|

شاهه جو
پيغام
[13]
اَکِين کي آرامُ، پِرينءَ ڌاران نه پِئو
ٿِيَنِ تي تَمامُ، جي پَسَنِ مُنھُ مَحَبوبَ جو.
سمجهاڻي:
اکين کي محبوب جي ڏسڻ کان سواءِ هڪ پل به آرام نٿو
اچي، اهي جڏهن محبوب جو چھرو ڏسن ٿيون تڏهن وڃي
سڪون ۾ اچن ٿيون.
[14]
اکيون پِريَمِ تُنھنجِيون، ڪَٽاري جي ڪارِ
کوڙِي کَڻُ مَ سُپِرين، چاڪَ وِجَهنِ چَؤڌار
ساجَن سَنئون نِھارِ، ته وَڃنِ سُورَ سَنڌيون
ڪَيو.
سمجهاڻي:
اکيون ڪٽاري (ننڍي خنجر) جو ڪم ڪن ٿيون. وري جڏهن
تون اهي (تکي گهور سان) خنجر جيان کپائي هڻين ٿو
ته اهي منھنجي بدن ۾ هر طرف کان چير وجهي ڇڏين
ٿيون. ليڪن جڏهن تون سنئون سڌو نھارين ٿو (مھر
واري نظر ڪرين ٿو) ته سور وچان وٿيون ڪري پري ڀڄي
وڃن ٿا.
[15]
اَکِينِ کي آئون، جانڪي جهَلون پائِيَان
لوڪُ لَتاڙي نِنڊَر ۾، ساجَنُ سُــو
نـــــــٺَائُون
مون کي مارِيائُون، پاڻُ پَرِچي آئيُون.
سمجهاڻي:
مون اکين کي ڪيترو به زور سان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر
اهي ننڊ (خواب) ۾ سڄي لوڪ کي اورانگهي (نظرانداز
ڪري) پنھنجي سڄڻ ۽ ساجن ڏانھن سڌو رخ رکيائون، مون
کي مصيبت ۾ وڌائون پر پاڻ محبوب جو ديدار ڪري راضي
ٿي آيون.
[16]
اَکِينِ کي آئُون، جانڪي جهَلُون پائِيَان
رءِ جَھِين جي رَتِيُون، سو سوجهي سو نٺَائون
پَسَنِ پَراهُون، اورانگهي عالَمَ کي.
سمجهاڻي:
مون اکين کي هر لحاظ کان جهلڻ جي ڪوشش ڪئي (پنھنجي
وسان نه گهٽايو) پرجنھن محبوب جو مٿن رنگ چڙهيل هو
يا جنھن جي رنگ ۾ رتل هيون، تنھن کي آخر ڳولي وڃي
ڏٺائون. پرين ڪيترو به پري هجن، پر هي سڄي جھان کي
جهاڳي وڃي ديدار ڪري آيون.
[17]
اَکِينِ کي آهِينِ، وَڏا واجَهه وِڙَهڻَ جا
اُڀِيُون مَنڊي مامِرو، جهيڙو نه لاهِين
جِئن سي ڪَڪَرَ اُڀَ ۾ تِئن آگمِيُون آهِينِ
جُهڙِ ڦڙِ نه لاهِين، وَسَنِ ساوَڻَ مِينھَن جِين.
سمجهاڻي:
اکين کي جهيڙي (وچڙڻ)ڪرڻ جا گهڻا نمونا ۽ ڍنگ اچن
ٿا. اهي جڏهن معاملو مچائي بيھن ٿيون ته پوءِ اهو
ختم نٿيون ڪن. بلڪ جئن آسمان ۾ ڪڪر اچي ويندا آهن،
تيئن هي به جهڙ وانگر ڀرجي بيھن ٿيون. اهي پوءِ
ڪڏهن سنھي مينھن جيان ته ڪڏهن وري سانوڻ جي برسات
وانگر وسڪارا پيون ڪن (لڙڪ وھائين) ۽ بند ٿيڻ جو
نالو نه وٺن!
شاهه جو رسالو
]سُر
’آسا‘
داستان ٻيو. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
سمجھاڻي ۽ مفھوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو،
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[
محمد ياسين ڪنڀر/ سلطانپور پنوعاقل
دعا
منھنجا مالڪ،
مٺڙا مالڪ.
حمّد لکان ٿو،
تنھنجا مالڪ.
لاھه تون منھنجا،
اولا، مالڪ.
سارا ڪم ڪر،
سولا، مالڪ.
منھنجو تون ئي،
مولا مالڪ.
تو در منھنجا،
ھٿڙا، مالڪ.
مُرڪن ننڍڙا،
وڏڙا، مالڪ.
تنھنجي ثنا ۾،
چپڙا، مالڪ.
***
نصير احمد
’فقير‘
چنا /گهوٽڪي
معراج نامه

ادب سان بيٺا ملائڪ پئي پڙهيون صلِّ عليٰ،
مرحبا صد مرحبا معراج ماڻيو مصطفيٰ.
ربّ حڪم ڪيو عرش تان حوران ملڪ آيا لھي،
ها وٺي بُراق سواري پيش پيو جبريلع آ.
کوڙ پيغمبر ها خوش آمد جي لئي بيٺا اڳي،
محب جي هر آسمان تي ڪيئون خوش مرحبا.
رات هڪ ارڙهن ورهيه ٿي ٻيو سڄو چرخو ٿيو چُپ،
آ ستاويھين رجب تي دنگ رهجي وئي دنيا!
ربّ جي رحمت سان ڏٺا مرسّل سڄا منظر ربّي،
بھشت، دوزخ، عرش اعظم ۽ سدرةُ المنتھيٰ.
محب ۽ محبوب جو ديدار ٿي ويو دوبدو،
قاب قوسين کان وڌ هڪ ٻئي کي هو ويجها هئا.
اي
’نصير
فقير چنا‘
ربّ سان مُرسّل ڪيو انگل،
اُمتي بخشي ڏي سڀ، مالڪ چيو ها، بخشيا.
***
ارباب علي عادل چوهاڻ/شڪارپور
علم
دل جا دروازا کُلن ٿا علم سان،
مرتبا اعليٰ ملن ٿا علم سان.
ھر جڳھه راھون ترقيءَ جون کُلن،
مانُ ۽ رُتبا وڌن ٿا علم سان.
جيترو پڙھبو سو وڌندو ايترو،
ھر اندر ۾ گُل ڦُٽن ٿا علم سان.
چنڊ تي انسان اچ وڃ ٿو ڪري،
مرحلا سولا ٿين ٿا علم سان.
ملڪ ۾ بھتر ترقيءَ جي ڪري،
چؤطرف ميڙا مچن ٿا علم سان.
زندگيءَ جا ھر منجهيل توڙي ڏکيا،
مسئلا حل سڀ ڪجن ٿا علم سان.
مشڪلاتن کي ھٽائي جڳ اندر،
اڳڀرو ھردم رھن ٿا علم سان.
ملڪ جو وھنوار بھتر ٿو ھلي،
ڪارخانا پڻ ھلن ٿا علم سان.
چنڊ تارا ۽ گرھه، ٽيڙو، ڪتيون،
راز سچ اُڀ جا کُلن ٿا علم سان.
زندگي
’عادل‘
ھتي گذري ڀلي،
سوچ جا نقشا ٺھن ٿا علم سان.
مھر فقير/ڪراچي
نمره
منھنجي ڌيءُ جو نالو نمره،
هر وقت گهر ۾ اُجالو نمره.
سالن کان بعد ڄائي آهي،
گهر ۾ خوشي آئي آهي.
مُرڪي جڏهن ٽھڪ ڏيندي آ،
ويتر ئي هوءَ خوب وڻندي آ.
امان امان پپا پپا آ چوندي،
ٻاتن ٻولن سان ماني آ گهرندي.
پنڌ ڪندي جي ڪرندي آ،
امان بابا سَڏڙا ڪندي آ.
شيءِ آ وٺڻي پيسا ڏي بابا،
مھانگپ آ سو گهڻا ڏي بابا.
ڪتاب کولي الف بي پڙهندي،
ڪاپيءَ تي آ ليڪا ڪڍندي.
چوندي بابا ڏس لکيو آ،
اڄ ئي ته ڪتاب پڙهيو آ.
بيشڪ نياڻي نينھن نسورو،
مُحبت جو آ مينھن نسورو.
چئي
’مھر
فقير‘
ڌيئر پياريون،
اسان مٿن ٿا جندڙي واريون.
منھنجي ڌيءَ جو نالو نمره،
هر وقت گهر ۾ اجالو نمره.
***
صوفي عبدالقيوم جکراڻي/جيڪب آباد
ماءُ جي محبت
ماءُ جي محبت آھي نرالي،
دعائن کان سا ناھي خالي.
ٻچڙو منھنجو سُکيو ھجي،
دعا انھيءَ جي آھي مثالي.
ماءُ جي پيرن ھيٺان جنت،
آھي حقيقت اها اُجالي.
ماءُ جي در جو خادم ٿيءُ،
اُن جي در جو بڻ پخالي.
ماءُ خدا جي نعمت آھي،
ھجي توڙي ھو ڀولي ڀالي.
’قيوم‘
ماءُ جا قدم ڌوئي پي،
سڏجين صوفي تون حلالي.
***

شفيق عاصم منگي/شڪارپور
چوسٽا
منھنجي ديس جا ننڍڙا اَدڙا،
شال ڏسين نه ڪڏهن ڏُکڙا،
ابي امڙ جي دل گُلشن جا،
سُھڻا رَنگ بَرنگي گُلڙا.
دل گُهريا دلدار ٻالڪ،
مٺڙا ماکيءَ لارَ ٻالڪ،
ڪنھن سان ڪُلفت ڪين رکن پڻ،
ڌرتيءَ جا سِينگارَ ٻالڪ،
بابا بابا دانِش سڏي ٿو،
مُسرتن جا محلَ اڏي ٿو،
هڪ جيڏن جا وٺِي هٿڙا،
گهرَ ۾ سارا ٻار گڏي ٿو.
*** |