|


[08]
ڪِين جو ڪَنھين پارِ، اکيون پَسِي آئيُون
ٿِيون ديوانيون دِلِ ۾، اَپَرَ لَڳِينِ آرِ
تِھان پوءِ قَرارِ، سُتيون ڪِينَ سَيدُ چَئي.
سمجھاڻي:
اکيون ڪنھن پاسي الائجي ڇا ڏسي آيون آهن، جو
انھيءَ عشق ۾ چريون ٿي پيون آهن. کين محبت جي اهڙي
ڪا چوٽ لڳي آهي، جو عبداللطيف چوي ٿو ته ان کان
پوءِ اهي وري آرام سان سُمھي نه سگهيون آهن.
[09]
ڪِين جو وَڃي اَڄُ، اکيون پَسِي آئِيُون
سيڻَنِ ڪِيو سَهَڄُ، لالُون ٿِيون لَطِيفُ چَئي.
سمجھاڻي:
اڄ خبر نه آهي ته اکيون الائجي ڇا ڏسي آيون آهن.
محبوب اهڙو ڪو قرب ڏنو اٿن جو (خوشيءَ کان)
ڳاڙهيون ٿي (ڪڪورجي) مست ٿي ويون آهن. (اها ڪيفيت
سندن ختم ئي نٿي ٿئي.)
[10]
ڪِين جو وَڃي ڪالَ، اکيون پَسِي آئِيُون
لالُون ڪِيُون لَطِيفُ چَئي، جانِبَ جي جَمالَ
ٿِئا نيڻَ نِھالَ، جَنِي دِلَبَرُ ديکِيو.
سمجھاڻي:
اکيون ڪالھه الائجي ڇا ڏسي آيون آهن، عبداللطيف
چوي ٿو اهي جانب جو جلوو پسي آيون آهن. تڏهن ته
ڳاڙھا مائل ۽ خماريل آهن. انھن اکين جن دلبر جو
ديدار ڪيو آهي، اهي هاڻي ڏاڍو خوش ۽ فرحت ۾ آهن
(سندن اها خوشي لھڻ واري ناهي).
[11]
اَکين کي آهِينِ، عَجَبَ جِھڙيون عادَتُون
سُورَ پَرائي ساٿَ جا وڃئو وِهائِين
اُتي لَئُون لائِينِ، جِتِ حاجَتَ ناهِ هَٿيارَ
جي.
سمجھاڻي:
اکين کي ڏاڍيون عجيب عادتون آهن، (منھنجي وس کان
ٻاهر آهن) تڏهن ته پاڻ محبوبن جي قافلي مان وڃيو
سور خريد ڪري اچن ٿيون. اهڙي هنڌ (محبوب وٽ) وڃي
محبت جو آغاز ڪن ٿيون، جن کي (عاشقن کي مارڻ لاءِ)
ڪنھن هٿيار کڻڻ جي ضرورت ناهي.
[12]
اَکَڙِيَنِ آرامُ، ڪَڏهِنِ تان ڪونه ڪِئو
هَنيُون منجههِ حِمَامَ، کاڻِيُون کُوري وِچَ ۾.
سمجھاڻي:
اکين جو اهو حال آهي جو سندن هر وقت جو آرام ۽ سُک
ڦٽي ويو آهي. اهي ڪڏهن به سُک سان ڪونه ستيون آهن.
اهي تيز تپش جي ڪري موت واريءَ حالت ۾ آهن ۽ باهه
جي کوريءَ ۾ پيون جلن ۽ پچن، (محبوب جي ديدار بابت
شديد ڪيفيت جو اظھار).
شاهه جو رسالو
]سُر
’آسا‘
داستان ٻيو. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
سمجھاڻي ۽ مفھوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو،
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[
عزير احمد علوي/شڪارپور
حمّد
مالڪ تنھنجا خلقيل آهيون،
ٻانھا ھرگز ٻي جا ناھيون.
تون ئي پنھنجي رکج پناھه ۾،
پاڻ به ڳالھه اها ٿا چاهيون.
تون خالق، مخلوق اسان سڀ،
ڪنھن جي آڏو سِينو ساهيون.
پاڻي، اُس ۽ مفت هوا آ،
ٿورا تنھنجا ڪھڙا لاھيون.
سمجهه عقل ڏي ٻانَھنِ کي تون،
مسجد ڏي پيا جيئن ڪاھيون.
شيطاني ڦندن ۾ پڻ ڦاسي،
هٿ سان گھر کي ڪيئن ڊاهيون.
پاڻ
’عزير‘
سدائين گڏ گڏ،
نيڪيءَ جا پيا ڳاھَه به ڳايون.
**
نياز حسين
’نياز‘
هيسباڻي/ لاڙڪاڻو
نعت
خدا خود پاڻ ڪئي آهي حمايت رسالت جي،
حقيقت هن سندي قرآن ۾ هدايت رسالت جي.
ڪفارن لئه ڏيڻ پيغام حقيقت ۾ مشڪل هو،
ڏني حق جي نبيءَﷺ اهڙي حقايت رسالت جي.
يقين ڪامل سان هر چيز تي رهبو وڃي قابو،
رهي لطف ڪرم آهي عنايت رسالت جي.
خدا جي خاص خدائي جو عجب اسرار آ ساٿي،
رهي ٿي روز و شب هن روح ۾ راحت رسالت جي.
مبارڪ
’نياز‘
آ توکي تو ڪيو غور رسالت تي،
ڪري حاصل ورتي تو معرفت رسالت جي.
ارباب علي عادل چوهاڻ/شڪارپور
اسڪول
روز اسڪول ٻالڪ پڙھڻ ٿا وڃن،
چاھه مان علم حاصل ڪرڻ ٿا وڃن.
ڪيئن پڙھائي ٿا ڪن ٻار اسڪول ۾،
خوبصورت سو منظر ڏسڻ ٿا وڃن.
علم جو جت وھي ٿو سمنڊ بي بھا،
ان منجھان پاڻ موتي ڪڍڻ ٿا وڃن.
علم بلڪل خزانو ته اڻ کٽ اٿئي،
ان منجھان جھول پنھنجي ڀرڻ ٿا وڃن.
بيت توڙي سبق پاڻ پڙھندا نظم،
بڪ سليٽون پٽيون پڻ لکڻ ٿا وڃن.
جاگرافي سنڌي شھريت دينيات،
ٻار انگلش رياضي سکڻ ٿا وڃن.
ھر جڳھ کان اچي خوب مھڪار ٿي،
علم جي پاڻ خوشبوء سنگھڻ ٿا وڃن.
ڪوٽ اختر محمد شڪارپور ۾،
علم
’عادل‘
کان ٻالڪ وٺڻ ٿا وڃن.
مھر فقير/ڪراچي
غزل
ٻار آهيان مان ٻار آهيان،
مسقبل جو معمار آهيان.
چاھه علم سان ازلي آهي،
ٿو علم چوي سينگار آهيان.
جن جن ڪيو علم حاصل،
سکندو اُتان هر وار آهيان.
سُٺي صحبت سُٺو ڪندي آ،
ڪندو ڪتابن سان پيار آهيان.
ڪري عمل علم تي سدائين،
ڪندو جيون جي سنوار آهيان.
ويھي وڏڙن جي ڪچھريءَ ۾،
گُفتن تي ڪندو ويچار آهيان.
سوچي سوچي وِکَ هان کڻندو،
رکندو سماج تي نِھار آهيان.
خدمت ڪندو والدين جي هان،
سندن نيڻن جو ٺار آهيان.
ڀيڻن ڀائرن جي عزت سدا،
تن جي ڳچيءَ جو هارُ آهيان.
پڙهي شاعري
’مھر
فقير‘
جي،
سڀ ٿا چون هوشيار آهيان.
***
امداد سروري /آراضي سيوهڻ
ٻار جي زندگي
ٻار کي پڙهائجي، زندگي سنوارجي،
اخلاق ۽ ادب سڀ، شوق سان سيکارجي.
پنھنجي ڀر ۾ پاڻ سان، سڏ ڪري ويھارجي.
الف بي تي مٺا، ان جي اڳيان اُچارجي،
نصيحت واري ڳالھه ڪا، هر روز ٻُڌائجي،
گهر ۾ وھاري ٻار کي، هرگز نه ادا کارجي.
ٻانھن کان اُن کي وٺي، اسڪول ۾ پھچائجي،
مدرسي يا اسڪول ۾، داخلا ڪرائجي،
ٻار تنھنجي پوک آ، پوک کي پچائجي،
ٻار تنھنجو نالو آ، نالي کي چمڪائجي،
ٻار تنھنجي سُونھن آ، سونھن کي سينگارجي،
ٻار تنھنجي زندگي، زندگي بچائجي.
هروڀرو ته ٻار کي، ڪينڪي روئارجي،
ٻار سان گڏ اي مٺا، زندگي گذارجي،
’امداد
سروري‘
سبق، ٻار کي سمجهائجي.
***
امداد جسڪاڻي پنوعاقل /سکر
بائيڪ بيٽريءَ واري
بيٽريءَ واري آ بائيڪ،
ھن کي ڪن ٿا سڀ لائيڪ.
تيل بنا ھي ھلندي آھي،
منزل تي ھي پُڄندي آهي.
ھيءَ ھلائي ننڍڙو، ٻار،
سُھڻي ھن جي آ رفتار.
جهاڪو ھن تي ايندو ڪون،
بيشڪ مون لئه آھي سون.
دونھين کان آ بلڪل پاڪ،
تڏهين ان جي ھر جا ھاڪ.
ھـــــيءَ ھــــلائڻ ۾ آســــان،
آهــــه ڀڄــــائڻ ۾ آســــان.
ھن کي ڪِڪ نه لڳندي ڀاءُ،
چاٻيءَ سان آ ھلندي ڀاءُ.
 |