سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل آڪٽوبر  2025ع

باب:

صفحو:5 

پھلوان خان شر (ڪلاس ستون) هاءِ اسڪول مولا بخش شر/ٺري ميرواهه

اُستادن جو عالمي ڏهاڙو

اُستاد اهڙي شخصيت آهي جيڪا ڪلاس ۾ 50 ٻارن نه پر 50 نسلن کي سنواري ٿو. مان ننڍپڻ ۾ جڏهن اسڪول ۾ داخل ٿيس ته اتي اُستاد اهڙي صحبت ۽ تربيت ڪئي جو پڙهڻ لکڻ سان دلي شوق پيدا ٿيو. منهنجي پرائمري جي استادن ۾ سائين هادي بخش چنا ۽ سائين راشد حسين شر شامل آهن, جن جي رهنمائي ۾ اسان پڙهياسين. هن وقت اسان جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهندي پڻ اهڙا مهربان اُستاد موجود آهن, جن جو جذبو ۽ ايمانداري قابل داد آهي. اسان جي دُعا آهي ته هر هنڌ اهڙا اُستاد هجن جيڪي معاشري جو آئيندو روشن ڪن.

اسان کي اهو عزم ڪرڻ گهرجي ته پنهنجن مهربان اُستادن جي نقش قدم تي هلي پاڻ کي معاشري جو فائديمند فرد بڻائينداسين.

امر ادريس درس

پبلڪ اسڪول ميرپورخاص

هوشُو

ٽاڪ منجھند مھل ميرپورخاص مان سڌو پنھنجي خواجه اسٽاپ تي آيس ۽ رڪشي جو انتظار ڪرڻ لڳس. ايتري ۾ هڪ خالي رڪشا آيو. جڏهن ويجھو آيو ته آءٌ ان رڪشي جي ڊرائيور کي ڏسي حيران ٿي ويس. اهو هوشُو هو، جيڪو اُستاد مُنور جو اڪيلو پُٽ هو. اُستاد مُنور وڏي لاڏ ۽ پيار سان سندس نالو هوشُو رکيو هو.

هوشُو کي رڪشا تي ڏسي وڏي حيراني ٿي. تيز صبح جون شعائون سندس اکين ۾ چُڀي رهيون هيون. سندس پيشاني کان پگھر وهي رهيو هو.  سندس چھري تي پيڙاءُ، ڏک ۽ محرومي جا ڪيترائي رنگ پکڙيل هئا. منھنجي ڏسڻ تي هُو شرمندو ٿيو. پوءِ هن چيو، ته سائين اچو ويھو. بس سواري ٿئي، ته ڳوٺ ٿا هلون. هوشُو کي ڏسي مون کي دل ۾ ڏک ٿيو ۽ مون کي سندس والد جو چھرو اکين اڳيان ڦري آيو. اُستاد مُنور سڄي زندگي امانتداري ۽ ديانتداري سان ٻار پڙهائيندو رهيو. هُو هميشه وقت تي اسڪول ويندو هو. سڀني ٻارن کي پيار ڪندو هو. غريب ٻارن کي مفت ۾ پينون ۽ ڪاپيون وٺي ڏيندو هو. کيس دين دنيا ۾ هڪڙو ئي پُٽ هو، جنھن جو نالو هن هوشُو رکيو هو. سڀئي هن کي پيار مان هوشُو سڏيندا هئا. اهو هوشُو ٻيو هو، جنھن سنڌ لاءِ سِرُ قربان ڪيو ۽ وڏي واڪي چئي ويو، ته مر ويسون مر ويسون پر سنڌ نه ڏيسون.

پر هي هوشُو ٻيو هو. جيڪو بلڪل هن هوشُو جي خلاف هو. ماءُ پيءُ جي حد کان وڌيڪ مليل پيار کيس بگاڙي ڇڏيو. جنھن ڪري هن ۾ ڪيتريون ئي بُريون عادتون اچي ويون هيون. (I.B.A) جي ٽيسٽ پاس ڪرڻ کان پوءِ، هوشُو ماستر ٿي پيو. پر سندس اخلاق تي ڪوبه اثر نه پيو. هو ننڍن ننڍن معصوم ٻارن تي ڪابه توجھه نه ڏيندو هو. نه وري اسڪول پابنديءَ سان ويندو هو. نه ئي وري اسڪول ۾ ٻارن کي سولي نموني پڙهائيندو هو. ڳوٺ وارا ۽ اعليٰ عملدار بس جيڪڏهن خاموش هئا، ته صرف ۽ صرف سندس والد مُنور جي ڪري.

انھن تي اُستاد مُنور جا وڏا احسان ٿيل هئا. هڪ ٻه ڀيرو شڪايت به ڪيائون. اُستاد مُنور پُٽ کي سمجھايو، پر هوشُو جي ڪنَ تي جُون به نه سُري! هوشُو اسڪول ۾ هميشه دير سان ويندو هو. کيس سندس پيءُ مُنور سمجھائيندي چوندو هو، ته پُٽ هوشُو اُستادي هڪ پيغمبري پيشو آهي. اُستاد هئڻ ناتي اهو تنھنجو فرض آهي، ته وقت جي پابندي ڪر. وقت تي اسڪول وڃ، ٻار ڇا سکندا! ٻار هميشه اُستاد جي عمل سان سکندا آهن. فقط علم ڪجھه ڪونھي، پر اصل شيءِ عمل آهي. اسڪول ۾ اچڻ جو مقصد آهي، ٻارن کي اُٿڻ ويھڻ جي تميز سيکارڻ، سُھڻو اخلاق سيکارڻ، انھن ۾ خود اعتمادي، نظم ۽ ضبط پيدا ڪرڻ، انھن جون قدرتي صلاحيتون وڌائي، کين دنيا ۾ باصلاحيت ڪري پيش ڪرڻ. سڀ کا وڌيڪ اهو، ته ٻارن ۾ نين عادتن ۽ هاڪاري مقابلن جو لاڙو پيدا ڪرڻ.

اُستاد جو فرض آهي، ته هو پنھنجي شاگردن کي ديني ۽ قومي فرضن جي ڄاڻ ڏي. اُستاد ته پنھنجي قوم جو مُحسن هوندو آهي ۽ ان سان ئي سماج جي ڪاميابي ممڪن آهي. توهان ڇا ٿا سمجھو، ته جيڪڏهن اوهان سُٺي اخلاق جو مظاهرو نه ڪيو، ته ٻارن جي زندگي تي ڪو اثر نه پوندو! ماستر مُنور هوشُو کي هڪ پيءُ ۽ اُستاد جي حيثيت سان گھڻو ڪجھه سمجھايو. تاريخ جا وڏا وڏا مثال ڏنا، پر هوشُو جي عادتن ۾ ڪابه تبديلي نه اچي سگھي. هن پنھنجي عادتن کي جاري رکيو.

وقت گذرندو ويو، سنڌ گورنمينٽ تعليم ۾ بھتري لاءِ بائيو ميٽرڪ جو سسٽم آندو. جنھن سڀني گوسڙُو اُستادن جا چھرا وائکا ڪري ڇڏيا. ڪافي اُستاد وڃي گھر ڀيڙا ٿيا. جن ۾ هوشُو به هو. جڏهن هوشُو نوڪريءَ تان ڊسمس ٿيو، ته ڳوٺ وارا خوش ٿيا. هنن خوشي ۾ مٺايون ورهايون. ڇو ته هوشُو جي هوندي، هنن جي ٻارن جو مستقبل مسلسل اونداهي ڏانھن وڃي رهيو هو، پر هاڻي هو خوش هئا.

اچانڪ يادن جو سلسلو تڏهن ٽُٽو، جڏهن هوشُو چوڻ لڳو، ته سائين ويھو، بس! سواري ٿئي ته درس ڳوٺ ٿا هلون ۽ پوءِ آءٌ ڳوٺ اچڻ لاءِ هوشُو جي رڪشي ۾ چڙهي پيس.

آمنه چنا (ڪلاس ستون)

شاه لطيف ماڊل اسڪول ڏوڪري.

وسڪارو

مينھن ربّ پاڪ جي نعمتن مان ھڪ عظيم نعمت آهي. جڏهن ڪارا ڪڪر ڇانوَ ڪري بيھندا آهن، ته ٿَڌِڙي ھوا به ايندي آهي. پوءِ ڳوٺ جا سڀئي ٻار گھٽين ۾ رونق مچائي ڇڏيندا آهن. ڪجھه دير بعد مينھن جي ڪَڻِ ڪَڻِ وسڻ شروع ٿيندي آھي. انھيءَ خدا جي رحمت سان وڻ، ٻوٽا، فصل سَڀ تازا توانا نظر ايندا آهن. جڏهن ڪڪر موڪلائي ويندا آھن، ته موسم ڏاڍي خوش گوار ٿئي ٿي. گھٽين گھرن ۾ چِيڪِي مٽِي جي وڻندڙ خوشبو ڦھلجي ويندي آهي. پر جنھن جا گھر ڪچا هوندا آهن، اُنھن جي لاءِ مينھن پريشاني جو سبب بڻجي ويندو آھي. پوءِ اُھي غريب مارُوئڙا ربّ پاڪ کي پُڪاري مدد گھرندا آھن. اسان کي هر حالت ۾ ربّ پاڪ کي ياد رکڻ گھرجي. اُن جو هر حال ۾ شڪر ادا ڪجي.

***

سرمد عباسي                                   (قسط: ڏهين)

خانواهڻ

سپِي،  سارنگ ۽ مَتارو

}ٻاراڻو ناول{

اھا چاڙھي پاڻَ مرادو ڦُٽي آيل گاھه سان ڍڪيلَ ھئي. سو ھُو ڏاڍي سولائيءَ سان مٿي چڙھندا، جبل جي ان ڀاڱي تائين پھچي ويا، جتي ڪجھه ميداني ٽڪري کان پوءِ ميون جا وڻَ ھئا. اھي وڻَ جبل کي ڍڪيندا چڱي ڀلي مٿانھينءَ تائين پکڙيل ھئا. ان کان پوءِ جبل جون ڏکيون چاڙھيون ھيون، جيڪي جبلَ جي چوٽيءَ تائين پئي ويون. سيٺ رميش به فيروز ۽ ڪريم سان گڏ ھوٽل ۽ دڪانن جي پٺئين پاسي کان فھيم وارن جي مددَ لاءِ ھليو ويو ھو. آڪاش، سپيءَ ۽ سارنگ کي مٿي وڻن ڏانھن نه پر اوڀرَ پاسي سنڌو ڪالونيءَ طرف وڃڻو ھو. ان طرف جبل تي ھلڻ سولو ڪونه ھو. جبل جي انَ ڀاڱي تي چُھنبدار پٿرن جون ڇِپون ھيون. جيڪي وقت به وقت جبل جي چوٽيءَ تان ڪِرنديون رھنديون ھيون. ڪڏھن ڪڏھن ته اھي ڇپون روڊ تي به اچي ڪِرنديون ھيون ۽ روڊ ڪيترا ئي ڏينھن بند ٿي ويندو ھو. انھن ڇِپن جي مٿان توڙي وچ مان لنگھڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم ھو.اميد ته بابا، فھيم وارن جي مددَ لاءِ وٽن پھچي ويو ھوندو. آڪاش، ڏاڍي ڌيانَ سان ھلندي چيو.

لاڳيتي ڪڻ ڪڻ کان پوءِ مينھن ھاڻي تِکو ٿيڻ شروع ٿي ويو ھو. رَکِي رَکِي کنوڻ به چمڪي رھي ھئي.ادا، جيڪڏھن متارو اُتي ھو ته پوءِ چاچا وارا ڪيئن سندن مدد ڪندا؟ سارنگ پڇيو.چاچا وارا، متاري جي وڃڻ تائين اوڏانھن ڪونه ويندا سارنگ. آڪاش بدران، سپيءَ ورندي ڏني. سارنگ ماٺ ٿي ويو.سپي، مان سوچيان پيو ته متارو ڪارٽون ھئڻ ڪري مري ئي نه ٿو. پرَ ڇا ھُو اسان کي کائي سگھي ٿو؟ اھڙي ڪا ڄاڻ آھي تو کي؟ آڪاش پڇيو.

ھا ادا. متارو اسان کي ھر قسم جو نقصان پھچائي سگھي ٿو. سپيءَ پورِي پڪَ سان چيو. اھو ڪيئن سپي؟ آڪاش عجب وچان پڇيو.

ادا، مان ٻه ڀيرا سارنگ کي پُٺيءَ تي کنيو آھي. پھرين ڀيري جڏھن سارنگ منھنجي پُٺيءَ تان لٿو ھو، ته منھنجي ڳِچي ھڪ جاءِ تان ڪُرڻُ شروع ٿي وئي. جڏھن مون ان جاءِ تي پنھنجي چِيچَ ڦيرائي ته اُتي مون کي ڪجھه رَھنڊون آيل محسوس ٿيون. مون کي اڃان به انَ جاءِ تي ڪُرَ محسوس ٿئي پئي. مان سمجھان ٿِي ته انَ جاءِ تي مون کي سارنگ جي کُرَ جي رَھڙَ آئي آھي. ان ڪري مون چيو، ته متارو اسان کي ڪوبه نقصان رَسائي سگھي ٿو. سپيءَ وراڻيو.

سپيءَ جي ڳالھه ٻُڌي آڪاش ماٺ ٿي ويو. کيس، متاري پاران ھوٽل جو شَٽر چِٻو ڪرڻ واري ڳالھه به ياد آئي. ان مان به چِٽو ھو، ته متارو کين نقصان رَسائي سگھي ٿو.

سپي، مون کي معاف ڪجانءِ. مون کي توھان انسانن وانگر آڱريون جو ناھن. ان ڪري تو کي ڌڪُ لڳي ويو. سارنگ، اُٻاڻڪو ٿيندي چيو.

سارنگ، اجائي ڳڻتي نه ڪر. مان تو سان ناراض ناھيان جو معافي ٿو گھرين. سپيءَ پاٻوھه مان چيو. آڪاش ڪجھه ڳالھائڻ وارو ھو جو متاري جي پري کان ايندڙ گجگوڙ کين ڊيڄاري ڇڏيو. سپي پنھنجي ٽارچ بند ڪر. آڪاش چيو ۽ پنھنجي ٽارچ به بند ڪري ڇڏي.

اوندھه ٿيندي ئي ھنن پوئتي نھاريو.انھيءَ مھل ئي کنوڻ جو چمڪاٽ ٿيو.کنوڻ جي ڪري پکڙجندڙ سُھائيءَ ۾ ھنن ڏٺو ته ھوٽل جي ٽِڪنڊي ڇت تي متارو بيٺو ھو. متاري جو مُنھن ھنن ڏانھن ھو.متاري اسان کي ڏسي ورتو آھي سپي. اسان کي لِڪڻ کپي. آڪاش ڪُلھي تان پنھنجي بندوق لاھيندي، ڳڻتيءَ مان چيو. اھو ٻُڌي سپي ۽ سارنگ ھيسجي ويا.

آڪاش، اُوندھه ۾ اڳتي وڌي لِڪڻَ لاءِ جاءِ ڳولڻ لڳو. سُتت ئي کيس ھڪ ھنڌ ويھڻ جيتري جاءِ ڏسڻَ ۾ آئي. اھا جاءِ ٻِن وڏين ڇِپن جي وچَ ۾ ھئي. جتي سپي، سارنگ سوڌو لڪي پئي سگھي. انَ وِٿيءَ ۾ گاھه به ڦُٽل ھو.

سپي ھيڏانھن اچي لڪو. آڪاش، سپيءَ کي ھٿَ کان پڪڙي ڇپن ڏانھن وڌندي چيو.

سپي سارنگ سوڌو اڳتي وڌي.ڇپن وٽ پھتي سارنگ ھيٺ لٿو ۽ ٻئي ڄڻا اُنَ وِٿيءَ ۾ ھليا ويا. سندن آڏو گاھه ھو. ھاڻي کين ڳولڻ سولو ڪم نه ھو.

آڪاش ھوٽل واري پاسي ڏسڻَ لڳو. انھيءَ مھلَ ئي کنوڻ جو تِکو چمڪاٽ ٿيو. متارو به کنوڻ جي ئي اوسيئڙي ۾ ھو. سُھائي ٿيندي ئي ھن ھڪ وڏو ٽپُ ڏنو ۽ ڪنھن خلائي راڪيٽ جيان اڏامندو جبلَ ڏانھن اچڻ لڳو. کيس بُلُ ڏيندي ڏسي، آڪاش تڪڙ ۾ پوئتي ٿيو ۽ ھڪ ڇِپَ سان ٽيڪَ ڏئي ويھي رھيو. ھنَ بندوق سڌي ڪري ڇڏي ۽ اوندھه ۾ چِتائي ان پاسي ڏسڻ لڳو، جتان متارو پئي آيو.

آڪاش جي مُنھن تي سختي پکڙيل ھئي ۽ ھُو متاري سان مُھاڏو اٽڪائڻَ (وڙھڻَ) لاءِ تيار ھو.

لِڪڻَ کان سامھون ٿِي مُنھن ڏيڻُ سٺو ھو.

جلد ئي ھڪ زوردار گجگوڙ سان متارو، آڪاش آڏو اچي لَٿو. ھيٺ لھندي ئي ھنَ ٻيھر گجگوڙ جو آواز ڪڍيو ۽ ڪاوڙ وچان، سامھون ويٺل آڪاش ڏانھن ڏسڻَ لڳو. اوندھه ۾ پاڇي جيان لڳندڙ ھنَ جو ٿُلھو بُتُ ڏاڍو ڀوائتو لڳي رھيو ھو. پر آڪاش وٽ ايترو وقت ئي ڪو نه ھو جو متاري کان ڊڄي.

ڀليڪار متارا صاحب. آڪاش ٺٺولَ مان چيو ۽ بندوق مان رَکي رَکي، ٽي گوليون ھلايون. پھرين گولي مٿي ۾ لڳندي ئي متارو ڪيتريون ئي وکون پوئتي ھليو ويو. ھنَ جي مٿي مان رتُ وھڻَ لڳو.

 

 (هلندڙ.......)


 

 اشتياق احمد                  (قسط: سورهين)

مترجم: مير سردار چنڙ/دادو

اله دين جو چراغ

}ٻاراڻو ناول {

بس ان ۾ ئي دولت جا ڍير پيل آھن. مان ڳالھائيندي ڳالھائيندي الماڙي جو دروازو کولي چڪو ھئس. ۽ اندران ئي اندران مان چراغ کي مضبوطي سان پڪڙي ورتو ھو. مان ڌڙڪندڙ دل سان چراغ کي پوري طاقت سان رڳڙيو. اڄ تائين شايد مان ان کي ايترو زور سان ڪڏھن نه رڳڙيو هو. ان وقت ئي گھر جي اڱڻ تي شُعلا اُڀرڻ لڳا. شعلا صرف زور سان رڳڙڻ وقت ئي اُڀرندا ھئا. سڀني جو ڌيان ان طرف ٿي ويو. پوليس جي سپاھين جون اکيون خوف مان کُلي ويون. اھي ٿَڙڪڻ لڳا. صوبيدار جي حالت به خراب ڏسجي پئي. ان وقت اڱڻ ۾ ٻه ٺلھه پڌرا ٿيا. ھڪ وڏو آواز آيو.

حڪم ڪر منھنجا آقا. انھن سڀني کي لوھه جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏ. مان تڪڙو چيو. ان وقت ئي زنجيرن ۾ جڪڙجي ويا. ھاڻي وڃي، امان، بابا ۽ ڀيڻ ڀائرن کي ڇڏائي اچ.

ڇو ....انھن کي ڇا ٿيو؟ رات اسان کي ٻيھر گرفتار ڪيو ويو ھو. اوھه! اھي قيدخاني ۾ آھن. ھا ! تڪڙ ڪر.

توھان چراغ زور سان رڳڙيو ھو، مون کي پُٺي ۾ ڏاڍو سُور آھي. جِنَ شڪايت ڪئي. تون وڃين ٿو يا ھڪ ٻيو به رڳڙو ڏيان.

جن ڪجھه چوڻ بنا غائب ٿي ويو. اھو سڀ ڇا آھي؟ صوبيدار اُن جي وڃڻ کان پوءِ پڇيو.

اله دين جو جن.

ڇا! صوبيدار جون اکيون کُليون رھجي ويون جي جناب.... بينڪ مان دولت ان اُڏائي ھئي. محل به ان تعمير ڪيو ۽ توھان جيل ۾ گھلڻ چاھيو ٿا اسان کي. مون کي معاف ڪر.... ھي زنجير کولي ڇڏ...مان توھان کي ڪجھه نه ڪندس.

ھمممم...ھاڻي دماغ جاءِ تي آيو آھي تنھنجو. پر مان ايترو چريو ناھيان، مان ڄاڻان ٿو آزاد ٿيندي ئي تون وري اسان کي گرفتار ڪري وٺندين. اڙي نه! مان ايئن نه ڪندس.

ڇا اسان کي معاف ڪري ڇڏيندين؟ ٻيو ڇا ڪندس؟ ۽ بينڪ جي چوري جي ڪيس ۾ گرفتاري ڪندين جن کي؟

نه ڪنھن کي به نه! تون ڪوڙ ٿو ڳالھائين.

ان وقت جن سڀني کي وٺي آيو. مان سڀني کي وٺي آيو آھيان آقا. ٺيڪ آ. پوليس جي انھن سپاھين کي زنجيرن سميت گھر کان ٻاھر رکي ڇڏ. مان ان کي حڪم ڏنو.

جن ھڪ آڱر سان زنجير کي لڙڪايو ۽ انھن کي ٻاھر اڇلايو. ھاڻي ھن گھر کي کڻي ھتان ھلُ!

جيڪو حڪم منھنجا آقا

يا الله! ھي مان ڇا ٿو ڏسان. صوبيدار جي واتان نڪتو. اسان سڀ ٻاھر جا منظر ڏسڻ لاءِ گھر جي درين جون کڙڪيون کولي بيٺاسين. گھر آھستي آھستي اُٿڻ لڳو ھو. ايتري تائين جو گھر ننڍڙا ننڍڙا رانديڪا لڳي رھيا ھئا.

مسٽر جن.... معذرت....ادا جن... گھر ڇا تو پنھنجي مٿي تي کڻي رکيو آھي. نه... ڪلھن تي. تنھنجي ڪلھن ۾ سور ته نه ٿو ٿئي. نه.... ھن وقت منھنجي طاقت سؤ دفعا وڌيڪ آھي. اڙي ھا! ياد آيو. گھر ڪٿي کڻي ھلڻو آ سرڪار؟

ڪنھن پري واري شھر ۾، جتي صوبيدار نه پھچي سگھي. مان چيو.

منھنجو خيال آھي، ته اھو گھر جي ڳولا ڪندي ڪندي اسان تائين پھچي ويندو. بابا چيو.

پوءِ ڇا ڪجي؟ ادا چيو.

ان گھر تي ھڻو لعنت.... ان سان گڏ چراغ تي به.... ڪنھن ٻئي شھر ۾ ھلي رھون ٿا. مان ڪا نوڪري ڳولي وٺندس ۽ توھان گھر جي ڳولا ڪجو. بابا حسرت مان چيو منھنجي نوڪري ڪيڏي نه سٺي ھئي....افسوس... اھا به وئي. ۽ اھو ھڪ ڪمري وارو گھر. باجيءَ رڙ ڪندي چيو.

اھو ھن محل کان ته سٺو ھو . بابا چيو.  ھاڻي پڇتائڻ مان ڇا ملندو ، پنھنجي وڍئي جو نه ويڄ نه طبيب. نادر چيو. ھاڻي ھن حالت ۾ جن ته نيرن کڻي اچڻ کان به ويو. مان چيو. ھا سھي. امان سُرُ ملايو.

ته پوءِ... مان ڇا ڪيان...مون کي وڏي شدت سان بُک لڳي آھي. ھيئن ڪر ... رڌڻي ۾ ڪجھه بچيل سچيل ھوندو.. اھو وڃي کاءُ.

جي.... نادر رڌڻي ۾ ويو پر تڪڙو موٽيو. سڪل ماني پئي آھي .. اندر... مان ان کي گھه ۾ تري کائيندس.پر گھه جو ھي دٻو نٿو کلي.

کڻي مان کولي ٿي ڏيان. امان چيو. امان! ٿورو ڌيان سان.... متان چراغ منھنجي ھٿن مان نه ڇڏائجي ان ۾ ڪري پوي. نه! تون بيفڪر ٿي وڃ. ڇا ھي خالص ديسي گيھه  آھي.

ھا! ڪريم الدين زمين ۽ جائيداد ملڻ جي خوشي ۾ ٻئي ڏينھن ڏئي ويو ھو. چوي پيو، ته منھنجي گھر جو گيھه آھي. پوءِ ته ان کي پري ڪر.

تون ھروڀرو ڊڄين ٿو. امان چيو ۽ دٻو کولڻ لاءِ فرش تي ويھي رھي. ان اڱرين سان. پوري ڪوشش ڪئي پر دٻو نه کليو.

پٽ ھي ته ڇري سان کلندو! امان چيو. ڇري رڌڻي ۾ ھجي ھا، ته مان پاڻ نه کوليان ھا! نادر چيو. ڇو! ناھي ڇا؟

جي نه... نه ڄاڻ ڪٿي ھوندي. کڻي اچو .... مان کولي ٿو ڏيان.. توھان کي به ڪھڙي وقت بُک لڳي آ. بابا چيو ۽ دٻو کولڻ لاءِ اڳيان وڌيو. ان دٻي کي پنھنجي ٻنھي پيرن سان پڪڙي آڱرين سان زور ڏنو.. ان وقت جن جو آواز آيو.

ھوشيار! مان ڪلھو مٽايان ٿو.

اڙي! ڇا تنھنجو ڪلھو ٿڪجي پيو آ.

ھا!

ان اھڙي طرح گھر کي ڦيرايو جو، اسان جا پير نڪري ويا. ان وقت گھه جو ڏٻو کلي ويو.... مان پاڻ سنڀالڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي، پر نه سنڀالي سگھيس. پُٺن ڀرِ ڪري پيس.... کاٻي ھٿ ۾ اله دين جو چراغ موجود ھو . اھو سڌو وڃي ديسي گيھه ۾ وڃي ڪريو.

ھاھاھاھاھا! جن جو طويل ٽھڪ وڏي پڙاڏي سان آزاد ھوا ۾ گونجيو. مان آزاد ٿي ويو ھان. ھاڻي مان اوھان جو غلام ناھيان رھيو........!!!

(هلندڙ......)

پر ھاٿي کان ڪافي پري ھو، توھان جي لنگوٽي يار گينڊي سڀني کي پئي ٻڌايو ته توھان شينھڻ جو پڇ چورايو آهي. اھو چئي ڀولڙو ٽپ ڏيئي وڻ تي چڙھي ويو. ھاٿي ڪاوڙ ۾ ڏڪڻ لڳو، آئون انھي گينڊي کي تباھ ڪري ڇڏيندس، آئون کيس ڪڏھن به معاف نه ڪندس، دوست ٿي ڪري مون سان دشمني پيو ڪري. لومڙ کلندي چيو، اھو ته توھان کي چئون پيا. ھاٿي سونڍ لھرائيندي چيو، ھن منھجي دوستي ڏٺي آهي، ھاڻ دشمني ڏسندو. لومڙ سوچيو، ھاڻي لوھ تپي ويو آهي، جيڏانھن به موڙينداسين مڙي ويندو. چاچا ھاٿي صبر ڪيو، ھوش کان ڪم وٺو. وڻ تي ويٺي ڀولڙي چيو، اھو به ٿي سگھي ٿو ته شينھن کي توھان جي دوستي تي ساڙ ٿيو ھجي ۽ ھو توھان کي وڙھائيندو ھجي. ھاٿي سونڍ سان ڀولڙي کي جھلي ورتو ۽ چيائين تو سمجھو ته توکي نه جھلي سگھندس، آئون ڪنھن کي به جھلي سگھان ٿو. ڀولڙي ليلائيندي چيو، مونکي جھلڻ جو ڪھڙو فائدو، آئون ڪمزور جانور آھيان، جھلڻو آھي ته ان گينڊي کي جھليو، جيڪو توھان لاءِ زھر اوڳاڇي رهيو آهي. ھاٿي ڪاوڙ ۾ چيو انھي کي به آئون ڏسي رھندس. ڀولڙو ڇڙيون هڻڻ لڳو، چاچا مون کي ته ڇڏ، منھنجو ساھ ٿو نڪري. ھاٿي ڀولڙي مان ھٿ ڪڍيا، ڀولڙو انھي کان پھرين جو پٽ تي ڪري ۽ سندس ھڏا ڀڄن، ھاٿي کيس سونڍ سان جھلي ورتو، ھاٿي ڪاوڙ مان دانهون ڪرڻ لڳو. چاچا ھاٿي ھي وقت وڙھڻ جو نه پر متحد ٿيڻ جو آھي. لومڙ چيو چاچا ھاٿي آئون توسان گڏ آھيان، پر تنھنجي خبر ناھي، تون ڪنھن سان گڏ آھين. ھاٿيءَ چيو آئون به توسان گڏ آھيان، گينڊي پنھنجي موت کي دعوت ڏني آھي، ھوشيار ٿي گينڊا، توکي سيکت سيکارڻ لاءِ اچان پيو. ھاٿي وڃڻ لڳو ته لومڙ روڪي ورتس، اڙي چاچا ھاٿي ڪيڏانهن پيو وڃين، ھڪ ڳالھه ته ٻڌ. ھاٿي بيھي رھيو، چيائين اڃا به ڪجھه ٻڌڻ لاءِ آھي ڇا. لومڙ چيو، ڏس چاچا ھاٿي ھن وقت گينڊو شينھن جو منظور نظر آھي، شينھن کيس خوراڪ جو وزير ڪري رھيو آھي، حالانڪه وزير خوراڪ توکي ٿيڻ گھرجي، ڇوته تون سڀني کان وڌيڪ کائيندو آھين. ڀولڙي سوال ڪيو، جيڪو گھڻو کائيندو آهي ڇا اھو ئي خوراڪ جو وزير ٿيندو آهي؟ لومڙ جواب ڏنو ھا، جنھن جي صحت خراب ھوندي آھي، اھو صحت جو وزير ٿيندو آهي. ٻلي کي دم جي بيماري آھي، اھا صحت جي وزير آھي. ڀولڙي چيو، ھا اھا شير جي ماسي به ته آھي. لومڙ ھاٿي جي سونڍ سان کيڏندي چيو، ٻُڌڻ ۾ آيو آهي ته نانگ به گينڊي جي سپورٽ ڪري رھيو آھي. ھاٿي نانگ جو نالو ٻڌندئي ئي طيش ۾ اچي ويو، آئون نانگ کي پنھنجي پيرن ھيٺيان ڇيپاٽي ڇڏيندس. لومڙ چيو، نه چاچا اھڙي غلطي نه ڪجان، نانگ توکي چڪ پائي سگھي ٿو، زھر سان تون مري سگھين ٿو، ايئن ڪر جو نانگ به مري لٺ به بچي. ڀولڙي چيو، نانگ کي لٺ سان مارڻو آھي. ھاٿي چيو، ھا گينڊي ۽ نانگ جي کل کي دھل تي چاڙھي، پوءِ اھڙو  وڄائيندس جو سڄو راڄ ڏسندو. ھاٿي ڪاوڙ مان ھليو ويو، ھاٿي ڪنن جو ڪچو ھو، لومڙ ۽ ڀولڙي تاڙي ملائي ۽ پنھنجي منصوبي کي ڪامياب ٿيندو ڏسي خوش ٿيڻ لڳا.

ڊڊو ۽ لڊو اھو تماشو دوربين ۾ ڏسي رھيا ھئا ۽ ڊڄي ويا هئا، ڇو ته ھاٿي گينڊي کي سونڍ سان جھلي زور سان زمين تي ھنيو ته زمين لڏي وئي، گينڊي سمجھيو ته ھاٿي مذاق ڪري رهيو آهي ۽ ھاٿي بار بار گينڊي کي کڻي اُڇلي رھيو ھو. گينڊي ھاٿي کي ھٿ ٻڌندي چيو، يار ھاڻي  گھڻو مذاق ٿيو، ڇڏ ھاڻي مونکي ڌڪ ٿو لڳي... جھنگ جا سڀ جانور گڏ ٿي ويا هئا. ڪجھه جانورن شرط به لڳائي ڇڏيو، ڪنھن چيو ھاٿي کٽيندو ته ڪنھن وري گينڊي تي شرط لڳائي، انھي تي جانورن ۾ به جھيڙو شروع ٿي ويو. ڪمزور جانور ڊپ ۾ ھڪڙي پاسي بيھي رھيا. لومڙ ۽ ڀولڙو خوش ٿي رھيا ھئا، ڇو ته سندن پلان اي ڪامياب ٿي رھيو ھو، وڙھايو ۽ حڪومت ڪيو.

درياھ جي ڪناري شينھن جي درٻار سجائي وئي هئي، شينھڻ برقعو پائي ھڪ ڪنڊ ۾ روئي رهي هئي، سندس سڏڪن جو آواز پري پري تائين وڃي رھيو ھو. جانور پھرين دفعا ڪنھن شينھڻ کي روئيندي ڏسي رھيا ھئا. شينھن ڪاوڙ ۾ چھل قدمي ڪري رھيو ھو ۽ جانورن کي ڏسي رھيو ھو. کيس شينھڻ جو روئڻ ڏاڍو خراب پئي لڳو، سندس وس نه پئي ھليو ته شينھڻ کي ڪيئن چپ ڪرائي. جيڪڏهن کيس اھا خبر ھجي ته شينھڻ کي درٻار ۾ وٺي ئي نه اچي ھا. ھو شينھڻ کان پري رھڻ چاھيندو ھو، ڇو ته ھو کيس سڀني جي سامھون ڌڙڪا ڏيندي ھئي، ان خيال کان ته بادشاھ ھوندو جھنگ جو، منھنجو ته مڙس آھي ۽ مڙس کي ڌڙڪا ڏيڻ منھنجو پيدائشي حق آهي. شينھن چھل قدمي ڪندي شينھڻ وٽ آيو، ھاڻي روئڻ بند ڪر نه ته ميڪ اپ خراب ٿي ويندئي. شينھڻ وڌيڪ روئڻ لڳي، ڪتا چوڪي ڏيئي رھيا ھئا پر سندن ڪن شينھن ۽ شينھڻ جي گفتگو ڏي ھئا. شينھن ۽ شينھڻ جي وچ ۾ جڏھن به ڪا اھڙي ڳالھه ٿيندي ھئي، ته ڪتا ھڪٻئي کي اشارن سان ٻڌائيندا هئا. ۽ ان ڏينھن شينھن ڪتن کي ھڪٻئي سان اشارن سان ڳالھائيندي ڏسي ورتو، ويجھو ويو ۽ چيائين توھان کي زال مڙس جون ڳالھيون ٻڌندي شرم نٿو اچي، توھان کان پنھنجو ڪم ڍنگ سان ٿئي ڪونه، ۽ ھليا آھيو ٻين جون ڳالھيون ٻُڌڻ. ٻيئي خاموشي سان ھڪ ھنڌ بيھي رھيا... جانور اچي رھيا ھئا، ڪي شينھن لاءِ تحفا به آڻي رھيا ھئا. تحفن رکڻ لاءِ ھڪ ميز رکي وئي هئي...........

 (هلندڙ.....)

لطيفي لات جو نتيجو

سيپٽمبر 2025ع جي ماهوار شماري ۾ لطيفي لات جي سلسلي ۾ ڏنل بيتسُر يمن جي داستان پنجين جو ستون نمبر بيت آھي.

بيت جي سمجھاڻي ۽ مفھوم:

اي اڻڄاڻ ملا، تون ڇو ٿو اجايو ٻارن کي مار ڪُٽ ڪرين ۽ (هڪ لحاظ کان) کين راهه کان بيراهه ڪرين. تون اهي سبق ڪونه ٿو پڙهائين جنهن سان موليٰ ملي وڃي. تون اها سٽ (ڇو؟) ڪونه ٿو سيکاري سگهين جنهن سان دوست جو ديدار نصيب ٿئي.

بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:

*صفي الله سومرو: ڪلاس ستون، پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ضلع نوشھروفيروز

*علي نواز لاکو: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول هالا نوان

*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن دادو

*محمود سومرو: ڪلاس ٽيون، پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول، ٺارو شاهه، ضلع نوشھروفيروز

*عبدالسميع جمالي: ڪلاس اٺون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي *زهرى: ڪلاس ٽيون، روشني گرامر اسڪول آراضي سيوهڻ

*انيبا ڀٽي: دي رائيٽ وي ايجوڪيشنل اڪيڊمي ڳوٺ باغ ڀٽي حيدرآباد

*شايان علوي: ڪلاس ٽيون، ڪراچي

*ارسلان: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول آراضي سيوھڻ

*مريم جاويد: اقصيٰ ماڊل هاءِ اسڪول هالا نوان

*ذوالقرنين جاويد: اقصيٰ ماڊل هاءِ اسڪول هالا نوان

*ام حبيبه: ڪلاس ڇھون، مريم ايليمينٽري اسڪول حيدرآباد

*ڪونين زهره: ڪلاس ٻيون، گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول آراضي سيوهڻ

*زڪيه جمالي: ڪلاس پنجون گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ علي محمد جمالي

بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان
انيبا ڀٽي جو ڪُڻو نڪتو آھي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران
گُل ڦُل رسالي جي ڪاپي موڪلجي ٿي.

اويس نورل گڏاڻي بلوچ ميرپور ماٿيلو

نظم

غريبن  جو، يتيمن جو، تون ھئين آڌار نصرالله،

۽ مسڪينن فقيرن جو به تون دلدار نصرالله.

 

ڇڏي تون وئين ڀلا ڪنھن جي سھاري ان اٻوجھن کي،

ھتي ھاڻي انھن جو ڪير لھندو سار نصرالله.

 

قيامت ھئي بپا سنڌ تي ٻڌوسين ھي خبر جڏھن،

جدا ٿي ويو اسان کان اڄ، اسان جو يار نصرالله.

 

سلام آھي شھيدِ سنڌ تنھنجي ھن شجاعت کي،

ڪٽايو پر جھڪايو ڪون تو سر، يار نصرالله.

 

غريبي ۾ رکي خود کي ٻين جي حق لئه وڙھندو ھئين،

نه تنھنجو وسرندو ھي، جذبهء ايثار نصرالله.

 

جڏھن للڪار تنھنجي گُونجندي ھئي ميرپور جي منجھه،

لڪي ويندا ٻِرن ۾ ھئا سڀئي سردار، نصرالله.

 

ھڻيڀوتار مائي فٽ جو نعرو، تون امر ٿي وئين،

لڄي ليڪن ٿين ٿا اڄ اھي ڀوتار، نصرالله.

 

مٿان ھن سنڌ ڌرتي جي، لکين احسان تنھنجا ھن،

ستل ھن قوم کي تون وئين ڪري بيدار نصرالله.

 

وڃڻ تنھنجي جو ناھي ڏک فقط اويس گڏاڻي کي،

اداسي ۾ وڪوڙيل آ سڄو سنسار نصرالله.

محمد پناھه بروهي شڪارپور

ڪڇو ۽ سيهڙ جي ڳالهه

ڪُمي ۽ سيھڙ هڪ رهن گڏ پيا،

انھن ڏينھن هڪڙي تي وعدا ڪيا.

پنھنجي گھر انھيءَ کان ڊوڙيا ٻئي وڃن،

ڇڏي وڻ ويجھي کي پريان وڻ پُڄن.

صبح سان ته گڏجي هتان ٻئي ڀڄون،

ڊوڙي جو وڃي اڳ انھيءَ وڻ پُڄون.

آهي شرط جيڪو هارايل هجي،

ويلو گاهه ٻئي کي کارايل هجي.

ڪُمي پنھنجي رفتار هڪڙي ھليو،

۽ سيھڙ ٽُپا ڏئي ڀڄندو ويو.

ڀڄي ۽ بيھي پيو ڪري پيو ڏسڻ،

چيائين ڪڇون پڻ ڪندو نه پُڄڻ.

هيٺان هن ننڍي وڻ هاڻي پڻ سُمھان،

آيو هِت ڪڇون پوءِ وري ٿو ڀڄان.

سُمھڻ سان سيھڙ کي وٺي ننڊ وئي،

۽ هوڏانھن ڪُمي پنڌ ڪندي رهي.

ڪُمي نيٺ اچي پنھنجي منزل پُڳي،

سيھڙ کي وڏائي دوکي ۾ وڌي!

جاڳي وڻ وڏي طرف ڊوڙيو مگر،

ڪُمي اڳ ۾ ويٺل آئي تنھن نظر.

چيئين منھنجي سُستي ۽ منھنجو غرور،

ڪيئون ڪاميابيءَ کان مون کي هو ڏور.

ڪندو سُستي ۽ آڪڙ به جيڪو بندو،

ائين ٿيندو مايوس ۽ شرمندو.

ارادي پڪي سان جيڪو وڌي،

ته منزل مُرادن کي پنھنجي پُڄي.

بروهي پناھه کان قصو هي ٻُڌو،

پڙهـــــــــــو ۽ نصيــــــــــحت وٺـــــــو.

***


 

حسين لغاري

قاضي احمد

ڪتاب ۽ محنت

پيارا ٻارو،

محنت زندگيءَ جو راز آهي،

۽ ڪتاب ان راز کي کولڻ جي ڪُنجي آهن.

جيڪو محنت ڪندو ۽

ڪتاب سان دوستي ڪندو

تنهن لاءِ ڪاميابي جا در کُلي ويندا.

ڪتاب اوهان کي

 نيون ڳالهيون سيکارين ٿا،

ڪهاڻيون ٻڌائين ٿا،

۽ اوهان کي بهتر انسان بڻائين ٿا.

 

پيارا ٻارو

جھڙي طرح ھڪ مالھي

ٻج پوکي ان جي سار سنڀال ڪري ٿو

ته ان پوک مان مٺا ميوا

۽ خوبصورت گل پيدا ٿي ڪري

خوشبو سرھاڻ ڏيندا آھن

انھي ڪري اوھان جي محنت به

ھڪ مٺو انعام ڏيندي.

 

پيارا ٻارو

ڪتاب پڙهڻ کي پنهنجي عادت بڻايو،

ڇاڪاڻ ته ڪتاب اوهان جا سچا ساٿي آهن.

محنت ۽ پڙهائي سان اوهان جي زندگي روشن ٿيندي،

۽ اوهان مستقبل جا تارا بڻبا.

پيارا ٻارؤ! اُستاد هڪ اعليٰ رُتبو آهي. پوءِ اهو چاهي اسڪول ۾ هجي، يا فيڪٽري ۾ هجي، مڪينيڪل سينٽر هجي، پڙهائڻ جي ڳالھه هجي، سيکارڻ جي هجي، مطلب ته ڪھڙو به هنر وغيره هجي اُستاد کان سواءِ شاگرد قابل نٿو ٿي سگھي. ان ڪري اوهان به انھن جي سُٺين ڳالھين کي سِکڻ سان گڏ انھن جو احترام پڻ ڪريو. اهڙي نموني اوهان به هوشيار ۽ سمجھداري جو رستو اپنائي سگھندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org