|
سنڌيڪار: اظھر
’آزاد‘
مغل/شڪارپور
دڪاندار ۽ عورت جي ڪهاڻي
گراهڪ دڪان ۾ داخل ٿي ڪري دڪاندار کان پڇيو، ڪيلن
جو اگهه ڇا آهي؟
دڪاندار جواب ڏنو: ڪيلا
12
درھم ۽ صوف
10
درھم.
ايتري ۾ ھڪ عورت به دڪان ۾ داخل ٿي ۽ چيو،
”مون
کي ھڪ درجن ڪيلا کپن، ڇا اگهه آهي؟
دڪاندار چيو،
”ڪيلا
3
درھم ۽ صوف
2
درھم. عورت الحمد لله پڙهيو.
دڪان ۾ پھرين کان موجود گراھڪ غضبناڪ نظرن سان
دڪاندار کي ڏٺو. ان کان پھريون جو ڪجهه اُبتو سبتو
ڳالھائي، دڪاندار گراھڪ کي اَک ھڻندي ٿورو انتظار
ڪرڻ جو چيو.
عورت خريداري ڪري خوشي خوشي دڪان کان نڪرندي چيو،
ربّ پاڪ تنھنجو شڪر آهي، منھنجا ٻچڙا اُھي کائي
ڏاڍو خوش ٿيندا.
عورت جي وڃڻ کانپوءِ دڪاندار پھريون کان موجود
گراھڪ جي طرف متوجهه ٿيندي چيو،
”رب
پاڪ گواھه آهي، مان توکي ڪوئي دوکي ڏيڻ جي ڪائي
ڪوشش ناهي ڪئي. ھي عورت چئن يتيم ٻارن جي ماءُ
آهي. ڪنھن کان به ڪنھن قسم جي مدد وٺڻ لاءِ تيار
ناهي. مان ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪئي آهي ۽ ھر دفعي
ناڪامي نصيب ٿي آهي.
ھاڻي مون کي ھي ئي طريقو سمجهه ۾ آيو آهي، ته جڏهن
به ڪڏهن اچي، ته ان کي گهٽ ۾ گهٽ اگهه لڳائي شيءِ
ڏئي ڇڏيان. مان چاهيان ٿو، ته ھن جو ڀرم قائم رھي
۽ ھن کي لڳي، ته ھوءَ ڪنھن جي محتاج نه آهي. مان
ھي تجارت رب پاڪ سان ڪيان ٿو ۽ ان جي رضا ۽
خوشنودي جو طلبگار آهيان.
دڪاندار چوڻ لڳو،
”ھي
عورت ھفتي ۾ ھڪ دفعو ايندي آهي. ربّ پاڪ گواھه آهي
جنھن ڏينھن ھوءَ اچي وڃي، انھيءَ ڏينھن ھلت وڌي
ويندي آهي ۽ ربّ پاڪ جي غيبي خزاني مان منافعو ٿي
ويندو آهي.“
گراهڪ جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. ھن وڌي ڪري
دڪاندار جي مٿي کي چمندي چيو،
”بخدا
ماڻھن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ جيڪا لذت ملندي
آهي، تنھن کي اھو ئي ڄاڻي سگهي ٿو، جنھن آزمايو
ھجي.
***
سرمد عباسي خانواهڻ
(قسط: ارڙهن)
سپِي، سارنگ ۽ مَتارو
}ٻاراڻو ناول{
آڪاش لاڳيتو اکيون پَٽي، بند ٽي ويءَ ڏانھن ڏسي
رھيو ھو. توڙي جو ھن کي گهڻو وقت اڳ ۾ پڪَ ٿي وئي
ھئي، ته متارو ۽ سارنگ اصلَ ۾ ڪارٽونَ آھن. پر
ھاڻي کين سپيءَ سوڌو ٽي ويءَ ۾ ويندي، ڏسي ھنَ جي
واڇَ گودي ٿي وئي ھئي. ھُو انَ وقت ھوشَ ۾ آيو،
جڏھن ڏاڪڻ واري ڀاڱي ڏانھن فھيم ۽ فواد لھي ھن وٽ
آيا. ٻنھي کي ھٿن ۾ بندوقون ھيون ۽ شينھن جو ڀؤ
ھنن جي اکين مان چِٽو ھو.
”شينھن
ڪيڏانھن ويو آڪاش؟“
فھيم پڇيو.
آڪاش ڇِرڪ ڀري ھنن ڏانھن ڏٺو ۽ آڱر سان ٽي ويءَ
ڏانھن اشارو ڪيو. فھيم ۽ فواد عجب وچان ٽي ويءَ
ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ ھڪ ٻئي کي ڏسڻَ لڳا. کين ڪجهه به
سمجهه ۾ نه آيو ھو.
”ڇا
ٿو چئين آڪاش؟ سپي ۽ ھرڻَ جو ٻچو به ڏسڻَ ۾ ڪونه
پيا اچن. سڀ ڪيڏانھن ويا ؟“
فھيم، وري پڇيو.
”اوھان
ٻئي صوفي تي اچي ويھو، ته آءٌ اوھان کي سڀ ڪجهه
سمجهايان ٿو.“
آڪاش ڊگهو ساھه کڻي چيو ۽ پاڻ به صوفي تي اچي ويھي
رھيو. فھيم ۽ فواد جي صوفي تي ويھندي ئي آڪاش کين
شروع کان آخر تائين سموري ڳالھه کان واقف ڪيو.
آڪاشَ جي ڳالھه کُٽندي ئي ٻئي ڄڻا ڪنھن سوچَ ۾ گُم
ٿي ويا. ڇا ٿيو فھيم؟ توھان کي پڪَ سان منھنجي
ڳالھه ڪو، ڪوڙو قصو پئي لڳي؟“
آڪاش ڪنڌ ھيٺ ڪري پڇيو.
”تنھنجي
ٻُڌايل ڳالھه آھي، ته صفا ٻارن جي ڪھاڻيءَ جيان،
پر جڏھن مان پاڻَ سان پيش آيل واقعن بابت سوچيان
ٿو، ته دل چئي ٿي ته تون سچ پيو ڳالھائين.“
فھيم، آڪاش جي ڪُلھي تي ھٿ رکندي وراڻيو.
”مون
کي اوھان جي ڳالھين تي سؤ سيڪڙو پتِ آھي، سائين
آڪاش. ڇو جو مان ۽ منھنجي دوستن پڃري جي شِيخن جي
سوڙھي وِٿيءَ مان ان شينھن کي نڪرندي ڏٺو ھو ۽
جڏھن فھيم صاحب ان شينھن کي گوليون ھنيون ھيون ،
ته ڪجهه ئي دير کان پوءِ سندس ڦَٽَ ايئن گم ٿي ويا
ھئا، ڄڻ ته ھُيا ئِي ڪونه.ھو اُٿي بيٺو ھو ۽ اسان
جي ڪڍَ لڳي اسان جي گاڏي ڪيرائي وِڌي ھئائين.“
فواد ڳيتَ ڏيندي چيو.
”وڌيڪَ
پڪ اوھان کي انَ مھلَ ٿيندي، جڏھن بجلي ايندي.“
آڪاشَ چيو ۽ ٽارچ کڻي رڌڻي ڏانھن ھليو ويو. ڪجهه
دير کان پوءِ جڏھن ھُو موٽيو، ته ھن جي ھٿن ۾ ٻه
ٽارچون ۽ ڪجهه ٻيو سامان ھو.
”اوھان
وٽ بندوقون ۽ واڌو گوليون آھن؟“
آڪاش، ٻنھي کان پڇيو.
”مون
وٽ بندوق ۽ ڪجهه گوليون آھن. واڌو گوليون ته
گاڏيءَ ۾ رھجي ويون. کڻي اچان؟“
فھيم ٻڌايو. آڪاش کيس اشاري سان نه ڪئي ۽ فواد
ڏانھن ڏسڻَ لڳو.
”مون
وٽ ھيءَ بندوق ۽ ججهين (گهڻين) گولين کان سواءِ ھڪ
پستول به آھي سائين.“
فواد ٻُڌايو ۽ لَڄُ وچان ڪنڌُ جهڪائي ڇڏيو.
”ڪنڌ
مٿي ڪر دوست. اسان کي سپيءَ کي بچائڻو آھي. تون
اسان جي واھر ڪئي، ته اسان تو کي ۽ تنھنجي دوستن
کي غيرقانوني شڪار ڪرڻ جي ڏوھه ۾ گرفتار ڪونه
ڪنداسين. پر توھان کي واعدو ڪرڻو پوندو، ته ايندڙ
وقتن ۾ اھو ڪم نه ڪندؤ.“
آڪاش، فواد کي پنھنجائپ مان چيو.
”سائين
اسان کي معاف ڪيو. ٻيھر ايئن نه ڪنداسين.“
فواد پڪَ ڏياريندي چيو.
”ھاڻي
ڇا ڪجي؟“
فھيم پڇيو.
”بس
ھاڻي ٽي ويءَ کي ويجهو ٿي بيھو. بجلي اچڻَ کان
ڪجهه ئي سيڪنڊ اڳ مان سِينڍَ وڄائيندس. اوھان ٻئي
ٽي ويءَ ڏانھن گُهتَ ھڻجو. باقي اڳتي پاڻ ئي خبر
پئجي ويندوَ.“
آڪاش کين سمجهايو.
”سچَ
۾.“
فھيم مُرڪندي پڇيو.
”ھائو
سر.“
آڪاش به مُرڪندي وراڻيو.
ھُو ٽئي ٽي ويءَ جي ڀرسان اچي بيھي رھيا. آڪاش
پنھنجي آڱر چپن تي رکي کين ماٺِ رھڻَ جو اشارو ڪيو
۽ پنھنجو سمورو ڌيانُ، ٽرانسفارمر مان ايندڙ
”سِرِڙِ...سِرِڙِ“
جي آواز ڏانھن ڌَري ڇڏيو. صفحي ۾ ماٺِ پکڙجي وئي.
ڪجهه دير کان پوءِ، آڪاش جي ڪنن ۾ ٽرانسفارمر جو
ساڳيو آواز پيو. ھنَ جي سِينڍَ وڄائيندي ئي بجلي
به اچي وئي. ٽنھي ڄڻن بنا ڪجهه سوچڻ جي پاڻَ کي ٽي
ويءَ ڏانھن اُڇلَ ڏني. ٽنھي کي مٿي ۾ ڦيري آئي ۽
اکين آڏو اوندھه به اَچي وئي.
***
انَ کان اڳ جو متاري جو چَنبو معصوم سپيءَ کي
ٻُوٽِي ٻُوٽِي ڪري ڇڏي ھا ڪتن جي ڀؤنڪڻ جا آواز
اچڻ لڳا. متاري سان گڏ سپيءَ ۽ سارنگ به آواز واري
پاسي نِھاريو ۽ ڀَوَ ۾ وٺجي ويا. متارو توڙي جو
شِينھن ھو پرَ اھو به ڪَنبڻَ لڳو. جهنگلي ڪُتن جو
ھڪ ٽولو،گِگُون ڳاڙيندو ھنن ڏانھن اچي رھيو ھو.
اُھي ٽِيھه کَن ڪُتا ھئا ۽ ڪارن ڪڪرن جي ڪري وڌندڙ
اوندھه ۾ ڏاڍا ڀوائتا لڳي رھيا ھئا.
”فالسو.“
سپيءَ پاڻَ مرادو چيو. فالسو،جهنگلي ڪُتن جي ٽولي
جو سردار ھو. جهنگلي ڪُتن جو اھو ٽولو، ڪارٽون
”سارنگ
۽ متارو“
سيريز جو حصو ھو ۽ ھر ٽئين چوٿين قسط ۾ ايندا ھئا.
اھي به سارنگ کي کائڻَ لاءِ آتا ھوندا ھئا. ايترا
ته ويڙھاڪ ھئا، جو متاري کي به ماري ڪُٽي ڀَڄائي
ڇڏيندا ھئا. متارو فالسي کان ڏاڍو ڊڄندو ھو. فالسي
جي ٽولي کي ايندي ڏسي متارو به ڏَڪڻَ لڳو.
”مُو
تي بات لوم وَنِنو آھي. توا اِتي بيھو مان اَتان
تو. (مون کي باٿ رُوم وَڃِڻو آھي. توھان اِتي
بِيھو، مان اچان ٿو.)“
متاري ٻاتن جيان ڳالھائيندي چيو ۽ ٻِي گهڙي ھڪ وڏو
ٽَپُ ڏئي اوندھه ۾ گم ٿي ويو. متاري کي، ڊِڄي
ڀَڄندي ڏسي سپي ۽ سارنگ وائڙا ٿي ويا. ھنن کي
اُميدَ ھئي، ته متارو ڪجهه ته فالسي سان ويڙھاند
ڪندو، پر ھُو ته اُنَ ڪُوئي جيان ڀَڄي ويو ھو،
جنھن ٻليءَ کي ڏسي ورتو ھجي.
”ھا...ھا...ھا.
ٻليءَ جو ڀاڻيجو ڀَڄي ويو.“
فالسي ٽھڪ ڏئي چيو ۽ پنھنجي ڀوائتين اکين سان
سپيءَ ڏانھن ڏسڻَ لڳو. ھنَ جي ٽولي جا سڀ جهنگلي
ڪتا به ڄِڀون ڪَڍي سپيءَ ڏانھن ڏسڻَ لڳا.
”دوستو
رات جي ماني کائيندؤ؟“
فالسو، پنھنجي ڊگهي ڄِڀَ ڪڍي سھڪندي پڇيو.
”ڏاڍي
بُکَ لڳي آھي، سردار فالسو. بس کائڻ جي اجازت کپي.
اھا به جلدي.“
ھڪ ڪُتي گِگَ ڳاڙيندي چيو.
ته پوءِ دير نه ڪيو. ھليا اچو. اَاُوووووو...
فالسي وراڻيو.
”اَاُووووو...“
جهنگلي ڪُتا به اُوناڙ ڪرڻَ کان پوءِ سپيءَ ۽
سارنگ ڏانھن وڌڻَ لڳا.
”خبردار.
متان اڳتي وڌيا آھيو. ھڪ به جِيئرو ڪونه بچندو.“
امالڪ ئي آڪاشَ جو آواز آيو ۽ ڊڀن مان آڪاش سان گڏ
فھيم ۽ فواد نڪري آيا. ٽِنھي ڄڻن جي ھٿن ۾ بندوقون
۽ ٽارچون ھيون. بجلي ايندي ئي ھُو ٽئي به پنھنجي
دنيا مان جهنگ ۾ پھچي ويا ھئا.
”ادا.“
سپيءَ ، آڪاش کي ڏسي وڏي رڙ ڪئي ۽ سارنگ سان گڏ
ڊُڪندي آڪاش ڏانھن اچي وئي.
”واھه
...ھي ته ٻيو به کوڙ سارو کاڌو پھچي ويو. مزو ٿي
ويو دوستو.“
فالسو پنھنجا چپَ چٽي، آڪاش ڏانھن وڌندي چيو.
تنھنجي مرضي. آڪاش چيو ۽ چپَ ڀيڪوڙيندي بندوق جا
ڪيترائي فائر ڪُتن تي ڪيا. فالسي
”اَاُون“
جو آواز ڪڍيو ۽ گوليون لڳڻ جي ڪري ھيٺ ڪري ڦَٿڪڻَ
لڳو. فالسي کي ڦٿڪندو ڏسي ٻيا ڪُتا ڪاوڙجي ويا ۽
ڀؤنڪندا ھنن ڏانھن وڌيا. کين پاڻَ ڏانھن ايندو ڏسي
آڪاش سان گڏ فھيم ۽ فواد به پنھنجون بندوقون
سِڌيون ڪيون ۽ ڪُتن تي گوليون ھلائڻ لڳا.گوليون
لڳڻ ڪري ڪيترا ئي ڪُتا ھيٺ ڪري پيا.
”دوستو،
گوليون بچايو. اڳتي ڪم اينديون.“
آڪاش رڙ ڪري چيو. ڪُتا، پنھنجي ھيٺ ڪريل ساٿين وٽ
بيھي ڀؤنڪڻَ لڳا.
”سوچيو
ڇا ٿا؟ڀڄڻَ جي ڪيو. ياد ڪيو، ته متارو به گوليون
کائڻ کان پوءِ اُٿي بيھي رھندو ھو.“
آڪاش سپيءَ جو ھٿ پڪڙيندي چيو.
”پرَ
ڪيڏانھن؟“
فھيم پڇيو.
”سامھون
گهاٽا وڻَ پيا ڏسجن. اوڏانھن ھلي ٿا لِڪون.“
آڪاش چيو ۽ سڀ ڪو وڻن ڏانھن ڊُڪڻَ لڳو. جهنگلي
ڪُتا پنھنجن ھيٺ ڪِريل ساٿين وٽ بيھي ھنن ڏانھن
ڏسي ڀؤنڪندا ۽ اوناڙون ڪندا رھيا. آڪاش ۽ ٻيا
سموري سگهه لڳائي ڊُڪي رھيا ھئا. ڇو جو کين پڪَ
ھئي، ته جيئن ئي ڪارٽون جهنگلي ڪُتو فالسو ٻيھر
اُٿي بيھندو تيئن ئي سڀ جهنگلي ڪُتا وري ھنن کي
کائڻ لاءِ ڊوڙَ ڀريندا. ڪُتن جي ڪاھه کان اڳ ئي
کين ڳجهي ھنڌَ تائين پھچڻو ھو. پر ھنن جي ڀاڳَ،
سندن ساٿ ڪونه ڏنو. ھُو سڀ اڃان وڻن کان ڪجهه پري
ئي ھئا، ته جو پُٺيان ڪُتن جي گڏجي ڀؤنڪڻ جا آواز
اچڻَ لڳا.
”ڪتا
اچن پيا.“
فواد ڊپ مان چيو.
”ڀَڄندا
رھو. بيھجو نه.“
آڪاش ڏاڍيان چيو ۽ بنا پوئتي ڏسڻَ جي لاڳيتو ڀڄندو
رھيو. ھُو جيئن ئي وڻن کي ويجهو ٿيا. وڻن منجهان
پنجَ ڪُتا نڪري آيا ۽ نِڙيءَ مان ھيبتناڪ آواز
ڪڍندا ھنن ڏانھن اچڻَ لڳا.
”بيھو.“
آڪاش رڙ ڪئي ۽ ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳو، ته جيئن
لڪڻَ لاءِ ڪا جاءِ ڳولي سگهي. پر کيس اھڙي ڪا به
جاءِ ڏسڻَ ۾ نه آئي.
(هلندڙ.......)
عبدالسميع ابن الھيار ڄام شورو
(قسط: ڇھين)
سڙهه
سِڙَهه سَنوان، لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا مَلَ
جي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙا رکِين ٻاجَهه سِين.
سنڌيار اھا ڳالھه عبدالله سان ڪئي ۽ کيس سنڌ وڃڻ ۾
مدد ڪرڻ لاءِ چيو. عبدالله کيس چيو، ته مان توکي
بندرگاهه تي ڇڏي ايندس، جتان ايراني نار جا جھاز
لنگهندا آھن. ھونئن به تو پنھنجي چڱي پُونجي (ڏوڪڙ
پيسو) جمع ڪئي آھي. بس تون جڏھن تيار ھجين، ته
ھلنداسين.
سنڌيار پنھنجي سموري ڪمائي چئن الڳ الڳ ڳوٿرين ۾
وڌي ۽ پنھنجا ڪتاب ۽ لکيل تحريرون به سانڍي سامان
سان ٻَڌائين. نيٺ اھو ڏينھن اچي ويو، جو سنڌيار
سفر جي شروعات ڪرڻ لاءِ گهر ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو.
انسان جا ڪجهه تعلقات عارضي ھوندا آھن، جن کي ٿورو
وقت ھلائي سگهبو آھي. پر تنھن ھوندي به دل سان
جڙيل گهڙيون وسارڻ ڏکيو ڪم آھي. اڄ ڪريمه ۽
عبدالله ٻئي اُداس ھئا. ڪريمه روئي سنڌيار کي مٿي
تي چمي ڏئي ٿي ۽ چوي ٿي،
”مون
کي تنھنجي وڇوڙي تي روئڻ نه ٿو اچي، مون کي توسان
گذريل وقت ٿو روئاري.“
سنڌيار:
”جيجي
تون به ته امڙ آھين، اگر نصيب ھوندو ته ملبو.“
ڪريمه: ھاءِ ڪھڙي خبر ته زندگي ڪيتري ھجي، مان
تنھنجي لاءِ دعاگو رھنديس.
سنڌيار کيس دلاسي ڏيڻ لاءِ خدا جي مصلحت تي ھڪ
مختصر قصو ٻڌائي ٿو،
”بغداد
جي شھر ۾ ھڪ تمام وڏي درسگاھه ۾ ڀانت ڀانت جا
ماڻھو پنھنجي ٻارن کي پڙھڻ لاءِ موڪليندا هئا. اتي
چين ملڪ جو ھڪ نوجوان ۽ ھڪ مصري پاڻ ۾ گڏ پڙھندا
ھئا. درسگاھه جي اجنبي ماحول ۾ ڪيترائي ٻيا به
شاگرد رھندا ھئا. پر طبيعت جي ملڻ ڪري ھنن پرديسين
جي پاڻ ۾ دل ٿي وئي. ٻئي ھڪ ٻئي جو تمام گهڻو خيال
رکندا ھئا. اگر مصريءَ کي ڪجهه ٿيندو ھو، ته چيني
سندس پرگهور لھندو ھو ۽ وري جي چينيءَ کي ڪنھن
شيءِ جي ضرورت پوندي ھئي، ته مصري آڻي حاضر ڪندو
ھئس. ھنن کي ڪيترائي سال گڏ گذري ويا ۽ سندن تعليم
جو مدو به پورو ٿيڻ تي اچي پھتو. ھڪ ڏينھن مصري
تمام گهڻو بيمار ٿي پيو ۽ کيس ڪابه دوا اثر نه پئي
ڪري. جنھن سبب چيني به گهڻو اُداس رھڻ لڳو. ڪجهه
ھفتن ۾ ٻنھي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي. ايستائين
جو درسگاهه جي طبيب وٽ وڃڻو پين. طبيب تمام گهڻو
سمجُهو ھو. تنھن کين چڪاسڻ بعد چيو، ته اوھان کي
ھڪ ٻئي کان وڇڻڻ جو فڪر ڳاري رھيو آھي، پر ان جو
مون وٽ صرف هڪ علاج آھي. ٻنھي دوستن ھڪ آواز ۾ چيو
ڪھڙو؟ طبيب چيو، ته ھي زھر جو پيالو وٺو ۽ پيئندي
ھڪ ٻئي جي ھٿن ۾ ساھه ڏئي ڇڏيو. نوجوان ھڪاٻڪا
رھجي ويا، ڪجهه دير کان پوءِ مصريءَ چيو، اگر زھر
ئي پيئڻو آھي، ته پيالي جي بجاءِ قسمت ۽ وڇوڙي جو
زھر ڇونه پيئجي. طبيب مُسڪرائيندي چيو بلڪل، مان
اھا ئي ڳالھه ٻُڌڻ پئي چاھي. قسمت تي ڀروسو رکو،
ته اوھان وري ملندؤ، اگر نه ته ڏک ۽ غم جو زھر
اوھان کي ماري ڇڏيندو. ڀروسو ئي اوھان جو علاج
آھي. سو پنھنجي ايندڙ ڏينھن تي ڀروسو رکو.
تڏھن عبدالله کيس چوي ٿو، بروبر سنڌيار پُٽ! ھي ڏک
ڪرڻ جو وقت ناھي، خدا جو شڪر آھي جو اسان کي ھڪ
ٻئي جو ساٿ نصيب ٿيو ۽ ھاڻي بغير ڪنھن ناراضگيءَ
جي خير سان موڪلائڻ جو وقت اچي پھتو آھي.
سنڌيار ميزبانن کان موڪلائڻ وقت پنھنجو ھڪ ننڍڙو
عربي ڪتابچو ڪريمه ۽ عبدالله جي حوالي ڪيو. جنھن ۾
شفابخش دوائن جي ڄاڻ ڏنل ھئي ۽ کين دعائن لاءِ
درخواست ڪئي. پوءِ عبدالله کيس ٻھراڙيءَ کان پرڀرو
ھڪ شھر جي ويجهو ڇڏي آيو، جتان سامونڊي ڪناري
تائين قافلو وڃڻو ھو. عبدالله پنھنجي حال مطابق
سنڌيار کي قافلي وارن وٽ ڇڏي واپس ھليو ويو ۽
سنڌيار قافلي جي ماڻھن سان ملڻ جلڻ ۽ کائن منزل جي
ڄاڻ وٺڻ ۾ مصروف ٿي ويو.
قافلي ۾ حاجي، مزدور ۽ ٻيا مسافر شامل ھئا. سنڌيار
قافلي جي چڱن ماڻھن سان مليو. جن مان کيس معلوم
ٿيو، ته ھي قافلو ريگستان جي رستي عدن پاسي ويندو،
جنھن کان پوءِ سمنڊ رستي حاجي حجاز ويندا ۽ ٻيا
مسافر سمنڊ رستي پنھنجي منزل تي روانا ٿيندا.
جيتوڻيڪ انھن مسافرن ۾ سنڌ ويندڙ ٻيو ڪير به نه
ھو، پر پوءِ به سمنڊ جو ٻُڌي سنڌيار کي اُميد
جاڳي، ته اگر خدا چاھيو، ته وڃي پنھنجي ملڪ نڪربو.
قافلي ۾ سنڌيار کي لبيب نالي سندس ھمعمر نوجوان
ڏاڍو پرڪشش لڳو. لبيب انتھائي خوبصورت ۽ ملنسار
نوجوان ھو. جنھن سان سنڌيار کي غيرمعمولي اُنسيت
ٿي وئي. لبيب جو مٺو ڳالھائڻ ۽ سنڌيار جو بار بار
خيال رکڻ سنڌيار کي ڏاڍو وڻيو ٿي. پوري قافلي ۾
ٻنھي جي جوڙيءَ جي وھه واھه لڳي پئي ھوندي ھئي.
ريگستان جو سفر تمام ڏکيو ۽ ھروقت ڦڙت رھڻ وارو
ھو. ڪڏھن تيز ھوائن رستو پئي روڪيو، ته ڪڏھن
گرميءَ بي حال ٿي ڪري ڇڏيو. اھڙي ۾ قافلي وارا ھڪ
ٻئي جو بچ بچاءُ ڪندا ۽ آٿت ڏيندا ٽن ڏينھن جو سفر
ڪري چڪا ھئا. صبح سان ناظم نالي ھڪ نوجوان کي
واريءَ مان ڪو زھريلو نانگ ڪَکي ويو، جنھن سڀني کي
پريشان ڪري رکيو ھو. جابر نالي ھڪ شخص چيو، ته
ناظم جو پير ڪٽي ڇڏيو. جيئن ھو پاڻ بچي سگهي.
سنڌيار جو اھا ڳالھه ٻُڌي تنھن چيو، ته ان جي ڪا
به ضرورت ناھي. مون کي ڏسڻ ڏيو. سنڌيار يڪدم ناظم
جي پير کان ٿورو مٿي رسي ٻڌي ڇڏي ۽ نانگ جي ڏنگ
واري جاءِ تي خنجر سان چھڪ ڏئي ڇڏيو. ڪِني رَت ۽
زھر نڪرڻ سبب ناظم ڪجهه سانت ۾ آيو. تڏھن سنڌيار
کيس ھڪ ريگستاني ٻوٽي جا پَن زخم تي ٻڌي ڇڏيا.
سندس اھڙي مھارت تي ھو قافلي جو ھر دلعزيز بڻجي
ويو. قافلي وارا سنڌيار جي فھم ۽ علم جا مداح ٿي
ويا. پر ھو پاڻ ته لبيب جو متوالو ھو. سندس ھر
ڳالھه ھر گهڙي لبيب سان ھئي، لبيب به ڄڻ سنڌيار
کان سواءِ بي ساھو پئي محسوس ڪيو. ان عمر ۾ انسان
جا جذبات چوٽ چڙھيل ھوندا آھن. جنھنڪري طبيعت ۾ ھر
طرف لاڙو ۽ جلدبازي گهڻي ھوندي آھي.
قافلو پنھنجي رفتار ۽ ڌُن سان ھلندو پئي ويو. عدن
جي بندرگاھه تائين پھچڻ ۾ باقي ھڪ ٻن ڏينھن جو
فاصلو وڃي بچيو ھو. جنھنڪري سڀ قافلي وارا رات جي
وقت پاڻ ۾ ڪچھريون ڪري ھڪ ٻئي جو حال معلوم ڪري
رھيا ھئا. سنڌيار به لبيب سان ويٺي ڳالھيون ڪيون.
لبيب کيس ٻڌايو، ته ھو مصر وڃي ڇا ڇا ڪندو. سنڌيار
به کيس ٻُڌايو، ته ھو جلد کان جلد پنھنجي ڳوٺ وڃڻ
چاھي ٿو. ڇاڪاڻ ته سندس والدين راھون نھاريندا
ھوندا.
ٻئي ڏينھن صبح جو سنڌيار جيئن اُٿيو، ته کيس لبيب
نظر نه آيو. سوچيائين ته متان ڪنھن پاسي ويو ھجي.
پنھنجي سامان مان لبيب کي ڪو تحفو ۽ رقم ڏيڻ جو
سوچي ٿيلھو کولڻ گهريائين، پر سندس ٿيلھو ته غائب
ھو. ڇرڪ ڀري اُٿيو ۽ آسپاس ماڻھن کان لبيب جو
پڇيائين. ڪنھن ٻُڌايس، ته تنھنجو دوست رات جي
پوئين حصي ۾ تعيز شھر ڏانھن روانو ٿي ويو. ساڻ
سامان به ججهو ھئس. ويندي چيائين، ته منھنجي دوست
سنڌيار جي طبيعت ٺيڪ ناھي سو کيس صبح تي ٻُڌائجو،
ته مان وڃي چڪو آھيان. سنڌيار کي لبيب جي اھڙي ڪم
تي ڏاڍو ارمان ٿيو. کيس يقين نه ٿي آيو، ته ڪو
ايئن به ٿي سگهي ٿو. صدمي سبب ھو بي حال ٿي ويو.
قافلي وارن کائنس پڇيو، ته توکي ڇا ٿيو آهي. پر ھو
ڪجهه ڪُڇي ڪونه پيو. مسافر پڇڻ لڳس، ته تنھنجو
سامان ڪٿي آھي؟ لڄ ۽ رسوائي جي خوف کان چيائين، ته
اھو سڀ منھنجي دوست جو ھو، سو ساڻ کڻي ويو. ھاڻ
ڪنھن کي ڇا ٻُڌائي، ته کيس ھيانوَ ۾ ڪھڙو خنجر لڳو
آھي. سوچيائين ته جيڪو ٿيڻو ھو، سو ته ٿي چڪو. ھاڻ
حال وڃائڻ مان ڪجهه به ھٿ ڪونه ايندو. ڀلو ان ۾
آھي، ته پنھنجي عزت ۽ حوصلو ھڪ جھڙو برقرار رکان،
اجايو سوچڻ سان ذھن ۽ جسم ته تباھه ٿيندا ئي ساڻ
وقار به ھليو ويندو. پنھنجي جوتن جي تلاشي
ورتائين، ته معلوم ٿيس، ته پئسن جي چوٿين ڳوٿري
جيڪا ھن جوتي ۾ سُئي سان سِبي لڪائي ھئي، سا اڃا
محفوظ ھئي. باقي ته سڀ لٽجي ويو ھو. بس بچي اھا
سِڪن جي ھڪ ٿيلھي، سو دل جي درد کي پنھنجو راز
بڻائي دل ۾ ئي دفن ڪري ڇڏيائين ۽ پاڻ کي بھتر
بڻائڻ لاءِ ويچارڻ لڳو.
سنڌيار طئي ڪيو، ته اگر مون وٽ ڪجهه نه بچيو ته
وطن وڃڻ جو خيال ڇڏي ڏيندس ۽ ڪجهه ڏينھن وڌيڪ ڪٿي
محنت مزدوري ڪندس، جيئن گهر وڃڻ جو خرچو ٺاھي
سگهان، ھن جوتي مان سِڪن جي ڳوٿري ڪڍي سِڪا ڳڻيا،
ته وٽس صرف ڏيڍ سؤ سِڪا ھئا. جيڪي سفر جو خرچو به
نه ٿين ها. سوچيائين ته سفر جي پُونجي پوري ھجڻ
کان سواءِ جھاز تي چڙھڻ بي سمجهائي جو ڪم چئبو.
اھڙي حال ۾ گهر وڃي ڇا ڪندس؟ ان گهڙيءَ کيس گذريل
وقت شدت سان ياد اچڻ لڳو. ڳوٺ جا منظر، ھمعصر
ڳوٺائي دوست، سيٺ ممتاز ۽
......
(هلندڙ........)
نويد ناز ڀٽي/لاڙڪاڻو
مانيءَ جي خوشي
ظھير مون کي پاڻ سان گڏ طفيل جي گهر وٺي ويو. اسان
اُتي پھچي طفيل سان گڏ لوڊو راند کيڏڻ لڳاسين.
طفيل کي تمام گهڻو مزو اچي رهيو هو. اسان ٽئي ڄڻا
چوٿين ڪلاس ۾ پڙهندا آهيون ۽ پاڻ ۾ گھرا دوست به
آهيون. ظھير ۽ طفيل پاڙيسري آهن، جڏهن ته منھنجو
گهر انھن کان ٿورو پرڀرو آهي.
آئون
پھريون ڀيرو طفيل جي گهر آيو هئس. ان جو ڪارڻ طفيل
جي والد، چاچي عبداللطيف جي اوچتي وفات هئي. چاچو
عبداللطيف سرن جي بٺي جو ڪاريگر هو. هڪ ڏينهن بٺي
تي ڪم ڪندي اوچتو سندس پير ٿڙِي ويو ۽ هو بٺي جي
اندر وڃي ڪريو. اتي موجود مزدور کيس تڪڙو اسپتال
کڻي ويا، پر سندس جسم
80
سيڪڙو سڙي چڪو هو. چاچو عبداللطيف زخمن جا سُور نه
سھندي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
چاچي
عبداللطيف کي طفيل سميت پنج ٻار هئا. طفيل ٽئين
نمبر تي هو ۽ کانئس وڏيون ٻه ڀيڻون هيون. هن
دردناڪ واقعي طفيل کي صدمي ۾ ورايو هو. کيس
اڪيلائي ۽ غم کان پري رکڻ لاءِ مان ۽ ظھير روزانو
وٽس ويندا هئاسين، ته جيئن راندين ذريعي سندس دل
وندرائي سگهون.
اسان
کي کيڏندي ڪافي دير ٿي وئي هئي ۽ رات ٿي چڪي هئي.
اوچتو گهر جو دروازو کڙڪيو، طفيل راند اڌ ۾ ڇڏي
دروازو کولڻ ويو. ڪنھن خيرات طور ماني موڪلي هئي.
ماني ڏسي طفيل جي اکين ۾ اها چمڪ اچي وئي، جيڪا
اسان راند مھل به نه ڏٺي هئي. پوري گهر ۾ ڄڻ خوشي
جي لھر ڊوڙي وئي. ائين پئي لڳو ڄڻ پيءُ جي وفات
کان پوءِ گهر جا ڀاتي هڪ هڪ گرهه لاءِ سُڪي رهيا
هئا.
انھي
ڏينھن کان پوءِ، اسان پنھنجي گهر مان ماني کڻي
طفيل جي گهر ويندا آهيون ۽ سڀ گڏجي ماني کائيندا
آهيون. واقعي، مانيءَ جي خوشي دنيا جي وڏي ۾ وڏي
خوشي آهي.
سبق:
ٻارؤ! هن ڪھاڻيءَ مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو، ته
اسان کي پنھنجي آس پاس رهندڙ ضرورتمند ماڻھن جو
خيال رکڻ گهرجي. طفيل جھڙا ڪيترائي معصوم ٻار اڄ
به بُک سان جنگ جوٽي رهيا آهن. اسان جو فرض آهي،
ته اسان انھن جي مالي ۽ اخلاقي مدد ڪريون.
منصور احمد وسنداڻي (ڪلاس ستون) گورنمينٽ هاءِ
اسڪول مٺي/ٿرپارڪر
ڏاڏو دودو ڪنڀار
}ھڪ مثالي شخص{
حُسن اخلاق سان ئي فرد واحد کان ڪل سماج جي ترقي
ٿئي ٿي. بد اخلاقي سبب انسان پنھنجو مقام ۽ اوج
وڃائي ويھي ٿو. سماج ۾ جيڪڏهن سُٺا انسان ھوندا،
ته معاشرو سڪون ۾ رھندو. ھر طرف خير خوبيون نظر
اينديون. سٺن ڳُڻن سبب ھرڪو ياد ڪندو. اھڙي ئي ھڪ
دلچسپ وڻندڙ ڪھاڻي اسان جي ڳوٺ جي نيڪ سيرت مثالي
ڪردار ڏاڏي دودي جي آهي.
اسان جي ڳوٺ
’سوڀارو
شاهه‘
نيو تعلقي مٺي ضلعي ٿرپارڪر ۾ ھڪ نھايت مسڪين،
سادگي پسند، ايماندار، محنتي ۽ حساس شخص ڏاڏو
دودو ڪنڀار رھندو ھو. ڏاڏو دودو
1946ع
۾ ڄائو. سندس والد صاحب جو نالو عبد الله ھو. پاڻ
سچو پچو ۽ مسڪيني ۾ اميراڻي دل جو مالڪ ھو. ھن جا
نَوَ ٻار آهن. جيڪي سڀ تعليم يافته ۽ پنھنجي روزي
روٽي وارا سُکيا سھنجا آهن. پنھنجي ٻارن کي سُٺي
تعليم ڏيارڻ سندس خواب ھو. جنھن لاءِ ھن ڏاڍي
جفاڪشي، لگن ۽ چاھه سان محنت مزدوري ڪئي.
ھڪ دفعي ڳوٺ جي معزز ۽ چڱي مڙس ڏاڏي دودي کي چيو،
ته
”اي
دودا! جيڪڏهن منھنجي ڳالھه کي خراب نه سمجهين، ته
پنھنجو ھڪ نينگر منھنجي حوالي ڪري ڇڏ، ته جيئن
اسان جي گھر جي نوڪري وارو ڪم سنڀالي ۽ تنھنجي گھر
جو گاڏو به چڱي نموني ھلي سگھي.“
اھا ڳالھه ڏاڏي دودي کي ڏاڍي ناگوار گذري ۽ چڱي
مڙس کي چيائين، ته سائين محترم! آءٌ مسڪين ۽ اڀرو
ضرور آهيان، پر محنت ۽ مزدوري ڪندس. ڪفايت شعاري
ڪري ٻن مانين جي بجاءِ ھڪ کائيندس، پر پنھنجا ٻار
ضرور پڙھائيندس. پاڻ نه صرف پنھنجن ٻارن کي پر
اوڙي پاڙي جي ٻارن کي به تعليم جي تلقين ڪندو ھو.
ڏاڏو نھايت سادگي پسند ۽ قرض کي ھميشه مرض سمجهندو
ھو. ڪڏهن به ڪنھن کان اوڌر نه ورتائين.
ھڪڙي دفعي ڏاڏي دودي جي گابي بيمار ٿي ۽ مري وئي.
ان لاءِ ڏاڍو رُنو. سڀني پاڙي وارن چيو، ته مئل
گابي کي گيھلي ٻاھر اُڇلي اچو. ھن چيو، ته آءٌ
ائين ڪڏهن به نه ڪندس. ھن گهر جي ٻاھران ڄار جي وڻ
ھيٺان وڏي کڏ کوٽي ۽ گابيءَ کي ڪپڙي جو ڪفن ڏئي،
زمين داخل ڪري ڇڏيائين ۽ سڀني کي چوڻ لڳو، ته
جانورن جو احساس ڪرڻ گهرجي. انھن ۾ به اسان جھڙو
ئي ساھه آهي. اسين انھن مان پنھنجو ڪم ته وٺون
ٿا، پر افسوس آهي، ته جانورن جو مناسب قدر نٿا
ڪريون. ڏاڏي دودي جون اھڙيون ٻيون ڪيتريون ئي انيڪ
سُٺيون ڳالھيون آهن، جيڪي يادگار آهن. جنھن مان
سُٺو سبق ملي ٿو. پاڻ
24
اپريل
2024ع
تي وفات ڪري ويو. لطيف سرڪار اھڙن ئي نيڪ سيرت
ماڻھن لاءِ چيو آهي ته،
سرھا ڏٺم سي جني ساڃاھه سراڻ سين،
تيغ تني جي کي ڪٽ نه چڙهي ڪڏهن.
***
اسلام عليڪم سدا خوش ھجو جناب ايڊيٽر گُل ڦُل،
سائين رفيق جمالي صاحب عرض آهي، ته گُل ڦُل رسالي
لاءِ منھنجي پياري پٽ منصور احمد وسنداڻي طرفان
اسان جي مثالي ڳوٺاڻي شخص تي لکيل ڪھاڻي اوھان
ڏانھن موڪلي رھيو آهيان. منھنجو پُٽ گُل ڦُل رسالو
شوق سان پڙھندو آهي ۽ ھي ڪھاڻي ھن خود لکي آهي.
جڏهن ته ڪجهه واڌارو مون به ڪيو. وڌيڪ اوھان
رھنمائي فرمائيندا ۽ همٿ افزائي ڪندا. مواد ڇپجڻ
جھڙو ھجي، ڇپيندا ته جيئن مستقبل جي معمارن ۾ شوق
پيدا ٿئي ۽ ھن ڪھاڻي ۾ پيش ڪيل ڪردار وانگر ارڏا ۽
نيڪوڪار ٿين. اوھان لاءِ لک قرب. سدا گُل بھار
ھجو.
عبدالستار وسنداڻي(سينيئر لائبريرين)
صادق فقير گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺي ٿرپارڪر
***
ايڊيٽر گُل ڦُل محترم رفيق جمالي صاحب، السلام
عليڪم
سائين هاڻي
”ڪانءُ“
نظم ۽
”قلفي
وارو آيو“
نظم توهان وٽ موجود آهن. جڏهن هلايو، انتظار
رهندو.
سائين منھنجا هڪ ٻيو عرض ته مواد جيڪڏهن شايع ڪيو،
ته مون کي گُل ڦُل جي هڪ ڪاپي منھنجي نئين ائڊريس
تي موڪلي ڏيندا.
نويد ناز ڀٽي
پوسٽل ائڊريس مهراڻ هوٽل نزد اسٽيشن روڊ لاڙڪاڻو
***
ايڊيٽر گُل ڦُل اسلام عليڪم، گُل ڦُل اپريل جو
شمارو دل کي وڻيو. پھريون دفعو پنھنجو مواد ۽
تصويرون ٽائيٽل لاءِ موڪليان پيئي، اُميد ته توھان
منھنجي حوصلا افزائيءَ ڪندا ۽ مواد تصويرون
انٽرويو شايع ڪري اڳتي لکڻ جو موقعو ڏيندا.
عظمه درس ڪلاس ڇهون
ڳوٺ خليفو قاسم گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڪئمپس
بدين
***
اسلام عليڪم ايڊيٽر صاحب سدا سُرھا ھجو. سائين
منھنجا آئون گُل ڦُل رسالو شوق ۽ دلچسپي سان
پڙھندو اچان پيو. ان ۾ پنھنجي شاعري پڻ موڪليندو
رھندو آھيان. جيڪا اوھان وقت سر ميگزين جي زينت
بڻائيندا آھيو. ان لاءِ آئون اوھان جو ۽ اوھان جي
ٽيم جو ٿورائتو آھيان.
”سنڌي
ٻارڙا“
جي عنوان سان نظم اوھان کي اي ميل ذريعي موڪليو
اٿم. اُميد ته شايع ڪيو ويندو.
مجاهد
’خاموش‘
هيسباڻي
ضلعو لاڙڪاڻو تعلقو ڏوڪري سنڌ
***
لطيفي لات جو نتيجو
مئي
2026ع
جي ماهوار شماري ۾
”لطيفي
لات“
جي سلسلي ۾ ڏنل بيت
”سُر
سري راڳ“
جي داستان چوٿين جو يارهون نمبر بيت آھي.
بيت جي سمجھاڻي ۽ مفھوم:
(سچا ۽ کرا) صراف يعني پارکو ڪي ورلي آهن (اڻ لڀ
آهن) باقي گهڻا اهڙا آهن جيڪي جوھري چئي پاڻ پڏائڻ
وارا آهن. تون ڀلي ماڻڪ کڻي وٽن وهنوار لاءِ وڃ.
سيد چوي ٿو، تڏهن توکي پتو پوندو ته هو انھيءَ جو
ڪھڙو ٿا قدر ڪن. ڇا هو پاڻيٺ يعني موتين کي پرکين
ٿا، يا سون (ڪنچن) کي ٿا ڪچ سان برابر ڪري
بيھارين؟
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
*محمد ايان ڀٽي: ڪلاس ٻيو گريٽ پاڪستان چلڊرين
اڪيڊمي حيدرآباد.
*ام حبيبه: ڪلاس ڇھون، مريم ايليمينٽري اسڪول
حيدرآباد.
*دعاءِ زينب ٻٻر: ڪلاس ستون، گورنمينٽ ايس ڪي رحيم
گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد.
*رايان علي ڀٽي: ڪلاس چوٿون، ڪيئر هائوس اسڪول
حيدرآباد.
*قرار حسين علوي: ڪلاس چوٿون، اقصيٰ ماڊل هاءِ
اسڪول هالا نوان
*فردوس علوي: ڪلاس اٺون، گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول
هالا نوان.
*صفي الله سومرو: ڪلاس ستون، پروفيسر محمد هارون
سومرو هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ضلع نوشھروفيروز.
*محمود سومرو: ڪلاس ٽيون، پروفيسر محمد
هارون سومرو هاءِ اسڪول، ٺارو شاهه، ضلع
نوشھروفيروز.
*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي
اسٽيشن دادو.
*مريم لاکو: اقصيٰ ماڊل هاءِ اسڪول هالا نوان.
*عدنان علي: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول
آراضي سيوھڻ.
*احسان جمالي: ڪلاس چوٿون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول
ڳوٺ پاهڙ خان جمالي.
*آسيه غفور چانڊيو: ڪلاس ڏهون، پروفيسر محمد هارون
سومرو هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ضلع نوشھروفيروز.
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان
قرار حسين علوي جو ڪُڻو نڪتو آھي، کيس سنڌي
ادبي بورڊ پاران
’گُل
ڦُل‘
رسالي جي ڪاپي موڪلجي ٿي.

 |