سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جون  2025ع

باب:

صفحو:2 

صوفي عبدالقيوم جکراڻي /جيڪب آباد

نظم

اچو ته ڪمپيوٽر ھلايون،

ان کي ھلائي ذھن وڌايون،

اچو ته ڪمپيوٽر ھلايون.

 

دنيا جا سڀ راز سڃاڻون،

علم عقل جا گيت به ڳايون،

اچو ته ڪمپيوٽر ھلايون.

 

مَن جي مونجهائي کي ميٽي،

دل پنھنجيءَ کي بھلايون،

اچو ته ڪمپيوٽر ھلايون.

 

کلندي کلندي سبق سکون ۽،

کيڏندي کيڏندي علم پرايون،

اچو ته ڪمپيوٽر ھلايون.

 

نيٽ ورڪ جي دنيا گُهمي،

رُوح پنھنجي کي وندرايون،

اچو ته ڪمپيوٽر ھلايون.

 

پڙهي پاڻمرادو  پنھنجي،

مستقبل کي روشن بڻايون،

اچو ته ڪمپيوٽر ھلايون.

 

عبدالقيوم جکراڻي سڀ،

محنت سان پاڻ مڃايون،

اچو ته ڪمپيوٽر ھلايون.

***


 

خير محمد لاکومجيد ڪيريو/سڪرنڊ

ڪتابن جو عالمي ڏينهن

اَچُ ته ڪتابن جو ڏينھن ملھايون،

رسالو گُل ڦُل ٻارڙن ۾ ورهايون.

 

ڪُوڪُو ڪُو ڪوئل ڪُوڪي پئي،

چراگاھه ۾  ٻڪري ڳئون چري پئي.

 

گُلڙن مٿان ڀؤنر پوپٽ ڀيرا ڏين،

گُهوگُهو  گُهو  جو  آواز  ڳيرا  ڏين.

 

سلوار قميص پٽڪو ويس پنھنجو آ،

سُکيو  ستابو  سنڌو ديس پنھنجو آ.

 

مون پـڙھيا آھن بيت ڀٽائي جا،

سُکيا آھن سارا سبقَ سچائي جا.

 

اَچُ تهخيرمحمد سان هَٿُ ملايون،

امن خوشحالي جـو پيغام پھچايون.

***
 

اويس ساگر/سکر

نطم

ٿورڙي ننڊڙي ڪر،

ٿورڙو ڪم ڪر.

اڙي ٻارڙا تون،

کيڏي کيڏي دم ڪر.

جيڏو سھڻو آھين،

ايڏو مور آھين.

تون ته سڀني ۾،

شھزور آهين.

راند رُوند ڪر،

دوستَ گڏ ڪر.

اڙي ٻارڙا تون،

پڏَ ته نه ڪر.

چڱي صحبت وٺ،

دانائي، محبت وٺ.

اڙي ٻارڙا تون،

ڪوڙ ڪيٻائي ڇڏ.

***


 

محمد ياسين ڪنڀر/سلطانپور/پنوعاقل

نظم

لکئون ٿا پڙهئون ٿا ته سُھڻا لڳئون ٿا،

سچا ٿي رهون ٿا ته سُھڻا لڳئون ٿا.

 

ابي امڙ جي خوب خدمت ڪريون ٿا،

سندن ڪڍ لڳئون ٿا ته سُھڻا لڳئون ٿا.

 

خدا ۽ خدا جي نبيءَ جي سدائين،

اطاعت ڪيون ٿا ته سُھڻا لڳئون ٿا.

 

اڇا اُجرا آهيون سچا صاف آهيون،

صفائي رکون ٿا ته سُھڻا لڳئون ٿا.

 

سُمهون ٿا سوير، اُٿئون ٿا سوير،

ها مڪتب وڃئون ٿا ته سُھڻا لڳئون ٿا.

 

وڏن جو ادب ۽ ننڍن سان محبت،

۽ سڪ سان هلئون ٿا ته سُھڻا لڳئون ٿا.

 

او ياسين ڪنڀر اسان سنڌي ماڻهو،

صفا سچ چئون ٿا ته سُھڻا لڳئون ٿا.

***


 

سرمد مھر/شڪارپور

صبح سوير

صبح سوير مان اُٿندو آهيان،

نانءُ مان ڌڻيءَ جو ڳِھندو آهيان.

 

گھر کان نڪري سير ڪرڻ لئه،

سھڻا منظر ڏسندو آهيان.

 

پھريون پڙھندو آهيان سچ پچ،

پوءِ ته ويھي لکندو آهيان.

 

ساٿي ملندا کلندا آهن،

ڏينھن سڄو خوش رهندو آهيان.

 

ورزش ٿي ويندي آ منھنجي،

جڳ ۾ سرهو رهندو آهيان.

 

سرمد آهي منھنجو نالو،

گيت مان لکندو پڙهندو آهيان.

***


 

نور حسين ڪلھوڙو

ڪوٽڙي/ڄام شورو

ڀنڀوري

ڀنڀوريون ڳوٺ ۾ پھتيون آهن،

ڳاڙهيون، پِيليون ڪاريون آهن.

 

مڇر ڀڄائين پڪڙي کائن،

جھاز جيان ٿيون پر هلائن،

هيڏانھن اُڏرن، هوڏانھن اُڀرن،

ماڻھن جون رکواليون آهن.

ڀنڀوريون ڳوٺ ۾ پھتيون آهن،

ڳاڙهيون، پِيليون ڪاريون آهن.

 

سونھن سندن تي عاشق ٻالڪ،

ڪيڏيون سُھڻيون خلقيون خالق،

ڊوڙي پڪڙن ٻار اُمالڪ،

مُند سرءُ ۾ آيون آهن.

ڀنڀوريون ڳوٺ ۾ پھتيون آهن،

ڳاڙهيون، پِيليون ڪاريون آهن.

 

مڇر اسان جا دشمن آهن،

چڪ هڻي ٿا تَپُ ڏيارن،

ڊوڙِي ڀنڀوريون تن کي کائن،

بيمارين کان بچائينديون آهن.

ڀنڀوريون ڳوٺ ۾ پھتيون آهن،

ڳاڙهيون، پِيليون ڪاريون آهن.

***


 

مجاھدخاموشھيسباڻي/لاڙڪاڻو

سنڌي ٻارڙا

ڌرتي جا تارا سنڌي ٻارڙا،

ڪيڏا ڏس پيارا سنڌي ٻارڙا.

 

مَن ۾ رکن ٿا مير نه ڪوئي،

محبت ڪرڻ وارا سنڌي ٻارڙا.

 

پيار محبت امن جا پيڪر،

ھڪٻئي جا سھارا سنڌي ٻارڙا.

 

ڏاڍن لاءِ ڏھڪار بڻيا ھي،

دودا دلير سارا سنڌي ٻارڙا.

 

ابي امان جي دل جا ٺار،

آھن جيءُ جيارا سنڌي ٻارڙا.

 

گهر ۾ ڪيڏي رونق آھي،

بخشين سونھن نظارا سنڌي ٻارڙا.

 

ٻاتا ٻاتا ٻول ٿا ٻولن،

سڀني کان نيارا سنڌي ٻارڙا.

 

مون کي مجاھد پيارا آھن،

روشن چنڊ ستارا سنڌي ٻارڙا.

***


 

شبانه خاتون شر (ڪلاس ڏهون ) ڊيڊاڻو /خيرپور)

اي سنڌ منهنجي امان!

اي سنڌ منھنجي امان!

اي سنڌ منھنجي امان!

 

تنھنجي مٽي منھنجي لئه جنت جيان،

تنھنجا ٻالڪ هِت ڪُڏندي ۽ مُرڪندي ڏِسان،

تنھنجي چوڏس علم جا شُعلا ٻرندي ڏِسان.

اي سنڌ منھنجي امان!

 

تنھنجي سِينڌ کي سَنواريندي رهان،

تو ۾ روشنين جا سِج اُڀرندي ڏسان،

خوشين ۾ ڪارُونجهر تي مور جُهومندي ڏسان.

اي سنڌ منھنجي امان!

 

هجي هميشه امن امان ۽ عاليشان ايڪتا،

هر ڪُنڊ تي سرسبز گُلَ ۽ ٻوٽا  ڏسان،

باغن ۾ پکين کي ٻوليندي ٻُڌان ڏسان،

اي سنڌ منھنجي امان!

***


 

اُستاد گُل دايو/لاڙڪاڻو

قربانيءَ جي عيد

هڪ يادگار ڏينهن

قربانيءَ جي عيد ويجهو هئي ۽ هر طرف خوشيءَ جو ماحول هو. اھڙي خوشين ڀري ماحول ۾، ننڍڙو ماجد به پنھنجي بابا سان گڏ مال پڙيءَ تي ويو، ته جيئن قربانيءَ لاءِ جانور خريد ڪري سگهجي. ھنن مال پڙيءَ تي  هڪ  سُھڻو ۽ اڇو ٻڪرو پسند ڪيو ۽ خريد ڪري کيس پنھنجي گهر ڪاھي آيا.  ٻڪر جون اکيون چمڪندڙ ، وار اڇا ۽ ڏاڍا وڻندڙ هئا. جيئن ته برفي کير مان ٺھندي آھي، انھيءَ ڪري ماجد، پيار مان انھيءَ ٻڪر جو نالو برفي رکي ڇڏيو ۽ اُن سان گهڻو پيار ڪرڻ لڳو.

هو روزانو برفيءَ کي تازو گاھه ۽ پاڻي ڏيندو هو ۽ برفيءَ کي پنھنجي هٿن سان کاڌو به کارائيندو هو ۽ اُن جي صفائيءَ جو به خيال رکندو هو. شام جي وقت هو برفيءَ کي گهٽيءَ ۾ گُهمائڻ لاءِ وٺي ويندو هو. جتي ٻيا ٻار به گڏ ٿي ويندا هئا. ماجد، پنھنجي کيسي جي خرچيءَ  مان بچايل پئسن سان برفيءَ لاءِ هڪ خوبصورت گهنڊڻي ۽ رنگين پٽو خريد ڪيو ۽ ٻڪري کي پارايا. جيئن جيئن عيد جو ڏينھن ويجهو اچي رهيو هو، تيئن، تيئن ماجد جي دل ۾ برفيءَ لاءِ محبت وڌندي وئي. هڪ ڏينھن ماجد پنھنجي بابا کان پڇيو، ته بابا اسان جانور جي قرباني ڇو ڪندا آهيون؟

بابا کيس جواب ڏنو، ته پُٽ، اها حضرت ابراهيمع جي سنت آهي ۽ ربّ پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ جو ذريعو به. پر ٻچڙا، قرباني رڳو جانور جي نه، پر پنھنجي پياري کان پياري شيءِ کي ربّ پاڪ جي راھه ۾ قربان ڪرڻ جو نالو به آهي.

جڏھن عيد جو صبح ٿيو، ته ماجد به نوان ڪپڙا پاتا ۽ پنھنجي بابا سان گڏ عيد جي نماز پڙهڻ لاءِ ويو. جڏهن هو واپس آيو ۽ گهر ۾ لڳل گهڙيال تي  نظر وڌائين، ته کيس  برفي کي قربان ڪرڻ لاءِ ، ڪاسائيءَ کي ڏنل وقت ياد  اچي ويو . اھو ڏسي ماجد  جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. پر هن کي پنھنجي بابا جي ڳالھه ياد هئي، ته هي ربّ پاڪ جو حڪم آهي. هن برفيءَ جي مٿي تي آخري ڀيرو هٿ ڦيريو ۽ کيس الوداع چيو.

قربانيءَ کان پوءِ ماجد ۽ سندس گهر وارن گوشت جا ٽي حصا ڪيا. انھن مان ھڪ پنھنجي لاءِ، ٻيو رشتيدارن لاءِ ۽ ٽيون حصو پاڙيسرين ۽ ضرورتمندن جي گهرن تائين پھچايو. هن ڏٺو ته گوشت ملي وڃڻ تي غريب ٻارن جي چهرن تي ڪيڏي نه وڏي مُرڪ اچي وئي هئي. انھن جي خوشي ڏسي ماجد کي دلي سڪون مليو ۽ هن محسوس ڪيو، ته اصل خوشي ٻين جي مدد ڪرڻ ۾ آهي. هن سکي ورتو، ته عيد جو مطلب صرف نوان ڪپڙا پائڻ نه، پر ٻين سان همدردي ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ ايثار جو جذبو پيدا ڪرڻ آهي. ماجد کي فخر محسوس ٿيو، ته هن ربّ جي راھه ۾ پنھنجي پياري کان پياري شيءِ جي قرباني ڏني آھي. جنھن کان پوءِ ھن محسوس ڪيو، ته هيءَ عيد ھن لاءِ هڪ بھترين سبق ۽ يادگار ڏينھن بڻجي وئي آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org