سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جولاءِ  2026ع

باب:

صفحو:4 

امر ادريس درس پبلڪ اسڪول/ميرپورخاص

آن لائين

مختلف ڪمپنين جا اِشتھار ڏسي عُمير جو دماغ خراب ٿي ويو هو. راتو رات امير ٿيڻ جا خواب ڏسڻ لڳو. کيس لڳو، ته آن لائن بزنس ذريعي هُو، پنھنجا خواب پورا ڪري سگهي ٿو. اهو هڪ رات ۾ دنيا جو سڀ کا امير ماڻھو ٿي سگهي ٿو. تنھنڪري هن پڙهائي ۾ دلچسپي گهٽ ڪري ڇڏي. هو موبائيل تي وقت گذارڻ لڳو. نت نوان طريقا پئسي ڪمائڻ ڪاروبار جا ماڻھن سان نيٽ تي ڪيئن ڪاروبار ڪجي شيئرز ڪيئن ٿوري قيمت ۾ خريد ڪري سگهڻ، ۽ وڌيڪ قيمت ۾ وڪرو ڪجن؟ اهي سڀ شيون موبائيل تي ڏسڻ لڳو. هو راتين جون راتيون اوجاڳا ڪري نيون نيون ’موبائيل بزنس ايپس‘ تلاش ڪرڻ لڳو. کيس موبائيل اندر پنھنجي ڪل ڪائنات نظر اچڻ لڳي. موبائيل کي ڪامياب زندگي گذارڻ جو اوزار سمجهڻ لڳو. کيس لڳو، ته موبائيل جي ڪمائي مان هو هڪ وڏو ۽ ڪامياب انسان ٿي ويندو. پنھنجي منصوبن ۾ هو شيخ چلي کان به اڳتي نڪري چڪو هو.

ان ڪري هن پڙهائي ۾ دلچسپي گهٽ ڪري ڇڏي. ڪلاس ۾ اُستاد جي ڳالھه کي توجھه گهٽ ڏيڻ لڳو. سندن ذهن ۾ هر وقت وڏن وڏن امير ماڻھن جا خواب خيال هوندا هئا. سڄو ڏينھن موبائيل عمير جي هٿ ۾ هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن رستي تي هلندي هلندي موبائيل جي ڪري ڪنھن ماڻھو يا ٿنڀي سان ٽڪرائجي پوندو هو. هو موبائيل ۾ مختلف بزنس جون ويب سائيٽ ڏسي ڪري انھن تي اپلاءِ ڪندو رهندو هو. مختلف طريقا پئسي ڪمائڻ جا ”شارٽ ڪٽ“ طريقي سان امير ٿيڻ جا خواب، وڏيون وڏيون گاڏيون ۽ وڏا وڏا بنگلا هن کي موبائيل ۾ نظر ايندا هئا.

چوندا آهن، ته ماڻھو جيڪڏهن ڪنھن ڪم جو ارادو ڪري، ته پوءِ اهو ڪم ڪيترو به بُرو ڇو نه هجي، پر هن کي اهو ڪم صحيح لڳندو آهي. عمير کي سندس والدين گهڻو ئي سمجهايو، سندن سچي ساٿين ۽ اُستادن کيس گهڻو ئي سمجهايو، ته هن دور ۾ پنھنجي تعليم تي توجھه ڏي ۽ آن لائن بزنس جا چڪر ڇڏي ڏئي. پر عمير جي دماغ ۾ جلدي امير ٿيڻ جو جُنون سوار هو. انڪري هن اُستادن ۽ مٽن مائٽن جي ڳالھه تي ڪابه توجھه نه ڏني.

وقت وڌندو رهيو جلدي امير ٿيڻ جي چڪر ۾ عمير ڪيترائي ڀيرا لُٽجي چڪو هو. پر اڃان به کيس عقل نه آيو. جڏهن هو مئٽرڪ جو امتحان  پاس ڪري ڪاليج ۾ ويو، تڏهن اُتي ليڪچرار ”اُستاد عادل پلي“ کيس سُٺي ۽ سھڻي نموني سمجهايو کيس ڪافي مثال ڏنا عادل پلي ٻُڌايو، ته جيڪا دولت جلدي اچي،  اها پاڻ سان تڪليف ۽ مصيبتون کڻي ايندي آهي ۽ جيڪا دولت محنت ۽ تڪليف سان ملي، اها آسانيون پيدا ڪندي آهي. چوندا آهن ته ”جتي رنج اُتي گَنج“  ان ڪري ڪڏهن به فري ۾ امير ٿيڻ جا خواب ۽ خيال نه ڏس، نه ته تڪليف ۾ پئجي ويندين.

عمير هاڻي پڇتائڻ لڳو. سر عادل پلي جا چيل لفظ  ۽ ڳالھيون سڀ سندس سيني ۾ لھي ويون. سندن دماغ روشن ٿيڻ لڳو ۽ هاڻي  سوچي ٿو، ته ڪاش جيڪڏهن آن لائين جي چڪر ۾ جلدي امير ٿيڻ جا خواب نه ڏسي ها، ۽ محنت ڪري ڪو ننڍو ڪاروبار ڪري ها، ته اڄ جيڪر گهڻو ڪجهه مون وٽ هجي ها ۽ هي ڏينھن نه ڏسڻو پوي ها ۽ نه ئي ٻين جا اڳيان ائين شرمندو ٿيڻو پوي ها. پوءِ عمير هڪ نئين جذبي ۽ همٿ سان پنھنجي ڪتابن ڏانھن ڌيان ڏيڻ لڳو.       ***

اُستاد گل دايو/ لاڙڪاڻو

مصنوعي ذهانت،
ھڪ مددگار ساٿي

}سائنسي ڪهاڻي{

شھر جي ھڪ خانگي اسڪول ۾ پڙھندڙ ، ستين درجي جو شاگرد علي رضا، هڪ هوشيار ۽ ڏاھو ڇوڪرو هو. علي رضا کي سدائين نيون،  نيون شيون سکڻ جو وڏو شوق هوندو هو. هو، هر روز اسڪول کان پوءِ درسي ڪتابن سان گڏ، علمي، ادبي  ڪتاب ۽ ٻارن جا رسالا به پڙهندو ھو. ھن کي مٽي ۽ پاٺن مان ماڊلس ٺاھڻ جو به شوق ھوندو ھو.

علي رضا ھر ڪنھن کان سوال تمام گهڻا پڇندو هو ۽ جيستائين کيس ڪيل سوال جو، ڪو مطمئن ڪندڙ جواب نه ملندو ھو، تيستائين خاموش نه ٿيندو ھو!

ھڪ ڏينھن علي رضا جي اسڪول ۾ شاگردن جي سکيا لاءِ ڪجهه نوان ڪمپيوٽر  آندا ويا. علي رضا نوان ڪمپيوٽر ڏسي اُستاد کان پڇيو، سائين ھي ڪمپيوٽر ڇو آندا ويا آھن؟

اُستاد صاحب مُسڪرائيندي چيو، پُٽ، سومر کان اسڪول ۾ ڪمپيوٽر ليب ٺاھينداسين، جتي ھر روز پيرڊ وائيز اوھان کي ڪمپيوٽر جي تعليم به ملندي.

علي رضا وري اُستاد کان سوال ڪيو، سائين ھن ۾ ڪا خاص ڳالھه آھي ڇا؟

اُستاد صاحب! وراڻيو، ”جي پُٽ، ھن ۾ اي ـ آءِ (A-I) کي استعمال ڪرڻ جو سسٽم موجود آھي ۽ اي آءِ کي سنڌيءَ ۾ ”مصنوعي ذھانت“ چئبو آهي. سائين، مصنوعي ذهانت ڇا آهي؟

اُستاد وري به مُسڪرائيندي چيو، ”پُٽ، مصنوعي ذهانت ھڪ اهڙي ٽيڪنالاجي آهي، جيڪا ڪمپيوٽرن کي سوچڻ، سکڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي، بلڪل انسان وانگر.

علي رضا کي اها ڳالھه ڏاڍي دلچسپ لڳي ۽ هو ڪمپيوٽر سکڻ جو بيچينيءَ سان انتظار ڪرڻ لڳو.

نيٺ اسڪول ۾ ڪمپيوٽر ليب جي شروعات ڪئي وئي ۽ علي رضا سميت اسڪول جا سڀئي شاگرد سِکيا وٺڻ لڳا. علي رضا جڏھن ڪمپيوٽر سکِي ورتو، ته پنھنجي والد کي ھڪ ليپ ٽاپ وٺي ڏيڻ جي گذارش ڪئي ۽ ھن درخواست قبول ڪري ورتي. ليپ ٽاپ ملڻ کان پوءِ، علي رضا  هر ڏينھن ان ليپ ٽاپ سان ڪم ڪرڻ لڳو. هڪ ڏينھن هن ڪمپيوٽر کان پڇيو، ”مان پنھنجو گهرو ڪم (Home Work)  ڪيئن بھتر ڪري سگهان ٿو؟

ڪمپيوٽر نرم آواز ۾ جواب ڏنو، ”روزانو مشق ڪر، سوالن کي سمجهي حل ڪر ۽ اُستاد کان مدد وٺ.“

علي ڪمپيوٽر جي ڳالھه تي عمل ڪيو ۽ ڪجهه ڏينھن ۾ ئي هن جي پڙهائي بھتر ٿي وئي.

هاڻي هو ڪلاس جي ھر مضمون ۾ اڳي کان بھتر نتيجو ڏيڻ لڳو ۽ امتحانن ۾ سڀ کان وڌيڪ مارڪون کڻڻ لڳو ۽ مئٽرڪ پاس ڪرڻ تائين ھر ڪلاس ۾ پوزيشن هولڊر رھيو.

هڪ ڏينھن علي رضا محسوس ڪيو، ته هو  هر ڪم لاءِ ڪمپيوٽر تي ڀاڙڻ لڳو آهي. هن سوچيو، ”جيڪڏهن مان پاڻ نه سوچيندس ته  ڪيئن سکندس؟“

ٻئي ڏينھن علي اُستاد صاحب کان پڇيو، ”سائين ڇا اسان کي هميشه مصنوعي ذهانت تي ڀاڙڻ گهرجي؟“

اُستاد چيو، ”نه پٽ! مصنوعي ذهانت فقط اسان جي مدد لاءِ آهي، پر اصل ذهانت اسان جي پنھنجي آهي. اسان کي پنھنجو دماغ به استعمال ڪرڻ گهرجي.“

علي رضا کي اها ڳالھه ڏاڍي وڻي ۽ ھو سمجهي ويو، ته  ڪمپيوٽر کي مددگار طور ئي استعمال ڪرڻ ئي بھتر آھي، ڇو، ته مصنوعي ذھانت ھڪ مددگار ڪل آھي، جنھن سان گڏ پنھنجو دماغ به استعمال ڪرڻ ضروري آھي. پوءِ ته ھن پنھنجو سوچڻ به جاري رکيو ۽ وقت گذرڻ سان گڏ، ھو نه صرف پڙهائي ۾ ڀَڙُ ٿيو، پر  نيون، نيون ايجادون ڪرڻ بابت به سوچڻ لڳو ۽ انھن جا ڪامياب تجربا به ڪيا، جنھن تي علمي ۽ سائنسي ادارن کيس ننڍڙي عمر ۾ ئي ھڪ بھتر سائنسدان تسليم ڪري ورتو ۽ کيس وڌيڪ تعليم جاري رکڻ لاءِ اسڪالر شپ ڏنيون.

***


 

انيلا عطا حسين شر/ ڪلاس 12

ڊگري ڪاليج ٺري ميرواھ

پورهيتن جو عالمي ڏينهن

پورهيتن يعني مزدورن جو عالمي ڏهاڙو ملھائڻ جي شروعات سن 1886ع ۾ پھرين مئي تي آمريڪا جي شھر شڪاگو کان ٿي. آمريڪا جي مزدورن سرمائيدارن خلاف بغاوت جو جهنڊو هٿ ۾ کنيو. اڄ به مزدور سرمائيدارن جي لاءِ سڄو سال پورهيو ڪندو آهي. سندس هر ظلم کي سَھندو آهي.  مزدور ته بس پنھنجي وطن، پنھنجي قوم لاءِ محنت ڪندو آهي. مزدور جيڪو اهو سوچيندي ايمانداريءَ سان محنت ڪندو آهي، ته پنھنجي ٻچن جي روزي خاطر ايمانداري سان ڪم نڀائڻو آهي. اسان کي گهرجي، ته مزدورن ۽ پورهيتن جو قدر ڪريون ۽ سندن پورهئي تي فخر ڪريون جيڪو پنھنجي وطن جي خوشحالي ۽ سگهه لاءِ ڪري ٿو. مزدورن جي هٿن سان ڪيل محنت جڳ کي روشن ڪري ٿي. مزدور محنت ڪري ٿو، پر سندس محنت سان سڄو سنسار  چمڪي ٿو.

دنيا جا اي پورهيت،

مارئيءَ وانگر مٽيءَ سان، پنھنجو ناتو جوڙِ،

ساري زندگي محنت سان قوم جو مستقبل موڙِ.

مزدور جو پگهر ئي سون آهي. هي دنيا جون سڀ رونقون، انتھائي اوچيون عمارتون، اڻکٽ رستا، وڏا وڏا ڪارخانا، هي فصل، هي ميوا، هي ڀاڄيون سڀ مزدور جي پگهر جو نتيجو آهن. محنت ۾ ئي عظمت آهي. پر اڄ جي جديد دور ۾ به اسان جو مزدور ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهي. هي وقت آهي، ته اسين مزدورن جا عملي طور ڀرجهلا ٿيون. مزدور جي ٻارڙن جي هٿن ۾ قلم ۽ ڪتاب ڏيون. ڇو ته قومون عاليشان محلاتن تي نه پر محنت ڪش انسانن جي جاکوڙ تي اڏبيون آهن. ***


 

امداد عاجز نصيراڻي /شڪارپور

ايمانداري

ڳالھه ڪندا آھن، ته ’دوداپور‘ نالي ڪنھن ڳوٺ ۾ عمران نالي هڪ تمام گهڻو هوشيار ۽ ڏاڍو ذهين ڇوڪرو رهندو هو. منجهس اخلاق ايترو ته هوندو هو، جو ڪوئي به مٽ مائٽ ۽ پاڙيسري توڙي اُستاد يا گهر جا وڏڙا تعريف ڪندي نه ٿڪندا هئا.

عمران جي والدين سندس پرورش تمام بھتر نموني سان ڪئي هئي. اُستاد توڙي سندس والدين هميشه کيس ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ جو دامن پڪڙڻ جي هدايت ڪندا رهندا هئا ۽ عمران به سنجيدگيءَ سان سندن ڳالھيون ٻُڌي پنھنجي هيناءُ ۾ سانڍيندي انھن تي عمل ڪندو هو.

عمران جيترو پڙهائيءَ ۾ ٻين ٻارڙن کان اڳتي ۽ هوشيار هوندو هو، ته ايترا ئي وري سُٺا گُڻ به منجهس موجود هوندا هئا. جھڙوڪ: هميشه سچ ڳالھائڻ، اُستادن ۽ وڏن جو ادب ۽ لحاظ ڪرڻ، دوستن ۽ پاڙيسرين سان سُٺو سلوڪ ڪرڻ ۽ وسَ آھر غريبن ۽ مسڪينن جي ڪم اچڻ جون خوبيون منجهس تمام گهڻيون هونديون هيون.

هڪ دفعي آچر تي اسڪول ۽ ٽيوشن کان موڪل هئڻ سبب عمران پاڙي جي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي گهڙي کن دل وندرائڻ ويو. جتي سندس هم عمر پاڙي جا دوست توڙي وڏا نوجوان ڪرڪيٽ راند کيڏي رهيا هئا ۽ ڪيترائي تماشائين جيان صرف راند ڏسي لطف اندوز ٿي رهيا هئا. عمران به اڄ گهڻي وقت کان پوءِ ڪرڪيٽ گرائونڊ جو رخ ڪيو هو ۽ جيئن ئي هو ڪرڪيٽ گرائونڊ تي پھتو، ته سندس نظر زمين تي پيل ڪنھن ٻَٽُونءَ تي پئي. جيڪو هن هڪدم کڻي ورتو ۽ ڀانئيو، ته اهو ٻَٽُون گرائونڊ ۾ موجود ڪنھن ماڻھوءَ جو ئي ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن هو ائين بي صبري جو مظاهرو ڪندي ماڻھن کان پڇندو، ته ڪٿي اهو ٻَٽُون ڪنھن اصل ماڻھوءَ بدران ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ جي ور نه چڙهي وڃي، تنھنڪري هن صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ ٻَٽُون پاڻ وٽ محفوظ رکندي، آخر تائين ان گرائونڊ تي ئي موجود رهيو. جڏهن سج لھڻ لڳو هو، ته هڪ هڪ ٿيندي هر ماڻھو پنھنجي گهرن ڏانھن موٽ ڪرڻ لڳو هو، پر عمران اهو سوچي اتي ئي موجود رهيو، ته جنھن به ماڻھوءَ جو ٻَٽُون گم ٿيو هوندو، ته اهو هتي ضرور ڳوليندي پريشان نظر ايندو ۽ پوءِ هڪ شخص ڏاڍو پريشان ۽ ڪا شيءِ ڳولي رهيو هو، ته عمران کانئس پڇيو، ته اوهان ڇو پريشان آھيو ۽ ڇا پيا ڳوليو؟ ته ان تي ان شخص کيس ورندي ڏيندي چيو، ته منھنجو ٻَٽُون گم ٿي ويو آھي. جنھن ۾ ڪجهه رقم ۽ ضروري سامان پيل آھي. اهو ٻُڌي عمران کي ڪجهه دلجاءِ ٿي ۽ ان شخص کان گم ٿيل ٻَٽُون جي تسلي لاءِ کانئس ڪجهه نشانيون پڇيون ۽ ائين اهو ٻَٽُون ان شخص جو ئي نڪتو ۽ عمران جي ايمانداريءَ سبب اهو گُم ٿيل ٻَٽُون اصل ۽ حقدار ماڻھوءَ تائين ئي پھتو، عمران جي ايتري ايمانداري ۽ سچائي ڏسي اهو شخص به ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ کيس ايمانداري تي ڏاڍو دادُ ڏيڻ لڳو، نه صرف کيس اُتي دادُ ڏنائين، پر سندس گهر وڃي عمران جي والد سان پڻ مليو ۽ کيس سڄي ماجرا ڪري ٻُڌائي ۽ عمران جي بھترين پرورش ڪرڻ تي کيس ساراهيندي عمران جي ايمانداري ۽ سچائيءَ جي واٽ تي هلڻ جي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي. اهو سڀ ٻُڌي عمران جو والد پڻ ڏاڍو خوش ٿيو. ڇاڪاڻ ته اڄ سندس پٽ عمران پنھنجي پيءُ جو ڳاٽ فخر سان اُوچو ڪري ڇڏيو هو.

پيارا ٻارو! اوهان ڏٺو، ته عمران ڪيتري نه سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ ان شخص جو حق غصب ڪرڻ بجاءِ سندس امانت هن جي ئِي هٿن تائين پھچائِي. ان ڪري اسان کي به گهرجي، ته هميشه ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ جي ئي واٽ وٺون ۽ هميشه ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ جي راهه تي هلون ته جيئن هميشه ڪاميابي ماڻي سگهون.

***

سرفراز (جنيد) ساميٽو ڪلاس ڇھون

(بکري شريف) پارس پبلڪ اسڪول ڪنڊيارو

جنت ۾ ڪير داخل نه ٿيندو

حضرت ابوبڪر صديق  کان روايت آهي، ته رسول اڪرم حضرت محمدﷺ جن فرمايو، ته ”ڌوکي باز، بخيل ۽ احسان جتائيندڙ جنت ۾ داخل نه ٿيندو.“ (ترمذي)

***


 

سميع الله عباسي /سيدو باغ /ڪنڊيارو

دل خراب ٿيڻ جو هڪ مثال

هن  دل جو خراب ٿيڻ وڏو آسان آهي. ڏسو جيئن ڪنھن گهر جي اندر هڪ روشندان هوندو آهي. جيڪڏهن اهو مسلسل کُليل رهي ٿو، ته ان روشندان جي ذريعي ان سڄي ڪمري ۾ مٽي (ڌوڙ) اچي وڃي ٿي. جيستائين جو اهو روشندان بند نه ڪجي. اهڙي طرح اسان جي دل جو روشندان جيڪڏهن کُليل رهندو، ته ان ۾ مٽي (خراب ڳالھيون) اچي وينديون.

پيارا ڀائرو! اڄ ڪلھه جي نوجوان جي دل جو روشندان بند ئي نٿو رهي. غير محرم (عورت) جي ڏسڻ سان يا ڳالھائڻ سان دل جو ڪمرو خراب ٿئي ٿو. پوءِ انھن بُرين ڳالھين جي ڪري حافظو (ذهن) ڪمزور ٿئي ٿو. توهان اسان جيڪي ڪجهه پڙهنداسين يا ياد ڪنداسين، ته اهو وسري ويندو آهي. ڪتاب ته اسان جي سامھون هوندو آهي، پر اُن بُري فعل (بدنطري) جي ڪري پڙهڻ پڙهائڻ ۾ دلچسپي نه هوندي. اهڙي طرح اهو علم سان پنھنجو پاڻ سان ڌوڪو ڪرڻ آهي.

ڌڻي در دعا آهي، ته شال ربّ ڪريم اسان سڀني کي انھن بُرن ڪمن کان بچائي. علم ۽ عمل وارن سان سچي محبت نصيب فرمائي (آمين.)

حوالو: (دواءِ دل ڪتاب تان ورتل)

 

***


 

وفا گل محمد جمالي /شھدادڪوٽ

ڪُتن جو بادشاهه

سنڌوءَ نديءَ جي ڪناري تي هڪ تمام خوبصورت ۽ ٻيلي سان ڳنڍيل ڳوٺ هو. جنھن جو نالو هو ”شانتي نگر.“ هن ڳوٺ ۾ هر طرف سائيون ٻنيون، گهڻا باغ ۽ پيار ڪندڙ ماڻھو رهندا هئا. هن ڳوٺ جي گهٽين ۾ هڪ تمام گهرجائو، سياڻو ۽ بھادر ڪُتو رهندو هو، جنھن جو نالو هو ”شيرو.“

شيرو عام ڪُتن جھڙو نه هو. سندس رنگ گَھِرو چيتي جھڙو، اکيون چمڪندڙ ۽ جسم مضبوط هو. پر سندس سڀ کان وڏي خوبي سندس رحم دل ’دل‘ هئي. هو رڳو پنھنجي ذات جو نه، پر ڳوٺ جي سڀني جانورن، خاص ڪري ڪُتن جي ٻارن (پلونگڙن) جو رکوالو هو. جيڪڏهن ڪنھن ٻار کي ماني نه ملندي هئي، ته شيرو ڪٿان نه ڪٿان ان لاءِ کاڌو ڳولي ايندو هو. اهوئي سبب هو جو شانتي نگر جا سڀئي ڪُتا کيس پنھنجو اڳواڻ ۽ ”بادشاهه“ مڃيندا هئا. هو پنھنجي علائقي ۾ امن ۽ انصاف جو نظام هلائيندو هو. شانتي نگر جي ٻئي طرف هڪ گهڻو ۽ اُونداهو ٻيلو هو. جتي ”سلطان“ نالي هڪ وڏو ۽ مغرور شينھن رهندو هو. سلطان کي پنھنجي طاقت تي تمام گهڻو نازُ هو. هو سمجهندو هو، ته سڄي دنيا ۾ کيس ڪو به شڪست نٿو ڏئي سگهي. هو جڏهن گَجندو هو، ته ٻيلي جا وڻ ڪُنبي ويندا هئا ۽ پکي آشيانا ڇڏي اُڏامي ويندا هئا.

هڪ سال ٻيلي ۾ سخت ڏُڪار پيو. نديءَ جو پاڻي سُڪي ويو ۽ شڪار ملڻ ڏکيو ٿي پيو. سلطان کي سخت بُک ستايو. تنھن ڪري هن فيصلو ڪيو، ته هو هاڻي ويجهي انسانن جي ڳوٺ ”شانتي نگر“ تي حملو ڪندو ۽ اُتان جي جانورن جو شڪار ڪندو. سڄو ڳوٺ خوف کان ڏڪي ويو. ماڻھن ڏٺو، ته ڳوٺ جي وڏي دروازي تي ’سلطان‘ شينھن پنھنجيون خُونِي اکيون کڻي بيٺو هو. ڊپ جي هڪ لھر سڄي ڳوٺ ۾ پکڙجي وئي. مائرون پنھنجن ٻارَن کي کڻي گهرن ۾ لِڪِي ويون. مردن دروازا بند ڪري ڇڏيا. ڳوٺ جا عام ڪُتا، جيڪي روز وڏيون ڳالھيون ڪندا هئا، اهي پُڇ دٻائي اونداهين گهٽين ۽ کَٽن جي هيٺان وڃي لڪا. پر شيرو پنھنجي جاءِ تان نه چُريو. هو ڳوٺ جي چوڪ تي بيٺو رهيو. هن ڏٺو ته سندس ساٿي ڊپ کان ڪُنبي رهيا هئا. شيرو وڏي آواز ۾ چيو، ”اي منھنجا ڀائرو! اڄ لڪڻ جو وقت ناهي. جيڪڏهن اسان اڄ پنھنجو گهر نه بچايو، ته هي شينھن روز اسان جي ٻارن جو شڪار ڪندو. موت کان نه ڊڄو، مڙسيءَ سان مقابلو ڪريو!“

شيرو جي لفظن ۾ اهڙو جادو هو، جو پنجن بھادر ڪُتن موتو، گالو، جهپٽو، لالي ۽ ڪالو ۾ به همت اچي وئي. انھن چيو، شيرو! تون اسان جو بادشاهه آهين، اسان تنھنجو ساٿ ڏينداسين. شيرو ڄاڻيندو هو، ته طاقت ۾ هو شينھن جو مقابلو نٿا ڪري سگهن، تنھنڪري هن سياڻپ کان ڪم ورتو. هن پنھنجي ساٿين کي گهٽين جي ڪنڊن ۾ لِڪڻ جو اشارو ڪيو ۽ پاڻ اڪيلو اڳتي وڌي ’سلطان‘ شينھن جي سامھون بيھي رهيو.

شينھن هڪ ننڍڙي ڪُتي کي پنھنجي سامھون ائين بي خوف بيٺل ڏسي حيران ٿي ويو. هن وڏي حقارت سان چيو، ”اي ناڪاره جانور! تو منھنجو رستو روڪڻ جي جرئت ڪيئن ڪئي؟ آءٌ هن سڄي علائقي جو بادشاهه آهيان!“

شيرو وڏي وقار سان پنھنجو ڪنڌُ مٿي ڪيو ۽ چيو، ”تون ٻيلي جو بادشاهه هوندين، پر هن ڳوٺ جا ماڻھو ۽ جانور منھنجي رعيت آهن. آءٌ هتان جي ڪُتن جو بادشاهه آهيان. آءٌ پنھنجي راڄ ۾ ڪنھن ظالم کي داخل ٿيڻ نه ڏيندس.“ شينھن کي ڪاوڙ اچي وئي، هن شيرو تي تيز چنبن سان حملو ڪيو. شيرو ڦڙتيءَ سان پاسو بدلايو، جنھنڪري شينھن جو وار خالي ويو. تنھن سان گڏ ئي شيرو هڪ زوردار رڙ ڪئي. جيڪا سندس ساٿين لاءِ اشارو هئي. اها رڙ ٻڌندي ئي موتو، گالو، جهپٽو ۽ ٻيا ڪُتا پنھنجن لڪيل جڳھين تان ٻاهر نڪري آيا. انھن شينھن کي چئني طرفن کان گهيرو ڪري ورتو. هڪ ئي وقت سڀني ڪُتن شينھن تي تيز ڀونڪڻ شروع ڪيو. آواز ايترو تيز هو جو شينهن جو مٿو گُهمي ويو. جڏهن شينھن هڪ ڪُتي تي حملو ڪرڻ ٿي چاهيو، ته پٺيان کان شيرو سندس پُڇ تي چڪ پائي ٿي ورتو. جڏهن هو شيرو ڏانھن مڙيو، ته جهپٽو سندس پُڇ کي پڪڙي ٿي ورتو. هيءَ هڪ منظم جنگ هئي. شينھن چئني طرفن کان زخمي ٿيڻ لڳو. کيس زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو اندازو ٿيو، ته ”اتحاد“ ۽ ”صحيح منصوبابندي“ جي اڳيان رڳو جسماني طاقت ڪجهه به ناهي.

شينهن ٿڪجي پيو ۽ رت سان ڳاڙهو ٿي ويو. هن ڏٺو ته ڳوٺ جا ماڻھو به هاڻي لٺيون ۽ ڪُھاڙيون کڻي ٻاهر نڪري آيا هئا. ’سلطان‘ شينھن کي پنھنجو موت سامھون نظر آيو. هن پنھنجي شڪست مڃي، پُڇ دٻايو ۽ واپس ٻيلي ڏانھن ائين ڀڳو جو کيس پُٺيان مڙي ڏسڻ جي به همت نه ٿي.

ڳوٺ ۾ خوشي جي لھر پکڙجي وئي. سڀني ماڻھن ۽ جانورن گڏجي شيرو کي پنھنجي ڪُلھن تي کنيو. ڳوٺ جي وڏيري شيرو کي هڪ خوبصورت پٽو پارايو ۽ چيو، ”شيرو! اڄ تنھنجي بھادريءَ اسان سڀني جي جان بچائي آهي.“

ٻيا ڪُتا جيڪي لڪِي ويا هئا، اهي شرمسار ٿيا ۽ شيرو جي پيرن ۾ ڪري پيا. شيرو کين معاف ڪندي چيو، ”ياد رکو! طاقت اها ناهي جيڪا ٻين کي ڊيڄاري، پر سچي طاقت اها آهي، جيڪا مظلومن جي حفاظت ڪري ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلي.“

ان ڏينھن کان پوءِ، شانتي نگر ۾ ڪڏهن به ڪو خطرو نه آيو ۽ شيرو سچ پچ سڀني جي دلين جو ”ابدي بادشاهه“ بڻجي ويو.             ***

امداد الله گهنڃو/شڪارپور

وفادار دوست

ملھار ۽ سانول  گڏ  پڙهندا هئا ۽ ڪلاس ۾ به گڏ ويھندا هئا. اسڪول جي رسيس ۾ راند   رُوند به گڏ ڪندا هئا. ملھار هڪ غريب ۽ مسڪين گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو. جڏهن ته سانول امير پيءُ جو هڪ سڪيلڌو پُٽ هو. پر ٻنھي جي دوستي تمام پُختي ۽ سڄي اسڪول ۾ مشھور هئي. سانول پنھنجي دوست ملھار سان هر ڏکي گهڙيءَ ۾ سدائين ساٿ ڏيندو هو. سانول اسڪول کان پوءِ ٽيوشن سينٽر تي پڙهڻ لاءِ ويندو هو ۽ پنھنجي دوست ملھار کي به وٺي ويندو هو ۽ ملھار جي ٽيوشن فيس به سانول ئي ڀريندو هو. ملھار کي پڙهائيءَ سان بيحد چاهه هو. پر تنھن هوندي به ملھار پنھنجي پيءُ سان گڏ ڪُڙمت ڪري گهر جو گذر سفر ڪندا هئا. ڪجهه وقت  کانپوءِ ملھار جو پيءُ تمام گهڻو بيمار ٿي پيو ۽ ملھار اسڪول به وڃڻ ڇڏي ڏنو.

اها خبر جڏهن سانول کي پئي، ته منھنجي دوست جو پيءُ بيمار آهي ۽ اُن سبب ملھار اسڪول به نٿو اچي، يڪدم سانول ملھار جي گهر پھچي سندس پيءُ جي طبع  پُرسي ڪئي گڏوگڏ دوائن لاءِ ڪجهه روڪ رقم به سانول پنھنجي دوست ملھار کي ڏني ۽ اهو ڏسي ملھار جي پيءُ ۽ امڙ کي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ چيائون، ته اسان کي سانول پُٽ توتي فخر آهي. جو تون اسان جي مسڪين پُٽ جو وفادار ۽ سچو دوست آهين. سانول  اهي  لفظ  ٻُڌي  گهڻو خوش ٿيو ۽ ٿوري دير کانپوءِ سانول به واپس پنھنجي گهر اچي پھتو ۽ ٻئي ڏينھن ٻئي دوست اسڪول آيا ۽ پنھنجي تعليم جاري رکي. ائين سال پورو ٿيڻ وارو هو. اسڪول جا امتحان به شروع ٿي ويا. امتحان ۾ ٻئي دوست پھريون نمبر آيا ۽ اسڪول جي اسيمبليءَ ۾ هنن کي انعام به مليا ۽ خوب تاڙيون ۽ داد مليو.

ڪجهه ڏينھن کان بعد اچانڪ ملھار جي پيءُ جي طبيعت خراب ٿي پئي ۽ هن کي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. جتي هو بيماري جا سُور نه سَھندي خدا کي پيارو ٿي ويو ۽ ملھار بي سَھارو ٿي پيو ۽ گهر جون سموريون ذميواريون اچي ملھار جي ڪُلھن تي پيون. ملھار  جي  گهر  ۾ امڙ ۽ هڪ ننڍو ڀاءُ پڻ هئا ۽ گهر جو گذر سفر تمام مشڪل  ٿي پيو. ملھار جي دل ۾ خيال آيو، ته اسڪول کان پوءِ ڪنھن نه ڪنھن دڪان تي وڃي هنر سِکان، اها ڳالھه ملھار سانول سان به ڪئي. جنھن پڻ ان ڳالھه تي حامِي ڀري ۽ چيو، ته هُنر بادشاهه آھي، ان سان اڳتي هلي تنھنجون سڀ پريشانيون ختم ٿي وينديون. اسڪول جي موڪل کانپوءِ سانول ملھار کي پنھنجي والد جي ڪنھن واسطيدار سٺي مڪينڪ وٽ وٺي ويو ۽ کيس اُتي ڪم سکڻ لاءِ ڇڏي آيو ۽ اهو مڪينڪ به تمام بھترين ماڻھو هو. جنھن ملھار جي سڄي حقيقت ٻڌي ۽ ان کي ملھار مٿان تمام گهڻو رحم آيو. مڪينڪ ملھار کي چيو، ته پُٽ تون سڀاڻي کان دڪان تي به ايندو ڪر ۽ پنھنجي پڙهائي به جاري رک.

ملھار دڪان تي دل سان ڪم ڪرڻ لڳو ۽ پنھنجي تعليم به جاري رکندو آيو. جيئن جيئن ملھار ڪم ڪار سِکندو ويو، تيئن  سندس اُستاد هن جي محنت ڏسي سندس  ڏهاڙي ۾ اضافو پڻ ڪندو رهيو. ملھار جي گهر جو گذر سفر هاڻي سُٺي نموني سان ٿيڻ لڳو.

آهستي آهستي ٻنھي دوستن  محنت سان پنھنجي تعليم مڪمل ڪئي ۽ ڪجهه ئي عرصي ۾ ٻنھي دوستن کي سرڪاري نوڪري به ملي وئي. ملھار جي امڙ تمام گهڻي خوش ٿي ۽ خدا جو شڪر ادا ڪرڻ لڳي. ملھار پنھنجي تعليم سان گڏو گڏ هنر به سکِي ورتو هو ۽ نوڪري سان گڏوگڏ پنھنجي اُستاد جي دڪان تي ڪم به ڪندو هو ۽ ائين هو خوشحال زندگي گذارڻ لڳا.

پيارا ساٿيو! اوهان ڏٺو، ته سانول ۽ ملھار جي دوستي ڪيتري مضبوط ۽ سچي هئي. ٻنھي دوستن ۾ ڪو فرق نه هو. سانول امير پيءُ جو پٽ هوندي به ڪڏهن ملھار کي گهٽ نه سمجهيو ۽ ساڻس وفادار دوست وانگر دوستي نڀائيندو رهيو. اسان کي به گهرجي، ته اهڙي دوستي ۽ ڀائيچاري جو مثال قائم ڪريون ۽ غريبن ۽ مسڪينن جو هميشه ساٿ نڀايون ۽ هر مشڪل گهڙي ۾ انھن سان گڏ هجون.

***


 

عطاءُ الله ابڙو

احمد ۽ اسڪول

احمد هڪ تمام غريب مِسڪين ڇوڪرو هو. جيڪو گهڻو محنتي به هو ان کي هڪ دڪان هوندو هو، جنھن ۾ ھو واڍڪي جو ڪم ڪار ڪندو هو. احمد جو پيءُ يارل ڳوٺ ۾ ھڪ ايماندار نيڪ مرد سان گڏوگڏ ڏينھن رات پنھنجي پورهئي سان لڳو رهندو هو. احمد جو پيءُ يارل پنھنجي پٽ احمد کي  پڙھائڻ بجاءِ ھن کي پنھنجي دڪان تي ويھاري ڇڏيو. احمد جي پيءُ يارل کي ڪڏهن ڌنڌي مان ڪمائي ٿيندي هئي، ته ڪڏهن نه يا وري احمد جو پيءُ گهڻو ڪم ڪار ڪرڻ جي ڪري بيمار ٿي پوندو هو ته گهر جو خرچ ھلائڻ جي لاءِ احمد کي ڪڏهن سرن جي ڀٺي تي يا ڪنھن جي زمين ۾ ٻج ڇٽڻ لاءِ صبح جو سوير نڪري ويندو هو.

احمد هڪ ڏينھن ڇا ڏسي، ته ڳوٺ جا ٻار صبح جو اسڪول وڃي رهيا آھن. انھن کي ڪُلھن تي ڪتابن سان ڀريل ٿيلھا ۽ هٿن ۾ راند روند ڪرڻ وارا رانديڪا آھن. احمد انھن کي ڏسي ڪري سوچي سوچي روئي به پوندو هو. اهو ان ڪري جو احمد دل ۾ چوڻ لڳو، ته ڪاش مون کي به بابا اسڪول  موڪلي ها! پر آخر بابا مون کي اسڪول ۾ ڇو نه پڙھايو؟ اهو  سوچي روئي پوندو هو. ڪڏهن وري ائين  به چوندو هو، ته  مون کي به ڪتاب هجن ها، راند ڪرڻ وارا رانديڪا هجن ها، اسڪول ۾ منھنجا به ڪي دوست هجن ها! آخر  احمد  اهي ڳالھيون پاڻ سان ڪندو هو.   هڪ ڏينھن احمد صبح جي پَھر ۾ جڏهن دڪان کولي ويٺو، ته ان جي اڳيان اسڪول جا ٻار ويندي نظر آيا. اهو ان کان برداشت نه پيو ٿئي وري به اهي لفظ احمد دُهرائڻ لڳو، ته اهو ڏينھن ڪڏهن ايندو جو آءٌ به انھن وانگر ڪُلھي ۾ ڪتابن وارو ٿيلھو ۽ راند وارا رانديڪا کڻندس! 

هڪ ڏينھن احمد گهر کان ٻاهر نڪري ڪري، ڪنھن ويجهي باغ ۾ ويھي رهيو. اهو باغ ڳوٺ جي وڏيري جو هو، جيڪو هڪ نيڪ دل انسان هو. جيڪو پنھنجي در تان ڪنھن به غريب يا سوالي کي خالي نه موٽائيندو هو. ان جي دل کولي مدد ڪندو هو.

جنھن زمين ۾ احمد ويٺو هو، اُتان اسڪول جي ٻارن جو رستو به هو. اچانڪ ڳوٺ جو وڏيرو پنھنجي زمين تي چڪر هڻڻ جي لاءِ نڪتو، ته اوچتو وڏيري جي نظر هن ڇوڪري تي پئي. احمد کان وڏيري پڇيو، ته پٽ ڇا ڳالھه آھي ۽ تون اُداس لڳو پيو آھين؟ تنھنجي چھري تي مايوسي جا ڪڪر ڇانيل آھن آخر ڇو پُٽ! توسان ڇا اهڙو ڪو مسئلو  ٿيو آھي ڇا؟

احمد وڏيري کي الف کان وٺي ي تائين سڄو حال احوال ٻُڌايو. احمد جون  اهي ڳالھيون ٻُڌي وڏيري کي دل ۾ ڪجهه رحم آيو. احمد کي شھر جي طرف وٺي ويو، جتان احمد کي ڪتاب ٿيلھو ۽ راند روند ڪرڻ وارا رانديڪا وٺي ڏنا. احمد دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان کي اهو محسوس ٿيڻ لڳو، ته ڪلھوڪو خواب اڄ حقيقت ۾  تبديل ٿيندي  نظر اچي ٿو. جيئن احمد جي اسڪول جو ٽائم ٿيو، ته احمد ڪلھي ۾ ٿيلھو وجهي هٿ ۾ راند ڪرڻ وارا رانديڪا کنيا. جڏهن هو اسڪول وڃي رهيو هو، ته ڏا ڍو خوش نظر پئي آيو. جڏهن هو اسڪول داخل ٿيو، ته ڪلاس ۾ اُستاد، ڇوڪرن يعني شاگردن کي سبق  پڙھائي رهيو هو. اُن اُستاد جو آواز  ڪتاب  جي سُھڻن لفظن کان گذرندو، يعني الف انب،  ب بدڪ، ٻ ٻڪري، ڀ ڀولڙو اهڙو سھڻو آواز ٻڌي احمد  وڃي ويھي رهيو.  ائين احمد پنھنجو پاڻ ۾ هڪ نئين زندگي  جي شروعات ڪرڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org