سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جولاءِ  2026ع

باب:

صفحو:3 

سيد اعجاز علي شاهه رضوي /حيدرآباد

واقعه ڪربلا ۽ شاهه ڀٽائيرح

پرهَه پکي آئيو، ڪربلا مان ڪَھي

روضي پاڪ رسولﷺ جي تنھن هلي هاڪ هنئي

ڏٺيم رَڪَ رئي چڙهه مير محمدﷺ عربي.

هي بيت شاهه لطيفرح جي رسالي جي سُر ڪيڏاري جو آهي. جنھن ۾ هن ڪربلا جي قاصد ڪبوتر جي زباني امام حسين  جي شھادت جو اطلاع روضه ء رسولﷺ تي پھچائڻ جو احوال بيان ڪيو آهي ۽ مظلوم جي رت ۾ ليٿڙيون پاتل ڪبوتر جي زباني شاهه سائين چورائي پيو، ”مون ترارين جا تجلا ڏٺا آهن. محمدﷺ عربي تون ئي هلي انھن جي مدد لاءِ پُھچ.“

امام حسين  جن جي شھادت جو هانءُ ڏاريندڙ سانحو، سن 61 هه – 680ع ۾ ان وقت پيش آيو، جڏهن حضورﷺ جن جي رحلت کي اڃان 50 سالن جو عرصو گذريو هو ۽ اڃان اهڙا ڪيترائي انسان حيات هئا، جن پنھنجي ڪنن سان حضورﷺ جن جي زباني عظميت امام حسين  بابت ڪيترا فرمان ٻُڌا هئا. انس بن حارث  کان روايت آهي، ته مون حضورﷺ جن کي فرمائيندي ٻُڌو، ته ”منھنجي فرزند حسين  کي ان زمين تي شھيد ڪيو ويندو. جنھن جو نالو ’ڪرب و بلا‘ آهي. توهان مان جيڪو به شخص ان وقت موجود هجي. هن جي نصرت ڪري.“ ڪائنات جو هيءُ روح فرسا سانحو 10 محرم الحرام سن 61 هه – 680ع تي پيش آيو. پر ان واقعي ڪائنات جي هر شيءِ تي پنھنجا اهڙا ته اڻ مِٽ اثر ڇڏيا، جو ماهه محرم جي آمد هر شيءِ کي مغمور، افسرده ۽ سوڳوار بنائي ڇڏيندي آهي ۽ نه صرف مسلمان مومن پنھنجا لُڙڪ روڪي نه سگهندا آهن. پر ڪائنات جي هر اک حسين  جي غم ۾ اشڪبار تي ويندي آهي. ان فڪر جي وضاحت امام حسين  جن مديني کي الوداعُ چوڻ وقت پنھنجي ڀاءُ محمد حنفيه  جي نالي لکيل وصيت ۾ ڪئي آهي، جنھن ۾ پاڻ فرمايائون، ته ”آءٌ حسين بن علي  فتنه فساد، ظلم ۽ ستم، سرڪشي لاءِ پنھنجو گهر ٻار ڇڏي نه پيو وڃان، پر منھنجو مقصد ايترو آهي، ته آءٌ پنھنجي ناني رسول اللهﷺ جي اُمت جي اصلاح ڪريان. آءٌ چاهيان ٿو، ته امر باالمعروف ۽ نھي عن المنڪر کي پنھنجي ناني ۽ پيءُ جي سنت ۽ سيرت تي هلڻ جي تلقين ڪريان. جيڪو به منھنجي انھن مقصدن جي پيروي ڪندي، منھنجي ان دعوت تي لبيڪ چوندو، ته اهو ان لاءِ بھتر آهي ۽ خداوند عالم حق جي قبوليت جو اجر ڏيندڙ آهي اگر ڪو منھنجي دعوت کي قبول نه ڪري ۽ منھنجي مخالفت تي سندرو ٻُڌي بيھندو، ته آءٌ صبر کان ڪم وٺندس ۽ حق جي ڪلمي تا دستبردار نه ٿيندس. چاهي مون کي ان راهه تي اڪيلو ئي هلڻو پوي.“

خدا منھنجي ۽ هن قوم جي وچ ۾ خود فيصلو ڪرڻ فرمائيندو ۽ هو بھترين انصاف ڪندڙ آهي.

ڇا اسان ”حسيني فڪر“ کي سمجھڻ ۽ اپنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ ڇا امام حسين  مظلوم جي فڪر ۽ پيغام تي عمل ڪرڻ کان سواءِ اسين ڪيئن عمل پيرا آهيون.

پيارا ٻارؤ! دعاگو آهيون، ته ربّ تعاليٰ شال  اسان کي مظلوم امام حسين  جي نقش قدم تي هلڻ جي هدايت فرمائي ۽ اسان کي انھن هستين جي فرمانن تي عمل ڪرڻ جي توفيق فرمائي. جيئن اسين حق ۽ سچ تي عمل پيرا ٿيون.                      ***


 

}مھر فقير سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ مسلسل لکندو رھي ٿو. ھن شاعر ليکڪ جون لکڻيون سنڌي رسالن اخبارن ۾ شايع ٿينديون رھن ٿيون. ھي ليکڪ وڏي عرصي کان سنڌي ادب کي عام ڪرڻ ۾ پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. مھر فقير شھرت لاءِ نه پر سنڌ جي نئين نسل کي نيون سوچون ۽ ترقيءَ طرف وڌڻ جا نوان گسَ ڏيکاري ٿو. سنڌي ادب جي بي لوث خدمتگار مھر فقير کان ڪجهه اھم سوالن جو پُڇاڻو ڪيو آهي. اچو ته معلوم ڪيون، ته مھر فقير جا ڪھڙا ويچار آهن. ( ا . ج ){

امداد: پنھنجو تعارف ڪرايو ؟

مھر فقير: منھنجو شناختي ڪارڊ مطابق نالو اختر نواز ولد غلام نبي مھر آهي. ننڍپڻ کان اڄ تائين پيار مان بادشاهه چوندا آهن. ادبي نالو ’مھر فقير‘ آهي ۽ منھنجو جنم ڇنڇر ڏينھن 26 جون 1966ع تي ڳوٺ کاهي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور سنڌ ۾ ٿيو.

امداد: اوھان ٻارن جي ادب لاءِ لکڻ جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي ۽ اوھان ٻارن جي ادب ڏي ڪيئن متوجھه ٿيا؟

مھر فقير: ڪاليج واري زماني ۾ ادب طرف اچڻ ڪري ٻارن خاطر به لکڻ شروع ڪيو. اهو دور 1986ع جو هو. ان دور ۾ خاص ڪري گُل ڦُل پڙهندا هئاسون. جيڪو مرتضيٰ ڪتاب گهر لکيدر شڪارپور تان ملندو هو. جنھن سبب اُتان مختلف شاعرن جي شاعريءَ منجهان رهنمائي حاصل ڪري، ويتر وڌيڪ لکڻ جو جذبو جاڳيو.

امداد:  سنڌي ٻارن جو ادب ڪٿي بيٺل ڏسو ٿا، ڇا ٻارن جي ادب مان ٻار لاڀ حاصل ڪن ٿا يا نه؟

مھر فقير: ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ هن وقت ٻارن جو ادب نالي ماتر آهي. ڇو ته اڳ ٻارن جي ذهني اوسر لاءِ نه ڄاڻ ڪيترا ماهوار رسالا پابنديءَ سان شايع ٿيندا هئا. ڪافي اخبارون هفتيوار ٻارن جا صفحا شايع ڪنديون هيون. هاڻي به مئگزين، رسالا ۽ اخبارون شايع ٿين پيون، پر افسوس جو انھن ۾ ٻارن جو ڪو به حصو ڪونھي ڪو. ڇو ته اهي سڀ پي. ڊي. ايف. تائين محدود آهن. حقيقت ۾ ٻارن خاطر رسالا شايع ٿيڻ گهرجن ۽ اهي خاص ڪري سستي رقم ۾ اسڪولن ۾ ڏنا وڃن، ته آءٌ اهو يقين سان چوان ٿو، ته ائين اهڙي عمل سان ٻارن کي ضرور لاڀ ملندو.

امداد: پبليڪيشن جا ادارا سنڌي ٻارن جو ادب ڇپرائڻ ۾ ڇو پوئتي پيل آھن؟

مھر فقير: ادا اڳ هيون پبليڪيشنون جيڪي هاڻ ڪونھن ڪي، مالي وسيلن سبب رسالا شايع ٿيڻ بند ٿي ويا آهن. ٻيو ته هارڊ واري ڪم ۾ وڏي محنت ٿي گهرجي. جنھن کيPDF وڏو ڌَڪُ رسايو آهي. ٻيو ته سنڌ ۾ اڄ ڪلھه شاعرن به لکڻ بند يا گهٽ ڪيو آهي. ها مگر ٻارن جا شاعر ڪتاب شايع ڪري اُتي ٿا ورهائن جتان مٿن ڪي تاثر لکيا وڃن. نَتَ اهڙن شاعرن کي گهرجي، ته هو پنھنجي علائقي جي اسڪولن ۾ اهي ڪتاب ٻارن تائين پھچائن، ته هوند ٻالڪ ادب کي وڏي هٿي ملي سگهي ٿي.

امداد: اوھان سنڌي ٻارن جي ادب کي ڪھڙا ڪتاب ڏنا آھن؟

مھر فقير: نه ادا مان هيل تائين ٻالڪ ادب کي غربت سبب هڪ به ڪتاب نه ڏئي سگهيو آهيان. ها گهڻا سال اڳ سائين محمد ابراهيم جويو چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو کي ٻاراڻي شاعريءَ جو مواد ”ٻول هر ٻار جا“ موڪليو هيم، پر افسوس جو سائين جن Ref :SAB-2001/ 371 تاريخ 11 جون 2001ع تي هن حوالي ۽ تاريخ تي معذرت ڪندي، اهو مواد واپس ڪيو هو. سو مواد کي ڪتابي صورت نه ملي سگهيو.

امداد: اوھان جيڪو ٻارن لاءِ شاعري يا نثر لکو ٿا، ان مان ڪيترو مطمئن آھيو ؟

مھر فقير: ٻارن جي شاعري لکڻ خاطر شاعر کي ٻار ٿيڻو پوي ٿو ۽ ٻار ٿي ڪري لکڻ ڪافي مشڪل آهي. ٻيو ته هن وقت تائين جيڪو جيترو لکيو اٿم سو موضوعاتي حساب سان اڻپورو آهي. ان ڪري ذاتي طرح مطمئن ڪونه آهيان.

امداد : اوھان جو ٻاراڻو ادب پڙھي ڪنھن ٻار اوھان سان خط ڪتابت ڪئي آهي، ته اوهان جون لکڻيون اسان کي سنئون دَڳ ڏيکارن ٿيون وغيره؟

مھر فقير: اول ته ڪوڙ نه ڳالھائجي. سو سچ اهو آهي، ته هيل تائين خط لکي ڪري ڪنھن به اهڙو اظھار ڪونھي ڪيو. ٻيو ته مون ڪڏهن به ٻالڪ لکڻين ۾ پنھنجو ڏس پتو ناهي لکيو. سو ان ڪري به خط و ڪتابت نه ٿي سگهي هجي. ها باقي جيڪي خط رسالن ۾ شايع ٿيندا هئا، انھن ۾ ڪافي ٻار يا پڙهندڙ دوست اهڙو اظھار ڪندا هئا.

امداد: ٻار، ٻاراڻو نثر پڙھي ٿو يا نظم پڙھڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو؟

مھر فقير: سائين هر پڙهندڙ جي پنھنجي دلچسپي هوندي آهي. ڀل اهو ٻار هجي يا وڏو. پر لکندڙ نثر به لکندو آهي، ته نظم به لکندو آهي، سو لکندڙ ڪوشش ڪندو آهي، ته پڙهندڙن جي خدمت ۾ ٻئي شيون پيش ڪري، پوءِ سندن مرضي آهي ته هو جيڪو به پڙهي.

امداد: ٻاراڻي ادب جي تنظيمن پاران اوھان کي ڪو ايوارڊ يا مڃتا سرٽيفڪيٽ مليو آهي؟

مھر فقير:  ادا سچ ته مان هيل تائين ڪنھن به تنظيم سان گڏ ناهيان رهيو. ان ڪري ڪير به نه سڃاڻي، ها پر جنوري 2024ع ۾ مير سردار چنڙ ميسيج ڪري چيو، ته اوهان جو تعارف ۽ شاعري ڪتاب ”سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي شاعريءَ جي اينٿالاجي“ ۾ ڪتاب نمبر 109، صفحو 251 تي شامل ٿيو آهي. جيڪو ڪتاب سائين غلام مصطفيٰ سولنگي صاحب سال 2007ع ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد مان شايع ڪرايو آهي. سچ ته ان وقت ايتري خوشي ٿي، جو اها بيان نٿي ڪري سگهجي.

ٻيون: ڳڙهي ياسين جو اُستاد سائين اشرف علي سومرو جڏهن ڳوٺ حبيب جکرو ۾ پڙهائيندو هو، ته انھيءَ وقت هن منھنجي ٻاراڻي شاعريءَ جا وڏا وڏا چارٽ ٺھرائي ڪلاس جي ڀتين تي هڻي ڇڏيا هئا، ته جيئن ٻار سولائيءَ سان پڙهي سگهن.

ٽيون: خيرپور ميرس کان اُستاد ۽ ادب دوست سائين نويد ناز اُڄڻ صاحب جو وائيس ميسيج هن طرح هو، ته فقير سائين اهو جيڪو اوهان مناظرو (اُستاد ۽ شاگرد جي وچ ۾) لکيو آهي، انھيءَ جي اصل لِکت موڪليو ۽ جي اجازت ڏيو، ته آءٌ انھيءَ کي چارٽن جي صورت ۾ لِکرائي پنھنجي اسڪول ۾ هڻان، ته جيئن شاگرد به پڙهي سگهن. باقي فيس بوڪ تي اڪثر دوست ساراھه ڪري همٿائيندا رهندا آهن. جيڪو به هڪ اعزاز آهي.

امداد: ٻاراڻي ادب کي هٿي وَٺرائڻ ۾ گُل ڦُل رسالي جي ڪردار کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

مھر فقير: گُل ڦُل جو جنم يعني ڇپجڻ جي شروعات جو سال جنوري 1959ع آهي. جيڪو هن وقت تائين لڳاتار شايع ٿي رهيو آهي. جنھن نه ڄاڻ ڪيترا وڏا شاعر، شاعرائون، اديب، اديبائون ۽ ليکڪ، ليکڪائون پيدا ڪيا / ڪيون آهن. گُل ڦُل هميشه کان پنھنجو معيار بُلند ئي رکيو آهي. گُل ڦُل اڄ به ٻارن جو پسنديده ۽ سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ رسالو آهي. جنھن ۾ نثر توڙي نظم ٻارن جي ذهني اوسر ۽ علمي قوت کي سگهه بخشي ۽ نئين ڄاڻ کان واقف ڪري ٿو. اهو سڄو ڪمال لکندڙن ۽ اداري جو گڏيل ڪمال ۽ ڪريڊٽ آهي. هتي هڪ مشورو ڏيندس، ته گُل ڦُل کي خاص ڪري ٻھراڙين جي اسڪولن تائين پھچائڻ لاءِ ادبي بورڊ کي ڪو لائحه عمل جوڙڻ گهرجي، ته جيئن ٻھراڙيءَ جا ٻار به هن رسالي کي پڙهي ڪري علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪري سگهن.

امداد : ناميارا شاعر، ڪھاڻيڪار ٻارن جي ادب ۾ نٿا لکن ان جو ڪھڙو ڪارڻ آهي؟

مھر فقير: ادا عرض ته ٻارن جي شاعري اڄ به لکجي پئي، ڪتاب به شايع ٿين ٿا، اهي ڪتاب ٻارن تائين نٿا پھچن بس مھورت بعد خاص خاص دوستن کي تحفي طور ملن ٿا. جن تي وري تاثر لکجن ٿا. مطلب شھرت خاطر ڪم جاري آهي. باقي وڏا ناميارا شاعر ۽ ڪھاڻيڪار شايد انھيءَ ڪري نٿا لکن جو هاڻ وڏا ٿي ويا آهن. سي وري ٻار ٿيڻ پسند نٿا ڪن يا ڊڄن ٿا ته ڪٿي ڪو ايئن نه چئي وجهي، ته اوهان هيڏا وڏا شاعر آهيو جو اڃان به ٻارن لاءِ پيا لکو! جڏهن ته اصل ادب آهي ئي ٻالڪ ادب جيڪو هڪ بنياد آهي. سو بنياد کي مضبوط ڪجي ته بھتر ٿيندو.

امداد: درسي ڪتابن کان سواءِ سنڌي ٻار سنڌي ٻاراڻو ادب پڙھڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا يا نه؟

مھر فقير: درسي ڪتاب ته هر ٻار جي ضرورت آهي. جيئن هر پيٽ جي ضرورت آهي کاڌو، پر ڪافي ٻار اهڙا به آهن، جيڪي درسي ڪتابن کان پوءِ ٻاراڻي ادب کي وقت ڏئي پاڻ کي ذهني طرح مضبوط ڪن ٿا. ٻيو ته ٻاراڻو ادب به هر ڳوٺ ۽ هر اسڪول مطلب هر ٻار تائين به نٿو پھچي. ڇو ته ٻاراڻي شاعري جا ڪتاب به مھانگا آهن. هڪ شاگرد يا ٻار جيڪو مشڪل سان درسي ڪتاب ٿو خريد ڪري، سو ڪيئن ۽ ڪٿان وٺندو ٻاراڻي شاعري جا ڪتاب ۽ رسالا سو ٻارن جي شاعرن کي گهرجي، ته هو جڏهن ڪتاب شايع ڪرائن ته شھرن کان پري وارن اسڪولن ۾ وڃي اهي ڪتاب ٻارن کي تحفي طور ڏين يا وري اسڪول جي لائبريرين ۾ ڏين، ته جيئن وقت مان وقت ڪڍي ٻار به ڪو فيض حاصل ڪري سگهن.

امداد: ٻارن جي ادب کي هٿي وٺرائڻ ۾ ٻارن جي والدين کي ڪھڙو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي؟

مھر فقير: اسان جي سنڌ ۾ اصل کان ئي ادب جي اهميت رهي آهي. مگر ماضي جي ڀيٽ ۾ هاڻي ادب اديبن تائين ۽ ڪتاب ڪٻٽن تائين محدود ٿي ويا آهن. باقي جن ٻارن جي والدين کي ادب جي اهميت جي خبر آهي، سي هڙان وڙان خرچ ڪري به پنھنجي اولاد کي ادب طرف هٿي وٺرائن ٿا ۽ وٺرائڻ به گهرجي، ته جيئن سندن ٻار ادب کان به فيضياب ٿي سگهن. ڇو ته ادب ٻار جي ذهن کي کولي وسيع ٿو ڪري. درسي ڪتابن کان وڌيڪ ڄاڻ هوندي آهي، ادبي ڪتابن ۾. پر جن جا والدين غريب هجن يا سندن ادب سان ڪو واسطو ئي نه هجي، ته اهو ٻار جي ڪھڙي ادبي رهنمائي ڪندو. ها مگر والدين تي اهو ادبي فرض لاڳو ٿئي ٿو، ته هو پنھنجي اولاد کي ادب کان به واقف ڪري، ته جيئن ٻار ۾ شعور جون لاٽون پيدا ٿي سگهن.

امداد: آخر ۾ ٻارن کي ڪھڙو پيغام ڏيندئو؟

مھر فقير: ڪھڙو پيغام ادا! ها پر ايترو چوندس، ته علم حاصل ڪيو ۽ حاصل ڪيل علم تي عمل ڪريو. ڇو ته عمل بنا علم ڪنھن ڪم جو ڪونھي ۽ اهو علم سنڌ ۽ انسانذات خاطر هجي. سچ ڳالھايو. ننڍن وڏن جي عزت ۽ انھن سان پيار ڪريو. روزي نماز جي پابندي ڪريو. جيئن درسي ڪتاب پڙهو ٿا، تيئن ادبي ڪتاب به پڙهندا ڪريو.                   ***

”موهن جو دڙو“ جيڪو قديم دنيا جي سڀ کان اهم ۽ ترقي يافته شھري مرڪزن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو. هاڻي نون ثبوتن موجب اڳي سمجهيل وقت کان گهڻو وڌيڪ پراڻو ثابت ٿيو آهي. آثارِ قديم جي تازين کوٽاين ۽ شھر جي ڀتين جي ’ريڊيو ڪاربن تاريخ بندي‘ مان ظاهر ٿئي ٿو، ته هي عظيم ۽ قديم شھر لڳ ڀڳ 2700 کان 2600 قبل مسيح ۾ ئي آباد هو. هي اهم دريافت سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب جي شروعات کي ڪيتريون ئي صديون پوئتي وٺي وڃي ٿو ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ پيچيده شھري زندگي جي ابتدا بابت اڳوڻن نظرين کي نئين سر چئلينج ڪري ٿي.

اهي نتيجا هڪ گڏيل مھم مان سامھون آيا. جيڪي سنڌ ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اينٽيڪوٽيز اينڊ آرڪيالاجي (DGAA) ۽ سنڌ ايڪسپلوريشن اينڊ ايڊوينچر سوسائٽي (SEAS Pakistan) پاران هلايا ويا. پاڪستاني ماهرنِ جي ڊاڪٽر اسما ابراهيم ۽ علي لاشاري جي اڳواڻيءَ ۾، ۽  (Jonathan Mark Kenoyer) جي ساٿ سان ٽيم پنھنجي تحقيق جو مرڪز اولھه واري اسٽوپا ٽڪريءَ جي چوڌاري، موجود وڏي مٽيءَ جي سِرن سان ٺھيل حفاظتي ڀت تي رکيو. رپورٽ موجب، هي نئون ثبوت ظاهر ڪري ٿو، ته شھر جي جوڙجڪ ان وقت ئي شروع ٿي چڪي هئي، جڏهن مصرين اڃان (Great Pyramid of Giza) يعني }”گيزا جي عظيم نوڪدار عمارت“ ٿيندو. اهو مصر جي گيزا شھر ۾ موجود سڀ کان وڏو ۽ مشھور پيرامڊ آهي. جيڪو فرعون خُوفو (Cheops) جي قبر طور ٺھرايو ويو هو. اهو دنيا جي قديم ست عجائبن مان هڪ آهي ۽ اڄ تائين گهڻو ڪري صحيح حالت ۾ موجود آهي.“{ جي تعمير شروع به نه ڪئي هئي.

مئل ماڻھن جي دڙي جي نئين تاريخ جو تعين!

​موهن جي دڙي جا کنڊرات جنھن جو ترجمو ”مئل ماڻھن جو دڙو“ آهي. موجوده پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾، سنڌو نديءَ جي ڪناري تي واقع آهي. پنھنجي عروج جي دور ۾، هيءُ پکڙيل عظيم شھر 620 ايڪڙن کان وڌيڪ ايراضيءَ تي محيط هو ۽ اندازي مطابق هتي چار ھزار رهواسي آباد هئا. هي شھر پنھنجي اعليٰ شھري انتظاميا، پاڻيءَ جي نظام جي بھترين حڪمت عملي بشمول ”عظيم غسل خانو (Great Bath)“ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال جي اهڙي جديد نظام جي ڪري مشھور آهي، جنھن جو قديم دنيا ۾ ڪو به مثال نه ٿو ملي. ​موهن جي دڙي جا کوٽيل کنڊرات جنھن ۾ سامھون ”عظيم غسل خانو (Great Bath)“ ۽ پويان اناج جي گودام وارو دڙو نظر اچي رهيو آهي. ​تازي کوٽائيءَ دوران محققن انھن کاهين (Trenches) کي ٻيھر کوليو آهي. جيڪي اصل ۾ 1950ع ۾ سر (Sir Mortimer Wheeler) کوٽيون هيون. ويلر شروعات ۾ ڪچين سرن جي ان وڏي اڏاوت کي، شھر کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ ٺاهيل هڪ حفاظتي ديوار (Revetment) طور غلط سڃاڻپ ڪئي هئي. ​تنھن هوندي به، پنجن نون ريڊيو ڪاربن تاريخن ۽ مڪمل طبقاتي جائزي (Stratigraphic review) ان ڳالھه جي تصديق ڪئي آهي، ته اها اڏاوت اصل ۾ شھر جي هڪ ديوار هئي. جيڪا مختلف مرحلن ۾ تعمير ڪئي وئي هئي. عرب نيوز جي مطابق سڀ کان هيٺين سطح تان مليل مٽيءَ جي ٿانون ۽ ڪاربن جي نمونن مان ظاهر ٿئي ٿو، ته شروعاتي ديوار ’قديم هڙپا‘ يا ’ڪوٽ ڏيجي‘ واري دور جي آخر ۾، تقريباً 2700 کان 2600 ق.م. ڌاري تعمير ڪئي وئي هئي.

​شھريت جي هڪ تدريجي ارتقاء :

​شھر جي پھرين ديوار جي هيٺان اونھي کوٽائي (Deep coring) دوران، ڪوٽ ڏيجي دور جي، مٽيءَ جي ٿانون جي دريافت مان اهم ثبوت مليا آهن، ته ديوار جي اڏاوت کان به اڳ هتي هڪ وڏي انساني وسندي موجود هئي. هي ظاهر ڪري ٿو، ته موهن جو دڙو رڳو هڙپا جي پختي دور (Mature Harappan phase) ۾ اوچتو ظاهر نه ٿيو هو، پر هي اڳ ۾ موجود هڪ وسنديءَ مان آهستي آهستي ارتقا ڪري شھر بڻيو. گريڪ رپورٽر نوٽ ڪري ٿو، ته هي نتيجا هڙپا مان مليل اهڙن ئي ثبوتن سان ميل کائين ٿا، جيڪو سنڌو تھذيب جو هڪ ٻيو وڏو شھر آهي. هڙپا ۾ پڻ ساڳئي دور جي شروعاتي قديم آبادي ۽ دفاعي اڏاوتن جا آثار مليا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي، ته موهن جو دڙو ويھن سالن ۾ ختم ٿي سگهي ٿو!!

​موهن جي دڙي تي ٻُڌ اسٽوپا وٽان ٻه هزار سال پراڻن سِڪن جو ذخيرو دريافت ڪيو ويو آهي. هن نئين تاريخ سان منسوب ڪيل ديوار جا مٿيان حصا، هڙپا جي پختي دور (Mature Harappan period) سان تعلق رکن ٿا. جنھن جي شروعات تقريباً 2600 ق.م ڌاري ٿي هئي. هي اهو وقت ھو، جڏهن شھر تمام گهڻو پکڙيو هو. (DGAA) جي بيان موجب اها تصديق ڪئي وئي آهي، ته انھن ديوارن کي گهٽ ۾ گهٽ 2200 ق.م تائين وڌايو ويو ھو ۽ انھن جي مرمت ڪئي وئي هئي. هي قديم اڏاوت ڪيتريون ئي پيڙهيون مسلسل شھري منصوبابندي ۽ منظم شھري ڪوششن کي ظاهر ڪري ٿو. ​مستقبل جي قديم آثارن جي تحقيق جو مقصد، اسٽوپا واري دڙي جي چوڌاري شھر جي ديوار جي مڪمل رستي جي نشاندهي ڪرڻ آهي، ته جيئن ممڪن دروازن کي ڳولي سگهجي ۽ اهو بھتر نموني سمجهي سگهجي، ته هيءَ اڏاوت ڪيئن ڪم ڪندي هئي.

زوال جو برقرار پراسرار راز  :

​جيتوڻيڪ موهن جي دڙي جي شروعاتي دور بابت معلومات واضح ٿيندي پئي وڃي، پر ان جي مڪمل طور تي ويران ٿيڻ جا سبب اڃان تائين رازن ۾ لڪل ئي آهن. هي شھر صدين تائين آباد رهيو، پر1700 ۽ 1800 ق.م جي وچ ۾ ڪنھن وقت زوال جو شڪار ٿي ويو. ان بابت مختلف نظريا پيش ڪيا ويا آهن. جن ۾ تباهه ڪندڙ ٻوڏ، باهه لڳڻ، ٻاهرين حملن کان وٺي وبا تائين جا سبب شامل آهن. تنھن هوندي به، ڪنھن هڪ وڏي حتمي حادثي جا قديم آثارن مان ملندڙ ثبوت تمام گهٽ آهن.

​ڪيترائي محقق هاڻي ان نظريي ڏانھن وڌيڪ لاڙو رکن ٿا، ته 1800 ق.م ڌاري سڄي علائقي ۾ هڪ طويل ۽ سخت ڏڪار آيو هو. جنھن زرعي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو. جنھن تي اهي عظيم شھري مرڪز دارومدار رکندا هئا ۽ نتيجي طور سنڌو تھذيب جو تيزيءَ سان زوال ٿيو. پنھنجي پراسرار پڄاڻيءَ جي باوجود موهن جو دڙو اڃان تائين بعد واري دور جي حيرت انگيز دريافتن جو ذريعو بڻيل آهي. جھڙوڪ تازو ئي اسٽوپا جي ويجهو ’ڪشان دور‘ جي سڪن جو هڪ وڏو ذخيرو دريافت ٿيو آهي. هي ثابت ڪري ٿو، ته هن ماڳ جي تاريخ اوتري ئي پيچيده آهي، جيتري اها تھذيب هئي. جنھن ان کي تعمير ڪيو هو.
 

انٽرويو وٺندڙ: سانگي شبير ڪنڀر/ميرپورخاص

(فاس) شاھه مردان شاھه پبلڪ اسڪول جي ذهين شاگرد جو انٽرويو

1. منھنجو نالو روي لال آهي.

2. منھنجي والد جو نالو، گرداري لال آهي.

3. اسان جي اسڪول جو نالو (فاس) شاھه مردان شاھه پبلڪ اسڪول آهي.

4. آءٌ اٺين درجي جو شاگرد آهيان.

5. منھنجي ڳوٺ جو نالو نيو راجا فارم آهي.

6. منھنجي پسند جي راند ڪرڪيٽ آهي.

7. منھنجي پسند جو دوست مڪيش ڪمار آهي.

9. منھنجي پسند جو پکي مور آهي.

10. منھنجي پسند جو شھر ٽنڊوالھيار آهي.

11. منھنجي پسند جا اُستاد سائين تعمير حسن ۽ سائين ڪاشف آهن.

12. منھنجي پسند جو رنگ اڇو آهي.

13. منھنجي (Dream place) هنگلاج آهي.

14. منھنجي پسند جا مضمون رياضي، انگريزي ۽ سائنس آهن.

15. منھنجي زندگيءَ جو مقصد آهي، ته آءٌ پڙهي لکي ڊاڪٽر ٿيان.

16. منھنجو پيغام اهو آهي، ته پنھنجن دوستن جي سُٺڙي چونڊ ڪريو. اهي توھان جي زندگي ۾ اوهان کي پنھنجي مقصد تائين پُھچائڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿيندو.                       ***


 

ربّ تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان نئون اسلامي سال شروع ٿي چڪو آهي. يعني 1447هه مڪمل ۽ 1448هه جي شروعات ٿي آهي. پر افسوس جو نئين اسلامي سال مھيني ۽ تاريخ کي ياد ئي نه ڪيو ويندو آهي. اها وڏي نا انصافيءَ جي ڳالھه آهي.

منھنجا ڀائرو!  ربّ تعاليٰ  سالن، مھينن ۽ ڏينھن جي حساب لاءِ قمري ۽ شمسي (سج ۽ چند جي) نظام کي پيدا فرمايو آهي. ان کان علاوه شريعت جا ڪافي سارا احڪام چنڊ ۽ سج سان وابستا آهن. اسلامي سال جي مھينن ۽ تاريخن کي ياد رکڻ هر مسلمان جي لاءِ ان ڪري اهم ۽ ضروري آهي، جو ان کي ياد رکڻ فرض ڪفايه جو درجو رکي ٿو. جيڪڏهن ڪنھن علائقي ۾ ڪنھن هڪ ماڻھوءَ کي به اسلامي تاريخ ياد نه هجي، ته فرض ڪفايه ڇڏڻ جي ڪري ان علائقي وارا سڀ گناھگار ٿيندا. جھڙيءَ طرح شمسي (انگريزي) سال جي مھينن ۽ تاريخن کي ياد رکيو ويندو آهي، بلڪل اهڙي طرح اسان کي قمري (اسلامي) سال جي مھينن ۽ تاريخن کي به ياد رکڻ گهرجي. ربّ تعاليٰ ڪافي سارا  احڪام چنڊ سان وابسته رکيا آهن، ان جي باوجود اسلامي تاريخ ياد نه رکڻ افسوس جي ڳالھه آهي. انگريزي (شمسي) تاريخ پنھنجي معاملات، حساب ڪتاب جي لاءِ ياد رکڻ جي گنجائش ضرور آهي. پر اسلامي (قمري) تاريخ سان به بيوفائي نامناسب آهي. انصاف هيءُ آهي، ته قمري ۽ شمسي ٻنھي مھينن جي تاريخن کي ياد رکڻ گهرجي ۽ اسان سڀئي ڪوشش ڪريون، ته پنھنجي حساب ڪتاب، تقريبن، پروگرامن ۾ شمسي (انگريزي) تاريخ سان گڏوگڏ قمري (چنڊ) جي تاريخن کي به لکئون ۽ رواج ڏيون.

ربّ تعاليٰ ڪافي سارا حق چنڊ سان تعلق رکندڙ اسان کي ڏنا آهن جن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا.

               ·هر مھيني جي چنڊ ڏسڻ جو نبيﷺ جن اسان کي حڪم فرمايو آهي. (مسند احمد)

               ·رمضان المبارڪ جا روزا خالصتاً چنڊ جي اعتبار سان رکيا ويندا آهن.

               ·عيدن (عيد الفطر ۽ عيد الاضحيٰ) جون خوشيون چنڊ جي ذريعي اسان کي ملن ٿيون.

               ·عدت جا احڪام به چنڊ جي اعتبار سان آهن.

               ·يوم عاشوره، ليلة القدر جي خبر به چنڊ جي ذريعي پوي ٿي.

               ·چنڊ گرهڻ جو ٿيڻ به ربّ تعاليٰ جي نشانين مان هڪ نشاني ۽ عبرت حاصل ڪرڻ آهي.

               ·چنڊ جي روشنيءَ مان هر خاص ۽ عام فائدو وٺن ٿا.

               ·چنڊ جي ننڍي ۽ وڏي هجڻ جي اعتبار سان سمنڊ جي موجن جا حالات ۽ هوائن جا رُخ بدلجندا ۽ گهٽ وڌ ٿيندا آهن.

انھن کان علاوه ربّ تعاليٰ ڪافي سارا اسان جا تعلقات فائده ۽ مناسبتون چنڊ سان لاڳاپيل رکيون آهن. ان ڪري اسان سڀني کي چنڊ (اسلامي تاريخ) جي ڄاڻ هجڻ گهرجي. ڌڻيءَ در دُعا آهي، ته شل ربّ ڪريم اسان سڀني کي اسلامي تاريخون ياد رکڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين.

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org