ ھڪٻئي سان پُڇَ گڏائي گول گول گهمندي ڊِنلَ آوازَ ڪڍڻَ لڳا. سارنگَ، پنھنجن دوستن کي وٺي وڻن ۾ ھليو وڃ. اُتي ھڪ ويڪرو ميدان آھي. ميدان ۾ اسان جون ڏَرُون آھن. توھان سڀ اُتي ويھي اسان جو اوسيئڙو ڪيو. اسان ھنن کي پُورو ڪري اِجهو آياسون.  ڪوڪل، سارنگ کي چيو ۽ پنھنجي ڊگهي ڳچي سِيٽائي، ڀوائتا آواز ڪڍندو فالسي ڏانھن وڌڻَ لڳو. راتِ جي اُوندهه ۽ مينھن جي وسڪاري ۾ موتمار جانورن جا ٻه ٽولا، ھڪٻئي سان جنگ جوٽڻَ لاءِ تيار ھئا.  اچو.جلدي ڪيو. آڪاش ٽارچ جي سُھائي وڻن ڏانھن ڪندي چيو. اھو ٻڌي سڀُ تڪڙا تڪڙا ھلندا وڻن ۾ گهڙي ويا. ھنن جي ويندي ئي ڪوڪل، اُوناڙ جو آواز ڪڍيو ۽ ڪُتن ڏانھن ڊڪڻَ لڳو.                        ***

سپي، سارنگ، آڪاش، فھيم ۽ فواد پنھنجو سامان ھڪ پاسي رکيو ۽ سڀ گڏجي ھڪ وڻ ھيٺان ويھي رھيا. مينھن به لاڳيتو وسي رھيو ھو. ڪاري جهڙَ ۾ رَکي رَکي کنوڻ جي چمڪاٽن سان گڏ ٺڪاءَ به ٿي رھيا ھئا. سپيءَ کي اڃان به نِڇون پئي آيون. آڪاش وٽ ٽارچ ھئي.انَ جي سُھائيءَ ۾ ھنن ڏٺو، ته وڻن ۾ گهيريل ميدان ۾ بگهڙن جون ڪيتريون ئي ڏَرون ٺھيل ھيون. جن جي ڀرسان ئي مٽيءَ جا ڍيرَ، ننڍڙن جبلن جيان پئي لڳا. سارنگ، اھو ٻڌاءِ ته تُون اسان جي دنيا ۾ ڪيئن پھتين؟ ھتي ته ڪا ٽي وي ڪونهي.  فھيم، سارنگ جي پٺيءَ تي ھٿ ڦيريندي پڇيو. ادا، مان ڊُڪي رھيو ھئس ۽ متارو به منھنجي ڪڍَ ھو. مينھن به وسيو پئي. ان مھل ئي کنوڻ ٿي ۽ گجگوڙَ جو ھڪ ھيبتناڪ ٺڪاءَ جيان آواز ٿيو. منھنجي مغز کي ڦيري اچي وئي ۽ اکين آڏو اوندهه پکڙجي وئي. جڏھن مان پاڻَ کي سنڀاريو ۽ ڪجهه ڏسڻَ جھڙو ٿيس، ته مان پاڻَ کي سپيءَ جي گهر ۾ ڏٺو. بس ادا مون کي ته اھا ئي خبر آھي. سارنگ وراڻيو.

”اھو سڀ ڪھڙي ھنڌ ٿيو ھو؟“ آڪاش پڇيو. ”انھن ڊَڀن ۾.“ سارنگ ٻڌايو. سڀ ماٺِ ٿي ويا. اوچتو ئي ڪُتن ۽ بَگهڙن جي ڪاوڙيل آوازن کين ڇِرڪائي وڌو. ڪُتن ۽ بگهڙن جي وچ ۾ ويڙھاند شروع ٿي وئي ھئي. ھنن جون دليون ڪَنبڻَ لڳيون ۽ ھو ڊَپَ وچان ھڪٻئي ڏانھن نھارڻَ لڳا. کين اھا ڄاڻَ نه ھئي ته انَ ويڙهه ۾ سوڀَ ڪنھن جي ٿيندي؟ ھنن جو انتُ ڪھڙو ٿيندو؟ ھو پنھنجي دنيا ۾ ويندا يا ڪارٽون سيريز ”سارنگ ۽ متارو“ جا ڪارٽون ٿي ويندا؟ ذري گهٽ ڏھن منٽن تائين ڪُتن ۽ بَگهڙن جون دانھون اينديون رھيون. انَ کان پوءِ ماٺِ پکڙجي وئي. ھو سڀ به ماٺ ڪيون ويٺا رھيا ۽ سوچيندا رھيا، ته اِجهو ٿو فالسو يا ڪوڪل اچي سندن قسمت جو فيصلو ڪري. پرَ، ڪوڪل ۽ فالسي بدران ڪو ٻِيو اچي ويو. ھنن کان ٿورو ئي پرتي رکيل سامان وٽ ڪجهه کُڙڪا ٿيا. ھو سڀ ڇِرڪجي اوڏانھن نھارڻَ لڳا. آڪاشَ کي پڇتاءُ ٿيڻ لڳو، ته ھنَ سامانُ پاڻَ کان پري ڇو رکيو؟ ٽنهي جون بندوقون به ٻِئي سامان سان گڏ پيل ھيون.

”ڪير آھي؟“ آڪاش ٽارچ، سامان واري پاسي ڪندي پڇيو. مان آھيان. متارو.“ ھڪ آواز آيو ۽ سڀني جا لڱ ڪانڊارجي ويا. ٽارچ جي سُھائيءَ ۾ متاري کي پنھنجي آڏو بيٺل ڏسي ھو سڀُ اُٿي بيھي رھيا.....                              (هلندڙ.......)


 

عبدالسميع ابن الھيار ڄام شورو               (قسط: ستين)

سڙهه

نه سي تَڙِ هوڙاڪَ، نه وايُون وَڻِجارَنِ جِيُون

سَرَتِيُون سامُونڊرين جا، اَڄُ پُڻ چِڪِيَمِ چَاڪَ

مارِينِم فِراقَ، پاڙيچِيُون پِرينِ جا.

سندس جھازي عملو خاص ڪري صديق بابا وري يمن جي عبدالله ۽ ڪريمه جو شفيق ۽ مھربان لھجو. ھڪ دل سوچيائين، ته عبدالله ۽ ڪريمه ڏانھن واپس وڃي کين ڏنل ڪتاب جو نقل ڪري ٻيھر طب جي دنيا ۾ پاڻ مڃايان. وري خيال ٿيس، ته ايترو ڪجهه ٿي وڃڻ کان پوءِ مٿن ڪھڙو بار ٿيان. نيٺ ڏينھن جي شروعات ٿي ۽ سڀ قافلي وارا ھلڻ جا سانباها ڪرڻ لڳا.

سنڌيار ڏٺو، ته هڪ شخص وٽ ھڪ صندوق ۽ ڪجهه رڍون آھن. پر اڪيلي ھوندي کيس رڍن سنڀالڻ ۾ ڪافي ڏکيائي پئي ٿي. سنڌيار وٽس ويو ۽ مزدور رکڻ جي پڇا ڪيائين. ان شخص چيو ھا بلڪل مون کي ھڪ مزدور کپي. جيڪو رڍن يا صندوق ٻنھي مان ڪا ھڪ شيءِ سنڀالي، مان پنجويھه درھم ڏھاڙي جي حساب سان ڏيندس، جيسين وڃي مسقط شھر پھچون. سنڌيار کيس ٻنھي ڪمن ۾ مدد جو چيو ۽ ٽيھن درھمن تو سودو طيءِ ٿيو. واري سر واري ھڪ ٻئي جي مدد ڪندا، قافلي سان گڏ ھو مسقط ڏانھن روانا ٿيا نه ڄاڻ قسمت اڳتي ڪھڙو کيل رچائي رکيو ھجي. پر اميد ھميشه سٺي رکڻ گھرجي ۽ ھر حال ۾ پاڻ کي متحرڪ ۽ مثبت رکجي، جيئن شيون قبول ڪرڻ آسان لڳن ۽ غم جو اثر گھٽبو وڃي.

 ان شخص ٻڌايو، ته سندس نالو مقبول آهي ۽ ھي سامان سندس مالڪ جو آھي. مقبول ھڪ وفادار نوڪر ھو، جنھن کي سُٺي نسل جون رڍون وٺڻ لاءِ موڪليو ويو ھو. واپسيءَ ۾ اچانڪ کيس خط مليو، ته فلاڻي هنڌان سامان جي ھڪ پيٽي کڻايون اچج. جنھن ڪري ھو ان ٻيڻي خفي ۾ پئجي ويو. قافلي وارا ھڪ گهر جي ڀاتين جيان لڳي رھيا ھئا. توڙي جو سندن مقصد ۽ منزل ڌار ڌار ھئا. پر تنھن ھوندي به سفر ته ساڳيو ھو. ريگستان جي پنڌ ۾ وڏي ۾ وڏي دشمن گرمي ھئي. ٻيو قسم قسم جا جيت جڻيا ۽ جانور، خاص ڪري وڇُن ۽ واريءَ ھيٺ لڪيل ڀُورن نانگن جو ڊپ ھر وقت رھندو ھو. ڪٿي ڪا وستي واھڻ آيو ٿئي، ته مسافرن پاڻي ۽ ضروري سامان کنيو ٿي، نه ته پاڻيءَ جي ھڪ پخال به ڪي ڏينھن ھلائڻي پوندي ھئي. نه ڄاڻ اڳيان ڪيترو پنڌ ھجي ۽ ڪھڙي رُڃ ھجي.

مسقط شھر ڏانھن ويندي مقبول ۽ سنڌيار جي پاڻ ۾ ڪافي گھرائپ ٿي وئي. سنڌيار کي خبر پئي ته مسقط کان به سمنڊ ويجھو آھي ۽ اتي بندرگاھه آھي، جتي سنڌ ۽ نيشاپور (ايران) جا جھاز ايندا رھندا آھن. تڏھن دل ۾ خيال ٿيس، ته شايد قدرت وارو منھنجي رھبري ڪري رھيو آھي ۽ مناسب حالتون جڙنديون پيون وڃن. اگر خدا چاھيو، ته مسقط جي بندرگاھه تان ئي نيشاپور يا اڃان اڳتي جو سفر شروع ڪبو. پر سنڌيار ھاڻ دل جي ڳالھه ٻين سان گهٽ ڪڍندو ھو. کيس معلوم ٿي ويو ھو، ته راز رکڻ وڏي طاقت آهي ۽ پنھنجي ارادن کي خاموشيءَ سان پورو ڪجي ڇاڪاڻ ته دوست ٿورا ۽ دشمن گهڻا آھن، ان ڪري حاضر دماغ رھڻ ۾ ئي ڀلائي آھي.

اربع ڏينھن خيرن سان سنڌيار ۽ مقبول مسقط پھتا، مقبول پنھنجي مالڪ سوداگر سان سنڌيار جي ڏاڍي نيڪي ڪئي. سوداگر قدردان ۽ ملنسار ماڻھو ھو. تنھن سنڌيار سان ملاقات ڪئي. کانئس حال احوال ورتا. سنڌيار بس کيس ايترو ٻڌايو، ته ھو طب پڙھڻ ويو ھو ۽ ھاڻ واپس سنڌ وڃي رھيو آھي. اھو ٻُڌي سوداگر پنھنجي دل ۾ چُڀندڙ ھڪ ڳالھه ٻُڌائي، ته سندس ڌيءَ جنھن جي عمر سترنھن سال آھي، ڏاڍي بيمار رھي ٿي. کيس سال کن کان اھا حالت آھي، جو جيڪو کائي ٿي سو اُلٽي (قئي) ڪري ڇڏي ٿي. بس ڏينھن ۾ ھڪ اڌ گلاس کير جو پي سگهي ٿي سو به ڍُڪ ڍُڪ ڪري.

سنڌيار ان نينگريءَ کي ڏسڻ جو چيو. جڏھن پردو ڪرايو ويو ۽ سنڌيار گهر وڃي، ان ڇوڪريءَ کي ڏٺو، ته ويچاري بستري پيل ھڏن جي موڙي لڳي رھي ھئي. ڀلا جيڪو کائي پي نه سگهي، تنھن ۾ وري ڪھڙو ماس ھوندو. سنڌيار ڏسي تپاسي ۽ سوداگر کي چيائين، ته گوشت جي ڀاڄي ۽ جَوَن جي ماني تيار ڪيو. ايتري ۾ پاڻ ھڪ پنو کڻي تنھن تي ڪن جڙي ٻوٽين جا نالا لکيائين. جي خادم جهٽ وٺي آيو. جڏھن ماني تيار ٿي، ته اھا سوداگر زاديءَ کي کارائي وئي. ستت ئي سنڌيار کيس زمين تي اونڌو ليٽڻ جو چيو ۽ ھڪ ٻانھيءَ کي سندس پُٺي لتاڙڻ جو چيائين. سڀ اچرج ۾ ھئا، ته ھي ڪھڙي قسم جو علاج آھي؟ ويچاري نينگري ھونءَ نه مري ايئن مري ئي مري. جڏھن سنڌيار نينگريءَ کي اُٿي ويھڻ جو چيو. ھوءَ ويچاري ٽيڪن سان مٿي ٿي ويٺي. قدرت خدا جي ان کان پوءِ کيس اُلٽي بلڪل به نه ٿي. تڏھن سنڌيار کيس آندل جڙي ٻوٽين جو شربت ٺاھي پيئڻ جي صلاح ڏني ۽ پڪ ڏياري، ته قدرت واري جي ڪرم سان تون ھفتي ۾ چڱي ڀلي ٿي پوندينءَ.

سوداگر جو پنھنجي ڌيءَ کي ايترو سڌاري ۾ ڏٺو، سو ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو. ڏاڍو خوش ٿيو. سنڌيار کي پنج ٿيلھيون اشرفين جون ۽ ڏھه رڍون انعام ڏنائين. سنڌيار به ڏاڍو سُرھو ٿيو ۽ سوچڻ لڳو، ته جيڪڏھن منھنجو ڪجهه سامان لبيب ھٿان چوري ٿي ويو، ته ربّ سائين وري اڃا وڌيڪ عطا ڪري ڇڏيو. پوءِ ھن ھڪ ڳوٿري مقبول کي ڏني ۽ پنھنجون رڍون اُتي ئي امانت ڪري سوداگر کي ڏئي، پاڻ سفر جي تياري ڪرڻ لڳو. ارادو ھئس، ته جلد کان جلد بندرگاھه تي پھچان. جيئن سويل ڪو ٻيڙو ملي، ته وڃي وطن پڄان. ھن ضروري سامان وٺڻ لاءِ بازار جو چڪر ڏنو. جتي ھڪ دڪان تي ميرب جي ڀولڙي ٻڌل ڏٺائين. سنڌيار سوچڻ لڳو ڪيئن به پر ھيءَ ڀولڙي ته ميرب جي آھي. جيڪا جھاز تي ھروقت سندس ڪُلھي تي چنبڙي پئي ھوندي ھئي، پر ھتي ڪيئن پھتي. دل ۾ عجيب عجيب سوال کڻي، ھو ان دڪان واري سان مخاطب ٿيو جنھن وٽ ڀولڙي ٻڌل ھئي.                (هلندڙ........)


 

وفا منظور چوهاڻ ٻاراڻي ادب جو هڪ گهڻ لکو ۽ منفرد لکاري آهي. جڏهن به ٻاراڻي ادب جو ذڪر ٿئي ٿو، ته ’وفا‘ جو نالو دل تي تري اچي ٿو. تازو ئي ٻاراڻي ادب جي حوالي سان وفا منظور جو ٻارن لاءِ مزاحيه ڊرامن/ ناٽڪن جو مجموعو  نبن هليو ٻڪرو وٺڻ مئي 2026ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. سنڌي ٻاراڻي ادب جي ناٽڪ جي صنف تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي. مطلب ته اهو ڪم ”اٽي ۾ لوڻ برابر“ مس ٿيو آهي. وفا منظور چوهاڻ ٻاراڻن ناٽڪن تي اڳ به ڪم ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب توڙي ٻيا اڻ ڇپيل ڪتاب هن ڳالھه جي ساکَ ڀرين ٿا، ته وفا هن کيتر ۾ وڏو ڪم ڪري رهيو آهي.

”نبن هليو ٻڪرو وٺڻ“ به هن سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. هيءُ ڪتاب ٻاراڻن مزاحيه ناٽڪن جو مجموعو آهي. جنھن ۾ ڇھه  ناٽڪ شامل آهن. جن جو مختصر ذڪر هيٺ ڪجي ٿو.

هن ڪتاب جو پھريون ناٽڪ ”نبن هليو ٻڪرو وٺڻ“ ٽائيٽل ناٽڪ آهي. هن ناٽڪ ۾ عيد جي حوالي سان قرباني ۽ مھانگائي کي موضوع بڻايو ويو آهي. نبن هي آس ۽ اُميد رکي ۽ کيسي ۾ ٻه ٽي هزار کڻي هلي ٿو. جڏهن پڙيءَ جي وچ ۾ پھچي ٿو، ته ٻڪرن جا اگهه وڌيڪ هئڻ ڪري، ٻڪرو نه ٿو وٺي سگهي. بلڪ خالي هٿين آس کي نراس ڪري پوئين پير موٽي ٿو. مطلب ته مھانگائي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آهي، جو نبن عيد جي خوشي به چڱي طرح ملھائي نٿو سگهي.

”راجو شرارتي“ هي ٻيو ناٽڪ آهي. جنھن ۾ هن ڇوڪري جي حرڪتن جو هُڳاءُ آهي. هن جون شرارتون پيٽ ۾ پلجڻ کان شروع ٿين ٿيون ۽ وري هن دنيا ۾ اچڻ سان ته وڌي وڻ ٿين ٿيون. شرارتن جي ڇيھه ۾ هن کي سيکت ۽ سزا به اچي ٿي. پر پوءِ به  مُڙڻ ڄڻ هن لاءِ مھڻو ٿئي ٿو. آخرڪار راجو کي اُستاد حرڪتن ۽ شرارتن کان پري رهڻ لاءِ سُھڻي صلاح ڏئي ٿو  ۽ ان جو اثر راجو جي دل تي ٿئي ٿو، ته هو هاڻي شرارتي عادت ختم ڪري ڇڏي آهي. نٿو ٻُڌي. ائين هن خراب عادت کان راجو پاند آجا ڪري ٿو.

هن ڪتاب ۾ ٽيون ناٽڪ ”زمين ڪلراٺي ۽ پاڻيءَ جي نمڪيات“ جي عنوان سان شامل آهي. هن ناٽڪ ۾ اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ته واهن ۽ شاخن ۾ ڪيميڪل مليل ۽ گند ڪچري گاڏڙ پاڻي اچي ڪري زرعي زمينن ۽ فصلن کي نقصان پھچائي رهيو آهي. جنھن سان فصل جي اُپت مزي جي نه ٿي لھي. مٿان وري ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائون به مھانگيون هئڻ ڪري هاريءَ جا هاڃا لڳي وڃن ٿا.

چوٿون ناٽڪ ”فقير جي صدا“ آهي. جنھن ۾ فقيرن جا ڦَند ۽ مِڪرَ ڏيکاريل آهن. جو هو ڊرامي بازي ڪري ڪيئن ماڻھن کي ڦُري ناس ڪن ٿا. سجاد نالي همراهه فقيرن جا اُهي ڦَند ڏسي ٿو، ته هڪڙو رپيو به ڪنھن فقير کي نٿو ڏئي. هن ڊرامي ۾ شعر و  شاعري ذريعي مڪالمي بازي به ڪئي وڃي ٿي. جيڪا هڪ انفرادي ڳالھه آهي.

پنجون ناٽڪ ”انڌير نگري چرٻٽ راجا“ جي عنوان سان آهي. هن ناٽڪ ۾ لالوءَ جا ٻڪرَا، چور ڏينھن شينھن ۾ چوري ڪن ٿا، پر قضا سان لالو هڪ چور کي پڪڙي ٿو. پوءِ ان جي لتريشن ڪندي ڇنڇري لاهي ٿو. لالو وٽ اهي ٻڪرا صوبيدا زاهد جا بيھاريل هئا. اُن ڪري چور کي صوبيدار زاهد ڏانھن کنڀي کڻي وڃي ٿو، ته زاهد چور تي ته چٽي وجهي ٿو، پر اُتر ۾ لالوءَ تي به پڻ ڏنڊ هڻي ٿو، ته تنھنجي غفلت جي ڪري، چورن کي وارو مليو جو هو اندر گهڙي منھنجي ٻڪرن کي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ائين لالو ويچارو ”ڏاڍي جي لٺ جي مار“ کائي ٿو. مطلب ته جتي انڌير نگري هوندي آهي، ته اُتي ائين ٿيندو رهندو آهي.

ڇھون ۽ آخري ناٽڪ ”ياسر ۽ جواد جي ڳالھه ٻولھه“ جي موضوع سان آهي. هن ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي، ته گهڻا ڪتاب ۽ وڏو ڪورس شاگردن کي ٿڪائي وجهي ٿو. شاگردن کي اسڪول ته ٺھيو، پر گهر ۾ به واندڪائي نه ٿي ملي. جنھن جي ڪري انھن تي ذهني دٻاءُ وڌي وڃي ٿو. ائين اخبار ۾ اچي ٿو، ته تعليمي ماهرن ڪورس مختصر ڪرڻ لاءِ حڪومت کي سفارش ڪن ٿا. اهڙي طرح جڏهن ياسر ۽ جواد اهي ڳالھيون پڙهن ٿا، ته انھن جي پيٽ ۾ ساهه پوي ٿو، ته اسان جي ربّ تعاليٰ ٻُڌي، جو اسان تان ڪورس جو بار هلڪو ٿيندو ۽ اسان ڪو سُک جو ساهه کڻنداسين.

بھرحال وفا منظور چوهاڻ جو ٻاراڻن ناٽڪن تي مزاحيه نموني لکيل هي ڪتاب ”نبن هليو ٻڪرو وٺڻ“ جيڪو 48 صفحن تي سُھڻي ٽائيٽل سان ڇپيل آهي، جنھن کي ’مھراڻ ادبي سنگت شڪارپور‘ ڇاپيو آهي.  هيءُ ڪتاب  ٻاراڻي ادبي حصي ۾ پنھنجي جڳھه والاريندو. جڏهن به سنڌي ٻاراڻي ادب خاص طرح ناٽڪن جو نانءُ ايندو، ته ان وقت هن ڪتاب جو نالو ۽ ان سان ’وفا منظور چوهاڻ‘ جو نالو ضرور پنھنجي اهميت اُجاگر ڪندو.                         ***


 

السلام عليڪم ايڊيٽر گُل ڦُل رسالو، اسان جي اسڪول ۽ آسپاس جا ٻارڙا گُل ڦُل شوق سان پڙھندا آهن. توهان جي محنت ۽ لگن سان رسالو اڃان ترقي ڪندو توهان جي مھرباني مون کي اعزازي ڪاپي موڪليو ٿا ان کانسواءِ مان 20 ڪاپيون ھر مھيني گھرائيندو آھيان. ھن رسالي ۾ ڪھاڻيون، لطيفي لات سلسلو، تعارف، اوھان جا خط ۽ خوبصورت شاعري پڙھي ٻار خوش ٿيندا آهن. ان کانسواءِ ڄاڻ پڻ حاصل ڪن ٿا. ٻارڙا خاص ڪري پنھنجون تصويرون ڏسي خوش ٿيندا آهن. منھنجي دعا آھي، ته گُل ڦُل رسالو اڃان به وڌيڪ ترقي ڪري.(آمين)

آخوند نور احمد ڏهوٽ

ڦلجي اسٽيشن دادو

***

جناب ايڊيٽر گُل ڦُل اسلام عليڪم، ادا رفيق جمالي صاحب، اُميد آهي، ته توهان خيريت سان ھوندا. ماهوار گُل ڦُل ۾ شايع ڪرڻ لاءِ ھن ڀيري مان پنھنجي ننڍڙي ڪزن عروج عبدالغفار جي تصوير موڪلي رھيو آھيان، ننڍڙي عروج رسالي جي شائق پڙھندڙ آھي ۽ سندس خواھش آھي، ته ان جي تصوير رسالي ۾ ڇپجي اچي، ان مھرباني تي اسان توهان جا ٿورائتا رهنداسين.

عبدالسميع الهيار

ڄامشورو

***

محترم محمد رفيق جمالي صاحب ايڊيٽر ماهوار گُل ڦُل السلام عليڪم! اُميد ته اوهان خوش ھوندا، سائين عرض ته ماهوار گُل ڦُل رسالي ڏانھن ٻارڙن لاءِ نڪور ڪھاڻي ۽ نعت اُماڻي رهيو آهيان، اُميد ته اڳ جيان ئي مانائتي موٽ ڏيندا. مھرباني

امداد ”عاجز“ نصيراڻي

ڀٽائي ڪالوني نزد منڊو ڦاٽڪ شڪارپور

***

محترم محمد رفيق جمالي صاحب ايڊيٽر ماهوار گُل ڦُل. السلام عليڪم! اُميد ته اوهان خوش ھوندا، سائين عرض ته تمام گهڻي عرصي کانپوءِ گُل ڦُل رسالي ڏانھن ڪھاڻي اُماڻي رهيو آهيان، اُميد ته مانائتي موٽ ڏيندا مھرباني.

امداد الله گھنڃو

اسٽيشن روڊ داون شاهه محلا شڪارپور

***

السلام عليڪم ايڊيٽر رفيق جمالي صاحب، بعد از سلام جي عرض ته اوهان سان فون تي رابطو ٿيو هو ۽ اڄ مان هن خط سان گڏ وفا منظور چوهاڻ جو ڪتاب ”نبن هليو ٻڪرو وٺڻ“ ٻه ڪاپيون ۽ ان سان گڏ ٻيا ڪتاب به موڪلي رهيو آهيان. جيڪي وفا اوهان لاءِ موڪليا آھن. ڪتابن سان گڏ ”نبن هليو ٻڪرو وٺڻ“ تي ٻن اڍائي صفحن تي لکيل تبصرو به موڪلي رهيو آهيان، ته اُن کي ايندڙ گُل ڦُل جي شماري ۾ شامل ڪري مانُ بخشيندا.

عبدالواسع سهندڙو

ايوب ڪالوني نزد پبلڪ اسڪول شڪارپور

***


 

 


 

 

 


 

لطيفي لات جو نتيجو

جون  2026ع جي ماهوار شماري ۾ ”لطيفي لات“ جي سلسلي ۾ ڏنل بيت ”سُر يمن“ جي داستان پنجين جو ٽيو نمبر بيت آھي.

بيت جي سمجھاڻي ۽ مفھوم:

عام پڙهيل الائجي ڪيترا ڪتاب پيا پڙهن، پر دل ۾ انھن جي معنيٰ ۽ مطلب تي غور نٿا ڪن بلڪ هو ته پاڻ وڌيڪ ڏوهه پيا ڪن، جيئن وڌيڪ ڪتاب پيا پڙهن۽ انھن جا ورق پيا اُٿلائين. (پرينءَ کان پري ٿيندا پيا وڃن.)

بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:

*آسيه غفور چانڊيو: ڪلاس ڏهون، پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ضلع نوشھروفيروز.

*دعاءِ زينب ٻٻر: ڪلاس ستون، گورنمينٽ ايس ڪي رحيم گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد.

*رايان علي ڀٽي: ڪلاس چوٿون، ڪيئر هائوس اسڪول حيدرآباد.

*صفي الله سومرو: ڪلاس ستون، پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ضلع نوشھروفيروز.

*محمود سومرو: ڪلاس ٽيون، پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول، ٺارو شاهه، ضلع نوشھروفيروز.

*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن دادو.

*مريم لاکو: اقصيٰ ماڊل هاءِ اسڪول هالا نوان.

*عدنان علي: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول آراضي سيوھڻ.

*قرار حسين علوي: ڪلاس چوٿون، اقصيٰ ماڊل هاءِ اسڪول هالا نوان

*فردوس علوي: ڪلاس اٺون، گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول هالا نوان.

*احسان جمالي: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ پاهڙ خان جمالي.

*محمد ايان ڀٽي: ڪلاس ٻيو گريٽ پاڪستان چلڊرين اڪيڊمي حيدرآباد.

*ام حبيبه: ڪلاس ڇھون، مريم ايليمينٽري اسڪول حيدرآباد.

بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان
دعاءِ زينب ٻٻر جو ڪُڻو نڪتو آھي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران
’گُل ڦُل‘ رسالي جي ڪاپي موڪلجي ٿي.   

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org