|




آذان اختر ڪلاس نائون (GBHS)
غلام محمد لغاري، شھدادپور
تقرير
محترم اُستاد! معزز مهمان ۽ شاگرد ساٿيو
السلام عليڪم: اڄ
05
آڪٽوبر جو ڏينهن ڪو عام ڏينهن ناهي، بلڪ اڄ جو
ڏينهن استادن کي مانُ ڏيڻ جو ڏينهن آهي، اڄ جو
ڏينهن اسان جي لاءِ ڪاميابي جون راهون هموار ڪندڙ
هستي جو ڏينهن آهي.
پيارا دوستو! ڪجهه گهڙين لاءِ سوچي ڏسو. جيڪڏهن
اُستاد نه هجي ها ته دنيا ڪيئن هجي ها! سُڌ ٻُڌ
کان خالي، سُوجهه ٻُوجهه کان خالي، ڏاهپ ۽ ڏاهي
کان خالي، شعور ۽ شعر کان خالي، علم ۽ عمل کان
خالي، پرک ۽ پَروڙ کان خالي، وِديا ۽ وِگيان کان
خالي، واقفيت ۽ قابليت کان خالي، فن ۽ فنڪار کان
خالي، شناسائي کان خالي.. مطلب ته ايڏو خاليپڻو!.
ايڏِي کوکلائپ، ايڏِي اڻ ڄاڻائي، ايڏي اٻوجهائي،
ايڏي ناداني، ايڏي اياڻائي ۽ ايڏي اَگياني پنهنجي
پلئه هجي ها! پنهنجو نصيب هجي ها! پنهنجو مقدر هجي
ها! جيڪڏهن ائين هجي ها، ته پوءِ انسانذات پٿر
واري دؤر کان تهذيبن جو ايڏو سفر ڪري اڄ جديد دور
۾ نه پهچي ها. بلڪ اڃان تائين غارن واري زندگي
گذاريندي پاڻ کان وڏن جانورن جو شڪار ٿيندڙ هجي
ها.
پيارا ساٿيو! علم روشني آهي، علم زندگي آهي، علم
طاقت آھي، علم سجاڳي آهي. جي اُستاد نه هجي ها ته
اڄ اسان ڇا هجون ها؟ ها اسان لاعلم هجون ها ۽
لاعلمي هيڻائي آهي، لاعلمي نِستائي آهي، لا علمي
تنزلي آهي، لاعلمي تباهي آهي، لاعلمي رُسوائي
آھي.اُستاد ئي آهي جيڪو اسان کي بدتر مان بهترين
بڻائي ٿو. استاد ئي آهي، جيڪو اسان کي حُسن مان
حسين بڻائي ٿو. استاد ئي آهي جيڪو اسان کي بي زر
مان زرين بڻائي ٿو. اُستاد ئي آهي جيڪو اسان کي
فهم مان فهيم بڻائي ٿو. اُستاد ئي آهي جيڪو اسان
کي قلم مان ڪيلم بڻائي ٿو.
پيارا دوستو! اڄ جڏهن مان اوهان جي اڳيان
ڳالهيائيان پيو، منهنجي ڪلام ۾ جيڪا وسعت آهي،
طاقت آهي، قوت آهي سا مون کي اُستاد ڏني آهي. سا
مون کي منهنجي معلم ڏني آهي. مون کي منهنجي رهبر
ڏني آهي. اڄ مان پنهنجي دل جي گهرائين سان سڀني
اُستادن کي سلام پيش ڪريان ٿو.
ساٿيو! اچو ته اهو وَچن ڪريون ته اسان اُستادن جا
فرمانبردار ٿي رهنداسين، انهن جي ڏسيل واٽ تي
هلنداسين، جدوجهد ڪنداسين، اڻ ٿڪ محنت ڪنداسين،
زندگي ۾ علم جي جوت جڳائينداسين، پنهنجو پاڻ
ملهائينداسين.
آخر ۾ بس ايترو چوندس
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان لاهي مَ چُر؛
اُنِين جا اَمُرَ، کَڻُ ته خالي نه ٿئين.
شاھ عبداللطيف رح
***
ڊاڪٽر رشيده ڀٽي
ڄام شورو
ڄمون
(غذا ۽ غذائيت)
ڄمون جو شمار ميووي جي طور تي ٿيندو آهي. اسان وٽ
جيئن ته غذا جو شمار صرف مانيءَ جي مراد ۾ ٿيندو
رهيو آهي. پر ڏسجي ته الله تعاليٰ گڏوگڏ بيشمار
ميوا اُپائي ڪري انسانذات لاءِ بي انتھا ضروري
غذائي ضرورتن کي پوري ڪرڻ جو سبب بڻايو آهي. انھن
اڻ ڳڻت ميون منجھان جيڪا غذائي ضرورت پوري ٿئي ٿي
ان جو ڪوبه اندازو لڳائڻ تمام ڏکيو آهي. الله
تعاليٰ انسانذات جي لاءِ ڪيترائي ميوا يعني فروٽ (Fruit)
پيدا ڪيا آهن، جن ۾ صحت جي بھتري لاءِ ڪيتريون ئي
خاصيتون رکيل آهن. ميوا جيئن ته موسمن جي حساب سان
پيدا ٿيندا آهن ۽ انساني صحت تي تمام سُٺا اثرات
ڇڏيندا آهن. ان ڪري آڳاٽي جڳ کان وٺي حڪيم حڪماء
توڙي وڏڙا بزرگ يا والدين هميشه صحت جي خيال رکڻ
جو تاڪيد ڪندا رهندا آهن ۽ تازن ميون جي استعمال
جي ڀروپور تائيد ڪندا رهن ٿا، ته جيئن وڌندڙ عمر
سان صحت تي پوندڙ منفي اثرات کي چڱي نموني مُنھن
ڏيئي سگھجي ۽ پنھنجي صحت کي برقرار رکي سگھجي.
اڄ اسان جنھن ميووي جو ذڪر ڪنداسين ان جو نالو آهي
ڄمون. پنھنجي موسم ۾ ڄمون تمام بھترين
طريقي سان وڻن ۾ پيدا ٿيندو آهي. رس ڀريل ناسِي
رنگ جو گول گول ڄمون ڏسڻ ۾ جيترا سھڻا، رنگين ۽
وڻندڙ هوندا آهن. ڄمون جون جنسون تمام ٿورڙيون ٿين
ٿيون هر جنس جو پنھنجو پنھنجو الڳ الڳ ذائقو
ٿيندو آهي.
سنڌ ۾ اڪثر ڪري ڄمون تمام عام جام ٿيندو آهي.
منفرد ۽ مزيدار ذائقيدار ڄمون نظامِ هضم کي صحيح
رکڻ ۾ مددگار ٿيندو آهي. مثال طور آنڊي جي السر ۽
دستن واري حالت ۾ ڄمون جو استعمال انفيڪشن واري
بيماريءَ کان روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي. ڇو ته
ڄمون ۾ اينٽي بيڪٽيريل (Anti
Bacterial)
خاصيت هئڻ ڪري نظام هضم تي تمام سُٺو اثر پوندو
آهي ۽ اپنڊيڪس ۽ قبضي وغيره لاءِ اڪسير ثابت ٿيندو
آهي. ڄمونءَ جو رس جيڪڏهن ڏهيءَ سان گڏ استعمال
ڪجي ته اهو آنڊي کي ٿڌو رکي ٿو. جيئن ته ڄمون ۾
تاندورا ۽ پاڻي جو مقدار گھڻو هوندو آهي، ان ڪري
وٽامن سي جسم جي ڪوليسٽرول ليول کي ڪنٽرول ڪري ٿي.
***
امداد سروري آراضي/سيوهڻ
دل ۾ سانڍڻ جهڙيون ڳالهيون
·اونداهي
رات ڏسي پريشان ٿي پوئتي نه هَٽُ،اميدن جو سج نيٺ
اُڀرندو، تون پنھنجي حوصلي کي قائم رک. دنيا
امتحان ۽ آزمائش آهي. تري پار پوندين.
·شاگرد
سان اُستاد جو تعارف ڪهڙو ڪرائجي. هو ڄاڻي ٿو، ته
هي منھنجو اُستاد آهي. فقط اسان کي ڏسڻ واري اک،
ادب، اخلاق، ۽ حَيا هُجي، جيڪو دل جي اکين سان
سُڃاڻي سگهي.
·ڪاميابيءَ
کي حاصل ڪرڻ لاءِ ماضيءَ کي وسارجي، حال جي حقيقت
کي سمجھي، روشن مستقبل جي راهه هموار ڪجي.
·اعتبار
۽ اعتماد کي پَرکڻ لاءِ شروع ۾ بي خبر ٿي ڪجهه
وڃائجي، ڏسجي ته ان شيءِ کي کڻڻ وارو ڪيترو سَچو
آهي.
·قيمتي
شيءِ لڀڻ کان پوءِ اُن جي مالڪ جي ڳولا ڪرڻ ايمان
جي نِشاني آهي.
·جنھن
بِستري تي رات جو سُمھڻ وقت آخرت جو فِڪر نه آهي،
اهو بَسترو تنھنجو خير خُواهه ڪونھي.
·عارضي
ميڪ اَپ ۾ پاڻ کي نه لِڪاءِ مَتان اُن جي لھڻ کان
پوءِ هر ڪو توکان نفرت ڪري. سُٺا ڪَم ڪر ته
تُنھنجي چَھري ۾ قدرتي نُور اچي ويندو.
·هر
انسان جا هَٿَ پنھنجا آهن. پر ڪي ڏيڻ وارا ته ڪي
وٺڻ وارا.
·هر
تَمنا ٻڪريءَ جي ڦَر وانگُر آهي. هڪڙي تَمنا پوري
ٿي، ته ٻي تَمنا، ان ڇيلڙيءَ وانگر بُل ڏيندي،
پويان ڊوڙندي ايندي.
·اکين
جي لُڙڪن کي ڪو به رنگ ڪونه هوندو آهي، پوءِ اُهي
لُڙڪ خوشيءَ جا هُجن يا غم جا هُجن.
·جدائيءَ
جي لڙڪن کي ۽ ميلاپ جي لڙڪن کي پاڻ ۾ ملائبو، ته
اهو هڪ زندگيءَ جو داستان ٺَهي پوندو.
·جنهن
انسان جي دل ۾ رَبّ پاڪ جو خوف هوندو آهي، ان جو
جسم ته ظاهر ۾ سُتل هوندو آهي، پر اُن جو روح خُدا
جي خوف ۾ جاڳندو رهندو آهي.
·هزار
نيڪين کان اُها هڪ نيڪي ڀَلي آهي، جنھن ۾ ڏيکاءُ
نه هُجي.
·باهه
لڳائڻ لاءِ هڪ تيليءَ جي ضرورت هوندي آهي. باهِه
وسائڻ لاءِ سَڄي ڳوٺ کي ان جو سَيڪُ ايندو آهي.
·ناڪاميءَ
پويان ناڪام سوچ هوندي آهي ۽ ڪاميابيءَ جي پويان
مضبوط سوچ هوندي آهي.
·لٺ
جو قدر معذور ۽ پوڙهي ماڻھوءَ کي هوندو آهي.
·طبيعت
نفس جي پويان هلندي آهي. جڏھن نفس ۾ سُڌارو ايندو،
ته طبيعت ۾ فرق محسوس ٿيندو.
·اهو
بِسترو ڪهڙي ڪَم جو جنھن تي ننڊ نه اچي. اهو کاڌو
ڪھڙي ڪم جو جيڪو هضم نه ٿئي.
***
وفا ياسين آرائين
ڦلجي اسٽيشن/دادو
قديمي ماڳ بَڊو جبل
سنڌ جي ڌرتي تاريخ ۾ قدرتي وسيلن سان مالا مال رهي
آهي. انھن وسيلن ۾ هڪڙو وڏو وسيلو سنڌ جا جبل به
رهيا آهن. جتان ڪيئي معدني وسيلا هن خوبصورت
ڌرتيءَ جو سينگار بڻجندا رهيا آهن. پوءِ اهي
پھاڙيون ڪارونجھر جون هجن يا کيرٿر سلسلي جون
قطارون هجن، جنھن ۾ هالار جبل وارو سلسلو ۽ گورک
سميت ڪيئي هل اسٽيشنون اچي وڃن ٿيون. ان سان گڏ
ڪئي ننڍيون ننڍيون ٽڪريون، اسان کي پوري سنڌ جي
واهڻ وستين ۾ ڏسڻ لاءِ ملنديون.
اهڙو ئي هڪڙو خوبصورت ماڳ
’بڊو
جبل‘
به آهي، جيڪو سيوهڻ کان اولھه طرف منڇر جي ڏکڻ ۾
ڀت جبل ۽ لڪي واري
جابلو سلسلي جي وچ ۾ اچي ٿو. جبل جو هي سلسلو نئنگ
کان شروع ٿيندي،
’ڏاڦڙي
جبل‘
جي ميداني علائقي ۾ پڄاڻيءَ تي پھچي ٿو. بڊي جبل
جي تاريخ تمام پراڻي آهي. ان جو اندازو هتان مليل
پنڊ پھڻن مان لڳائي سگھجي ٿو. ڪنھن به شيءِ کي پنڊ
پھڻ ٿيڻ ۾ لکين ڪروڙين سالن جو وقت لڳي ٿو. پنڊ
پھڻ ٿيل شين ۾ سپون، ڪوڏيون، ڪڇون، وڻ ٻوٽا ۽ خشڪي
تي رهندڙ ڪجھه جانور پڻ مليا آهن. تاريخ ۾ اها
شيءِ به واضح طور ملي ٿي، ته هي جبل موهن جي دڙي ۽
آمري ماڳ جي آثارن کان به تمام قديمي آهي.
بڊو جبل سيوهڻ جھانگار روڊ تي هڪ پُرسرور مقام
آهي، جيڪو سمنڊ جي سطح کان تقريبن
3500
فٽ مٿي آهي. سخت اونھاري جي موسم ۾ به هتي جو گرمي
پد وڌ ۾ وڌ
30
ڊگري تائين پھچي ٿو. هتان ملندڙ معدنيات ۾ سنگ
مرمر جو پٿر، نباتات ۽ جڙين ٻوٽين سميت گندرف جو
به سٺو تعداد ملي ٿو.
هن جبل جي ترقي ۽ واڌري لاءِ ڪي خاص اُپاءَ اڄ
ڏينھن تائين نه ورتا ويا آهن! جيتوڻيڪ اڳوڻي وڏي
وزير عبدالله شاھه جي دور ۾ بڊي تائين پھچڻ لاءِ
روڊ جو ڄار ۽ ڪجھه عمارتون ته جوڙايون ويون هيون،
پر ڪافي وقت تائين هي سنڌ جو تاريخي شاهڪار سرڪاري
بي ڌياني جو مرڪز بڻيل رهيو ۽
2008ع
۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي جي وزير سسئي پليجو صاحبه
هتان جي ڪجھه سياحتي رٿائن ۾ دلچسپي ڏيکاري، پر
اهي رٿائون به گھڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگھيون. اهڙن
شاهڪار ماڳن لاءِ سنڌ سرڪار کي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ
۽ انھن کي هٿِي وٺرائڻ لاءِ پنھنجو مُثبت ڪردار
ادا ڪرڻ گھرجي، ته اسان جا هي شاهڪار اسان لاءِ
’ڪوھه
مرِي‘
کان وڌيڪ آهن. وري به
’سنڌ
گريجوئيٽس ايسوسئيشن تنظيم‘
کي سلام پيش ڪريون ٿا، جن هميشه جيان سنڌ جي وسيلن
جي مالڪي ڪرڻ لاءِ ڪڏهن
’رني
ڪوٽ‘
ته ڪڏهن
’گورک
هل‘
ته ڪڏهن هن مقام
’بڊي
جبل‘
تي اهڙا شاندار سيمينار منعقد ڪري، هنن تاريخي
ورثن کي هميشه اُجاگر ڪيو آهي. اڄوڪو هي پروگرام
به
’سگا‘
جي ان سنڌ دوستيءَ جي ڪڙِي آهي. اسان هن پليٽفارم
تي ثقافت کاتي کي گذارش ڪريون ٿا، ته اهڙن ماڳن کي
اوج وٺرائي ورلڊ هيرٽيج (World
Heritage)
۾ شامل ڪيو وڃي، ته جيئن هي اسان جا ماڳ محدود
حالتن مان نڪري دنيائي مرڪز بڻجي سگھن.
اسدالله شر (ڪلاس نائون)
ٺري ميرواهه
ماءُ جو پيار
ماءُ اُها هَستي آهي جيڪا ٻَچڙي کي پَيدا ٿيڻ
کانپوءِ، پنهنجي گَود ۾ پَالي وڏو ڪري ٿي. ماءُ
اها هستي آهي، جيڪا پنهنجي ٻچي کي پينگهي کان وٺي
ساري ڄمار مٺڙيون لوليون ۽ دعائون ڏيندي رهي ٿي.
ماءُ پنهنجي اولاد کي نَوَ ڏھ مهينا پيٽ ۾ سانڍي
ٿي. توهان سوچيو ته ماءُ ڪيڏي نه وڏي عظيم هستي
آهي جيڪا ٻچن لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ آهي. ماءُ جي پيرن
هيٺان جنت آهي. ماءُ اها هستي آهي جيڪا اولاد جي
لاءِ پهرين درسگاھ آهي ۽ اولاد کي ادب ۽ اخلاق
سيکاري ٿي. مطلب ته اولاد جي ڪاميابي ۾ سڀ کان وڏو
هٿ ماءُ جو هوندو آهي. جيجل ماءُ اولاد جي بي
آرامي تي پاڻ آرام ڇڏي، ان جي آرام لاءِ هر ممڪن
ڪوشش ڪندي آهي. ماءُ کي اولاد کان ڪنهن لالچ بجاءِ
سندس آرام ۽ کاڌي جي پريشاني هوندي آهي.
پنهنجي ربّ ڪريم کان هميشه اها دعا گهرندو رهندو
آهيان ته اي منهنجا ربّ ڪريم منهنجي امڙ کي هميشه
آباد ۽ شاد رک، ته جيئن سندس ڇانورو اسان مٿان
دائم ۽ قائم رهي. ربّ پاڪ کيس خضري حياتي بخشي.
(آمين)
***
عبدالوهاب دستي (ڪلاس نائون)
هاءِ اسڪول مولا بخش شر ٺري ميرواھ
اُستادن جي اهميت
اُستاد هڪ بھترين ڏاڪڻ آهي، جيڪا شاگردن کي
ڪاميابي تي پھچڻ ۾ مدد ڪري ٿي. اُستادن جا ٻڌايل
رستا اسان جي ڪاميابي جي ضمانت آهن. مان هي سٽون
پنھنجن پيارن اُستادن لاءِ لکان ٿو:
منھنجا اُستاد پيارا اُستاد،
قوم جا آهن سھارا اُستاد.
جن ڏنو آهي چاھه ڪتابن جو،
سنڌي، سائنس ۽ حسابن جو،
سي اکڙين سندا تارا اُستاد،
قوم جا آهن سھارا اُستاد.
علم، ادب ۽ اخلاق ڏيندڙ،
وڏن ننڍن کي مانُ بخشيندڙ،
۽ محبتن جا مُنارا اُستاد،
قوم جا آهن سھارا اُستاد.
سدائين رهن ٿا هلچل ۾،
ڏَسِين ٿا منزل پَل پَل ۾،
’وهاب‘
منھنجا مانوارا اُستاد،
قوم جا آهن سھارا اُستاد.
***
حسين لغاري قاضي احمد
سنڌ وطن جي مستقبل جا روشن ستارا
سنڌ وطن جي مٽيءَ ۾ جيڪي ننڍڙا ٻارڙا کلندا ۽
کيڏندا آهن، سي ئي سڀاڻي جا ستارا آهن. انهن جي
معصوم اکين ۾ اميد جا چمڪندڙ خواب آهن. اهي ٻارڙا
فقط راندين ۾ نه پر پڙهائيءَ ۾ به اڳتي وڌن، ڇو ته
سندن هٿن ۾ سڀاڻي جو روشن مستقبل آهي. تعليم ئي
اها روشني آهي، جيڪا انهن جي زندگيءَ کي
سنواريندي. ڪتابن سان دوستي، اسڪول ۾ ڌيان ۽
اُستادن جي ڳالهين تي عمل ڪرڻ، انهن کي وڏن مقصدن
ڏانهن وٺي ويندو. جيڪڏهن ٻارڙا محنت سان پڙهندا ته
هو ڊاڪٽر، اُستاد، انجنيئر ۽ شاعر بڻجي سنڌ جو
نالو دنيا ۾ روشن ڪندا. سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي
انهن ننڍڙن ٻارڙن جي محنت ۽ پڙهائيءَ سان ڳنڍيل
آهي. تنهنڪري هر ٻار کي اهو خواب ڏسڻ گهرجي ته هو
علم حاصل ڪري پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ روشني بڻجن.
ٻارڙا مستقبل جا روشن ستارا تڏهن ئي آسمان تي وڌيڪ
روشن ٿيندا، جڏهن هو سکيا، محنت ۽ ايمانداريءَ سان
پنهنجي منزل ڏانهن وڌندا.
انھي ڪري پيارا ٻارو ڪتابن سان دوستي ڪريو ڪتاب
پڙھو ڪھاڻيون پڙھو ۽ محنت ڪيو ته جيئن اوھان
ڪاميابيءَ حاصل ڪري پنھنجي ڌرتيءَ ۽ پنهنجي مستقبل
جي روشني ثابت ٿي
سگهو.
***
مجيب الرحمان
ڏوڪري
تعليم
منهنجو نالو مجيب الرحمان آهي منهنجي والد صاحب جو
نالو غلام ياسين آهي. آءٌ اڄ اوهان کي تعليم جي
باري ۾ ٻُڌائيندس. علم پرايو پينگهي کان قبر
تائين.
اسان جي پياري نبي سڳوري حضرت محمّد ﷺجن جو فرمان
مبارک آهي، ته علم پرايو پوءِ ڀلي اوهان کي چين به
وڃڻو پوي. علم انسان کي انسان بڻائي ٿو.علم کان
سواءِ انسان انڌو آهي. اوهان کي علم هوندو ته دنيا
جي هر مشڪل آسان ٿي ويندي.
علم انسان جي ٽين اک آهي. علم هڪڙو اهڙو طاقتور
اوزار آهي، جيڪو نه صرف سمجھه ۾ اچي ٿو بلڪ دنيا ۾
هر هنڌ ڪم به اچي ٿو.
علم پرايو سمجھه وڌايو.
***
نديم حسين شر (ڪلاس نائون) گورنمينٽ هاءِ اسڪول
مولا بخش شر ٺري ميرواهه
اُستاد جو رتبو
اڄ
5-
آڪٽوبر اُستادن جي عالمي ڏينھن تي پنهنجي اُستادن
کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. اُستاد صرف اُستاد ئي
نه هوندا آهن، پر اُهي ٻارن جا رُوحاني ابا هوندا
آهن. اُستاد اهو وڻ آهي، جيڪو پوڙهو ضرور ٿيندو
آهي، پر انھن جي شاگردن جي مٿان ڇانوَ هميشه لاءِ
رهندي آهي. اُستاد ئي هوندا آهن، جيڪي انجنيئر به
بڻائين، ڊاڪٽر ۽ سائنسدان به بڻائين. جنھن اُستاد
کان اڳي نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي
سگھندو. اُستاد هڪ اعليٰ شعبو آهي. جيڪو منزل
ڏيکاري، اُن تائين پھچائڻ ۾ مدد ڪندو آهي. اُستاد
هڪ ڏِيئي جِيان هوندو آهي، ته اُستاد هڪ دوست جيان
به هوندو آهي. اُستاد اها شخصيت آهي، جيڪو هٿ ۾
قلم کڻڻ سيکاريندو آهي. اُستاد جڏهن پنھنجي مھارت
۽ محنت سان پنھنجي اندر مان موتين جھڙا مُشاهدا ۽
تجربا شاگردن اڳيان پيش ڪندو آهي، ته بي شعور
باشعور بڻجي پوندا آهن! جاهل عالِم ٿي پوندا آهن ۽
سُتل سجاڳ ٿي پوندا آهن! انڌن کي نُور ملي پوندو
آهي ۽ بدڪردار باڪردار بڻجي پوندا آهن.
انھن جو چماٽون اڃان ياد آهن.
اکيون کول او قوم اُستاد آهن.
هنن جي حقن جو ڪو حساب ناهي،
سڄي قوم سرهي جي هي شاد آهن.
سنڌيا پريم پبلڪ اسڪول ميرپورخاص
هڪ ٽِيچر
هڪ ٽيچر جيڪو سڀني ٻارن کي هڪ جيتري تعليم
سيکاريندو آهي ۽ سڀني کي سچ جي راهه تي کڻي ويندو
آهي. ٽيچر اسان جا ٻئي نمبر تي ۽ پھرئين نمبر تي
ماءُ ۽ پيءُ هوندا آهن. ٻارن کي انھن جي ايتري ئي
عزت ڪرڻ گھرجي، جيتري هُو پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ جي
ڪندا آهن. ماءُ ۽ پيءُ دنيا ڏيکاريندا آهن. دنيا
جا اصول ۽ علم، ٽيچر ڏيندو آهي. ٽيچر وٽ اسان
8
کان
2
بجي تائين هوندا آهيون ۽ پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ سان
گڏ ڏينھن
2
کان صبح
8
بجي تائين هوندا آهيون.
ٻارو توهان سوچيندا آهيو، ته اسان جا ماءُ ۽ پيءُ
اسان کي ڪپڙا وغيره وٺي ڏيندا آهن ۽ ٽيچر اسان کي
ڪجھه به نه وٺي ڏيندا آهن، اهو صحيح نه آهي. ڪپڙا
وغيره. کان تعليم ضروري آهي. تعليم جيڪو اسان کي
اسان جا ٽيچر ڏيندا آهن، جنھن تعليم کي اسان
سمجھون ۽ پڙهون ته پوءِ اسان وڏا آفيسر يا ڪي ٻيون
نوڪريون اسان کي ملي وينديون. پوءِ اسان ڪپڙا
وغيره وٺي سگھون ٿا ان ڪري تعليم تي سڀ کان وڌيڪ
ڌيان ڏيو، ته جيئن اسين دنيا ۾ اڳتي وڌي سگھون. هڪ
ٻي ڳالھه هميشه ياد رکو ته ٽيچر جي اوتري ئي عزت
ڪندا ڪريو جيتري توهان پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ جي عزت
ڪندا آهيو.
ربّ تعاليٰ جي قدرت ڪمال جي درجي جي آهي. جنھن مان
اسان ڪافي ڪجھه سکِي سگھون ٿا. منھنجي ننڍڙي ذهن ۾
هن وقت اهو سوال اُڀريو آهي، ته جيڪڏهن اسان هڪ
دفعو دنيا جي خفن مان نڪري، ربّ پاڪ جي بيمثال
قدرت ڏانھن ڌيان ڪريون، ته اسان کي صحيح معنيٰ ۾
جيئڻ جو سليقو اچي وڃي ۽ اسان ان مان گھڻو ڪجھه
سکي سگھون ٿا. جڏهن مون قدرت جو خوبصورت نظارن ۽
نظامِ قدرت ڏي ڌيان ڏنو، ته مون کي اُستاد جو لفظ
ذهن ۾ آيو. جيئن اُستاد ڪلاس ۾ ٻارن کي هر
شيءِ سمجھائي رهيو هوندو آهي. تيئن قدرت جو هي
نظام اسان کي ان اُستاد وانگر سڀ ڪجھه سيکاري ۽
سمجھائي رهيو آهي.
ڏسو ته ڏينھن رات ڪيئن ٿا پنھنجي وقت تي ظاهر ٿين،
سج چنڊ ۽ تارا ڪيئن ٿا پنھنجي وقت تي لھن ۽ اُڀرن،
انھن جو اُستاد انھن جو مالڪ انھن کي هلائڻ واري
ڪا ته هستِي آهي، جنھن جي ڪري هيءَ دنيا هلي رهي
آهي. قدرت وارو انھن جي ذريعي اسان کي گھڻو ڪجھه
سيکاري رهيو آهي. سڀ شيون اسان کي وقت جي پابنديءَ
جو درس ڏئي رهيون آهن. بشرطيڪه ڪير سمجھي! اسان کي
پنھنجي زندگي ڪيئن پابنديءَ سان گذارڻ گھرجي. انھن
شين مان اسان هي به مثال وٺي سگھون ٿا. اسان سج جي
روشنيءَ وانگر پنھنجو مستقبل ڪيئن روشن ڪري سگھون
ٿا. وھندڙ دريائن مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو، ته
پنھنجو رستو پاڻ ٺاهي اڳتي وڌندا رهون ۽ پوئتي نه
ڏسون ۽ پوئتي نه موٽون. سمنڊ ۾ داخل ٿي، اُن مان
قيمتي هيرا ۽ موتي ڳولي لھون ۽ پنھنجو نالو روشن
ڪريون.
قدرت جي نظام مان وڻ اسان کي اهو سبق سيکاريندا
آهن، ته اسان پاڻ کي اُس ۾ ساڙي هر ساهواري کي
پنھنجي ڇانوَ ۾ پناهه ڏيندا آهيون. جيڪڏهن اسان
قدرت واري هر شيءِ تي نظر وجھون ٿا، ته سائين طالب
الموليٰرح جي حمّد جو هي شعر ٿو ياد
اچي ته،
ڪَکَ پَنَ ۾ قادر جي قُدرتَ،
اکين وارن لاءِ آهي عِبرتَ.
ربّ پاڪ دنيا ۾ ڪابه شيءِ بيڪار ناهي ٺاهي. بشرطيڪ
اسان وٽ ڏسڻ واريون اکيون هجن!
چوندا آهن، ته ڪجھه سوچجي ڪجھه لوچجي، ڪجھه
پروڙجي، ڪجھه ولوڙجي، اوهان وقت سان گڏوگڏ هلو
پيا، پر ياد رکو اوهان وقت سان سچا ناهيو هوندا.
وقت اها شيءِ آهي، جنھن سان جيڪڏھن اوھان وفا
ڪندؤ، ته وقت به اوهان سان وفا ڪندو. اوهان وقت ۽
حالات کي صبر سان منھن ڏنو ۽ وقت تي اعتبار ڪيو،
ته وقت اچڻ تي هر ماڻھوءَ جي منھن تي چڙھيل نقاب
لاھي ڇڏيندو آھي. ته ان جو اصلي روپ ظاهر ٿي پوندو
آهي. پوءِ اهو روپ انسان جو سُٺو هجي يا خراب
هجي. وقت اسان کي اکين سان ننڍپڻ، جواني ۽ پوڙهائپ
ڏيکاري ٿو. وقت گذرڻ جي جوانيءَ مستيءَ ۾ ڪا خبر
ڪانه پوندي آ. وقت مُرڪندڙ چھرن کي روئاڙي ڇڏيندو
آھي، ته ڪڏهن وري روئندڙ چھرن کي مُرڪائي ڇڏيندو
آھي.
هڪ ڳالھه ياد رکو ته بيمار ٿيڻ کان پوءِ وري پُڇا
۽ مرڻ کان پوءِ واري تعريف جي ڪابه اهميت ڪانھي
ڪا. جيڪڏهن اوهان اهي سڀ شيون وقت تي ڪيون، ته ان
ماڻھوءَ جي زندگي هوندَ مُرڪي پوي. جيڪي ماڻھو وقت
جو قدر ڄاڻن ٿا، اھي ئي دنيا ۾ مزا ماڻين ٿا.
اڄ جو ڪم سڀاڻي لاءِ نه ڇڏجي. صبح وارو ڪم شام
لاءِ نه ڇڏجي. جيڪڏهن ائين نه ڪيوسين، ته پوءِ
زندگيءَ جي اهڙن ڏکن واري شام اچي ويندي، جنھن ۾
اسان ڪجھه نه ڪري سگھنداسون. پوءِ اوھان ڪنھن کي
ياد به ڪونه رهندؤ. پنھنجي گھڙيءَ جي آرام لاءِ،
پنھنجي زندگي گند ۾ وجھي، ھن دنيا مان بي نام و
نشان ٿي نه وڃجي، اهو ڪجھه ڇڏي وڃجي جو ڪجھه وقت
ماڻھو اسان کي ياد ڪن. ھن دنيا ۾ پنھنجي قدمن جا
نشان اهڙا پڪا پختا ڇڏي وڃون،
جيڪي مٽجي نه سگھن. پنھنجي پگھر جا، پنھنجي
پورھئي جا، پنھنجي علم جا، پنھنجي عقل جا، پنھنجي
فن جا ۽ پنھنجي وجود جا ته جيئن ايندڙ وقت جي
ايندڙ نسل اسان کي ياد ڪري چوي، ته ها يار هتي ڪي
جوان رهي ويا هئا. اهو تڏهن ٿيندو جڏهن اوهان هن
دؤر ۾ ڪجھه نه ڪجھه ڪندؤ.
دولت اگر ضايع ٿئي ته ٻيھر حاصل ڪري سگھجي پر
گذري ويل وقت ڪڏھن به موٽي نه ٿو سگھي.
وقت جي پابندي بيدار قومن جي نشاني آھي منھنجي
ننڍڙي سوچ مون کي اھو ٻُڌائي ٿي ته وقت ته نظر
ڪونه ايندو آهي پر ڪجھه ڏيکاري ۽ ڪجھه سيکار ضرور
ويندو آهي. وقت فقط هڪ دفعو ملندو آهي. جيڪو هميشه
ڪجھه يادون ڇڏي ويندو آهي. آخر ۾ هم عمل ۽ هم سبق
ساٿين لاءِ پيغام آهي ته،
وقت تکي ريل ڪار آهي،
ڪيڏو نه تڪڙو ڊڪي رهيو آهي،
اهو بيڪار آهي هر شاگرد،
جنھن کي وقت جو قدر ناهي.
امداد سروري.
***
منير حيدر لغاري
شھدادپور
وٽامن
سائنسي ڪهاڻي
آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا، حنا گھر جي پڌر تي
راند ڪري رھي ھئي، سندس ماءُ سُڪل ووئڻاٺيون
(ڪاٺيون) اندر ڪري رھي ھئي، ته جئين تنوڻ لاءِ
باهه ٻاري سگھجي. حنا جو پيءُ پرھه ڦٽيءَ کان ٻني
تي ويل هو سو اڃان گھر نه پھتو ھو. ھوريان ھوريان
ٿڌڙي ٿڌڙي ھير لڳڻ شروع ٿي وئي، ھوا سان گڏ ھلڪي
ھلڪي بوندا باري شروع ٿي وئي. ٿڌڙي ھير مٽيءَ جو
ھڳاءُ کڻي، سڄي گھر کي بھار ڪري ڇڏيو. حنا جو پئُ
ڪوڏر رکي حنا کي ڳراٽڙي پائيندي چيو منھنجي پياري
ڌيءُ ھاڻ اندر ھل مينھن تيز ٿيندو وڃي. حنا کي کٽ
تي ويھاري پاڻ مال کي منھه اندر ٻَڌڻ لڳو. حنا
ڇڄھڙي ۾ ڇنَل کٽ تي ويٺي ھئي، مينھن تيز ٿيندو
ويو، سَندي جُھريل جھوپڙيءَ ۾ ڪڏھن مينھن کي ته
ڪڏھن جھوپڙيءَ کي ٿي ڏٺائين. حنا جي ذھن ۾ ڪيئي
خيال پئي اُڀريا، ھن کي پوئين سال جي ياد تري آئي.
پوئين سال مينھن ۾ ندا سان گڏجي ڪاڳر جون ٻيـڙيون
ٺاھي، ھنن برسات جي بيٺل پاڻيءَ ۾ ھلايون، پر
اوچتو ئي ھن کي اھو ڌڪ به ياد اچي ويو هو، جنھن ۾
ھن جي ٻانھن نڪري وئي ھئي. انھي ڳالھه جي ياد اچڻ
سان حنا مايوس ٿي وئي، پر وري هن کي خيال آيو، ڇو
نه ندا سان وڃي راند ڪيان. هن جي گھر جي ڀرسان ئي
سندس دوست ندا جو گھر ھو. ندا پنجين ڪلاس ۾ پڙھندي
ھئي، ندا کي سائنس پڙھڻ ۽ سمجھڻ جو تمام گھڻو شوق
ھوندو ھو. ھو حنا کي به سائنسي ڳالھيون ٻڌائيندي
ھئي. حنا کي پڻ ان جون ڳالھيون وڻنديون ھيون. حنا
پنھنجي پيءُ کي چيو: بابا! مون کي ندا جي گھر ڇڏي
اچو، مون کي اسڪول جو سبق ياد ڪرڻو آھي. پٽ مينھن
بيھي ته ڇڏي ايندس. سندس والد جواب ڏنو.
حنا: نه بابا مون کي هينئر ڇڏي اچو نه ته مان پاڻ
ٿي وڃان. حنا ضد ڪرڻ چڱي ڳالھه ناهي، انھي ضد جي
ڪري اڳ به تو ڌڪ کاڌو هو ۽ هٿ نڪري پيو هو. مون
چيو نه! مان ڇڏي ايندس، بس ٿورو مينھن ھلڪو ٿئي.
سندس والد سمجھائيندي چيو.
حنا: ٺيڪ آ بابا برسات بيھي ته پوءِ مون کي ڇڏي
اچجو. برسات ڪنھن مھل تکي ته ڪنھن مھل هلڪي ٿي
وٌٺي. بس حنا کي هاڻ برسات جي رُڪجڻ جو انتظار
هيو. ڪجھه دير کانپوءِ برسات بيھي رھي ۽ حنا ڏٺو
ته سندس والد گھر ۾ نه هيو، هن پنھنجي ماءُ کي
مخاطب ٿيندي چيو: امان! مان وڃان ٿي حنا ڏي. امان
خيال سان وڃجانءِ ڪٿي ڌڪ نه کائين. سندس ماءُ
وراڻيو
حنا: هائو امان تون اُلڪو نه ڪر.
حنا سنڀالي سنڀالي پير پئي کنيا پر خبر ئي نه پئي
ته مُنھن ڀر وڃي ڪِري! ٻانھن ڇاتيءَ جي هيٺيان اچي
وئي هئي، حنا جيئن ئي ڪري ته حنا کان وڏي دانھن
نڪري وئي، ماءُ چُلھه تان ڀڙڪي ڏيئي دروازي ڏانھن
ڊوڙي، ڇا ڏسي ته حنا وچ گھٽيءَ ۾ ڪِري پئي آهي!
ماءُ تڪڙو تڪڙو کڻي ڇاتيءَ سان لڳايو حنا جي دانھن
تي پاڙي وارا نڪري آيا. ندا به ڊوڙندي آئي، ماءُ
حنا کي تڪڙو تڪڙو اندر کڻي آئي ۽ گھر اندر اچي کٽ
تي ليٽايائينس.
حنا روئندي روئندي ساڻي ٿي پئي، حنا جي اھڙي حالت
ڏسي ندا جي اکين مان به ڳوڙها ڳڙي آيا. حنا جو هٿ
جھليل ھيو، شايد ھٿ ۾ سوايو ڌڪ لڳو ھئس.
ندا! تون تڪڙو وڃ حنا جي پيءُ کي ٻڌاءِ ته حنا کي
ڌڪ لڳو آهي. ندا ڊوڙي وڃي حنا جي پيءُ کي وٺي آئي.
حنا جو پيءُ حنا کي ڏسي پريشان ٿي ويو ۽ جھٽ ۾ ئي
ڪُنڀر کي ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويو. ڪُنڀر ميٽ، ڪاٺي ۽
ڪپڙي جي ريڙ سان پٽو ڪيو.
ھوڏانھن ندا کي تمام گھڻو ڏُک ٿيو. ندا سوچيو ائين
ڇو ٿو ٿئي، حنا کي جڏهن به ڌڪ لڳندو آهي ته هڏ کي
ئي نقصان پهچندو آهي؟ پوئين ڀيري جڏهن ڊاڪٽر کي
ڏيکاريو ويو هو، ته ڊاڪٽر به چيو هو ته هن جون
هڏيون ڪمزور آھن. ندا کي اُستاد جي ڳالهه
ياد آئي ته سائنس جي ڄاڻ سان ڪيئي مسئلا حل ڪري
سگهجن ٿا. ٻئي ڏينهن تي ندا اسڪول ۾ سائنس جي
اُستاد کان پڇيو: سائين هڏيون ڇو ڪمزور ٿينديون
آهن ۽ اهي ڪيئن مضبوط ٿينديون؟
اُستاد: ندا! تو تمام سٺو ۽ اهم سوال ڪيو آهي، تون
سائنس جي ڪتاب ۾ وٽامن ۽ منرل جي باري ۾ پڙهندينءَ
ته تون پاڻ انهي مسئلي جو حل ڳولي ويندينءَ. حنا
گهر پهچي سائنس جو ڪتاب کوليو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ
پڙهڻ لڳي، آخرڪار هن مسئلي جو حل ڳولي لڌو، ندا
خوشيءَ مان تڪڙو تڪڙو حنا جي گهر وئي.
حنا! تون ڪٿي آهين؟ مون تنهنجي مسئلي جو حل ڳولي
ڇڏيو آهي. ندا حنا جي گهر ۾ داخل ٿيندي وراڻيو.
حنا جي چهري تي مرڪ ڇائجي وئي، ماءُ به ڊوڙندي
آئي: جي امان ڇا چيئي؟
ندا: ماسي توکي ته خبر آهي حنا جون هڏيون ڪمزور
آھن، مون سائنس جي ڪتاب ۾ پڙهيو آهي، ته وٽامن ڊي
۽ ڪيلشيم جي کوٽ سبب هڏيون ڪمزور ٿينديون آهن.
وٽامن ڊي اُس، آني جي زردي ۽ مڇيءَ مان ملندي آهي.
اهڙي طرح ڪيلشيم وري سايون ڀاڄيون جيئن پالڪ، کير
۽ ڌونئري ۾ موجود هوندو آهي.
حنا: پوءِ ڇا اِهي سڀ شيون مون کي کائڻيون
پونديون؟
ندا: هائو بلڪل توکي اِهي سڀ شيون کائڻيون
پونديون.
ماءُ: امان هن کي ته کير ۽ کير مان ٺهيل شيون ڪونه
وڻن، مان ته منٿون ڪندي رهندي آهيان پر هي مُنهن
به ڪانه هڻي!
ندا: ماسي تڏهن ئي ته هن جون هڏيون ڪمزور ٿيون
آهن.
ماءُ: امان هاڻ تون ئي سمجهائينس ته من تنهنجو چوڻ
ڪري.
ندا: حنا! جي تون منهنجي سُٺي دوست هوندينءَ ته
اُهي سڀ شيون کائڻيون پونديون ۽ ها صبح جي وقت اُس
به وٺڻي پوندي. حنا مشڪندي هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
پوءِ روزانو صبح جو ندا حنا کي ٻاهر وٺي ويندي
هئي، ته جيئن هوءَ سج جي روشني وٺي ۽ حنا جي ماءُ
ان جي کاڌي جو تمام گهڻو خيال رکندي هئي ۽ هن کي
ندا جون ٻڌايل شيون کارائڻ لڳي. ائين وقت گذرندو
ويو ۽ حنا جي صحت بهتر ٿيڻ لڳي. ٻن مهينن جي موڪلن
کانپوءِ جڏهن حنا جي هٿ جو پٽو کوليو ويو، ته هوءَ
بلڪل ٺيڪ هئي. اهو ڏسي حنا جا ماءُ پيءُ تمام گهڻا
سَرها ٿيا ۽ ندا جو شڪريو ادا ڪيو.
ندا جي سائنسي جستجو حنا جي زندگيءَ کي بدلائي
ڇڏيو هو. ندا ڳوٺ جي ٻين عورتن ۽ ٻارن کي به متاثر
ڪيو ۽ انهن جا ڪيترائي مسئلا کاڌ خوراڪ ذريعي حل
ڪيا. ندا جي اهڙي عمل سان ڳوٺ جي ماڻهن کي تعليم
جي اهميت جو پڻ احساس ٿيو ۽ انهن پنهنجي نياڻين کي
اسڪول موڪلڻ شروع ڪيو.
ندا پنهنجي ڪتابن کي دل سان لڳائي سوچيو،
“سائنس
صرف پڙهڻ لاءِ ناهي هوندي، بلڪ هن کي سمجهي ۽ ان
تي عمل ڪري، پنهنجي زندگيءَ کي به بدلائي سگهجي
ٿو. |