|
مرزا گل حسن
’احسن‘
ڪربلائي /حيدرآباد
سادگي
اسلام جي واڌاري جو هڪ وڏو سبب هي به هو، جو ڪنھن
به ماڻھو ۾ فرق يا ننڍ وڏائي جو خيال نه هوندو هو.
امير کان وٺي غريب تائين سڀ هڪ جھڙا سمجهيا ويندا
هئا. انھيءَ هڪ جھڙائي کي قائم رکڻ لاءِ، اسلام جو
زور هن ڳالھه تي هو، ته ڪپڙي، لٽي، کاڌي پيتي ۽
رھڻي ڪََھڻي ۾ سادگي اختيار ڪئي وڃي. حضرت علي جي
ساري حياتي رسول خداﷺ جن جي خدمت ۾ گذري هئي. سندن
تعليم ۽ پالڻ جي ذميداري ننڍڙي هوندي کان وٺي حضرت
رسول اڪرمﷺ جن جي حوالي هئي. حضرت علي ٻارن مان
سڀ کان پھرين ايمان آندو هو. پاڻ رسول الله جي گهر
۾ رهندا هئا ۽ رسول اڪرمﷺ جن پنھنجي نياڻي فاطمة
رضي الله تعاليٰ عنھا سان حضرت علي جن جي شادي
ڪئي هئي. حضرت رسول اللهﷺ نه مالدار هئا نه علي
شاهوڪار هئا. انھيءَ لاءِ پاڻ نھايت سادي زندگي
بسر ڪندا هئا. هڪ ڀيري ڪوفي جي مسجد ۾ پير رکڻ جي
جاءِ نه هئي، ماڻھو پنھنجي خليفي جو پھريون شاهي
خطبو ٻُڌڻ لاءِ گڏ ٿي رهيا هئا. ايتري ۾ هڪ شخص
جنھن جي ڪپڙن ۾ چتيون لڳل هيون، ماڻھن کي پري ڪندو
اڳيان وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ته ماڻھن اُن کي
روڪي پڇيو، ته پاڻ فرمائڻ لڳا، ته
”آءٌ
علي آهيان. جنھنجو توهان کي انتظار آهي.“
ماڻھن هن جي سادگيءَ جو سبب پڇيو، ته پاڻ چوڻ
لڳا، ته
”مالدار
ڏسي عبرت حاصل ڪن ۽ سادگي اختيار ڪن ۽ غريب ماڻھو
ڏسن، ته انھن جو خليفو به هڪ غريب آهي.“
هڪڙي ڀيري سندن آڏو ڪنھن دعوت ۾ فالودي جو پيالو
رکيو ويو. جو پاڻ نه کاڌائون جنھن تي پڇيو ويو،
ته ڇا هي حرام آهي؟ ته حضرت علي جن چوڻ لڳا، ته
حرام نه آهي، پر آءٌ پنھنجي نفس کي اهڙين شين جو
عادي بنائڻ نٿو گهران، جنھن کي جناب رسول اللهﷺ نه
کاڌو هو.
هڪڙي ڏينھن حضرت علي بازار مان کجور خريد ڪري،
پاڻ کڻي گهر ڏانھن ويا ٿي، ته واٽ تي هڪ شخص چيو،
ته سيّدنا علي کجور مون کي ڏيو، ته آءٌ کڻي توهان
جي گهر هلان. حضرت علي چوڻ لڳا، ته پنھنجي گهر جو
ڪم گهر وارن کي ئي ڪرڻ گهرجي.
هڪ ڀيري عيد جو ڏينھن هو، مسلمان خوشيون ملھائي
رهيا هئا. شاهوڪار اعليٰ درجي جي پوشاڪ پايو، عيد
گاهه ڏانھن وڃي رهيا هئا. هڪ شخص چوي پيو، ته مون
کي خيال آيو، ته آءٌ وڃي حضرت علي کي عيد مبارڪ
ڏيان. جڏهن اُتي ويس، ته ڇا ڏسان ٿو ته پاڻ
معمولي لباس پايو ويٺا آهن ۽ جَوَن جي سُڪل مانِي
جا ٽُڪر مزي سان کائي رهيا هئا ۽ پنھنجي پالڻھار
جو شڪريو ادا ڪري رهيا هئا. مون عرض ڪيو، ته
سيّدنا علي اڄ ته عيد جو ڏينھن آهي. پاڻ چوڻ
لڳا، ته
”جيستائين
دنيا ۾ هڪ به بُکيو ماڻھو موجود آهي، علي پيٽ ڀري
ماني نه کائيندو .“
پيارا ٻارؤ! هي آهي رسول اللهﷺ جن جي شاگرد حضرت
علي جن جي سادگيءَ جو مختصراً احوال, جنھن مان
اسين سبق حاصل ڪري پنھنجي زندگي سُڌاري سگهون ٿا.
اڄ جو دور، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو دور آهي. جتي
موبائيل فون ۽ سوشل ميڊيا هر انسان جي زندگيءَ جو
اهم حصو بڻجي چڪا آهن. اڳي موبائيل رڳو ڳالھائڻ
لاءِ استمال ٿيندو هو. پر هاڻي اهو سکيا، وندر،
رابطي ۽ معلومات حاصل ڪرڻ جو وڏو ذريعو بڻجي ويو
آهي. وڏن سان گڏ ننڍا ٻار به هاڻي موبائيل جي دنيا
۾ داخل ٿي چڪا آهن. جيتوڻيڪ موبائيل جا ڪيترائي
فائدا آهن، پر ننڍي عمر ۾ ان جو وڌيڪ ۽ بي قابو
استعمال، ٻارن جي جسماني، ذهني، تعليمي ۽ سماجي
زندگيءَ تي خراب اثر وجهي رهيو آهي.
سڀ کان پھريون ۽ اهم اثر ٻارن جي جسماني صحت تي
پوي ٿو. جڏهن ٻار گهڻو وقت موبائيل جي اسڪرين
ڏسندا آهن، ته سندن اکيون ڪمزور ٿي وڃن ٿيون. نظر
تي اثر پوي ٿو، ۽ مٿي ۾ سُور به ٿيڻ لڳي ٿو.
ڊاڪٽرن موجب اسڪرين جي روشني (Blue
Light)
ننڊ جي نظام کي متاثر ڪري ٿي. جنھن ڪري ٻارن کي
سُمھڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي. جڏهن ٻار رات دير
تائين موبائيل استعمال ڪن ٿا، ته سندن ننڊ مڪمل نه
ٿيندي آهي. جنھن سان هو صبح جو ٿڪيل ۽ بي دل محسوس
ڪن ٿا. ان کان علاوه موبائيل جي گهڻي استعمال سبب
ٻار ويھي رهڻ جا عادي ٿي وڃن ٿا. جنھن سان سندن
جسماني سرگرمي گهٽجي وڃي ٿي.اڳي ٻار ميدانن ۾
کيڏندا، ڊوڙندا ۽ صحتمند رهندا هئا. پر هاڻي گهڻو
وقت اسڪرين اڳيان ويھڻ سبب موٽاپو ڪمزوري ۽ ٻين
بيمارين جو خطرو وڌي ويو آهي!
ذهني ۽ نفسياتي اثر به تمام گهڻا اهم آهن. ننڍي
عمر ۾ ٻارن جو ذهن تمام حساس هوندو آهي. جيڪي شيون
هو ڏسن ٿا، اهي سندن ذهن تي گھرو اثر ڇڏين ٿيون.
سوشل ميڊيا تي هر قسم جو مواد موجود هوندو آهي ۽
جنھن ۾ ڪجهه اهڙوبه هوندو آهي، جيڪو ٻارن لاءِ
مناسب نه هوندو آهي. اهڙي مواد سان ٻار غلط
عادتون، جارحيت يا غير مناسب رَوَيا سکِي سگهن ٿا.
ان کان علاوه موبائيل تي گهڻو وقت گذارڻ سان ٻارن
جي سوچڻ، سمجهڻ ۽ تخليقي صلاحيتن تي به اثر پوي
ٿو. هُو پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ هر وقت اسڪرين تي
ڀاڙڻ لڳن ٿا ۽ پنھنجي تخيل کي استعمال ڪرڻ گهٽ ڪن
ٿا.
تعليم جي ميدان ۾ به موبائيل جا منفي اثر واضح نظر
اچن ٿا. جڏهن ٻار پڙهائي ڪرڻ بدران موبائيل تي
وڊيوز ڏسن ٿا يا راندين ۾ مصروف رهن
ٿا، ته سندن پڙهائي متاثر ٿئي ٿي. ڪتاب پڙهڻ جي
عادت گهٽجي وڃي ٿي ۽ ڌيان پڻ ٽُٽڻ لڳي ٿو. ڪيترائي
ٻار پڙهائيءَ دوران به موبائيل ڏانھن ڇڪجي وڃن ٿا.
جنھن سان سندن ڪارڪردگي گهٽجي وڃي ٿي. نتيجي طور
سندن امتحاني نتيجا خراب ٿين ٿا ۽ سکيا جو عمل
متاثر ٿئي ٿو. سماجي زندگيءَ تي به موبائيل جو
وڏو اثر پوي ٿو. جڏهن ٻار پنھنجي گهرڀاتين،
دوستن يا پاڙيسرين سان وقت گذارڻ بدران، موبائيل ۾
مصروف رهن ٿا، ته سندن سماجي لاڳاپا ڪمزور ٿي وڃن
ٿا. هو گڏجي کيڏڻ، ڳالھائڻ ۽ خوشيون ونڊڻ جھڙيون
سُٺيون عادتون وساري ڇڏين ٿا. اهڙي حالت ۾ ٻار
اڪيلائي محسوس ڪرڻ لڳن ٿا ۽ ماڻھن سان ملڻ جُلڻ ۾
به گهٽ دلچسپي وٺن ٿا. اها اڪيلائي سندن نفسياتي
صحت لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿي. ان کان علاوه سوشل
ميڊيا جي لذت به هڪ وڏو مسئلو بڻجي رهي آهي. جڏهن
ٻار بار بار موبائيل استعمال ڪن ٿا، ته هو ان جا
عادي ٿي وڃن ٿا. جيڪڏهن کين موبائل نه ڏنو وڃي، ته
هو چڙچڙا، غصي وارا يا اُداس ٿي وڃن ٿا. هي لذت
سندن روزمرهه زندگي جي عادتن ۽ رويي تي خراب اثر
وجهي ٿي. ڪجهه ٻار ته ايترو وقت موبائيل تي گذارين
ٿا، جو هو پنھنجي ذميوارين کان به غافل ٿي وڃن ٿا.
انھن سڀني نقصانن کي نظر ۾ رکندي والدين ۽ اُستادن
تي وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي والدين کي گهرجي، ته
هو ٻارن جي موبائيل استعمال تي نظر رکن. کين محدود
وقت لاءِ موبائيل ڏنو وڃي ۽ انھن جي سرگرمين تي
ڌيان ڏنو وڃي. ٻارن کي صحتمند ۽ فائديمند سرگرمين
ڏانھن راغب ڪيو وڃي. جيئن راندين ۾ حصو وٺڻ، ڪتاب
پڙهڻ، ڊرائينگ ڪرڻ يا ٻين تخليقي ڪمن ۾ مصروف
رهڻ. اُستادن کي به گهرجي، ته هو اسڪولن ۾ ٻارن
کي موبائيل جي صحيح استعمال بابت آگاهي ڏين. کين
پڙهائي ڏانهن متوجهه ڪن. اهو چئي سگهجي ٿو، ته
موبائيل ۽ سوشل ميڊيا جديد دور جون اهم سهولتون
آهن، پر انھن جو بيجا ۽ غير ذميواراڻو استعمال
ننڍن ٻارن لاءِ ڪيترن ئي نقصانن جو
سببب بڻجي سگهي ٿو. جيڪڏهن والدين اُستاد ۽ سماج
گڏجي ٻارن جي رهنمائي ڪن ۽ انھن کي صحيح استعمال
سيکارين، ته ٻار صحتمند ذهين ۽ ذميوار انسان بڻجي
سگهن ٿا. ٻي صورت ۾ هي ٽيڪنالاجي سندن مستقبل لاءِ
مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿي. ***
آخوند نور احمد ڏهوٽ/ڦلجي اسٽيشن دادو
محنت کان منزل تائين
ٿرپارڪر جي ڀِٽَن ۾
14
سالن جي نوربانو جو والد اُٺ چاريندو هو ۽ سندس
والده غربت سبب امير ماڻھن جي گهرن ۾ ڪم ڪار ڪندي
هئي. ٿر جي جهوپڙين ۾ نه بجلي، نه ڪا ٻي سھولت ۽
پاڻي به ڪيترائي ڪلوميٽر پري کان ڀري اچڻو پوندو
هو. ان هوندي نوربانو اسڪول وڃي رهي هئي، ته رستي
۾ سندس چپل ٽُٽي پئي ۽ تَتَل وارِيءَ تي پنڌ ڪري
اسڪول پُھتي، ته سندس اُستاد پڇيو، ته وڏي ٿي ڇا
ٿيندينءَ؟ ته نوربانو مٽيءَ سان ڀريل هٿ مٿي ڪري
جواب ڏنو، ته مان ڪمشنر ٿينديس ۽ ماڻھن تي حڪم
هلائينديس.
رات ڏينھن جي محنت کان پوءِ ميٽرڪ جي امتحان ۾
ضلعي ۾ پھرين پوزيشن ۽ انٽر جي امتحان ۾ پوري سنڌ
۾ ٻئي نمبر تي آئي. ڪاليج جي فيس نه هئڻ ڪري، سندس
والد اُٺ وڪڻي ڇڏيو ۽ والده چانديءَ جون چوڙيون
وڪڻي، هن کي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي ڏني.
هاسٽل جي في نه هئڻ ڪري، نوربانو ڏينھن جو ٽن هنڌن
تي ٽيوشن پڙهائيندي هئي. ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ
ڳوٺ ۾ رات جو مٽِيءَ جي چُلھي جي روشنيءَ ۾ سي.
ايس. ايس. امتحان جي تياري ڪندي هئي. گرمين ۾ پکو
نه هو ۽ سردين ۾ هٿ پير سُن ٿي ويندا هئس. سندس
سھيليون چونديون هيون، ته نُور سي. ايس. ايس.
اميرن جي ٻارن لاءِ آهي. اڪيڊمي، نوٽس ۽ انگلش
ميڊيم ڇڏي ڏي. نوربانو جواب ڏنو، ته غربت منھنجي
مجبوري آهي، منھنجي سُڃاڻپ نه آهي. سي. ايس. ايس.
امتحان ۾ ٽي دفعا ناڪام ٿيڻ کان پوءِ، گهرڀاتي ۽
سھيليون کيس طعنا ڏينديون هيون. هڪ دفعي گهروارن
چيو، ته ڪمشنر جي ڌيءُ چانھه ٺاهه. رشتيدارن چيو،
ته عمر وڏي ٿي وئي آهي، شادي ڪر. هي آفيسري تنھنجي
وَسَ جي ڳالھه نه آهي.
هڪ دفعي سندس والده روئي کيس چيو، ته هاڻي بس ڪر
ماڻھو ڇا چوندا؟ نوربانو امڙ کي زور ڏيندي چيو، ته
امان ماڻھو پوءِ به ڳالھيون ٺاهيندا. جڏهن آءٌ
ڪمشنر ٿي وينديس. چوندا ڏسو غريب جي ڌيءَ آفيسر ٿي
وئي آهي، بس ٿورو انتظار ڪر.
هماليه جيڏو
حوصلو رکندڙ نور بانو چوٿون ڀيرو سي. ايس. ايس. جي
امتحان لاءِ
18،
18
ڪلاڪ پڙهائي ڪئي، ڪڏهن اسٽريٽ لائيٽ تي نوٽس ٺاهڻ
۽ يوٽيوب تان مفت ۾ ليڪچر ٻُڌندي هئي. آخر سال
2025ع
جي سي. ايس. ايس. امتحان ۾ پاڪستان ۾ ستين نمبر تي
پاس ٿي، ته کيس
پاڪستان مينيجمينٽ گروپ (Pakistan
Management Group)
الاٽ ڪيو ويو. جڏهن کيس جوائننگ ليٽر ڏنو ويو، ته
اُن ڏينھن نوربانو پنھنجي اها ساڳي ٽُٽَل چپل کڻي
آئي، جيڪا هُو پائي اسڪول ويندي هئي. جنھن پيتيءَ
۾ چپل رکي اُن تي لکيو، ته هي مون کي ياد
ڏياريندي، ته منھنجو تعلق ڪھڙي علائقي ۽ ڪٿان کان
آهي. هوءَ ساڻيھَه جي سڪ رکي ٿي. جيئن شاهه لطيفرح
فرمايو،
سڄڻ ۽ ساڻيھه ڪنھن اَڻاسِي وسري،
حيف تني کي هوءِ وطن جن وساريو.
اڄڪلھه نوربانو لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ڪمشنر آهي، جتي
آفيس ٻاهران ماڻھن جون قطارون هونديون آهن. امير
هجي يا غريب سڀ ڪنھن جي ڳالھه برابر ٻُڌندي آهي.
پاڻ آفيس جوائن ڪرڻ کان پوءِ، پھريون حڪم ڏنو، ته
ٿر جي هر اسڪول ۾ بجلي، پکا ۽ پاڻيءَ جو بندوبست
ڪيو وڃي. ڪا به ڇوڪري پيرين اُگهاڙِي اسڪول نه
اچي. جڏهن به ڪا غريب ڇوڪري فائل کڻي ايندي آهي،
ته کيس ڪرسيءَ تي ويھاريندي آهي ۽ اُن کي چانھه به
پياريندي آهي. اُن ڇوڪريءَ کي چوندي آهي، ته ڊڄو
نه! هي ڪرسي توهان جي به ٿي سگھي ٿي. بس جڏهن چپل
ٽٽِي وڃي ته به رڪجو نه.
ٿر جي هڪ تقريب ۾ پنھنجي اُستاد کي ايوارڊ ڏنائين.
هوءَ رٽائرٿي هئي، ته هن روئي ڏنو، ته نوربانو
چيو، ته باجِي توهان ٺيڪ چوندا هئا، ته
”غريب
جا خواب وڏا نه ٿيندا آهن، هو تمام وڏا ٿيندا آهن.“
پيارا ٻارؤ! توهان ڏٺو، ته نُوربانو ڪيڏي نه سخت
محنت ڪئي ۽ ڪڏهن به زندگيءَ کان مايوس نه ٿي. نيٺ
پنھنجي منزل ماڻي ورتي.
جو قوم جياري اهو جيئندو رهندو،
جو عام اُجاري اهو جيئندو رهندو.
مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آ،
جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو.
***
شمائلا عطا حسين شر (ڪلاس ٻارهون)
ڊگري ڪاليج ٺري ميرواهه
مزدور قومن جا اڏيندڙ
مزدورن جو عالمي ڏهاڙو اسان کي ياد ڏياري ٿو، ته
مزدورن کي مناسب اُجرت، محفوظ ماحول ۽ بنيادي
سھولتون ملڻ گهرجن. مزدور قومن جا بنيادي ٿنڀا ٿين
ٿا. سندن محنت، پگهر ۽ جدوجھد سان ئي سماج ترقي
ڪري ٿو ۽ قومون اڳتي وڌن ٿيون. ان لاءِ سنڌي
ٻوليءَ جي شاعر سرويچ سجاولي لکي ٿو،
هر سال ڏاند جيان وهي پيو ٿو ويچارو،
تحقيق هي مزدور آ قومن جو سھارو!
آمريڪا جو اڳوڻو صدر ابراهام لنڪن چوي ٿو، ته
”محنت
ڪرڻ کان ڪڏهن به نه گهٻرايو. ڇو ته اها ئي ڪاميابي
جو رستو آهي.“
وڪٽر هيوگو جو چوڻ آهي، ته
”محنت
اُميد کي حقيقيت ۾ بدلائي ڇڏيندي آهي.“
مختلف شعبن ۾ محنت ڪندڙ ماڻھو ئي قوم جو اصل خزانو
هوندا آهن. اهو ئي زندگيءَ جو سچ آهي.
اچو ته هنن کي بخشيون عزت ۽ مانُ،
پورهيت ئي آهن قوم جو فخر ۽ شانُ.
پيارا ٻارؤ! تنھنڪري اسان سڀني کي گهرجي، ته هر
پورهيت کي عزت ڏيون ۽ سندن محنت ۽ مناسب مزدوري
وقت تي ادا ڪريون.
***
خليل
عارف سومرو جوهي/دادو
ٻار ڇو نٿا پڙهن..؟
ٻارن جي نه پڙهڻ جا ڪيترائي سبب آهن. جن ۾ گهر جو
ماحول، والدين، هي معاشرو، تعليمي نظام ۽ ٻيون
گهڻيون ئي ڳالھيون اچي وڃن ٿيون.
منھنجي خيال ۾ خاص سبب هي آهن، ته گهر ۾ ٻار اجايو
لاڏ ڪوڏ، ٻارن جي اهڙين غلطين ۽ خطائن جي پرديداري
جيڪي ٻارن کي مستقبل ۾ خراب بڻائي سگهي ٿي. ٻارن
جي پاس خاطري يا مائٽن جي مورڳو لاپرواھيءَ وارو
ورتاءُ، مائٽن جون سماجي ۽ اقتصادي حالتون، يا
معاشي پريشانيون به والدين جو توجهه ٻارن ڏانھن
گهٽايو ڇڏين. ٻيو وري بنيادي تعليم جو جيڪو نصاب
آهي، اهو ٻارن جي عمر ۽ ٻارن جي سمجهه کان تمام
مٿي آهي. اُن ۾ ٻارن جي دلچسپيءَ جو ڪو سامان ڪونه
آهي. ٻارن جي نصاب کي ترتيب ڏيڻ مھل ٻارن جي
نفسيات جو بنھه خيال ڪونه ٿو رکيو وڃي. انھيءَ سبب
جي ڪري به ٻار تعليم جي ويجهو نٿا وڃن يا هلندڙ
تعليم کي به اڌ ۾ ڇڏي ٿا ڏين. ٻيو ته وري اسڪولن ۾
پڙهائڻ جا فرسوده ۽ غير دلچسپ طريقا، ڇو ته انھن ۾
عملي ڪم جو فقدان آهي.
اُستادن کي پڙهائڻ جي لاءِ جيڪي بُنيادي ٽريننگون
ڏنيون وڃن ٿيون ۽ ڪورس ڪرايا وڃن ٿا، گهڻي ڀاڱي
اُستاد اُن تي عمل ئي نٿا ڪن ۽ پُراڻو رَٽي وارو
ڊگهو ۽ غير دلچسپ طريقو برقرار رکيو ٿا اچن. مٿان
وري جسماني سزا جي فرسوده روايت قائم آهي. اُستاد
وٽ جيڪڏهن ٻار جي نفسيات کي سمجهڻ جي صلاحيت نه
هوندي ۽ هو جديد سوچ ۽ جديد تعليم جي معياري طريقن
کان واقف نه هوندو، ته هُو ٻارن سان پنھنجائپ ۽
پيار وارو شفيق رويو رکي نه سگهندو. جنھن جي نتيجي
۾ ٻار باغي ٿي، تعليم کان پاسيرو ٿي وڃي ٿو.
اڄ ڪلھه گهرن توڙي هوٽلن تي وي. سي. آر. سي. ڊي.
۽ ڪيبل سسٽم جي ڪري، ڊرامن توڙي فلمن جو هر وقت
جاري هجڻ ۽ ٻارن جو فطرت موجب ان وندر ڏانھن ڇڪجي
اچڻ به هڪ وڏو سبب آهي، ٻارن جي تعليم کان پري هجڻ
جو.
موبائيل ۽ ٽيبليٽ جي عام واهپي ۽ ان جي ٻارن تائين
آساني سان رسائي به ٻارن جي توجھه تعليم کان
گهٽائي رهي آهي. ڪاپي ڪلچر جي ڪرتوتن پڻ تعليم جو
ٻيڙو ٻوڙي، ٻارَ جي شعور جي اوسر کي ڌڪ رسائي،
ٻارن کي علم، عقل ۽ قابليت کان خالي کوکلو ڪري،
درجا پاس ڪرڻ باوجود نااهل ۽ ناڪاره رهڻ جي خوف به
ٻارن جو تعليم ڏانھن رجحان گهٽائي ڇڏيو آهي.
هوشيار ۽ محنتي ٻار وري ڪاپي جي ڪري احساس ڪمتري ۾
مبتلا ٿي، تعليم اڌ ۾ ڇڏي ٿا وڃن. ڇاڪاڻ ته ساڻن
گڏ امتحان ڏيندڙ ڏڏ ۽ جاهل شاگرد هنن کان وڌيڪ
مارڪون کڻي پوزيشنون
ماڻن
ٿا. ان ڪري هنن جي دل ٽُٽي پوي ٿي. نتيجي ۾ هُو
تعليم کان ناخوش ۽ مايوس ٿي، تعليم پرائڻ کان پري
ٿي وڃن ٿا. اقتصادي ۽ مُعاشي ناهمواري جي ڪري به
عام ٻار محنت کان نٽائي ٿو ۽ پڙهڻ کان ڀڄي ٿو.
نااهل ۽ جاهل اُستادن جي غلط بياني ۽ غلط رهبري به
ٻارن کان پڙهڻ ڇڏائي ٿي.
ٻارن جي پڙهڻ لاءِ لازمي آهي، ته نصاب مختصر،
بامقصد، دلچسپ، سچن واقعن، داستانن ۽ ماحول مطابق
هئڻ گهرجي. جنھن سان ٻارن جي صحيح معنيٰ ۾ ذهني
نشونما ٿئي. گهڻن ڪتابن جو بارُ ٻارن تان هٽايو
وڃي. اُستاد پنھنجي پيشي سان محبت رکندڙ ۽ پنھنجي
سبجيڪٽ جو ماهر هئڻ گهرجي. اسڪول ۾ تعليمي ماحول
اهڙو بڻايو وڃي، جو ٻار اسڪول اچڻ کان گهٻرائي نه،
پر خوشيءَ سان آماده ٿئي. اسڪولن ۾ تدريسي ۽
سائنسي سامان جي کوٽ کي پوروڪيو وڃي. خير سان هاڻي
درسي ڪتاب ته مفت ملن ٿا، پر فيون به معاف ڪيون
وڃن ۽ اسڪول جون ڊريسون (Uniform)
به مفت ڪيون وڃن. ٻار سان اسڪول توڙي گهر ۾
دوستاڻو رويو رکيو وڃي. مار جو ڊپ ٻار کي ذهني
دٻاءُ جو شڪار بڻائيندو ۽ ٻار ۾ موجود صلاحيتن کي
ٻاهر اچڻ نه ڏيندو.
والدين تي خاص ذميواري عائد ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته سندن
اولاد نه رڳو سندن آئيندي جو وارث آهي، پر ملڪ ۽
قوم جو سرمايو پڻ آهي. تنھنڪري والدين کي خصوصي
توجھه سان ٻار جي هر چُرپر تي نظر رکڻ گهرجي.
والدين کي اسڪول وڃي، پنھنجي ٻار جي پڙهائي بابت
اُن جي اُستادن سان صلاح مصلحت ڪرڻ گهرجي. گهر ۾
ٻار کي مليل هوم ورڪ (Home
Work)
۾ جائز مدد ڪرڻ گهرجي.
گهڻا والدين وري ٻارجو هوم ورڪ پاڻ ڪندا آهن.
ائين هرگز نه ڪرڻ گهرجي. گهر ۾ هڪ ڪمرو خصوصي طور
ٻارن جي پڙهائي لاءِ هجي. جتي ٽي. وي. ڪمپيوٽر،
کاڌي جو سامان يا ٻيو ڪجهه به اهڙو نه هجي، جنھن
ڏانھن ٻارن جو پڙهڻ وقت ڌيان وڃي. ٻارن کي ڏينھن
جي ڪنھن مخصوص وقت خاص طور تي شام جي ٽائيم تي
راندو روند جي اجازت به ڏيڻ گهرجي. هفتي يا مھيني
۾ هڪ ڀيرو کين سير و تفريح لاءِ ڪنھن پارڪ، باغ،
درياءَ ڪناري، تاريخي مڪان وغيره گهمائڻ گهرجي.
سندن صحت لاءِ صحيح کاڌي، فروٽ ۽ کير جو جوڳو
بندوبست ڪرڻ گهرجي. ٻارن سان ڪچھري وقت اهڙا موضوع
ڄاڻي واڻي گفتگو ۾ آڻجن، جن جو سڌي يا اڻ سڌي طرح
تعليم ۽ اُن جي فائدن سان تعلق هجي. آءٌ نه ٿو
سمجهان، ته انھن ڳالھين کان پوءِ به ٻار نه
پڙهندا. ٻارن جي بنيادي ۽ اهم مسئلن کي ترجيحي
بنيادن تي حل ڪبو، ته ٻار ضرور پڙهندا ۽ اسان جو
مستقبل ضرور روشن ٿيندو.
***
نواب
خاتون ويسر/ٺري ميرواهه
اسان جو بابا سائين
اسان جو بابا جيوڻ خان ويسر، اسان جو ھڪ بھترين
اُستاد پڻ ٿي گذريا. هڪ پيءُ ڀلا اولاد کي قرآن
پاڪ کان وڌيڪ ڪھڙي تعليم ڏئي سگھندو. اسان پنج
ڀائر ۽ چار ڀينر آھيون. اسان جي ننڍي ڀيڻ گُل ناز
چئن سالن جي ھئي، ته بابا سائين جن اسان کي الوداع
ڪيو هو.
بابا سائين نماز، قرآن ۽ روزي جا پابند ھئا. پنج
وقت نماز پابنديءَ سان پڙھندا ھئا. صبح جو ساجھر
اُٿي نماز لاءِ تياري ڪندا ھئا. مون پنھنجي بابا
کي ڏٺو، ته دين جي پابندي ڪن ٿا. پوءِ اسان کي به
شوق جاڳيو ۽ آءٌ به بابا سائين سان گڏ صُبح ساجھر
ناني جي نالي سان مشھور مسجد ڏي ويندي ھيس.
شام جو ٽپھريءَ جي نماز وقت گھر جي ڀر ۾ مسجد ڏي
ادا جبار ۽ مان نماز پڙھڻ ويندا ھئاسين. ننڍڙا
ھئاسين ڪا خاص سمجهه نه هئي. بس اسان خوش ته بابا
سان گڏ نماز پڙھون ٿا. بابا سائين جمعي نماز به
پڙھائيندا ھئا. اسان ٻار به بابا سان گڏ جمعي نماز
تي ويندا ھئاسين. نماز بعد سڀ بابا سان گڏ ذڪر
ڪندا ھئا.
امان وڏي، ھر جمعي تي واٽ خدا جي ديڳڙو لاھيندي
ھئي. نماز بعد سڀ ننڍا ٻار ۽ وڏا گڏجي اهو ڀَتُ
کائيندا هئاسين. بابا اسان ٻارن سان تمام گهڻو
پيار ڪندا ھئا. جيڪو ڪجهه اسان لاءِ شھر مان آڻين
سو ئي اسان جي سوٽن لاءِ ڪتاب، ڪپڙا، چئمپلون سڀني
جا ھڪجھڙا آڻيندا هئا.
اسان جو بابا سائين محنت ڪش انسان ھئا. فصل ۽ مال
متاع جو خاص خيال رکندا ھئا ۽ وقت جو به تمام گهڻو
خيال رکندا ھئا. فضول وقت ضايع اصل نه ڪن. ھر ڪم
ايمانداريءَ سان ڪندا ھئا. اگر بابا سائينءَ جا
احسان لکان ته لکي نٿي سگهان. تمام سادا انسان
ھئا. پاڻ کي تڪليف ڏئي، به اسان کي خوش رکندا هئا.
بابا جن اسان سڀني کي پڙھايو لکايو. اڄ جنھن منزل
تي آھيان، اھي سڀ بابا جن جا احسان آهن. شڪر
الحمّدالله قلم، ڪتاب بابا جي محنت سان کڻي
سگھياسين. نه ته آءٌ پٺتي پيل ڳوٺ جي ھڪ اڻپڙهيل
ڇوڪري ھجان ھا. اڄ آءٌ پڙھيل آھيان. سُٺي خراب جي
سڃاڻپ ڪري پاڻ کي ھڪ باڪردار عورت بڻائي سگھان ٿي.
ڇو ته انسان ھميشه زندھه ناھي رھندو، پر اُن جو
ضمير، ان جو اخلاق، پيار وارو رويو هميشه زنده
رھندو آهي.
***
راجيش ڪمار ميگهواڙ
پبلڪ اسڪول ميرپورخاص
زندگي ڇا آهي؟
زندگي هڪ اهڙو راز آهي، جنھن کي سمجهڻ ايترو آسان
ناهي. جڏهن ڪيترائي سال گذري وڃن ٿا، ته انسان
پوئتي مُڙي ڏسي ٿو ۽ حيران ٿئي ٿو، ته وقت ڪيئن
گذري ويو. وقت آهستي آهستي وهندو رهي ٿو. پر ان جو
اصل احساس تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ماضي ياد اچي ٿو.
زندگي دراصل هڪ مسلسل عمل آھي، جيڪو بنا رڪاوٽ
هلندو رهي ٿو. ان ۾ خوشي به شامل آهي ۽ غم به،
ڪاميابي به آهي ۽ ناڪامي به. ڪڏهن انسان کلندو
آهي، ته ڪڏهن روئندو به آهي. اهي سڀئي حالتون گڏجي
زندگيءَ کي مڪمل بڻائين ٿيون.
زندگي هڪ ناياب تحفو آهي، جنھن کي سمجهه ۽ ذميواري
سان گذارڻ گهرجي. جيڪڏهن انسان سچائي، ايماندار ي
۽ ٻين سان ڀلائي سان زندگي گذاري، ته زندگي
خوبصورت ۽ پُرسڪون بڻجي وڃي ٿي. پر جيڪڏهن وقت کي
بيڪار ڳالھين، جهڳڙن ۽ لالچ ۾ وڃايو وڃي، ته زندگي
مشڪل محسوس ٿيڻ لڳي ٿي.
عام طور ماڻھو سمجهن ٿا، ته امير ماڻھن وٽ مسئلا
ناهن ۽ رڳو غريب ئي پريشان آهن. پر حقيقت ۾ هر
انسان پنھنجي پنھنجي مسئلن سان جُڙيل آهي. امير
هجي يا غريب، هر ڪنھن جي زندگي ۾ آزمائشون موجود
آهن. فرق صرف اهو آهي، ته ڪنھن جا مسئلا ظاهر ته
ڪنھن جا لڪل هوندا آهن.
اهو پڻ چئي سگهجي ٿو، ته زندگيءَ کي سمجهڻ لاءِ
صبر، شڪر ۽ محبت ضروري آهي. انسان کي گهرجي، ته
وقت جو قدر ڪري ۽ هر لمحي کي اهم سمجهي، ڇو ته
جيڪو وقت گذري وڃي ٿو، اهو ٻيھر واپس نٿو اچي!!
***
عبدالباقي ادريس السندي
سانڍڻ جهڙا قول
·توبھه
ڪرڻ آسان آهي، پر گناهه ڇڏڻ مشڪل آهي.
·الله
جو ڊپ هر ڊپ کان پري ڪري ٿو.
·انسان
عقل سان سُڃاتو ويندو آهي، شڪل سان نه.
·هر
قابل شخص جي پويان ڪجهه ٻين شخصيتن جو هٿ هوندو
آهي.
·پنھنجي
خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين جي خوشي تي قبضو نه ڪريو.
·پڪي
ارادي وارا ماڻھو ناڪامي گهٽ ڏسندا آهن.
·مصيبتن
جي پاڙ انسان جي گفتگو آهي.
·ڪاميابي
ان ماڻھوءَ کي ملندي آهي، جيڪو اُن تي يقين رکندو
آهي.
***
نيٽ جي ٿورن سان
ننڍڙو بهادر
ٿر جي ريگستاني علائقي پارڪر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ هڪ
اهڙو واقعو ٿيو، جيڪو هر دل کي ڇُھي ويو.
گرميءَ جي ڏينھن ۾ ٻارڙا ڳوٺ جي کوھه ڀرسان کيڏي
رهيا هئا. اوچتو هڪ ننڍڙي ٻلي سلپ ٿي کوھه ۾ ڪري
پئي. ٻلي جي درد ڀرين رڙين فضا کي اُداس ڪري ڇڏيو.
ٻارڙا ڊڄي ويا، ڪجھه روئڻ لڳا. ڪجهه هڪ ٻئي ڏانھن
نھارڻ لڳا، پر ڪنھن ۾ همت نه هئي ته اڳتي وڌي. ان
وقت اُتي بيٺل هڪ ننڍڙو ڇوڪرو، پرديپ ڪمار پارڪري،
سڀني کان مختلف لڳو. هن جي اکين ۾ خوف نه، پر همت
۽ رحم هو. هن دل ۾ سوچيو، ته
”جيڪڏهن
مان نه ويس، ته هن بي زبان جي زندگي ختم ٿي ويندي.“
پرديپ ڪمار آهستي سان اڳتي وڌيو ۽ چيائين، ته
”آءٌ
کوھه ۾ لھندس... هن کي بچائڻو پوندو.“
اُتي بيٺل وڏن ماڻھن پھريان حيران ٿي، هن ڏانھن
ڏٺو، پر جڏهن هن جي ارادي ۾ سچائي ڏٺائون، ته هن
کي حفاظت سان رسي ذريعي کوھه ۾ لاٿائون. کوھه جي
اونداهي ۾ به پرديپ جو حوصلو روشن رهيو. ٻلي ڊَپ ۾
ڪُنڊ ۾ ويٺي هئي. پر جڏهن پرديپ هن کي نرم هٿن سان
کنيو، ته ڄڻ اُميد جي روشني واپس اچي وئي. ٿوري
دير کان پوءِ، جڏهن پرديپ ٻليءَ کي پنھنجي هٿن ۾
کڻي مٿي آيو، ته سڀني جا چھرا خوشيءَ سان چمڪي
اُٿيا. ٻارڙا تاڙيون وڄائڻ لڳا، ۽ وڏن ماڻھن جي
اکين ۾ به فخر نظر آيو. اهو ڏينھن صرف هڪ ٻليءَ جي
بچاءَ جو نه هو، پر هڪ ننڍڙي دل جي وڏي بھادري جو
ڏينھن هو. پرديپ ڪمار ثابت ڪيو، ته دليري عمر سان
نه، پر دل جي سچائي سان هوندي آهي.
سبق:
پيارا ٻارؤ! هن مضمون مان سبق ملي ٿو، ته ٻارڙا
واقعي دل جا صاف ۽ بھادر هوندا آهن. جتي وڏا سوچي
رهن ٿا، اُتي ٻار عمل ڪري ڏيکارين ٿا. پرديپ
پارڪري جھڙا ٻار اسان لاءِ اُميد جو ڏيئو آهن.
جيڪي سيکارين ٿا، ته انسانيت سڀ کان وڏي همت آهي.
***
سرفراز (جنيد) ساميٽو ڪلاس ڇھون
(بکري شريف) پارس پبلڪ اسڪول ڪنڊيارو
جنت ۾ وڻ لڳايو
حضرت ابوهريره هڪ دفعي ننڍا ٻوٽا لڳائي رهيا هئا،
ته پاڻ ڪريم حضرت محمدﷺ جن فرمايو، ته
”ايس
ابوهريره ڇا لڳائي رهيو آهين؟ حضرت ابوهريره عرض
ڪيو، ته سائين پنھنجي لاءِ ٻوٽا لڳائي رهيو آهيان.
پاڻ سڳورنﷺ جن فرمايو، ته توکي ان کان بھتر ٻوٽا
نه ٻُڌايان...
”سُبحَانَ
الله، اَلحَمدُ لِله، لَااِلَاهَ اِلَّا اللهُ ۽
اَلله اَکبَرُ انھن مان هر ڪلمي جي بدلي تنھنجي
لاءِ جنت ۾ هڪڙو وڻ لڳايو ويندو.“
(سنن ابن ماجه)
پيارا ٻارؤ! ان جي لاءِ هنن ڪلمن کي پڙهندا ڪريو.
جنت ۾ وڻ لڳائيندا رهندا ڪريو. هڪ مومن ٻانھو جنت
جي زرخيز زمين ۾ لکين ڪروڙين وڻ لڳائي سگهي ٿو.
***
منھنجا ڀائرو! اسان سڀني کي گهرجي، ته پنھنجي
پيارن گلن جھڙن ٻارڙن کي ضرور ٻُڌايون، ته اسان جا
پيارا نبي حضرت محمدﷺ اُمت جا سڀ کان وڏا ۽ سچا
خيرخواهه هئا. ٻارڙن کي ٻُڌائڻ گهرجي، ته ربّ پاڪ
قرآن مجيد ۾ پاڻ سڳورنﷺ جن جي زندگيءَ جا قسم کنيا
آهن ۽ پاڻ سڳورنﷺ جن کي سڀني نبين تي فضيلت بخشي
اٿئون. اسان کي گهرجي، ته اسان پنھنجي ٻارڙن جي
دلين ۾ رسول اللهﷺ جن جي، اهل بيت ۽ صحابه ڪرام
رضوان الله عنھم اجمعين جن جي محبت ۽ احترام
ويھاريون.
پاڻ ڪريمﷺ جن جو ارشاد مبارڪ آهي، ته
”جنھن
مون سان محبت ڪئي، اُن ربّ تعاليٰ سان محبت ڪئي ۽
جنھن منھنجي اطاعت ڪئي ان ربّ تعاليٰ جي اطاعت
ڪئي.“
پنھنجي ٻارڙن کي سمجهايون، ته
”جيستائين
اسان کي ربّ تعاليٰ ۽ ان جي رسولﷺ دنيا جي سڀني
شين کان وڌيڪ محبوب ۽ پيارا ناهن، اُن وقت تائين
اهو ماڻھو پنھنجي ايمان ۾ ڪامل ۽ سچو نٿو ٿي سگهي
۽ ان وقت تائين اهو ايمان جي لذت حاصل نٿو ڪري
سگهي.“
هڪ ٻي جاءِ تي حضرت محمدﷺ جن جو ارشاد مبارڪ آهي،
ته
”توهان
تي منھنجي سنت ۽ خلفاءِ راشدين جي سنت جي پيروي
ڪرڻ لازمي آهي. ان کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو.“
پيارا ڀائرو! اسان تي واجب آهي، ته اسان پنھنجي
ٻارڙن کي نبوي فرمان ياد ڪرايون ۽ انھن جي اهميت
ذهنن ۾ ويھاريون. ڪاش! اسان سڀ ان جو اهتمام
ڪريون، ته جيئن ٻارڙن کي سلسليوار پاڻ سڳورنﷺ جن
جي پيدائش مبارڪ کان وٺي، وفات تائين جا مبارڪ
حالات ٿورا ٿورا ڪري ٻُڌايون ۽ سمجهائي سگهون. اُن
متعلق سڀ کان وڏو فريضو ۽ ذميواري تعليمي ادارن جي
آهي، ته اُهي پنھنجي اداري ۾
”سيرت
طيبه جو ڏينھن“
مقرر ڪن، ٻارن کي اخلاق، عادات، اوصاف ۽ واقعات
ٻُڌائن ۽ پاڻ سڳورنﷺ جن جي مبارڪ زندگيءَ کان
آگاهه ڪن. ان طرح سيرت نبويءَ سان ٻارن جو ربط
پيدا ٿيندو. انھن جي دلين ۾ حضرت محمدﷺ جن جي محبت
جو جذبو اُڀرندو. انھن جي سامھون پنھنجي زندگي
سنوارڻ ۽ پنھنجي اخلاق، ڪردار سنوارڻ جون راهون
روشن ٿي پونديون. سيرت طيبه جي پروگرام لاءِ ضروري
نه آهي، ته اهو صرف ربيع الاول جي مھيني ۾ هجي.
بلڪ وقتاً فوقتاً (ڪڏهن ڪڏهن) اسان کي ان بنيادي ۽
ضروري ڪم کي سمجهڻ ۽ پوري ڪرڻ لاءِ وقت ڪڍڻ گهرجي.
سيرت نبوي ۽ محبت نبوي ڪنھن هڪ مھيني يا هڪ ڏينھن
جو موضوع ناهي، بلڪ هيءُ ته هر مومن جي ايمان ۽
ڪردار جو دائمي بنياد آهي.
پيارا ڀائرو! ننڍي عمر جي ٻارڙن جي ديني تربيت
توهان ۽ اسان سڀني جو اهم فريضو آهي. ان طرف به
اسان کي توجهه ڪرڻ گهرجي. |