|
آزاد زنگيجو/خيرپورناٿن شاهه
نظم
شال جڳُ جُڳُ جيئن هي سدا،
شاهه، سامي سچل پيارڙا.
سنڌ وطن جا ٻارڙا.
هر گهڙيءَ مُرڪندا هي وتن،
سانوِرا، ڀُورڙا، ڪارڙا،
سنڌ وطن جا ٻارڙا.
روز ٻيجل جيان چاهه جا،
چنگ چوريندا وتن چارڙا،
سنڌ وطن جا ٻارڙا.
ٿا ڳَڀي لئه لُڪن ۾ سڙن،
ڏس کنيون هٿن تي کارڙا،
سنڌ وطن جا ٻارڙا.
نيڻ
’آزاد‘
رَتُ ٿا رُئن،
روز خالي ڏسي، پيرڙا،
سنڌ وطن جا ٻارڙا.
***

عزير احمد علوي/شڪارپور
مهمان
مھمان سندو آ، شانُ نرالو،
جَڳَ ۾ سندس آ مانُ نرالو.
آءٌ سندن خوب ڪيان خدمت،
دل ۾ آ، ارمان نرالو.
عزت سان گڏ پڻ دعوت ۾،
پيش ڪبو آ، نانءُ نرالو.
ڀاڳ کڻي ايندو آ، بلڪل،
جنھن گھر آ، مھمان نرالو.
گهر ۾ هڪ مھمانُ اچڻ سان،
ربّ جو آ احسانُ نرالو.
گهر ڀاتين ۽ مھمانن سان،
ربّ جو آ، ايوانُ نرالو.
مھمانُ ۽ ميزبان ٻنھيءَ جو،
آھه
’عزير‘
قدردان نرالو.
***

خيرمحمد لاکو/مجيد ڪيريو سڪرنڊ
مُکڙي مان گلاب ٿيندس
مکڙي مان کڙي گلاب ٿيندس،
پڙھي لکي مان انقلاب ٿيندس.
چـور مان تون چوڪيدار ٿئين،
تنھنجي ڪرتوتن جو ڪتاب ٿيندس.
پڇڻون اٿئي جيڪي پڇجان تون،
تنھنجي سوالن جو جواب ٿيندس.
غلاميءَ مان نيٺ آزاد ٿيندس.
خوشحاليءَ جو خواب ٿيندس.
’خيرمحمد‘
بادل مان برسات ٿيندس،
اُڃياري ڌرتيءَ لئه آبُ ٿيندس.
***

سرمد مھر/شڪارپور
لاٽون
لاٽون جي آ راند پياري،
ننڍي وڏي کي آهي پياري.
تيز هوا ۾ گول ڦري ٿو،
پوءِ نه ڪيڏو پيارو لڳي ٿو.
لاٽون کي سنھڙي ڏور ٻڌي،
پوءِ ڦري ٿو هي ٽِڪَ ٻڌي.
ڳوٺ سڄي جا مڙي آيا ٻار،
ڏسي خوش ٿين ٿا سارا ٻار.
نذير،
’سرمد‘
راند رچائي،
کيڏي کيڏي پوءِ ڦٽائي.
***

نويد ناز ڀٽي/لاڙڪاڻو
ڪانءُ
ٻارو! هڪڙو سياڻو ڪانءُ،
خالق بخشيو جنهن کي ڏانءُ.
گرمي ڏاڍي گرمي آئي،
اُڃ لڳي هئي ڪانءَ کي جائي.
پنھنجا اُڏاميو پرڙا کولي،
هيڏانھن هوڏانھن پاڻي ڳولي.
نيٺ نظر پئي ڪانوَ جي مَٽَ تي،
تڪڙو تڪڙو پھتو اُتڙي.
پاڻي پيئڻ لئه چُنب وڌائين،
پاڻي آ ٿورو پو سمجهائين.
ڏاڍو هن کي پياس ستايو،
گرمي به هن کي تڙپايو.
نيٺ ٽل ڪئي هن به هڪڙي،
پٿرن جي پو ٺاهئين ڍڳڙي.
هڪ هڪ پٿر مَٽَ ۾ وڌائين،
پاڻي مٿي ٿيو پاڻ ڏٺائين.
پياسي پنھنجي چُنب وڌائين،
دل کولي پاڻي جو پيتائين.
پياسي ڪانوَ جي اُڃ لھي وئي،
راحت ٿوري هن کي ملي وئي.
پنھنجي ڏاهپ سان ٿيو سياڻو،
ٻارو هن کي اوهان به سڃاڻو.

عبدالجبار
مسافر ويسر/ٺري
ميرواهه
سچ جي ڳالهه
سچ سان رکو ياري ٻارؤ،
سچ جي آهي ڳالهه نياري ٻارو.
سچ آهي سدائين سج جيان،
ڪوڙ ته آهي اونده ڪاري ٻارو.
سچ جي سدائين جيت آئي،
ڪوڙ هر پل آ بازي هاري ٻارو.
تاريخ اُهي امرُ ٿي ويا،
سچ تان جني آ جان واري ٻارو.
سدا سچ چوڻ جو ڪريو واعدو،
ڪوڙ نه هڻجو عمر ساري ٻارو.
***

مجاھد’خاموش‘
ھيسباڻي /لاڙڪاڻو
سنڌي ٻولي
ڪيڏي سادي ۽ سولي سنڌي ٻولي،
امڙ ھنج ۾ ڏني لولي سنڌي ٻولي.
ماکيءَ کان وڌ مٺڙي ڪيڏي پياري آ،
سڀني ٻولين کان ھي نياري آ،
مؤج ڀري آ سنڌوءَ ڇولي سنڌي ٻولي.
ڪوئل جي مٺڙي لات جيان ھي،
پرھه ڦٽي پرڀات جيان ھي،
پکيئڙن جي ڄڻ ڪا ٽولي سنڌي ٻولي.
روح کي راحت پئي رسائي،
جڳ کي معطر پئي بڻائي،
جيجل ماءُ جي جهولي سنڌي ٻولي.
سنڌي ٻولي جو آ شانُ نرالو،
مليو اسان کي آ مانُ نرالو،
دشمن جي اک ۾ گولي سنڌي ٻولي.
تاريخ جي سُھڻن ورقن ۾،
لطيف سچل جي بيتن ۾،
’مجاھد‘
راھِه حق مون ڳولي سنڌي ٻولي.
***
شوڪت علي جوڻيجو/لاڙڪاڻو
سائيڪل
بابي
آندي آ سائيڪل پياري،
رنگ
جي جيڪا آهي ڪاري.
جنھن
تي چڙهي اسڪول وڃان،
ڏاڍو
پوء ٿو خوش ٿيان.
سڀ
کا آهي بھتر سواري،
بابي
آندي آ سائيڪل پياري.
ٻين
کان هي ڏاڍي بھتر آهي،
ڪڏهن
ڪڏهن ٿيندي پنچر آهي.
آهي
هي ٻن ڏنڊن واري،
بابي
آندي آ سائيڪل پياري.
هرپل
خدا جو شڪر ڪريان ٿو،
بابي
جو ٿورو خوب مڃان ٿو.
مضبوط
آهي بلڪل سگهاري،
ننڍڙي
ننڍڙي ايريل واري.
بابي
آندي آ سائيڪل پياري،
رنگ
جي جيڪا آهي ڪاري.
***
گُل حسن
’احسن‘
ڪربلائي/حيدرآباد
معافي ڏيڻ
سُٺين عادتن ۾ سڀ کان اڻلڀ جيڪا شيءِ آهي، سا آهي
دشمن تي رحم ڪرڻ ۽ اُن جي خطا معاف ڪرڻ. جيتوڻيڪ
دشمن کان انتقام وٺڻ انسان جو قانوني حق آهي. پر
حضرت محمدﷺ جن ڪڏهن به ڪنھن کان پنھنجي ذاتي
معاملي ۾ انتقام نه ورتو هو ۽ بدِي جي بدران
بُرائي نه ڪندا هئا، بلڪ اُن جي خطا معاف ڪري
ڇڏيندا هئا. ڪاوڙ، جي حالت ۾ جڏهن انسان کي خود
پاڻ تي اختيار نه ٿو رهي، اهڙي حالت ۾ خطا معاف
ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. پر جيڪي خدا جا خاص بندا آهن ۽
جن جو ايمان پورو (مڪمل) آهي، سي ڪاوڙ جي حالت ۾
به خطا ڪندڙ جي خطا معاف ڪن ٿا.
هڪ ڏينھن حضرت امام حسن گهوڙي تي سوار ٿيو وڃي
رهيا هئا، اُن وقت هڪ شخص رستي تي بيٺو هو. تنھن
ماڻھن کان پڇيو، ته هي گهوڙي تي سوار ٿيو ڪير وڃي
رهيو آهي. ماڻھن چيو، ته هي حضرت امام حسن آهي.
اُن وقت ان شخص حضرت امام حسن جي شان ۾ تمام سخت
الفاظ چوڻ شروع ڪيا. حضرت امام حسن گهوڙي جي واڳ
جهلي بيھي رهيا. جڏهن هن بد الفاظ چئي بس ڪيا،
تڏهن حضرت امام حسن ڏاڍي نرميءَ سان هن طرح چوڻ
لڳا، ته
”اي
نيڪ مرد! تون ايتري قدر ڇو آپي کان ٻاهر نڪري ويو
آهين، شايد تون مسافر آهين، بُک ۽ تنگدستي جي
تڪليف توکي سَتائي رهي آهي. آءٌ تنھنجي خدمت ڪرڻ
لاءِ حاضر آهيان. جي تون بيمار آهين، ته خدا کان
دعا گهرندس، ته هو توکي چڱو ڀلو ڪري. جيڪڏهن توتي
قرض آهي، ته تنھنجو قرض ڏئي تنھنجو بار هلڪو ڪندس.
جيڪڏهن توکي پنڌ ڪرڻ ۾ تڪليف آهي، ته هي منھنجو
گهوڙو حاضر آهي! جي تون سفر جو ارادو رکين ٿو، ۽
تو وٽ خرچ نه آهي، ته جيڪي توکي گهرجي مون کان
گهرُ، جي توکي ڪپڙن جي ضرورت آهي، ته توکي سُٺي ۾
سُٺي پوشاڪ ڏيان. جيڪڏهن توکي بُک لڳي هجي، ته
منھنجي جاءِ تي هل ته توکي ماني کارايان. آءٌ حضرت
علي جو پُٽ آهيان. جيستائين تنھنجي دل گُهري، هلي
مون وٽ رهه . آءٌ تنھنجي خدمت ڪندس.“
جڏهن اُن شخص سختي جو جواب نھٺائي ۽ نرميءَ ۾
ٻُڌو، تڏهن هو ڏاڍو حيران ۽ پريشان ٿي ويو ۽ ڪيتري
وقت تائين ڪنڌ هيٺ ڪيو بيٺو رهيو. ڪجهه وقت گذرڻ
کان پوءِ حضرت امام حسن جي پيرن تي ڪِري روئي عرض
ڪيائين، ته بيشڪ توهان امام آهيو ۽ امام جا فرزند
آهيو. توهان منھنجي خطا کي معاف ڪريو.
حضرت امام حسن ان کي ڀاڪر پائي چيو، وڃ مون توکي
معاف ڪيو.
پيارا ٻارؤ! توهان به پنھنجي مخالف سان نرمي ۽
نھٺائي سان پيش ايندا، ته ٿي سگهي ٿو ۽ مخالف
توهان جو اخلاق ڏسي اهو به توهان جو وفادار دوست
ٿي وڃي.
***
سندن نالو عمر ڪنيت ابو حفص ۽ لقب فاروق اعظم،
سندن والد جو نالو خطاب ۽ امڙ جو نالو حنطمه آھي.
جيڪا ھشام بن مغيره جي ڌيءُ ۽ ابو جھل جي ڀيڻ
ھئي. سندن نسبت نامون ھيٺ آھي. عمر بن خطاب بن عبد
لازي بن رياھه بن قرت بن رزاھه بن عدي بن ڪعب بن
لاوي. اٺين پيڙھي ۾ سندن شجرو نسب حضور اڪرم ﷺ جن
جي خاندان سان ملي ٿو. پاڻ فِيل (هاٿين) واري
واقعي کان
13
تيرنھن سالن کان پوءِ پيدا ٿيا. (تاريخ الخلفاء).
حضرت عمر فاروق مڪي
جي هڪ معزز خاندان سان تعلق رکندا ھئا. پاڻ
انتھائي بھادر، پھلوان، بھترين مقرر، گهوڙي سواري
جو ماھر ۽ اعليٰ سپھه سالار ھئا. پاڻ باڪمال درجي
جا واپاري به ھئا ۽ پاڻ واپار جي ڪري عربستان جي
ڪيترن ئي شھرن جا سفر ڪيا. جڏھن
27
سالن جي عمر ۾ ھئا، ته ان وقت اسلام جي تبليغ به
زور شور سان جاري ھئي. پاڻ شروع ۾ اسلام جا سخت
مخالف ھئا. پر جڏھن پاڻ ڪريمﷺ ربّ تعاليٰ کان ھيءَ
دعا گهري، ته
”يا
الله عمر بن خطاب يا عمر بن ھشام جي طفيل سان
اسلام کي بُلندي عطا فرما.“
ته ربّ پاڪ، نبيﷺ جن جي دعا قبول فرمائي ۽ فاروق
اعظم يعني عمر بن خطاب نبوت جي
6
سالن کان پوءِ مسلمان ٿيا، ته ان وقت
40
مرد ۽
11
عورتن ايمان آڻي ڇڏيو ھو. (تاريخ الخلفاء ص-265
سوائق المحرقه ص-249).
1.
جڏھن حضرت عمر ڪملو پڙھيو، ته الله تعاليٰ قرآن ۾
ھيءَ آيت مبارڪ نازل فرمائي،
”اي
منھنجا نبي ﷺ تنھنجي لاءِ رّب پاڪ ڪافي آھي ۽
ايمان وارن مان به جيڪي تنھنجي پيروي ڪن.“
(سوره الانفال پاره
10
آيت-
64
)
2.
معلوم ٿيو، ته صحابي جو اھو شان آھي، ته آقاﷺ جو
ڇا مقام ھوندو.“
قرآن سان گڏ حديثن جا مشھور ڪتاب ۽ تاريخ جا
بھترين ڪتاب شان ۽ عظمت سان ڀريا پيا آھن، جن مان
ڪجهه ھن ريت پيش ڪجن ٿا.
1.
جڏھن پاڻ ايمان آندائون، ته حضرت جبرائيلع
نازل ٿيو ۽ چيو، ته
”اي
الله جا رسولﷺ آسماني فرشتن حضرت عمر جي ايمان
آڻڻ تي تمام گهڻي خوشي ڪئي آھي ۽ توھان کي مبارڪون
ڏنيون اٿن. (تاريخ الخلفاء سوائق المحدقه)
2.
حضرت عمر کان اڳ مسلمان لڪي ڪري عبادت ڪندا ھئا.
پنھنجو مسلمان ھئڻ ظاھر نه ڪندا ھئا. ڪنھن به
ڪعبت الله ۾ وڃڻ جي ھمت نه ڪئي، پر جڏھن حضرت
عمر مسلمان ٿيا، ته سڀني ظاھر ظھور عبادت ڪئي.
(تاريخ الخلفاء ص-275
).
3.
حضرت فاروق اعظم جي اسلام ۾ اچڻ کان پوءِ اسلامي
تبليغ بُلندي تي پھچي وئي. ڪافر نصف ٿي ويا ۽
اسلامي مجاھدن کان ڊڄڻ لڳا.
4.
حضور اڪرمﷺ جن فرمايو،
”جيڪڏھن
مون کان بعد ڪو نبي ھجي ھا! ته اھو عمر بن خطاب
ھجي ھا. ( ترمذي ۽ مسلم وغيره).
5.
حضور اڪرمﷺ فرمايو،
”جنھن
عمر سان نفرت ڪئي، ان ڄڻ مون سان بغض رکيو ۽ جنھن
ان سان محبت ڪئي، ان ڄڻ مون سان محبت رکي.“
(تاريخ الخلفاء ص-
281).
6.
حضور اڪرم ﷺ فرمايو،
”ربّ
تعاليٰ دنيا ۾ جيترا به نبي موڪليا، ان جي اُمت ۾
ھڪ محدث ھو ۽ منھنجو محدث عمر آھي. اصحابن عرض
ڪيو،
”اي
الله جا رسولﷺ محدث معنيٰ؟ پاڻﷺ جن فرمايو، ته
جنھن جي زبان جي گفتگو فرشتن جي زبان ۾ ھجي. يعني
(حضرت عمر جي زبان مان حق کان سواءِ ٻيو نه ھوندو
۽ ربّ پاڪ سندن دل ۽ زبان مان حق جاري ڪيو آھي ۽
سندن راءِ مطابق قرآن جون آيتون نازل ٿين ٿيون.
(تاريخ الخلفاء ص-281
ابن ابي شيبيٰ).
7.
حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو،
”اي
عمر بن خطاب قسم آھي، ان ذات جو جنھن جي قدرت ۾
منھنجي جان آھي، جڏھن شيطان توکي ڪنھن رستي تان
ايندي ڏسندو آھي، ته اھو ٻيو رستو اختيار ڪندو آھي
۽ آسمان جا سڀئي فرشتا تنھنجي عزت ڪن ٿا ۽ زمين جا
سڀئي شيطان توکان ڊڄن ٿا. (صحيح بخاري، صحيح مسلم
۽ ترمذي.)
8.
حضور اڪرمﷺ جن فرمايو، جنھن شخص سان ربّ پاڪ پھرين
مصافحو فرمائيندو ۽ سلام ڪندو ۽ ان جو ھٿ پڪڙي ان
کي جنت ۾ داخل ڪندو، اھو عمر آھي. (سنن ابن ماجھ
ج
104).
9.
حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو،
”عمر
اھڙي ھستي آھي، جنھن جي ڪري فتنه ۽ فساد بند ٿيا
آهن ۽ ھي جيستائين زنده رھندو، ته ڪير به ڏڦير
(فساد) وجهي نه سگهندو. (تاريخ الخلفاء ص-280
).
10.
پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو،
”عمر
کان بھتر ماڻھو تي سج ڪڏھن به نه اُڀريو. (سوائق
المحرقه ص-259).
11.
پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو، ربّ پاڪ عرفا وارن ۽ خاص
حضرت عمر تي فخر ڪيو آھي.
12.
حضرت علي جن فرمايو،
”جيڪو
شخص منھنجي دوستن حضرت صديِق اڪبر ۽ حضرت عمر
فاروق جي گُستاخي ڪري ٿو، اُن کي توبھه نصيب نه
ٿيندي ۽ اھو انھيءَ گناھه تي مري ويندو. (ڪنز
الاعمال، ابن عساڪر).
13.
امام جعفر صادق فرمائين ٿا، ته
”جيڪو
شخص حضرت صديق اڪبر ۽ حضرت فاروق اعظم کي
ڀلائيءَ سان ياد نٿو ڪري ان کان آءٌ بيزار ۽ الڳ
آھيان.“
(تاريخ الخلفاء ص-286
).
حضرت فاروق اعظم ڇھن سالن تائين ڪافرن جو سختيءَ
سان مقابلو ڪيو پاڻ ھڪ غيرت مند ۽ دلير اصحابي
ھئا.
حضور اڪرمﷺ جڏھن هن فاني دنيا مان وفات فرمائي
ويا، ته پاڻ تلوار کڻي بيھي رھيا ۽ فرمايائون ته
خبردار ڪير به نه چئي، ته منھنجو آقاﷺ ھن جھان مان
ويو هليو آھي. پاڻ مڪي کان مديني ڏانھن ھجرت به
ڪيائون. حضرت صديقِ اڪبر جي خلافت واري دور ۾
پاڻ اُن جا مشير ٿي رھيا. پاڻ ھميشه قرآن ۽ حديث
جي پيروي ڪيائون. حضرت فاروق اعظم اسلام جا ٻيون
نمبر خليفا راشد بڻيا، ته کين حضرت صديقِ اڪبر جي
استعمال واريون شيون جڏھن واپس بيت المال ۾ جمع
ڪرڻ لاءِ مليون، ته پاڻ روئيندي فرمايائون، ته اي
صديقِ اڪبر بيشڪ مان ڪيل نيڪين منجھان ھڪ نيڪي
آھيان.
حضرت فاروق اعظم جي خلافت جو مدو
10
سال ڇھه مھينا ۽ چار ڏينھن ھو. پاڻ سادگيءَ جي
زندگي گذاريائون ۽ رات جي وقت ويس بدلائي ماڻھن جو
حال احوال وٺندا ھئا ته ڪٿي ڪو تڪليف ۾ ته نه آھي.
پاڻ ايترو عدل ۽ انصاف قائم ڪيائون جو شينھن ۽
ٻڪري ھڪڙي ئي جهنگ ۾ چرندا ھئا. پاڻ پنھنجي خلافت
جي دوران ڪيترائي ملڪ فتح ڪيائون. جن ۾ اھم
ايران، شام، فلسطين ۽ مصر قابلِ ذڪر آھن. ھڪ
انگريز ليکڪ پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو آھي، ته جيڪڏھن
حضرت عمر فاروق جي خلافت اڃان ڪجهه سال ھلي ھا،
ته دنيا ۾ مسلمانن جي حڪمراني ھجي ھا. حضرت فاروق
اعظم بيت المال جي ٿوري وظيفي تي پنھنجو گذر سفر
ڪندا ھئا. صحابه رضوان الله عنھم اجمعين سندن
وظيفي وڌائڻ لاءِ ام المومنين بيبي حفصه رضي الله
عنھا کي چيو ان کي حضرت فاروق اعظم فرمايو، ته
”آءٌ
حضور اڪرمﷺ جن جي طريقي کي نٿو ڇڏي سگھان.“
پاڻ زڪوات مسڪينن تائين پھچائي، مسجدون،
مسافرخانه ۽ نوان شھر اڏايا. فوج جي نئين سر سان
تنظيم شروع ڪئي ۽ ان جون پگهارون وڌايون.
حضرت فاروق اعظم حضرت علي المرتضيٰ جي مشاورت
سان ماڻھن جا فيصلا ڪندا ھئا. کين اھل بيتن سان
والھانه محبت ھئي. جنھن جو زنده مثال
”صوائقه
محرقه“
۾ علامه سيوطي لکي فرمايو، ته ايران جي فتح کان
پوءِ جڏھن اُتان جون ٻه شھزاديون حضرت بيبي
شھربانو ۽ حضرت بيبي ڪزبانو سندن دربار ۾ آنديون
ويون، ته پاڻ پنھنجي پٽ عبدالله جي خواھش باوجود
انھن کي امام حسين ۽ امام حسن سان پرڻائي
فرمايو، ته
”پُٽ
اسان غلام آھيون ۽ اھي اصل بادشاھن کي ملڻ گهرجن.“
پاڻ کي
26
ذوالحج تي ھڪ پارسي غلام مسجدِ نبوي ۾ نماز جي
حالت ۾ سخت زخمي ڪيو۽ پاڻ
01
محرم الحرام
24
ھجري تي
63
سالن جي عمر ۾ شھادت جو جام پيتائون. سندن جنازو
حضرت صحيب پڙھايو. حضور اڪرمﷺ جن فرمايو،
”عمر
جي شھادت تي اسلام روئيندو. (يعني اسلام کي نقصان
ٿيندو). تاريخ الخلفاء ص-281.
|