سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل آڪٽوبر 2025ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: نجمه پنهور

 

 

 [09]

جُھُ  صَرافَنِ  لَڏئو، ته تُون پُڻ لَڏجِ سونَ

قَدرُ لَهندَءِ ڪونَه، نيئِي گَڏِيندَءِ گَڏونءَ سِين.

سمجھاڻي: اي سون (ڪاش) جڏهن تنهنجا صراف (صحيح پارکو) پنهنجو ماڳ ڇڏي ٻئي هنڌ هليا وڃن ته تون پڻ ڪيڏانهن غائب ۽ گم ٿي وڃ. ڇو ته انهن جي وڃڻ کان پوءِ ڪوبه تنهنجي  صحيح سڃاڻپ ڪري نه سگهندو ۽ توکي ٻين گاڏڙ ڌاتن سان ملائي هڪ ڪري رکندا (انهن جي برابر سمجهندا).

[10]

جي نه سُڃاڻَنِ سَچَ کي،  ويهُه مَ تَنِي وَٽِ

اَمُلَ کي اَڌَ ڪَري پاڻ هَڻَندا پَٽِ

ماڻِڪُ تَنِ سان مَٽِ، جي پارکُو پاڻِيَٺَ جا.

سمجھاڻي: جن کي سچ جي سڃاڻپ نه آهي (جيڪي نالي ۾ صراف آهن) تون انهن وٽ نه ويهه (پنهنجو وقت ضايع نه ڪر.) اهي ته قيمتي موتين کي (پرکڻ دوران ئي) ڀڃي ٻه اڌ ڪري ڇڏين ٿا ۽ (بيڪار سمجهي) زمين تي اڇلي ڦٽو ڪن ٿا. توکي گهرجي  ته تون ماڻڪ موتي انهن وٽ ونهوار لاءِ کڻي وڃ جيڪي آبدار موتين جا ڄاڻو ۽ پرکيندڙ آهن.

11

ٿَا صَرافَ سُڄَنِ، (ڪي) پاڻُ ڪوٺائِنِ جوهَرِي

ماڻِڪُ ڪَري مُٺِ ۾، وانءُ وَٺِي وَٽِ تَنِ

(ته) سَندُسُ ئي، سيدُ چَئي، (ٿا) ڪَهِڙو قَدُرُ ڪَنِ

(ڪ) پاڻِيَٺُ اِي پَرکَنِ، ڪ ڪَنچَنُ گَڏِينِ ڪَچَ سِين.

سمجھاڻي: (سچا ۽ کرا) صراف يعني پارکو ڪي ورلي آهن (اڻ لڀ آهن) باقي گهڻا اهڙا آهن جيڪي جوهري چئي پاڻ پڏائڻ وارا آهن. تون ڀلي ماڻڪ کڻي وٽن ونهوار لاءِ وڃ. سيد چوي ٿو تڏهن توکي پوندو ته هو انهيءَ جو ڪهڙو ٿا قدر ڪن. ڇا هو پاڻيٺ يعني موتين کي پرکين ٿا، يا سون (ڪنچن) کي ٿا ڪچ سان برابر ڪري بيهارين؟

[08]

وِئا سي وِينجهارَ، هِيرو لَعلَ وِنڌِينِ جي

تَنِي سَندا پوئِيان، سِيهي لَهَنِ نَه سارَ

ڪَٽِينِ ڪُٽُ لُهارَ، هَاڻي اُنِي ڀيڻِيين.

سمجھاڻي: (اصلي ماهر) وينجهار جيڪي موتين ۽ هيرن جو ونهوار (قدر ۽ ملهه) ڄاڻندا هئا سي هليا ويا، اڻ لڀ ٿي ويا ]ٻي معنيٰ: اصلي ماهر وينجهر جيڪي موتين هيرن ۽ قيمتي لعلن کي ونڌين (هڪ خاص اوزار سان وڏيءَ مهارت سان انهن ۾ سنهڙو سوراخ ڪن) [هاڻي انهن جا پونير جيڪي انهن جي جاءِ تي اچي ويٺا آهن، (هيرا موتي ته ٺهيو) پر شيهي جهڙي (عام سستي) ڌاتوءَ جي به سڃاڻپ نٿا ڪري سگهن. انهن جاين (دڪانن) تي هينئر لوهار اچي ويٺا آهن، جيڪي صرف ڪُٽ (ڪچي لوهه) جو ڪم پيا ڪن.

 شاهه جو رسالو

]سُر سري راڳ داستان چوٿون. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سمجھاڻي ۽ مفھوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ:  سنڌي ادبي بورڊ[

 

ملھار سنڌي

حمّد

تون ئي مالڪ تون ئي داتا،

آهيون رحم ڪرم لئه آتا.

 

تون ئي آن سنسار جو خالق،

گل ڦل ۾ گلزار جو خالق.

 

توئي چنڊ ستاره جوڙيا،

سُھڻا خوب نطارا جوڙيا.

 

هر شيءِ ۾ موجود تون آهين،

سڀني جو معبود تون آهين.

 

تنھنجي ئي در ٻاڏايون ٿا،

ٻانھون هردم ڦھلايون ٿا.

 

دنيا ۾ پئدا ڪر اُلفت،

جڳ سمورو بڻجي جنت.

 

سائِي ٿي پئي سنڌ سموري،

آس ڪجان ملھار جي پوري.

***

نياز حسين نياز ھيسباڻي

 

لاڙڪاڻو

نعت

پاڪ پرور جا پيارا، توکي چوان يا مصطفيٰﷺ،

دِين جا دلبر دلارا، توکي پسان يا مصطفيٰ ﷺ.

 

تنھنجي روضي پاڪ کان، ٿو نُور جاري رھي،

نُور جا نرمل نظارا، تنھنجا چُمان يا مصطفيٰ ﷺ.

 

دادلو دلبر خدا جو، آسرو تنھنجو اٿم،

واٽ وحدت جي وٺي، توڏي اچان يا مصطفيٰ ﷺ.

 

سبق صبر جو سيکاري، تقدير ٿو بدلي ڇڏي،

جلوه تنھنجو هر جڳھه آھي بيان يا مصطفيٰ ﷺ.

 

خلق مروّت ۾ مٺا تون نُور اطھر، تون نُور اطھر باصفا،

شان هي تنھنجو عيان، بلڪل بيان يا مصطفيٰ ﷺ.

 

عرش اعليٰ تي گُھرايو هو خدا توکي مگر،

نُور سان ويو پور ٿي، تنھنجو جھان يا مصطفيٰ ﷺ.

 

ٿو ڪريان مان سوال توکي ھر جڳھه مدني مٺا،

نياز سان تنھنجو چُمي روضو مران يا مصطفيٰ ﷺ.

 

نياز پنھور

ڄام شورو

 

ننڍڙو ڀاءُ

منھنجو ننڍڙو ڀاءُ تون آهين،

هڪ جيڏن سان راند رچائين،

صبح ۽ سانجھي سچ ڳالھائين،

ڪوڙن کي شل تون ڏُور ڀڄائين،

منھنجو ننڍڙو ڀاءُ تون آهين.

ننڍڙو آهين پيارو آهين،

امڙ جي اکڙين جو تارو آهين،

اَبَل جو جيءُ جيارو آهين،

شل وڏو ٿي عزت پائين،

منھنجو ننڍڙو ڀاءُ تون آهين.

سنڌڙي تنهنجي ڌرتي آهي،

سھڻي پياري ڌرتي آهي،

جيءُ جياري ڌرتي آهي،

شل سندس شانُ وڌائين،

منھنجو ننڍڙو ڀاءُ تون آهين.

ٿيندين جڏهن تون وڏڙو پيارا،

ڀاءُ سندي اکڙين جا تارا،

شل ڏسين تون ڏينھن موچارا،

سنڌوءَ کي تون هردم چاهين،

منھنجو ننڍڙو ڀاءُ تون آهين.


 

مھر فقير

ڪراچي

 

ڪڙيدار بيت

جيئن وڻ ضروري، رستي ڳوٺ شھر ۾،

تيئن تعليم ھر گھر ۾، اولاد پڙھايو اختر چئي.

 

اولاد پڙھايو اختر چئي، پوکيو پڻ وڻ،

او سھڻا ٻار سڄڻ، علم ازلئون افضل آ.

 

علم ازلئون افضل آ، آھي قرآن ۾ ذڪر،

چوي فقير مھر، حديثن ۾ به هدايت آ.

 

حديثن ۾ به هدايت آ، علم ڪيو حاصل،

آهي سو ڪامل، جو عمل ڪري علم تي.

 

جو عمل ڪري علم تي، شاهي ان جو شان،

آهي مرد سو مھان، جو انصاف ڪري عام سان.

 

جو انصاف ڪري عام سان، ڪري حق سدا،

راضي انھيءَ تي خدا، رهندو ھر جھان ۾.

 

رھندو ھر جھان ۾، مالڪ مھربان،

جيڪو انسان، خدمت ڪندو خلق جي.

خدمت ڪندو خلق جي، ننڍو وڏو ٻار،

مستقبل جو معمار، سلڇڻو ۽ سالڪ آ.

 

سلڇڻو ۽ سالڪ آ، پڙھي ٿو ڪتاب،

چوڏس گل گلاب، ٻار محافظ ملڪ جا.

 

ٻار محافظ ملڪ جا، پارت ٿي پرور،

چوي فقير مھر، سُکيا رکج سنڌ ۾.

***

اظھر آزاد مغل

شڪارپور

 

علم جي شمع

اچو سڀ علم جي شمع ڪا جلايون،

وطن سان وفا جو وچن ڪو نڀايون.

 

 ڪري خوب محنت ڪيون ڏيھه روشن،

ڪيون ڪي وطن سان سدائين سچايون.

 

ڪڍي ساڙ ڪِينُو رکون نياز نوڙت،

بُرايون ڀُلايون ڪيون ڪي ڀَلايون.

 

رکون ديس سان دل ڇڏيون جان گهوري،

وطن ڏي وفا جون وکون ڪي وڌايون.

 

سدا سنڌ پنهنجي رکون ساھه سِيني،

وطن جي چمن کي سنواريون سجايون.

***

ماڻڪ ملاح

هاريءَ جو ٻار

 

هاريءَ جو مان آهيان ٻار،

پورهئي سان آ منھنجو پيار.

ٻني کيڙڻ جي لاءِ جھنگ کي ڪٽيان،

ٺاهي جوڙي ٻج کي ڇٽيان.

پنھنجو ديس ڪريان گُلزار،

هاريءَ جو مان آهيان ٻار.

گرمي سردي سِرَ تي سھان ٿو،

پوک پڪل جي سار لھان ٿو،

کڻي کانڀاڻي هڪليان جھار،

هاريءَ جو مان آهيان ٻار.

اجرڪ آهي ڏاج اسان جو،

ڪُلھي پائڻ رواج اسان جو،

ڪوڏر، ڪُھاڙيءَ سان وهنوار،

هاريءَ جو مان آهيان ٻار.

اچو ته ٻارو محنت ڪريون،

جھومي جھومي جيئن جنسار،

بنواسي ٿي کڻجو ته بار،

هاريءَ جو مان آهيان ٻار.

ماڻڪ مٺڙيءَ سنڌڙي خاطر،

رنگ رچائينداسين جھنگ ۽ جھر،

هاريءَ جو مان آهيان ٻار.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org