سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جون  2025ع

باب:

صفحو:4 

 

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي/ڪراچي

سهڪار

ٻارؤ! اچو ته کيڏون.

اچو ته ٻاهر هلو ۽ اُتي هلي کيڏون اچو، ته هڪ ننڍڙي پُل ٺاهيون. ڇا توهان اڪيلا کيڏي سگهو ٿا؟

ڇو نه! توهان چاهيو ته اڪيلا به کيڏي سگهو ٿا، پر اڪيلو کيڏڻ ۾ مزو ناهي ايندو. توهان جلدي بيزار ٿي ويندؤ ۽ کيڏڻ ڇڏي ڏيندؤ توهان جي دل چوندي، ته جيڪر ڪو ٻيو به توهان سان گڏ کيڏي.

اچو علي .... اچو غفار.... اچو لاريب .... اچو جبار ... اچو ته ڪا راند کيڏون اچو ته ڀلا هڪ ننڍڙي پُل ٺاهيون. عادل سڀني دوستن کي سڏيو.

مون کي سُٺي ڊرائنگ ايندي آهي. نجيب ٻُڌايو ۽ پُل جو نقشو آءٌ ٺاهيندس. مان پاڻيءَ جي بالٽي ڀري ٿو اچان. عليءَ چيو.

پر مِٽي کوٽڻ کان سواءِ پُل نه ٺھي سگهندي. ان ڪري مان گهران بيلچو ۽ ڪوڏر کڻي ٿو اچان. ائين چئي دانش گهر ڏانھن ڊوڙيو.

عليءَ غفار ۽ جبار ورَ چاڙهيا، ٻانھون مٿي ڪيون ۽ پُل ٺاهڻ کي لڳي ويا.

مِٽي کوٽي وئي. ڪم شورع ٿيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هڪ سُھڻي پُل ٺھي وئي. راجو ڊوڙندو وڃي هڪ تار کڻي آيو ۽ ان سان پُل جي ريلنگ ٺاهيائين. پوءِ اهي سڀئي خوش ٿي پُل کي ڏسڻ لڳا.

ڇا خيال آ...؟ هيءَ پُل ڪجهه خالي خالي نظر نه ٿي اچي؟ لاريب چيو ۽ پوءِ ڊوڙندي وڃي گهران رانديڪا ۽ ڪارون کڻي آئي ۽ اُهي پُل تي رکيائين.

ٻُڌايو هاڻي باقي ڪھڙي شيءِ گهرجي؟ اهو پُڇي مريم گهر وئي ۽ رانديڪا ۽ ريل گاڏي جو دٻو کڻي آئي.

هن دٻي مان ريل جي پٽڙي ڪڍي پُل، جي هيٺان وڇائي ۽ پوءِ ريل گاڏي ڇڪ ... ڇڪ ڪندي پُل هيٺان لنگهڻ لڳي.

سڀ خوشيءَ وچان تاڙيون وڄائڻ لڳا، جو اها پُل هنن سڀني گڏجي ٺاهي هئي.

پيارا ٻارؤ! هن دنيا ۾ جتي اسان رهون ٿا، سڀ ڪم ائين ئي ٿيندا آهن. سھڪار جو مطلب آهي، ته کل خوشيءَ سان گڏجي سڏجي ڪم ڪرڻ. گڏجي ڪم ڪرڻ سان خوشي حاصل ٿيندي آهي. جڏهن گهڻا هٿ ۽ گهڻا دماغ سُٺن دوستن وانگر گڏجي ڪم ڪندا آهن، ته پوءِ زندگي خوشين سان ڀرجي ويندي آهي.

***

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ /حيدرآباد

پُل صراط

اخلاق جي گهرواري شڪي مزاج هئڻ سان گڏ نيت جي پڻ کوٽي هئي. مُڙس کي پنھنجي ڀاءُ سان ڳالھائيندو يا قرب ونڊيندو ڏسي، پئي پڄرندي هئي. جا ڳالھه ٽنھي ڀائرن ڀينرن کي به خبر هئي، پر ڪري ڪجهه به نٿي سگهيا، جو هوءَ سندن سڳي ماسات هئڻ سان گڏ، گهرجي وڏي نُنھن پڻ هئي. اديءَ امينا جا اهي لَڇڻ سندس سَسُ ۽ سَھُري کان ڳجها ڪونه هئا، پر گهر کي ٽُٽڻ کان بچائڻ لاءِ نظرانداز ڪندا آيا.

ڪووِڊ جي عالمي وبا هڻي سڀني کي هڪ ٻئي کان ڪجهه ڇڊائتو ته ڪري ئي ڇڏيو هو. گهر جي ننڍي هئڻ جي ڪري عبدالرحمان فيصلو ڪيو، ته پنھنجي ننڍي پُٽ نثار کي ساڻ ڪري ڪو گهر مسواڙ تي ساڳئي ئي پاڙي ۾ ڪجي، ته جيئن اهي انھيءَ ۾ سولائيءَ سان رهي سگهن. اهڙيءَ ريت کين ساڳيءَ ئي گهٽيءَ ۾ هڪ سادو ۽ تازو مرمت ٿيل گهر مسواڙ تي ملي ويو. اڃان سامان ئي ڪونه رکي سگهيا، ته عبدالرحمان کي ڪووِڊ ٿي پيو. سندس گهرواري پڻ ساڳئي ڪمري ۾ هئڻ ڪري ڪووڊ وَبا جي  ور چڙهي وئي! ٻئي زال مڙس هڪ ئي مھيني ۾ علاج معالجي هوندي به هڪٻئي پويان فوت ٿي ويا.

نثار جي آڪَھِه ته اٻاڻڪي ٿي پئي، کين هڪڙي پيءُ ۽ ماءُ جو ئي ته سَھارو هو. ادو اخلاق ماءُ ۽ پيءُ جي وفات کان پوءِ گهرواريءَ جي چوڻ ۾ اچي ڀاءُ مٿان هٿ کڻندو ويو. هنن پڻ انھيءَ مسواڙي گهر ۾ جدا رهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ٿورن ڏينھن ۾ پنھنجو سامان کڻي اوڏانھن هليا ويا. پئسي ۾ ڪمزور هئڻ جي ڪري وٽن نه ڪو اعليٰ فرنيچر هو ۽ نه ئي گهر ۾ نئون فرنيچر وٺي پئي سگهيا، ٿوري سامان سان به کين انھيءَ گهر ۾ راحت اچڻ لڳي جو اُتي سڪون ته هو.

ٻه سال ڪونه گذريا ته نثار جي موٽرسائيڪل جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو، رت گهڻي ضايع ٿيڻ سبب هُو بچي ڪونه سگهيو. هن جي گهرواري صفوران ويچاري روئي پٽي ماٺ ٿي وئي. پھرين جنھن گهر ۾ رهندا هئا، اهو هن جي سَھُري جو ٺھرايل هو، جنھن ۾ سندن حصو به هو پر اخلاق ۽ انھيءَ جي زال ٺڳي ڪري پنھنجي نالي ڪرائي ڇڏيو. اديءَ صفوران جي مٿي تي ته ڄڻ ڇپر ڪري پيو! نه سَھُرو رهيو نه سَسِ ۽ نه ئي ڪفالت ڪندڙ مڙس، ٻن يتيم ٻارن سان گهرواري جي پينشن جي پئسن سان گڏ سلائي ڪري، شڪر سان گذر سفر ڪرڻ لڳي. کيس مسواڙ ڀرڻ ڏاڍي ڏکي لڳندي هئي، پر ڇاٿي ڪري سگهي؟ هن جي سَھُري ۽ مڙس کي ايتري مُھلت ئي نه ملي جو کين ڪو پنھنجو ذاتي گهر ٺاهي ڏئي سگهن. قربانيءَٰ جي عيد ويجھي هئي، هر ڪو قربانيءَ جي جانور جي ڳولا ۽ خريداريءَ ۾ مصروف هو. اخلاق کي به ٻارن آڀاريو، ته تمام سٺو جانور وٺي، ته جيئن پاڙي ۾ هنن جو ڏيکاءُ ٿئي. انھيءَ نمائشي قربانيءَ ۾ ادي امينا پڻ ٻارن سان گڏ گڏ هئي. اخلاق صبح کان شام تائين منڊيءَ ۾ سٺي جانور جي ڳولا ۾ هو. هن کي ڪو  جانور پسند ئي نه پيو اچي. کيس پنھنجي حيثيت مطابق مَھانگو، سُھڻو ۽ وڏو جانور گهرجيو ٿي. وري ٻيءَ ٻڪراپڙيءَ ڏي رخ ڪيائين. جا شھر کان ڪجهه پري هئي. گرمين جا ڏينھن هئا. هُو سڄو پگهر ۾ پُسي ويو، پر ڪو به دِل گهريو جانور مناسب پئسن ۾ نه پئي مليس. جيڪي وڻيا هئس سي تمام گهڻا مَھانگا هئا. شام ڌاري هڪ اڇي ڍڳي تي نظر پيس جو ڏسڻ ۾ ئي صحتمند ۽ خوبصورت پئي لڳو. ويجهو وڃي مالڪ کان قيمت پڇيائين. هن اڍائي لکَ ٻُڌايا، طاق لڳي ويس. پئسا ته وٽس به ڪافي هئا. پر اڍائي لکن ۾ پڻ پئسا ٿا اچن. اڃا واپس پئي ٿيو، ته ساڻس گڏ پُٽس طارق ۽ سؤٽ افضال چيس، اهوئي ڍڳو  آهي، جو پاڙي ۾ تنھنجي قربانيءَ ۽ حيثيت جو رعب داٻ وجهي سگهي ٿو. انھيءَ ڪري مُلھه ڪرائي، ته اهو ئي وٺون.

هُو سوچ ۾ پئجي ويو، افضال ڊوڙي وڃي پڙيءَ جي مالڪ سان ڳالھايو، ته اسان کي انھيءَ ڍڳي جي ڇَڏِ ڇُوٽ ڪرائي مناسب قيمت ۾ ڏيار. اسان جو ارادو بلڪل خريد ڪرڻ جو آهي.

پڙيءَ واري ڪنڌ سان هائوڪار ڪئي. انھيءَ وچ ۾ ٻيا به ڪيترائي گراهڪ اچي انھيءَ ڍڳي وٽ بيٺا پر قيمت ٻُڌي پوئتي هٽي ويا. جو اڍائي لکن ۾ وٺڻ جي هر ڪنھن جي طاقت ڪونه هئي. پڙيءَ جو مالڪ ٿوريءَ دير کان پوءِ انھن سان گڏ ڍڳي واريءَ جاءِ تي هليو. ان جي مالڪ سان اشارن ۾ ۽ زباني ٿوري ڏي وٺ کان پوءِ، کين سوا ٻن لکن ۾ ڍڳو وٺي ڏنائين. اخلاق صاحب کي اهو مُلھه به ڪافي وڌيڪ پئي لڳو. پر ڇا ڪري هڪ ته وڏيءَ مشڪل سان پسند جو جانور مليو، ٻيو طارق ۽ افضال جي اصرار هيڪاري کيس انھيءَ سودي ڪرڻ لاءِ راضي ڪري ورتو. سوزوڪيءَ ۾ ڍڳو کڻائي اچي گهر جي ٻاهر وڻ وٽ ٻڌائون، هرڪو آيو ويو پيو پڇي، ته اخلاق اهو گهڻي ۾ ورتو آهي؟ ڪٿان مليو؟ ڳوٺان گهرايو آهي يا هتي ئي شھر جي پڙيءَ مان ورتو آهي؟

اخلاق به گهر پھچي گهڻو خوش هو. پاڙي ۾ هن جي ڏاڍي واکاڻ ٿي رهي هئي. صبح جو عيد لاءِ هن ڪاسائيءَ جو بندوبست پڻ ڪري ڇڏيو، ته طارق وارن ڍڳي کي ڳانا پارائي پاڙي ۾ گشت ڪرايو. ٻئي پاسي تي نثار جي گهر جي ڀاتين جون دِليون اُداس هيون. هڪڙو اهي يتيم ٻار، ٻيو وٽن ايترو به ڪونه هو، جو کڻي مناسب ٻڪرو قربان ڪن ۽ نه ئي ڪو آسرو هو، ته ادي امينا کين ڪو گوشت صحيح طور موڪليندي، ادي صفوران کي ننڍي پُٽ اچي چاچي جي گهر جي قربانيءَ جي سڄي ڳالھه ٻُڌائي، ڍڳي جي واکاڻ مان ڪونه پئي ڍاپيو. پوءِ ماڻس ڏي نِھارڻ لڳو، ته شايد اها چئي وجهي ته، پاڻ به ٻڪرو قربان ڪريون ٿا. ماءُ جي مسلسل ماٺ تي هُو به ڳالھائي ڳالھائي چُپ ٿي، ٿوريءَ دير ۾ راند رُوند ۾ لڳي ويو. صفوران ٻارن جي لاءِ منجهند جي ماني ٺاهيندي رڌڻي جي دريءَ مان آسمان ڏي ڏسندي ماٺ ميٺ ۾ لڙڪ وهائڻ لڳي. ربّ تعاليٰ کان هن بيواهه جو هڪڙو ئي سوال هو، ڇا رت جي رشتن جا حق غصب ڪرڻ وارن ٺڳن ڪُوڙن، ۽ لالچين جي هيءَ قرباني قبول پوندي؟ يتيم ڀائيٽن جو مال کائِي هيءُ ڏيکاءُ ڪندڙ ادا اخلاق رب پاڪ وٽ قيامت جي ڏينھن سُرخرو ٿيندو؟ ڇا هو بي ڌڙڪ پُل صراط پار ڪري ويندو؟ اهڙا ۽ ان جھڙا ٻيا ڪيترائي سوال صفوران جون آليون اکيون اُڀ ۾ تڪيندي ڪري رهيون هيون.                          ***

محمد عثمان سومرو (ڪلاس پنجون)

اسڪول ولي محمد سومرو ٺري ميرواهه

لطيفو (وصيت)

               ·هڪ ھمراھه پنھنجي پُٽن لا وصيعت لکي ويو،  ته جي مان مري  وڃان ته  گهر ڊاهي  ڇڏجو، ڇو جو گهر جي هيٺان  هڪ خزانو اٿوَ. پڻس جي  مري وڃڻ کان پوءِ پُٽن وصيعت جي مطابق گهر وڃي ڊاٺو، ته هيٺان هڪ صندوقڙي هئي ۽ صندوق ۾ هڪڙي پرچي پئي هئي، ته اُن پرچي ۾ لکيل هو،  ته پيءُجا پُٽ آهيو، ته هاڻي گهر ٺاهي ڏيکاريو!

***


 

عبدالسميع (ثمير) ملاح ڪلاس ڏهون

پارس پبلڪ اسڪول ڪنڊيارو

درود شريف پڙهڻ جا فضائل ۽ فائده

               ·ربّ پاڪ جي حڪم جي تڪميل ۽ قرب جو ذريعو.

       ·پاڻ سڳورنﷺ تي درود شريف موڪلڻ ربّ تعاليٰ جي رضامندي جو سبب آهي.

       ·هڪ دفعو درود شريف پڙهڻ تي ڏهه ڀيرا رحمتون نازل ٿين ٿيون. ڏهه گناهه معاف ٿين ٿا. ڏهه درجا بُلند ٿين ٿا.

       ·جيترو گهڻو درود شريف پڙهبو، ايتري قدر جنت ۾ پاڻ سڳورنﷺ جي ويجهڙائي نصيب ٿيندي.

       ·گهڻو درود شريف پڙهڻ سان ماڻھو پاڻ سڳورنﷺ جن جي شفاعت جو حقدار ٿيندو.

       ·پاڻ سڳورنﷺ جن جي اطاعت (فرمانبرداري) ڪرڻ آسان ٿيندي.

       ·ڪثرت سان درود شريف پڙهڻ ڏُک ۽ غم کان محفوظ رهڻ جو سامان آهي.

       ·رزق، روزيءَ ۾ برڪت جو سبب آهي.

       ·پريشانين، مصيبتن ۽ تڪليفن کان حفاظت جو سبب آهي.

       ·قبر جي عذاب کان نجات ڏيارڻ وارو عمل آهي.

       ·دعائن جي قبوليت جو ضامن آهي.

 

***


 

خليل الله ميمڻ/ڪوٽڙي/ڄام شورو

شرارتي شيرو

پورو نالو شيرل هئس، پر سڀئي کيس شيرو سڏيندا هئا. ڏاڍو بي چيو ۽ رول ڇوڪرو هو. شيروءَ جي عمر تيرهن سال مَسَ هئي، پر شيرو وڏو شرارتي هو. اصلي سڄي علائقي کي تپائي تاراج ڪري ڏنو هئائين. اسڪول ان ڏينھن ويندو هو، جڏهن سندس پيءُ جمع تي موڪل سبب گهر هوندو هو. پڙهندو ڪٿي هو؟ فقط جمعي جي ڏينھن اسڪول جي ٻارن کي سَتائڻ ويندو هو. ڦڪي رنگ جي کُٿل ٽوپي پايو وتندو هو. پاڙي جي گهٽين ۾ اجايو رُلندو. گهران روئي پِٽي خرچي وٺي، چپس کائيندو هو يا ته گول ڳنڍي واري کان ڳنڍو وٺي کائيندو هو. باقي شام جو هن جو شڪار ننڍڙا ٻارڙا هوندا هئا، جن کان هي شيءِ شڪل ڦُري ويندو هو. رڳو گُليل کنيو وتندو هو. معصوم جهرڪين کي پٿر هڻندو، ڪيترائي ڀيرا ماڻھن جي گهرن ۾ وڃي پٿر لڳا. ڪجهه گهرن جا ته زيان به ڪري وڌائين. ڪٿان چماٽ، ڪٿان سمجهاڻي، ڪٿان نصيحت ضرور ٿئيس پئي، پر وري به سندس ڳَنُ ڪُھاڙي ساڳيو!

اصلي پکي پکڻ کي تائي تپائي ڏنو هيائين. جهرڪين لاءِ ته پويون ڏينھن هوندو هو. ڪيترين ئي جهرڪين کي اُڦٽ ماري ڇڏيندو هو. ڪن کي ڦَٽي، پڪڙي، پَرَ ڪَٽي ڇڏي ته، ڪن کي پٿر هڻي اکيون رت ڪري ڇڏي.

ويجهڙائي جي ڳالھه آھي، ته پاڙي جي وڏي گهٽيءَ ۾ روڊ پيو ٺھي. ڪريش جي ٽرالي لٿي، هن جو ته ڪم ئي سولو ٿي پيو. هر هر وڃي ٻُڪُ پٿرينُ جو کنيو، وتي پيو وڻن ۾ پکين کي چُٽيندو. آخر هڪ شام تي جيئن ئي شيرو پٿر کڻڻ نِوڙيو، ته سامھون رڪشو پئي آيو. رڪشو لُڏندو لَمندو جيئن ئي هن جي ويجهي پھتو ته، هڪ ننڍڙو گول پٿر رڪشا جي ٽائر ۽ روڊ جي دٻ سبب ٿِڙي وڃي شيري جي اَکِ ۾ لڳو. رڪشو ته ويندو رهيو. پر شيرو جي رَڙ نڪري وئي. سندس گُليلي به اُتي ئي ڪري پئي. رڙين تي پاڙي جي درزي دڪاندار کيس کڻي دڪان ۾ ويھاريو. هن جي دانھنِ تي سڄو پاڙو اچي گڏ ٿيو. کاٻي اَک جي پنبڙيءَ مان رت به پئي ٽميس. پاڙي جي نوجوانن هڻ وٺ ڪِري، کيس تعلقه اسپتال پھچايو. تيسين شيرو جا مِٽَ مائِٽ به اسپتال اچي پھتا.

ڊاڪٽر تُرت علاج ۽ ڪوشش ڪري سندس اک خراب ٿيڻ کان بچائي ورتي. پر اَک سڄي دٻلو ٿي ويس. ڪجهه ڏينھن ته صفا هٿيڪو اسپتال پيو هو. گهڻي سُور ۽ زخم کيس هِيڻو ڪري وڌو.

پيارا ٻارؤ! شرارتي شيرو کي پوءِ اهو احساس ٿيو، ته آءٌ به معصوم پکين کي گُليل هڻي ماريندو آهيان. پٿر ته گولي جي مثل آهي ۽ پوءِ اُهو ڏينھن هي ڏينھن گُليلي ڇڏي ڏنائين. شرارتون ڇڏي اسڪول وڃڻ شروع ڪيو.            ***

اشرف علي ابڙو/شڪارپور

بگھڙ جو شڪار

ان ڏينھن صبح کان ئي ماحول تي سخت ڪوھيڙي ۽ گُهٽ ٻُوسٽ جو جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو. رات جو شبنم (ماڪ) به خوب پئي هئي. سخت سرديءَ جي ڪري، ڳوٺ جي ڪناري تي گدڙ به ساري رات اُوناڙون ڪندا رهيا هئا. جابلو برفاني علائقو هجڻ ڪري جنوري جو سڄو مھينو ڳوٺ سردي جي لپيٽ ۾ رهندو هو. ڏينھن هجي يا رات، ٿڌيون هوائون جسم ۾ ڏڪڻي پيدا ڪري ڇڏينديون هيون. انھن سردي لھرن جي ڪري نه صرف فصلن کي نقصان پھچندو هو، پر سوين جهنگلي جانور به موت جي منھن ۾ هليا ويندا هئا. منھنجو بستري تان اُٿڻ جو دل نٿي چاهيو، پر فجر جي نماز جي ادائيگي جو خيال مون کي بسترو ڇڏڻ تي مجبور ڪري رهيو هو. منھنجي لاءِ اهو احساس ئي ڪافي هو، ته قيامت جي ڏينھن عملن ۾ پھرين پڇاڻو نماز بابت ئي ٿيندو. آءٌ بستري تان اُٿيس، ضرورت کان فارغ ٿي وضو ڪيو ۽ ويجهي مسجد ۾ فجر جي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ، حسبِ معمول تلاوت ڪري، صبح جي واڪ (سير) لاءِ جهنگ ڏانھن نڪري پيس. جهنگ ڏانھن ويندي حفاظتي نقطي نگاهه کان منھنجي هٿ ۾ هڪ لَٺ ۽ کيسي ۾ شڪاري چاقو ضرور هوندو هو. ان ڏينھن به اهي ٻئي شيون مون وٽ هيون.

اهو سپاهي ئي ڪھڙو جيڪو هٿيار کان سواءِ ميدان ۾ لھي پوي! آءٌ پنھنجي مخصوص تڪيل توريل رفتار سان، جهنگ ڏانھن وڌي رهيو هئس. منھنجي گهر کان مسجد جو فاصلو ڪجهه ئي ميٽر هو، جڏهن ته مسجد کان جهنگ جو رستو مشڪل سان سؤ يا ڏيڍ سؤ ميٽر هوندو. صبح جو وقت هو، ماحول ڪُڪڙن، مورن ۽ ٻين پکين جي لاتين سان گُونجي رهيو هو. وڻن جي پنن تان ٽپڪندڙ ماڪ جون بوندون جهنگ جي حُسن ۾ اضافو ڪري رهيون هيون. هڪ خاص قسم جي ننڍن پنن واري وڻ جي ٽارين تي اُڏامندڙ خوبصورت نازڪ پوپٽ ائين محسوس ٿي رهيا هئا، ڄڻ اهي پوپٽ نه پر رنگ برنگي خوبصورت گل هجن. جهنگ ۾ وهندڙ ننڍڙو آبشار ماحول ۾ پنھنجو وڻندڙ راڳ ٻُڌائي رهيو هو. آءٌ سورة يٰسين جي تلاوت ڪندو، پنھنجي منزل ڏانھن وڌي رهيو هئس. مون کي لڳ ڀڳ ويھه ميٽرن جي فاصلي تي اولھه طرف هڪ بگهڙ بيٺل نظر آيو. جيڪو مون کي گهوري رهيو هو. منھنجي ڪجهه قدم اڳتي وڌڻ تي هڪ لومڙي ويجهي ٻُوڙن مان ٻاهر نڪتي ۽ سامھون واري ٻُوڙن ۾ گهڙي غائب ٿي وئي. منھنجي لاءِ جهنگلي جانورن جي اها لِڪَ ڇُپ ڪا نئين ڳالھه نه هئي، پر معمول جو هڪ حصو هئي.

آءٌ پنھنجو اڌ سفر طئي ڪري چڪو هئس. پنھنجي منزل کان صرف ٻه سؤ ميٽر پري هئس، ته مون کي بگهڙن جو هڪ ٽولو نظر آيو. اها ڪا نئين ڳالھه نه هئي، اهڙا ٽولا ته اڪثر ڏسڻ ۾ ايندا هئا، پر انھن سڀني کان ڌار هڪ تمام تندرست ۽ زورآور بگهڙ، پنھنجو ڳورو جسم هڪ وڻ جي ٿُڙ سان گسي رهيو هو، شايد هو پنھنجي بدن جي خارش کان نجات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. مان اڃا ان کان ڪافي پويان هئس، پر اوچتو الائي ڇا سوچي هن وڻ سان گسڻ ڇڏي ڏنو ۽ منھنجي رستي جي بلڪل وچ ۾ اچي بيھي رهيو. ڄڻ مون کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ چاهيندو هجي. مون ان جو انداز ۽ گهور ڏسي سوچيوم ته پاسو ڪري نڪري وڃان. پر پوءِ خيال آيو، ته اها ڪھڙي ڳالھه ٿي، ته جهنگ جي ڪناري تي رهندڙ ڳوٺاڻو ٿي بگهڙ کان ڊڄي پاسو ڪري وڃان! دل ۾ اهو خيال ايندي ئي لٺ تي منھنجي گرفت مضبوط ٿي وئي. مان لٺ کي حملي جي صورت ۾ کڻي اڳتي وڌيس. مان ڪجهه ڊنل ضرور هئس، ته عام طور بگهڙ انسان کي ڏسي پاڻ ئي پاسو ڪري هليا ويندا آهن، پر هي پاڻ رستي ۾ اچي بيٺو آهي ۽ ان جا لڇڻ به خطرناڪ پيا لڳن. جڏهن ته ٻيا بگهڙ اڳتي وڌي ويا هئا. مان دل ئي دل ۾ سوچي رهيو هئس، ته ڪٿي هي بگهڙ چريو ته ناهي ٿي ويو؟ پر ٻئي طرف منھنجي همت مون کي اُڪسائي رهي هئي، ته تون مرد آهين، ربّ پاڪ توکي اشرف المخلوقات جو تاج پارايو آهي، هي بگهڙ تنھنجي لَٺ آڏو ڇا آهي.

آءٌ جڏهن ان جي ويجهو پھتس، ته لَٺ هوا ۾ بُلند ڪنديهشڪاريم. هو منھنجي آواز تي ڪنھن بي ضرر پالتو جانور وانگر رستي تان هٽي هڪ پاسي ٿي ويو. پر جيئن ئي آءٌ اڳتي وڌيس، هو وري مڙي رستي تي اچي ويو ۽ منھنجي پٺيان هلڻ لڳو. هي ڪھڙي مصيبت پٺيان پئجي وئي آهي! مون سوچيو ۽ هڪ ڀيرو ٻيھر ترسي پيس. هاڻي آءٌ کيس ڀڄائڻ جو ارادو ڪري چڪو هئس. منھنجو خيال هو، ته لَٺ سان ڊيڄاري کيس ڪجهه پري ڀڄائيندس، ته هو منھنجو پيڇو ڇڏي ڏيندو. مان لَٺ لھرائيندي اڳتي وڌيس، پر هو ذرو به نه ڊنو، ڄڻ هن منھنجو چيلنج قبول ڪري ورتو هجي. اهو ڏسي مون پوري طاقت سان ان تي لَٺ جو وار ڪيو، پر حيرت جي ڳالھه اها، ته هن منھنجي لَٺ کي پنھنجي وات ۾ سوگھو ڪري ورتو. مون جهٽڪو ڏئي لَٺ ڇڏائي ۽ ڦُڙتيءَ سان ان جي پٺيءَ تي زوردار ڌڪُ هنيو، جنھن جو مٿس ڪو اثر نه ٿيو.

هاڻي منھنجي لاءِ صرف هڪ ئي رستو هو، ته ميدان ڇڏي پٺيان هٽي وڃان. اهو سوچي مون چشمي (نھر) جي طرف قدم وڌايا. اهو خطرناڪ بگهڙ اڃا به منھنجي پٺيان هو. چشمي جي ويجهو پھچي مون سوچيو، ته ڇو نه کيس چڪر ڏئي ڪناري ڪناري سان نڪري وڃان، پر جيئن جيئن مان اڳتي وڌيس پئي، ڳوٺ جي آبادي کان فاصلو وڌندو پئي ويو. ڪا محفوظ جاءِ به نظر نه پئي آئي. اوچتو منھنجي ذهن ۾ آيو، ته ڇو نه چشمي جي ڪناري ٻُوڙن جي اوٽ ۾ لِڪي وڃان، هو مون کي ڳوليندو رهجي ويندو ۽ آءٌ نڪري ويندس. پر ان ظالم مون کي لڪندي ڏسي ورتو هو. هاڻي پاڻي ۾ ٽُٻي هڻي جان بچائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه هو، پر سخت سردي ۾ برف جھڙي پاڻي ۾ ٽپڻ به موت جي منھن ۾ وڃڻ برابر هو. پر ٻئي طرف بگهڙ به ته موت ئي هو. چشمي جي ٻئي ڪناري تائين پھچندي مان بلڪل ساهي پٽي ويو هئس. هڪ قدم کڻڻ به جبل جيڏو لڳو پئي، پر آرام ڪرڻ جو وقت نه هو. پاڻي مان نڪري آءٌ ٿڙندو اڳتي وڌڻ لڳس. پاڻي مان نڪرڻ تي ڪجهه سُڪون محسوس ٿيو. هاڻي آءٌ تيزي سان گهر واپس پھچڻ جي فڪر ۾ هئس ۽ آبادي ڏانھن ويندڙ رستي تي هلڻ لڳس. دل ئي دل ۾ ربّ جو شڪر ادا ڪري رهيو هئس، ته جان بچي وئي. اڃا ڪجهه ئي فاصلو طئي ڪيو هئم، ته ويجهي ٻُوڙن ۾ کڙڪو ٿيو. يا ربّ خير! مون دعا گهري. اوچتو ٻُوڙن مان اهو ئي بگهڙ ٻيھر سامھون اچي ويو. هو مون تي حملو ڪرڻ وارو ئي هو، ته مون سوچيو هاڻي ڇا ڪريان؟ ڀڄڻ جي سگهه نه هئي، جسم سردي مان سُن ٿي ويو هو. پر جان ته بچائڻي هئي، تنھنڪري ساري طاقت گڏ ڪري ڊوڙ لڳايم. بگهڙ شايد هن ڀيري مون کي موقعو ڏيڻ جي موڊ ۾ نه هو. ان جي ۽ منھنجي وچ ۾ صرف 15-16 ميٽرن جو فاصلو هو. ان مھل منھنجي نظر هڪ وڻ تي پئي ۽ آءٌ اک ڇنڀ ۾ وڻ تي چڙهي ويس. ربّ پاڪ جي مدد شامل هئي، آءٌ ڪاميابي سان وڻ تي چڙهي ويس. هاڻي آءٌ هڪ مضبوط ٽاري تي مٿان ويھي ساهه پٽي رهيو هئس، ۽ هو ظالم بگهڙ هيٺ ويھي مون کي گهوري رهيو هو. ڄڻ آءٌ ڪو پڪل ڦَلُ آهيان. جيڪو هيٺ ڪرندو ۽ هو مون کي کائي ويندو.

مون کي وڻ تي پناهه ورتي صبح کان ٻپھر ٿي وئي هئي. ٿَڪَ سان گڏ بُکَ به تنگ ڪري رهي هئي. مون وڻ جون ڪيتريون ئي ٽاريون ٽوڙي ان ڏانھن اُڇلايون، پر مٿس ڪو اثر نه ٿيو. هن شايد فيصلو ڪري ورتو هو، ته منھنجي جان وٺي ئي دم کڻندو. اوچتو منھنجو هٿ کيسي ۾ رکيل شڪاري چاقوءَ سان ٽڪرايو. چاقو ٻاهر ڪڍندي ئي منھنجو ذهن تيزي سان ڪم ڪرڻ لڳو. مون وڻ جي هڪ ٿلهي ٽاري ٽوڙي ۽ اُن جي هڪ پاسي کي ڇلي پنسل وانگر نوڪدار بڻائڻ لڳس. بگهڙ برابر مون کي ڏسي رهيو هو. ان جون باهه جھڙيون ڳاڙهيون اکيون مون تي ئي کُتل هيون! اڌ ڪلاڪ جي محنت کان پوءِ اها ٽاري هڪ نوڪدار تيرَ وانگر تيار ٿي وئي. هاڻي ايندڙ مرحلو هو هڪ اهڙو نشانو لڳائڻ، جيڪو مون کي اُن ظالم کان نجات ڏياري. مون هڪ هٿ سان وڻ جي ٽاري پڪڙي توازن برقرار رکيو ۽ ٻئي هٿ سان ان نوڪدار ڪاٺي کي پوري قوت ۽ احتياط سان بگهڙ ڏانھن اُڇلايو. ربّ جو ڪرم ٿيو، نشانو صحيح لڳو! اها نوڪدار ٽاري بگهڙ جي دل جي ويجهو جسم ۾ گهڙي وئي ۽ سڄو جهنگ اُن جي دردناڪ رڙين سان گُونجي اُٿيو. اها رَڙِ ايتري ته تيز هئي، جو پکي به وڻن تان اُڏامي ويا. بگهڙ سُور کان تڙپندو هڪ طرف ڀڄي ويو. دير تائين اُن جون رڙيون ٻُڌڻ ۾ اينديون رهيون، پوءِ خاموشي ڇائنجي وئي. هاڻي مان آهستي آهستي وڻ تان هيٺ لٿس ۽ وڏا ساهه کڻندي ربّ پاڪ جي مدد جو شڪر ادا ڪندي گهر ڏانھن روانو ٿيس.

هن واقعي جي ٻن ڏينھن کان پوءِ يعني ٽئين ڏينھن ماڻھن ان بگهڙ جو لاش هڪ هنڌ پيل ڏٺو. مون کي خبر پئي، ته آءٌ به ڏسڻ ويس. ان وقت به اها نوڪدار ٽاري ان جي جسم ۾ گهڙيل هئي. ان جو لاش ڏسڻ کان پوءِ منھنجو خوف ختم ٿي ويو ۽ مون ٻيھر معمول موجب فجر جي نماز ۽ تلاوت کان پوءِ سير لاءِ جهنگ ڏانھن وڃڻ شروع ڪيو. سچ آهي ته جيستائين ڪنھن ساهه واري جي زندگي جا ڏينھن پورا نه ٿين، کيس ڪير ماري نٿو سگهي، ۽ جڏهن وقت اچي وڃي، ته ڪير بچائي نٿو سگهي. منھنجي زندگي باقي هئي، تنھنڪري ربّ پاڪ مون کي بچائي ورتو ۽ بگهڙ جي زندگي پوري ٿي چڪي هئي. تنھنڪري هو منھنجي هٿان مارجي ويو.

***

معصومه بخاري/باجارا/ سيوهڻ

مِهرِ جي روشني

هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ هڪ معصوم ڇوڪري پنھنجي ماءُ پيءُ ۽ هڪ ننڍي ڀاءُ سان گڏ رهندي هئي. جنھن جو نالو مھرِ هو. مھر جي دل تمام نرم ۽ پاڪ صاف هئي ۽ هن کي ننڍپڻ کان ئي ربّ ۽ قرآن سان گھرو لڳاءُ هو.

هڪ ڏينھن شام جو ٽيپھري جي وقت، جڏهن سج هلڪو گرم هو ۽ ڳوٺ جون گهٽيون ننڍڙن ٻارن سان ڀريل هيون، مھرِ به انھن ٻارن سان گڏ کيڏي رهي هئي، ته اوچتو  هڪ لالو پٺاڻ  ڳوٺ ۾ آيو. جنھن جي عمر لڳ ڀڳ ٽيھه سال کن هئي. هن جي هٿ ۾ قرآن پاڪ ۽ الڳ الڳ سورتن جون  ڪاپيون ۽ اسلامي ڪتاب هيا. هو ڳوٺ ڳوٺ وڃي ماڻھن ۾ وڪڻندو هو.

جڏهن هو مھرِ جي گهر جي دروازي تي آيو، مھر به اُتي ئي کيڏي رهي هئي. ان شخص هڪ هوڪو ڏنو، جنھن مھرِ جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪرايو، هوءَ پنھنجي ساھيڙين سان گڏ اوڏانھن وئي ۽ هن جي نظر هڪ خوبصورت سوره يسٰين جي ڪاپي تي پئي. سندس دل خوشي سان ڀرجي وئي.

مھرِ اها سوره يسٰين جي ڪاپي لالي پٺاڻ کان وٺي پنھنجي ماءُ کي ڏيکارڻ ۽ اُن جا پئسا وٺڻ لاءِ پنھنجي گهر کڻي آئي. گهر ۾ داخل ٿيندي ئي در تان وڏي آواز ۾ چيو،امي! مان هي وٺڻ چاهيان ٿي! هن جي مٺائي سؤ روپيا آهي. مھرِ خوشي سان چيو.

هوءَ ڊوڙي اندر وئي ۽ پنھنجي ماءُ کي سوره يسٰين ڏيکاري. پر ماءُ ٿوري اُداس ٿي وئي ۽ چيائين، پُٽ، هاڻي اسان وٽ پئسا ناهن، تنھنجو پيءُ به گهر ۾ ناهي. اسان کي هي قرآن پاڪ جي سورة واپس ڪرڻي پوندي.

مھرِ جي چھري تي اُداسي ڇانئجي وئي، پر هن مضبوط آواز ۾ چيو، امي، جڏهن قرآن شريف گهر ۾ اچي وڃي، ته پوءِ اُن کي واپس نه ڪرڻ گهرجي! توهان هن ڪاپي کي پاڻ وٽ رکو مان پيسا کڻي اجهو اچان ٿي.

ائين چئي مھرِ بنا دير جي گهر کان ٻاهر ڊوڙي. هوءَ پنھنجي پيءُ جي ڀيڻ، يعني پڦيءَ جي گهر وئي.

پُڦي، مھرباني ڪري مون کي ٿورا پئسا ڏيو، مون کي تمام ضروري ڪم آهي.

پر ننڍي پُڦي وٽ به پئسا نه هئا. مھر جي دل ٿوري گهٻرائي، پر هن همت نه هاري. اُتي ئي ٻي وڏي پُڦي هن کي ڏٺو ۽ پيار مان پڇيو، مھرِ، پُٽ هيڏانھن اچ، ڇا پُڇي رهي آهين، پنھنجي ننڍي پڦيءَ کان؟ ڇا کپئي پُٽ؟

مھرِ سڄي ڳالھه ٻُڌائي. وڏي پُڦي مُسڪرائي چيو، ٺيڪ آهي پُٽ، وٺُ هي پئسا.

مھرِ جي چھري تي خوشي جا گُل ٽِڙي پيا. هن شڪر ادا ڪيو ۽ تيزي سان واپس ڊوڙڻ لڳي.

هاڻي اهو پٺاڻ انتظار ڪري ڪري هوريان هوريان وڃي رهيو هو. مھرِ زور سان سڏ ڪيو، چاچا! چاچا! بيھو! لالَي پوئتي مُڙي ڏٺو ۽ بيھي رهيو. مھرِ ساهُه کڻندي هن وٽ پھتي، پئسا هن جي هٿ ۾ ڏنا ۽ مُسڪرائيندي چيو، قرآن کي واپس نه ڪرڻ گهرجي. اهو ٻُڌي لالي جي چھري تي سُڪون ڀرِي مُسڪراهٽ اچي وئي. هن پيار سان مھر جي مٿي تي هٿ رکيو، پوءِ پنھنجو ٻيو هٿ آسمان ڏانھن کنيو ۽ دعا ڪئي،

الله آپ کی حفاظت کرے....

ائين چئي هُو اُتان ھليو ويو ۽ اُن ڳوٺ ۾ هن کي ڪڏهن به ٻيھر نه ڏٺو ويو. ڄڻ ته هُو آيو ئي صرف مھرِ کي زندگي ڀر جي اھا دعا ڏيڻ. مھرِ جي دل ۾ اُن ڏينھن هڪ روشني پيدا ٿي وئي. اهڙي روشني، جنھن واقعي مھرِ جي سڄي زندگي حفاظت ڪئي.

جيڪو دل سان قرآن ۽ سچائي کي اهميت ڏئي ٿو، ربّ تعاليٰ اُن جي حفاظت ڪري ٿو.

***


 

فاطمه بتول ملاح (بکري شريف)

عثمانيه لائبريري چنيھاڻي /ڪنڊيارو

عشره مبشره

عشره مبشره جو مطلب آهي اُهي ڏهه صحابي سڳورا جن کي انھن جي زندگيءَ ۾ ئي حضور پاڪﷺ جن جنت جي خوشخبري ڏني. اُهي ڏهه خوشنصيب صحابي هي آهن.

       ·حضرت ابوبڪر صديق

       ·حضرت عمر فاروق

       ·حضرت عثمان غني 

       ·حضرت علي المرتضيٰ

       ·حضرت طلحه بن عبيدالله

       ·حضرت زبير بن عوام

       ·حضرت عبدالرحمان بن عوف

       ·حضرت سعد بن ابي وقاص

       ·حضرت سعيد بن زيد

       ·حضرت ابو عبيده بن جراح

(سنن ترمذي)

مسلمان سان ملاقات

جڏهن ڪو مسلمان پنھنجي مسلمان ڀاءُ جي عيادت ۽ ملاقات لاءِ گهر کان نڪرندو آهي، ته ان جي پُٺيان ستر هزار فرشتا هوندا آهن. جيڪي ان جي لاءِ دعاء استغفار گهرندا آهن ته اي پروردگار! هن شخص صرف تنھنجي رضا جي لاءِ ملاقات ڪئي، ان کي تون پنھنجي رحمت ۾ داخل ڪري ڇڏ. 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org