سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل آڪٽوبر  2025ع

باب:

صفحو:3 

هر انسان چاهيندو آهي ته مان پنھنجي زندگيءَ ۾ خوش ۽ ڪامياب هجان ۽ پنھنجي مستقبل لاءِ ڪجھه بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان، ۽ ماڻھن جو ڪڏهن به محتاج نه ٿيان. اهو صرف چاهيندا آهن ۽ ڪجھه نه ڪري سگھندا آهن. ڇو ته چاهڻ ۽ ڪرڻ ۾ تمام گهڻو فرق هوندو آهي. سوچڻ وارا ماڻھو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا آهن. ڪرڻ وارا ماڻھو هميشه ڪجھه ڪري ڏيکاريندا آهن.

گھڻن ماڻھن جو خيال هوندو آهي، ته ڪاميابي صرف تعليم حاصل ڪرڻ سان حاصل ٿيندي آهي. ته اهو بلڪل غلط آهي. ڪاميابي دنيا جي هر شيءِ سان ٿيندي آهي. اگر انسان چاهي، ته مٽيءَ کي سونُ بڻائي سگھي ٿو. مثال طور: هر انسان سُٺا عمل ڪندو، ته ڪامياب ٿي جنت ۾ ويندو. اگر بُرا ڪم ڪندو ته ناڪام ٿي دوزخ ۾ داخل ٿيندو. ڪاميابي صرف هن طريقي سان ٿيندي آهي، ته انسان ڪنھن شيءِ تي دل سان (Hard work and Focus) ڪرڻ سان ڪاميابي ماڻي سگھي ٿو. ليڪن ڪاميابي جي بنياد تي تمام گھڻن رولس (Rules) تي عمل ڪرڻ ضروري هوندو آهي. اگر توهان ڪامياب ٿيڻ چاهيو ٿا، ته پنهنجي زندگي ۾ هي عمل ضرور ڪريو.

       ·ڪڏهن به هي سوچي ڪري پنھنجو ٽائيم ضايع نه ڪجؤ ته يار ڪجھه وقت صحيح ٿئي ته پوءِ فلاڻو ڪم ڪندس. ڪجھه انتظار ڪيان ٿو. ليڪن ياد رکو، ته زندگي ۾ ڪڏهن صحيح وقت ناهي هوندو. ان وقت جي انتظار ۾ اوهان جي پوري زندگي ختم ٿي ويندي. پر صحيح وقت ناهي ملندو. اهو صحيح وقت اڄ آهي ۽ ان ڪم کي اڄ ئي ڪرڻو آهي.

       ·جڏهن توهان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو ۽ ان ۾ ڪامياب ٿيندا آهيو، ته اوهان جا گھڻا قريبي دوست ان ڪاميابيءَ جي ساڙ ۽ حسد ۾ اوهان کان پاسيرا ٿي ويندا آهن. دنيا ۾ 80 سيڪڙو  اهي ماڻھو هوندا آهن، جن جو اوهان جي زندگيءَ سان ڪوبه واسطو ڪونه هوندو آهي. ته توهان سُکيا آهيو يا ڏُکيا آهيو. انھن تي اوهان جي ڪنھن به شيءِ جو فرق ناهي پوندو. اهي اوهان جي ڏک ۽ تڪليف تي دل ئي دل ۾ خوش ٿيندا آهن. ان ڪري انسان کي مضبوط رهڻ گھرجي، ته جيئن توهان کي ڪنھن جي ذات تي ڀاڙڻو نه پوي.

       ·ڪڏهن به ڪنھن بيوقوف انسان سان بحث نه ڪندا ڪريو. توهان انھن بيوقوفن کي چئو ته اوهان صحيح آهيو. ڇاڪاڻ ته توهان جي دماغي صحت تي تمام گھڻو اثر ٿيندو. ان ڪري اهڙن ماڻھن کان پاسيرا رهندا ڪريو.

       ·ڪڏهن به ڪنھن شيءِ کي پرسنل نه وٺندا ڪيو، ڇا ڪاڻ ته توهان ڪڏهن به ڪنھن جي دماغ کي قابو نه ڪري سگھندؤ. ان ڪري ماڻھو توهان جي باري ۾ ڇا سوچيندا آهن يا غلط ڳالھيون ڪندا آهن، ته توهان صرف اگنور (Ignore) ڪيو ۽ پرسنل نه وٺندا ڪريو.

       ·توهان پنھنجي زندگيءَ ۾ هزارين ڪتاب پڙهو. ليڪن ڪوبه ڪتاب ايستائين توهان جي زندگيءَ کي تبديل نه ڪري سگھندو، جيستائين اوهان ان ڪتاب جي لکيل ڳالھين تي عمل ڪندؤ ته نتيجو سٺو نڪرندو.

       ·ڪڏهن به اڪيلائي جي ڪري ڪنھن سان واسطو (Relationship) نه رکو، جيڪو اوهان جي زندگيءَ ۾ عذاب پيدا ڪري سگھي ٿو.

       ·ڪڏهن به پاڻ سان (Complain) شڪايت نه ڪجؤ، ته ڪاش اسان امير گھراڻي ۾ پيدا ٿيون ها! ها! دوستو توهان پنھنجي زندگي سان شڪايت ڪرڻ ڇڏي ڏيو. ڇاڪاڻ ته هزارين ڪامياب ماڻھن جو تعلق غريب گھراڻي سان آهي، جن غربت کي منھن ڏيئي محنت ڪري امير ٿي ڏيکاريو آهي.

       ·ڪامياب انسان ٿيڻ لاءِ ايڪشن ۽ ڊسيپلين تمام گهڻو ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته هن سان انسان جي زندگي ۾ مُثبت تبديلي ايندي آهي.

       ·ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ هر روز ڪو نئون ڪم (New work) ڪرڻ گھرجي. نئين سوچ رکڻ گھرجي ۽ ڪجھه نئون سکڻ جي ڪوشس ڪجي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪابه نئين شيءِ اسان سکندا آهيون، ته اسان جي دماغ جا خليا (Neurons) پيدا ٿيندا آهن.

       ·ڪاميابي لاءِ هر انسان کي صبح جو سوير اُٿڻ تمام ضروري آهي، ڇو ته ماهرن جو چوڻ آهي، ته صبح جو وقت تمام بھتر آهي. هر ڪم صبح جو سوير ڪرڻ گھرجي.

       ·هميشه ياد رکڻ گھرجي، ته ڪاميابي جي جڙ ناڪامي آهي. هر انسان کي ڪامياب ٿيڻ کان پھرين ناڪاميءَ جو منھن ڏسڻو پوندو. ڪنھن ڏاهي جو قول آهي، ته مون هلڻ ئي تڏهن سِکيو، جڏهن مان باربار ڪريس. مان ڪامياب تڏهن ٿيس، جڏهن مون باربار همت سان ناڪاميءَ کي منھن ڏنو. ناڪامي عقلمند انسان کي تمام سٺو سبق سيکاريندي آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن انسان کي پنھنجيون غلطيون نظر اينديون آهن، ته هو انھن مان سبق حاصل ڪري اڳتي وکَ وڌائيندو آهي.

هميشه سٺو سوچجي ۽ ان تي عمل ڪري ڏيکارجي.

اسلام ۾ علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان تي فرض قرار ڏنو ويو آهي. اُستادکي جيڪا عظمت عطا ڪئي وئي آهي، سا علم جي وقار کي بُلند ڪرڻ لاءِ آهي. اُستاد کي اهو شرف حاصل آهي، ته هيءُ عظيم پيشو سرڪارِ دو عالمﷺ سان خاص نسبت رکي ٿو. جيئن ته حضور ﷺ جو فرمان آهي، مون کي اُستاد (معلم) بڻائي موڪليو ويو آهي.

اُستاد نئين نسل جي صحيح اوسر ۽ ان جي سوچ ۽ فھم جو سڌارو ٿا ڪن ۽ اُستاد پنھنجي شاگردن جي رھنمائي ڪري، انھن جي سوچ ۽ فھم کي صحيح رخ ڏيڻ وارو ستارو بڻائيندو آھي. جنھن ۾ اُستاد ان کي علم جي روشني سان منور ڪندو آھي. اُستاد جو علم مِينھن جيان آھي ۽ شاگرد جو مثال زمين جيان آھي، جيڪا زمين مِينھن جي پاڻي کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي سا مِينھن جي فيض سان سر سبز و شاداب ٿي پوي ٿي. ساڳي طرح جيڪي شاگرد پنھنجي اُستاد جي ڏنل تعليم تي عمل ڪن ٿا اھي ئي علم مان لاڀ حاصل ڪن ٿا.

اھو بُلند حوصلو ۽ ظرف به والدين سان گڏ فقط اُستاد کي ئي حاصل ھوندو آھي، جو ھو پنھنجي شاگردن کي پاڻ کان اڳتي وڌندو ڏسي حسد نه ڪندو آهي، پر خوش ٿيندو آهي. هڪ حقيقي اُستاد پنھنجي شاگردن جي ڪاميابي کي ئي پنھنجي ڪاميابي سمجھندو آھي. اھڙن ئي اُستادن مان سائين الله ڏتو پنھور (مرحوم) جو نالو املھه آهي. جنھن کي عام طور تي سر اي. ڊي. (A.D) سڏيو ويندو ھو. پاڻ انھن عظيم استادن جي فھرست ۾ شامل ھئا، جن تعليم جي ميدان ۾ قابلِ قدر خدمتون سرانجام ڏنيون.

توھان زندگيءَ ۾ جتي به پھچو، اھو اُستاد ضرور ياد ڪيو، جنھن اوھان کي علم جي روشني عطا ڪئي ۽ جنھن توھان کي ان منزل تي ڪاميابي سان پھچايو. سائين جو شمار به اهڙن عظيم اُستادن ۾ آھي، جنھن پنھنجي سڄي حياتي علم جي روشني پکيڙڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سائين جو نالو نه رڳو ضلعو ڄام شورو پر سڄي سنڌ ۾ عزت ۽ فخر سان ورتو ويندو آهي. سائين جي شخصيت ڪنھن تعريف جي محتاج ناھي. سائين اي ڊي 3 مارچ 1967ع تي ڳوٺ آراضي ويجھو پيدا ٿيا. سندن والد جو نالو سانوڻ خان پنھور ھو. سائين جون ڳالھيون ۽ نصيحتون اڄ به ياد اينديون آهن. انھن جون نيڪيون ڳڻپ کان ٻاھر آھن. سيوھاڻين کي اھڙي سپوت تي فخر آھي.

سائين اي ڊي ٻالڪپڻ کان ئي ھوشيار ۽ علم جا شوقين ھئا. سندن ڳوٺ ۾ اسڪول نه هئڻ سبب هو روزانو ٻه ڪلوميٽر پنڌ ڪري آراضي جي سرڪاري اسڪول ۾ پڙهڻ ويندا هئا. مشڪلاتن ۽ غربت هوندي به پاڻ تعليم لاءِ جدوجھد ڪندا رھيا. ڪجھه وقت کان پوءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ محنت ۽ مزدوري ڪري پنھنجي تعليم جو خرچ پورو ڪندا ھئا ۽ انتھائي غربت جي باوجود سائين ايم. اي. (اسلاميات) ۽ ايم. ايڊ. جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ 15 جولاءِ 1989ع ۾HST  اُستاد طور جھانگارا ۾ مقرر ٿيا.

اُتان جي ماڻھن سائين تي ٺٺوليون ڪيون ته ھي ننڍو ڇوڪرو ڪيئن ٻارن کي تعليم ڏيندو؟ پر سائين جي ذھانت ۽ پڙھائڻ جو طريقو ڏسي اھي ڏاڍا خوش ٿيا. جھانگارا کان سيوھڻ بوائز ھاءِ اسڪول بدلي ٿي آيا، ته جھانگارا جي ماڻھن کي تمام گھڻو ڏک ٿيو ته هڪ سٺو اُستاد ڇڏي ويو. سائين هر هنڌ پنھنجيون تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندا رھيا. سائين جي قابليت جي ھاڪ پوري شھر ۾ پکڙجي وئي. ان دور ۾ ڪلاس يارھين ۽ ٻارهين درجي جي تعليم جو نظام درهم برهم ڏسي ۽ مشڪل حالتن باوجود، پاڻ تعليم جو ڏيئو روشن رکيو ۽ سيوهڻ واسين جي اولاد جي مستقبل لاءِ هڪ ڪوچنگ سينٽر قائم ڪيو. اي. ڊي. آئيڊيل ڪوچنگ سينٽر ايترو ڪامياب ٿيو، جو روز بروز سندن شاگردن ۾ اضافو ٿيندو ويو. جتي سائين جا ڪيترائي شاگرد ڪامياب ٿيا ۽ انجنيئر، ليڪچرار ۽ ڊاڪٽر بڻيا ۽ سندن ڪيترن ئي شاگردن آرمي، نيوي، ايئر فورس ۽ سي. ايس. ايس. جا امتحان به ڪاميابيءَ سان پاس ڪيا.

سندن قائم ڪيل ادارو ترقي ماڻي اي. ڊي. آئيڊيل اڪيڊمي آف ايجوڪيشن بڻيو آهي. جتي مختلف ماهر پروفيسرن جي نگراني ۾ اڃان تائين ڪاميابين ۽ ڪامرانين طرف قدم روان دوان آهي ۽ شاگرد ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ پھچي رهيا آهن.

سال 2002ع ۾، سر اي. ڊي. سيوھڻ شھر ۾ غريب ٻارن جي تعليم لاءِ آئيڊيل پبلڪ اسڪول جو بنياد وڌو. جيڪو اڄ به اي. ڊي. آئيڊيل پبلڪ هائير سيڪنڊري اسڪول جي نالي سان تعليم جي خدمت ۾ مصروف عمل آهي. جنھن ۾ سائين جا فرزند سانوڻ خان پنھور، سرواڻ پنھور ۽ سائين جا شاگرد سندن علمي مشن کي اڳتي وڌائي رھيا آھن.

سائين کي 10 فيبروري تي عمره جي سعادت نصيب ٿي ۽ پاڻ مديني منوره ۾ 12 ڏينھن گذاريائون ۽ مقدس زيارتن کان فيضياب ٿيا. اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ سبب، سندن وفات مديني ۾ ئي ٿي. ھر علم دوست جي خواھش ھوندي آھي، ته هو مديني ۾ مري ۽ اتي ئي دفن ٿئي ۽ اها سعادت سائين اي. ڊي. کي نصيب ٿي ۽ کين جنت البقيع جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

اُستاد ڪو عارضي عھدو ناھي. پر اھڙو رشتو آھي، جيڪو ڪڏھن ختم نٿو ٿئي. اھا سرزمين خوش نصيب آھي، جتي اھڙا اُستاد پيدا ٿيا. سندن لاڏاڻي کان پوءِ به، سندن شاگرد سندن علم مان فيض حاصل ڪري رهيا آهن.

ڄام شورو جھڙي تعليمي علائقي ۾ اھڙي عظيم انسان جون خدمتون نظرانداز نٿيون ڪري سگھجن. الله تعاليٰ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.

سائين جي وڇوڙي تي سيوھڻ واسين سميت سندن ھر شاگرد جي اک آلي ھئي، سر اي. ڊي. جو نالو اڄ به سندن شاگردن ۽ چاهيندڙن جي دلين ۽ دعائن ۾ زنده آهي. پاڻ ته هليا ويا پر سندن تعليمات اڄ به روشن ڏيئي وانگر موجود آهي. سر اي. ڊي. جو خال ڀرجڻ مشڪل آهي، پاڻ هر مضمون ۾ ماهر هئا. يتيم ۽ غريب شاگردن جي هميشه مدد ڪندا هئا. پاڻ چوندا هئا، تهبس انھن شاگردن جون دعائون ئي منھنجي لاءِ ڪافي آھن.

اسڪول جي سالياني تقريب ۾ ان ڳالھه تي زور ڏيندا هئا، ته اسان جو پرائيويٽ تعليمي ادارو ھئڻ باوجود سنڌ ٽيڪسٽ بڪس پيو پڙهائي. ٻيا نجي تعليمي ادارا به سنڌ ٽيڪسٽ سيليبس کي فالو ڪن ۽ رڳو غيرملڪي ڪورسز تي نه ڀاڙين. ڇو ته ٻار جيڪو مادري زبان ۾ سمجھي سگھندو، اوترو ٻي ٻوليءَ ۾ نه سمجھي نه سگھندو. منھنجي نظريي مطابق ٻارن کي پھرئين ڪلاس کان پنجين ڪلاس تائين پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ پڙھائجي ۽ اڳتي انگريزي زبان ۾،

منھنجا پيارا اُستاد ساٿيو! هڪ بھترين اُستاد اھو ھوندو آھي، جيڪو علم جي روشني سان شاگردن جي ذھنن کي روشن ڪري ٿو. سندس شخصيت ۾ سچائي، ايمانداري، صبر، ۽ محبت ھوندي آھي. ھو نه رڳو ڪتابي علم سيکاري ٿو، پر زندگيءَ جا اصول به سمجھائي ٿو. ھڪ سٺو اُستاد شاگردن جي خامين کي برداشت ڪري ٿو ۽ سندن اندر پوشيده صلاحيتن کي اجاگر ڪري ٿو. وقت جي پابندي، اخلاق جي عظمت، ۽ قوم لاءِ خدمت جو جذبو هن جي سڃاڻپ هوندي آهي. هُو نه رڳو پڙهائيندو آهي، پر پاڻ به زندگيءَ جو سچو سبق ڏئي ٿو. شاگردن لاءِ هڪ مثالي ڪردار بڻجي، مستقبل جي واٽ هموار ڪري ٿو.

\منظور حسين شر (ڪلاس يارهون)

هاءِ اسڪول مولابخش شر/ٺري ميرواهه

محترم اُستاد

اُستاد پاڻ ته بادشاهه ناھي ھوندو، پر ٻين کي بادشاھه بڻائي ڇڏيندو آھي. اُستاد ھڪ عظيم شخصيت آھي، جيڪو شاگرد جي ڪاميابي کي پنھنجي ڪاميابي سمجھي ٿو. شاگرد کان گھڻي خوشي اُستاد کي ٿيندي آھي.

اُستاد شاگرد کي بھتر کان بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اُستاد ھر دؤر ۾ اھو زنده بيمثال آھي، جيڪو مستقبل جي اجرن خيالن کي، جنم ڏيندو آھي. اگر جي اسان  ھن معاشري ۾ اُستاد کي اھميت نه ڏينداسين، ته اسان دنيا جا بيڪار ترين انسان بڻجي وينداسين. اھڙو فرشتو جيڪو الله تعاليٰ جي طرفان مليل اھڙو تحفو آھي، جيڪو اسان کي اُستاد جي رُوپ ۾ مليو آھي.

اسان کي پنھنجي ھر اُستاد جي عزت ڪرڻ گھرجي. ان جي باوجود به اسان جي اڻ ڳڻين اُستادن مان تمام ٿورا فرد اھڙا ھوندا آھن، جيڪي اسان کي غير معمولي طور متاثر ڪندا آهن، ۽ اسان انھن کي پنھنجو آئيڊيل اُستاد مڃيندا آھيون ۽ پنھنجي زندگيءَ جي اڪثر ڪمن ۾ سندن تقليد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون. سو اُستاد ھڪ بيحد اُتساهيندڙ ھمٿائيدڙ ۽ پيار ڏيندڙ ھستي آھي.

اي اُستاد، اي اُستاد

توکان سوا ھي ديس ٿيندو نه آباد.

تون بادشاهه ته ناھين، پر ٻين کي بادشاهه بڻائين.

علم جو ڏيئو تون ئي جلائين، جھالت جي رات تو ئي وسائي،

تنھنجي مھربانيءَ سان مليا آھن مقام، تون آهين هر شاگرد جو سڀ کان وڏو انعام.

اي اُستاد، اي اُستاد 

تون رستو ڏيکارين، تون سوچ سنوارين، زندگيءَ جا اصول تون ئي سيکارين.

پيارا ٻارؤ! اُستاد ھڪ اھڙو رھنما آھي، جيڪو اوندھه ۾ روشني ڏيکاري ٿو. ھو شاگردن کي نه صرف علم ڏيندو آھي، پر انھن کي زندگيءَ جا سبق به سيکاريندو آھي. جيئن ايمانداري، محنت، عزت، ۽ انسانيت.

اسلام ۾ به استاد کي وڏي عزت ڏني وئي آهي. نبي ڪريم حضرت محمد صلي اللھ عليھ وآلھ وسلم جن پاڻ فرمايو، تهمون کي مُعلم (اُستاد) بڻائي موڪليو ويو آهي. انھيءَ مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو، ته اُستاد جو مقام ڪيترو بُلند آهي.

سلام سلام منھنجا محترم استاد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org