|
سيد اعجاز علي شاهه رضوي
حيدرآباد
منهنجو
سنڌ وطن
واهه پيارو منھنجو سنڌ وطن،
سرس سونھارو منھنجو سنڌ وطن.
منھنجو وطن ٿو جڳ ۾ سونھي،
آهه نيارو اُتم منھنجو سنڌ وطن.
ساهه انھيءَ تان گھوري ڏيندس،
جيءُ جيارو منھنجو سنڌ وطن.
نيڻ ٺرن ٿا ڏسندي اجرڪ ۽ ٽوپي،
سُھڻو سوڀارو منھنجو سنڌ وطن.
شان سندس رھندو جڳ ۾ قائم،
شال رهي ڪرارو منھنجو سنڌ وطن.
يا ربّ فضل و ڪرم پنھنجي رک،
شال رهي سدا سوڀارو منھنجو سنڌ وطن.
هي آهي علم و ادب ۾ سڀ کا سوڀارو،
’اعجاز‘
ابد تائين رهندو قائم منھنجو سنڌ وطن.

عزير احمد
”عزير“
علوي
شڪارپور
سنڌو درياهه
سنڌو دريا ۾ هوندو آب،
سنڌي لڳندا پوءِ نواب.
پاڻي ايندو سنڌو وھندو،
پنھنجو پورو ٿيندو خواب.
ڪئنال ٺھڻ سان ٻالڪ پوءِ،
ٿيندي ويندي حيات عذاب.
سنڌ لُٽيندين پاڻي کسيندين،
ڪيسين کائيندين نان ڪباب.
بي ادب رهندا ٿي نامراد،
هاڻ سنڌين کان سُک آداب.
معصومن تي ظلم نه ڪريو،
رب وٽ ڪھڙو ڏيندؤ جواب.
علم پرائڻ سان ئي ٻالڪ،
سنڌ
’عزير‘
رهندي شاداب.
***

محمد ياسين ڪنڀر
سلطانپور
اڪبر جسڪاڻي کي ڀيٽا
جسڪاڻي اڪبر جون يادون،
گُل ڦُل ايڊيٽر جون يادون.
ھڪڙي ڪھاڻيڪار ۽ ليکڪ،
ھڪ سنڌي شاعر جون يادون.
ناول تي ايوارڊ کٽيائين،
جيئي سنڌ ميمبر جون يادون.
ھاري ڪميٽي سنڌ جو ميمبر،
سنڌي ادبي بورڊ جون يادون.
اڪبر يار صحافي به ھو،
علمي نورِ نظر جون يادون.
ورسيءَ ۾ اڄ يادون آھن،
گُل ڦُل جي دلبر جون يادون.
مان
’ياسين‘
پَني تي لکان ٿو،
ھڪ سچي رائيٽر جون يادون.
***
پريل دايو
پنوعاقل
سچائي
ڪُوڙ کي پاڙ نه آهي ڪائي،
سوڀ ٿي ماڻي نيٺ سچائي.
ڪُوڙ ڪڙو ۽ آهه ڪسارو،
سچ مٺو ماکيءَ جيئن ٻارو!
جيڪو ڪُوڙ ڪُپت ٿو پالي،
سونه ڪڏهن ٿو سک سان جالي.
سچ سان جنهن ڀي ساٿ نڀايو،
تنھن آ نيڪي نانءُ ڪمايو.
***

نويد ناز ڀٽي
نيو مراد واهڻ/لاڙڪاڻو
پٻڻ جي ٽِڪي...
آئي آئي پٻڻ آئي،
پٻڻ جي ڏسو ٽڪي آئي،
موتي جهڙا گورا هن جا،
ڏسو اي ٻالڪ توهان به کائي،
آئي آئي پٻڻ آئي.
پٻڻ ۾ ڄڻ ماکي آهي،
اگر وٺي ڪو کائڻ چاهي،
کائي ٿو ڄڻ رس ملائي،
آئي آئي پٻڻ آئي،
پٻڻ جي ڏسو ٽڪي آئي.
صبح جو ساجھر هوڪو آيو،
ڀڄندو ٻار به هرڪو آيو،
کائي دل کي راحت آئي،
آئي آئي پٻڻ آئي،
پٻڻ جي ڏسو ٽڪي آئي.
کائيندو آ ڀاءُ
’نويد‘،
تون به دل سان کاءُ
’نويد‘
کائي ٿي آهي سرهائي،
آئي آئي پٻڻ آئي،
پٻڻ جي ڏسو ٽڪي آئي.
***
اويس ساگر سومرو
سکر
مِينهُن
(The
Rain)
مِينھَن وسن ٿا،
پَٽَ پُِسن ٿا.
مِينھَن وسن ٿا،
کيتَ پَچن ٿا.
مِينھَن وسن ٿا،
گُلَ ٽِڙن ٿا.
مِينھَن وسن ٿا،
رَنگَ رَچن ٿا.
مِينھَن وسن ٿا،
ٻارَ کيڏن ٿا.
***

علم انسان جي ٽين اک آهي. اسان ۽ توهان کي اڄ جيڪي
به سھولتون مُيَسر آهن. اهي سڀ علم جي ڪري آهن.
علم اهڙي شعوري لاٽ آهي، جيڪا هزارين سالن کان
جاري ۽ ساري آهي. اهو علم اُستادن وسيلي
حاصل ٿئي ٿو. اُستاد اسان لاءِ هيرو آهن. جن شعوري
سمجھه ڏني آهي، اُستاد علم جو ٻج پوکي ٿو. جنھن
مان ڪيترائي گُل ٽڙِي معاشري کي مُعطر ڪن ٿا. اڄ
5-
آڪٽوبر آهي. اڄوڪي ڏينھن تي سمورن غيور اُستادن کي
سلام پيش ڪيون ٿا. گڏيل قومن طرفان هي ڏينھن
1966ع
کان ملھايو پيو وڃي، ته جيئن اسين پنھنجي موجوده ۽
وڇڙي ويل اُستادن کي ياد ڪري سگھون.
ڏاهن چيو، ته بھترين اُستاد اهو آهي، جيڪو ڪتابن
تان نه پر دل سان پڙهائي ٿو. اُستاد ان ميڻ بتِي
وانگر آهي، جيڪي پاڻ ٻري ٻين لاءِ روشن راهه کولي
ٿو. اسان جي معاشري ۾ اهڙا اُستاد موجود آهن، جن
جي ڪوششن ۽ محنت سان معاشري ۾ مثبت تبديلي آئي.
سُٺا اُستاد شاگردن جي زندگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن
ٿا. اُستاد نه فقط پڙهائي ٿو، پر ان سان گڏ
اخلاقي، روحاني ۽ ايمانداري جي ترغيب به ڏئي ٿو.
اُستاد اسان لاءِ رول ماڊل آهن. ڪنھن اردو شاعر
چيو ته،
اُستاد کي عظمت کو ترازو مين نہ تولو،
اُستاد تو هر دور مين انمول رها ہے۔
اسان کي جڏهن به ڪا مشڪلات ٿيندي آهي، ته اسين
پنھنجي اُستادن سان رجوع ڪندا آهيون. اُستاد
روحاني والدين آهن. جيڪي هميشه حوصلو ڏين ٿا. هو
اسان جي زندگيءَ ۾ حڪمت، صبر، عزم ۽ محنت جا رنگ
ڀرين ٿا. دنياوي رشتن ۾ سڀني کان مقدس ۽ احترام
وارو رشتو پڻ اُستاد جو آهي. هي پيغمبري پيشو آهي
۽ اُستاد کي قوم جو معمار به چئجي ٿو. هي ڏينھن
ملھائڻ جو مقصد عظيم اُستادن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ آهي،
هن ڏينھن تي سيمينار، ريليون، ڪانفرنسون ۽ اُستادن
کي تحفا، گُل ۽ سھڻا ڪارڊ پيش ڪجن ٿا.
پيارا ٻارؤ! توهان به پنھنجي اُستادن کي هن ڏينھن
تي دعوت ڏيو. کين عزت ۽ احترام ڏيو. کين زندگي ۾
مڃتا ڏيو ۽ جيڪي اُستاد هي جھان ڇڏي ويا آهن، انھن
کي به ياد ڪريو. اها سُڌريل قوم جي نشاني آهي. آخر
۾ اُستادن لاءِ اُستاد بخاري جو هي شعر حاضر آهي،
هنن جون چماٽون اڃا ياد آهن،
اکيون کول او قوم اُستاد آهن،
هنن جي حقن جو حساب ئي نه آهي،
سڄي قوم سرهي جي هي شاد آهن.
عبدالجبار ويسر
ٺري ميرواهه/خيرپور
اوهان اُستادَ آهيو سوجهرو....!!
لفظ
”اُستادَ“
جو ظاهري مَطلب آهي، جيڪو مُشڪل ۽ منجھيل مسئلن ۽
عملن کي سولي ۽ آسان انداز سان سمجھائي، سيکاري يا
سڌي راھ ڏسي. جڏھن ھي ڪائنات وجود ۾ آئي ۽ انسان
ھن ڌرتيءَ تي پنھنجا قدم رکيا تڏھن کان انسان سکڻ
سمجھڻ ۽ پرکڻ پروڙڻ واري ڪِرت پڻ شروع ڪئي. ان ۾
سندس فطرت ۽ پنھنجا ساٿي يعني انسانذات مددگار رھي
آھي.
ربّ پاڪ جڏھن حضرت آدم عليه اسلام کي پيدا ڪيو، ته
ملائڪن چيو، ته
”اسان
رات ڏينھن تو ربّ پاڪ جي عبادت ۾ مشغول آھيون.
انسانن کي پيدا ڪرڻ جي ضرورت ڪھڙي! انسان ته زمين
تي فساد پکيڙيندو.“
ان وقت ربّ پاڪ ملائڪن کان ڪجھه شين جا نالا پڇيا،
ته اهي نه ٻڌائي سگھيا ۽ جڏھن حضرت آدمعه
کي نالا ٻڌائڻ جو چيو ويو ته ان مڪمل طور صحيح
ٻڌايا. ان ريت رب پاڪ اهو ٻُڌائڻ چاهيو ته انسان
کي علم جي ڪري افضل ڪيو ويو آهي ۽ انسان رب پاڪ جي
پيدا ڪيل
سڀ مخلوق ۾ اعليٰ يعني
”اشرف
المخلوقات“
آهي. جيئن جيئن ڌرتيءَ تي انساني آبادي وڌندي
وئي. ربّ سائين انھن جي رهبري ۽ رهنمائي لاءِ
پيغمبرن جي روپ ۾ علم سان روشناس انسان (اُستادَ)
موڪليا. اهڙي ريت تقريبن هڪ لک پنجويھه هزار جي
تعداد ۾ مختلف وقتن ۽ مختلف علائقن ۾ انسانن جي
رهنمائي لاءِ پيغمبر سڳورا آيا. اسان جي آخري نبي
پاڪﷺکي سڀني پيغمبرن جو سردار سڏيو ويو. پاڻ
ڪريمنﷺ جي زندگي انسانذات لاءِ بھترين مُعلم
(اُستادَ) طور ھڪ مثال آھي. قرآن پاڪ ۾ سندن ڪردار
بابت الله تعاليٰ پاڻ شاهدي ڏيندي فرمائي ٿو:
”اي
محمدﷺ بيشڪ تون اخلاقن جي اعليٰ مرتبي تي آهين.“
حقيقي ايماندار استادَ جو مان ۽ شان سدائين بُلند
۽ بالا رهيو آهي. هڪ سُٺو اُستاد پنھنجي شاگردن کي
رنگ، نسل، ذات پات ۽ قوم بجاءِ انسان ذات ۾ ڏسندو
۽ سنئين راھ تي آڻڻ جا جتن ڪندو آھي. اھڙن استادن
جي لاءِ دنيا جو عظيم شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي
چوي ٿو:
جِتِ نه پَکيءَ پيرُ، تِتِ ٽمڪي باهڙي،
ٻيو ٻاريندو ڪيرُ، کاهوڙڪيءَ کيرَ ري؟ سُرُ
کاهوڙِي
”جتي
علم (حق سچ) جي روشني جي ڪابه اُميد نظر نه اچي
اُتي شعور جي لاٽ نظر پئي اچي! اها روشني (علم ۽
شعور) کاهَوڙِين (عظيم اُستادن) سواءِ ٻيو ڪير
ٻاريندو.“
لطيف سائين پنھنجي رسالي جي ھڪ ٻئي سُرُ رامڪلي ۾
فرمائي ٿو:
نُوري ۽ نَاري، جُوڳيئڙا جَھان ۾،
ٻَري جِن ٻَاري، آئون نه جيئندِي اُن رِي.
”هن
جھان ۾ ڪجھه کاهَوڙِي ڪردار (انسان) آهن، جيڪي
پنھنجي ذات ۽ ڏات ذريعي شعور کان وانجھيل انسانن ۾
نُور يعني ڀَلائيءَ جو دڳ آڇين پيا. مان انھن
محبوب رھبرن کان سواءِ ھنن اڙانگن پيچرن تي پنڌ نه
ڪري سگھندس.“
ھڪ سُٺي اُستاد ۾ تقريبن خوبيون ئي خوبيون نظر
اينديون، ڇو ته هو پاڻ کي مڪمل سمجھڻ بجاءِ هڪ
شاگرد يعني سکندڙ ئي رکي ٿو ۽ پنھنجي عمل ۽ شخصيت
کي بھتر کان بھتر ڪندو ٿو رھي. جنھن سبب سندس
شاگردَ متاثر ٿين ۽ نيون نيون ڪارائتون شيون سکندا
رھن ٿا.
دنيا جو مشھور ڏاھو، قديم يونان جو فلسفي ۽ استادُ
سقراط ھميشـ پاڻ کي شاگرد ۽ ٻين کي اُستاد سمجھندو
ھو. سقراط چواڻي
”اُستاد
جو ڪم ان دائيءَ جھڙو آھي جيڪا نئين ٻار جي پيدائش
۾ مدد ڪري ٿي، ساڳي طرح اُستاد نون خيالن ۽ نئين
علم پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.“
سندس ھڪ ٻيو مشھور قول آھي
”مان
سيکاري نه ٿو سگھان، مان صرف ان کي سوچڻ تي مجبور
ڪري سگھان ٿو.“
تاريخ ۾ جاکوڙي ۽ ڏاھن اُستادن حق ۽ سچ جي راھ تي
پنڌ ڪندي تڪليفون ۽ پريشانيون ڏٺيون آھن مگر مشڪل
وقت ۾ پنھنجا قدم پوئتي نه ڪيا آهن. جنھنڪري اھڙا
اُستاد تاريخ ۾ ھميشه لاءِ امر ۽ ياد رهيا آهن.
سنڌ ڌرتي جيڪا سوين صدين کان اهڙا مخلص ۽ سچار
رهبر پئي پيدا ڪيا آهن، جن پنھنجي جاکوڙ ۽ ھمت سان
ھن ڌرتيءَ تي علم ۽ شعور جا عَلَم کوڙيا آھن، جن
۾ مولانا عُبيدالله سنڌي، راءِ بھادر بولچند
ڏيارام، خانصاحب حسن علي آفندي، مرزا قليچ بيگ، جي
ايم سيد، علامه آءِ آءِ قاضي، مولانا تاج محمد
امروٽي کان وٺي محمد صديق مُسافر، محمد عثمان
ڏيپلائي، محمد ابراهيم جويو، ايم ايڇ پنھور، عطا
محمد ڀنڀرو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڪامريڊ سوڀو
گيانچنداڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، نثار احمد صديقي
۽ ٻيا ڪافي نالا اچي وڃن ٿا.
ڪنھن مشھور ڏاھي جو چوڻ آھي، ته
”هڪ
شاگرد جي ڪاميابي استاد جي ڪاميابي آهي.“
ان چوڻي جيان هڪ اعليٰ ڪردار واري اُستاد جا شاگرد
نه صرف پنھنجي اُستاد جي پيغام ۽ روشنيءَ کي وڌيڪ
ڦھلائڻ لاءِ ڪوشان ھجن ٿا پر تبديل ٿيندڙ وقت جي
تقاضا موجب نيون شيون ۽ نوان نُڪتا شامل ڪري
انسانذات جي ڀلائي ۽ آساني پيدا ڪن ڪن ٿا. ھڪ
بھترين استاد جي ڪجھه خاصيتن ۾ پاڻ علم سان چاھ
رکندڙ يعني هر وقت سکڻ جي عمل ۾ رهندڙ، ايماندار،
سچار ۽ انسانذات سان محبت رکندڙ هجي. پنھنجي
شاگردن ۾ فرق رکڻ بجاءِ ھڪ نظر سان ڏسندڙ ھجي ۽
انھن جي نفسيات کي سمجھي ان مطابق کيس صحيح رخ تي
وٺي اچڻ لاءِ ڪوشش ڪندڙ ھجي. ھڪ بھترين اُستاد جو
يقينن سندس ڀلائي ڪرڻ جو دڳ گھڻو وقت وٺندڙ ٿي
سگھي ٿو پر صبر ۽ ھمٿ سان سڀ ڪجھه آسان ۽ سھنجو ٿي
پوي ٿو. بھترين اُستاد وقت جو پابند ۽ اخلاق جي
گُڻن سان ڀرپور ھئڻ گھرجي، سمجھندڙ ۽ انتھائي ذھين
شاگردن کي گڏوگڏ کڻي ھلڻ واري سوچ رکندڙ ھجي. ھڪ
بھترين اُستاد پنھنجن شاگردن سان پنھنجي اولاد ۽
ٻچن وانگر پيار ڪندڙ، خيال رکندڙ ۽ ڀانئيندڙ ھئڻ
گھرجي. ھڪ سٺو اُستاد شاگردن کي اُتساھ ڏيندڙ
سرگرميون پيدا ڪندڙ ھجي. شاعري، ڪھاڻيون ۽ مضمونن
ذريعي شاگردن ۾ تعليم سان چاھ ۽ سٺو انسان ٿيڻ جي
ھمت افزائي ڪندڙ ھجي. اھڙي ھمٿ ۽ حوصلي کي سنڌ جي
ناليواري اُستاد ۽ شاعر اُستاد بخاري ھنن سُٽن ۾
بيان ڪري ٿو:
تون چوين زندگي لُڙڪ آ زَھرُ آ،
مان چوان زندگي پِرھَ جو پَھرُ آ.
تون چوين زندگي درد جو قافِلو،
مان چوان زندگي حوصِلو حوصِلو.
سنڌ سميت دنيا جي انھن عظيم اُستادن کي جھُڪي سلام
ٿو پيش ڪجي. جن پنھنجون زندگيون انسانذات جي
سُڌاري ۽ معتبر معاشرو جوڙڻ لاءِ جتن ڪندي
گذاريون. جن جو ڏسيل رستو ۽ راھَ اسان سٻاجھڙن
لاءِ ھڪ مشعلِ راھه آهي.
سماج جي روايتي تعليمي ادارن ۾ وڃڻ کان پھريان
ڏسجي ته ٻارَ جا شروعاتي اُستاد ماءُ پيءُ آهين
جيڪي کيس ڄمڻ، سماج ۾ اُٿڻ ويھڻ کان ويندي ادب
اخلاق جي سُتي پڻ پيارين ٿا. ھتي مان انھن اُستادن
کي ياد ڪرڻ چاھيان ٿو، جن جي محبت ۽ ھمت افزائي
سبب روايتي تعليم پرائي مان ٻه اکر پڙهي لکي سگھان
ٿو. اُستاد سائين شعبان علي لغاري منھنجي پرائمري
اسڪول حاجي قبول محمد دستي ڊيڊاڻو جو اُستاد جيڪو
ايترو ته پيار ۽ پنھنجائپ سان پڙھائيندو ھيو جو
اسان ننڍپڻ ۾ سيارو توڙي اونھارو شوق ۽ چاھ سان
سوير اسڪول وڃي پھچندا ھياسين. پاڻ ٻاراڻيون
ڪھاڻيون، شاعري ۽ مزاحيه ٽوٽڪا ٻڌائي ڪلاس ۾ ساھ
وجھي ڇڏيندو ھو. ھاءِ اسڪول ٺري ميرواھ ۾ سڀ کان
وڌيڪ حوصلو بخشيندڙ ۽ نَئين انداز سان سرگرميون
ڪري سکڻ جو اتساھ ڏيندڙ استاد سائين جناب الله بخش
خاصخيلي رهيو. جنھن جا ٻڌايل سبقَ زندگي ڀر ساٿ
ڏيندا رھندا. هميشه شاگردن کان ڪم وٺڻ جا اهڙا ته
طريقا اپنائيندو هيو جو شاگرد پاڻ دل سان ڪم ڪري
ايندو ۽ گڏوگڏ کيس مضمون به سمجھه ۾ اچي ويندو.
سائين جنھن به ڪلاس جو ٽيچر هوندو هيو ان ڪلاس ۾
اسڪول جي باقي سڀني ڪلاسن جي ڀيٽ ۾ وڌ کان وڌ
شاگردَن جو تعداد روزانو ايندو هيو. اهڙن اُستادن
لاءِ اُستاد بخاري جا لفظ آهن:
اوهين اُستادَ آهيو، سوجھرو....
سنڌ کي ٺاهي وٺو، ٺاهي وٺو!
هاءِ اسڪول جي استادن ۾ سائين الله جڙيو لغاري،
سائين سونو خان جوڳي، سائين آصف علي اعواڻ، سائين
محمد حسن ويسر، سائين حضور علي لغاري ۽ ٻيا تمام
مھربان اُستاد ٿي گذريا.
ان کان پوءِ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺري ميرواھ جي
اُستادن ۾ سڀ کان مٿانھون نالو پروفيسر عنايت الله
جوڳي جو آهي. جنھن جو ڪردار زندھه جاويد ۽ سراپا
اُستاد وارو هيو. جيڪو جنھن وقت ڪيميسٽري پڙھائڻ
شروع ڪري ته نه سمجھي سگھندڙ شاگرد به انتھائي
سولائي سان سمجھي وڃي ۽ حيران رھجيو وڃي ته هل هي
ته هيڏو آسان مضمون آهي! ۽ پاڻ جڏهن سيلف ڊولپمينٽ
تي ليڪچر ڏيڻ شروع ڪندا هيا ته شاگردن ۾ جوش ۽
جذبو ڏسڻ وٽان ھوندو هيو ۽ قوم ۽ ڌرتي لاءِ ڪجھه
بھتر ڪري ڏيکارڻ جو عزم جاڳندو ھيو. اھڙي محبوب
اُستاد، ساٿي ۽ شاگردن تي والدين جيان ڇپر ڇانوَ
رھندڙ محسن تي لکڻ لاءِ گھڻو ڪجھه وقت لکجي، ته به
سندن ڳُڻ ۽ ڳالھيون اڻکُٽ رھجي وينديون!
ڪاليج جي ٻين اُستادن ۾ ڏيکَ ۽ ڏيکاءُ کان پاسو
ڪندڙ اسان جي اُتساھ جو سبب بڻيل اُستادن ۾ شامل
انگلش جو محبوب اُستاد پروفيسر دائم علي شر (
ماشاءَالله ڇا ته صوفيانه رنگ بيان ڪندو ۽ انگلش
شاعري واري ڀاڱي جي خوبصورت تشريح ڪندو هيو!)
باٽني جو پروفيسر اعجاز علي ويسر، باٽني جو ئي
پروفيسر کلمُک شخصيت جو مالڪ سائين عبدالشڪور
ميمڻ، ڪيميسٽريءَ جو سائين نورالحسن شر، اردو
پڙهائيندڙ سائين سعيد احمد ڦلپوٽو، انگريزي سبجيڪٽ
جي اُستاد سائين خادم علي شر، سنڌي مضمون
پڙهائيندڙ سائين سجاول ڳاهو، ٺري ميرواھه ۾ فزڪس
مضمون جو ماهر سائين علي رضا رند ۽ ٻيا شامل هيا.
سماج ۾ رهندي ٻين ڪيترن ئي مھربان شخصيتن وٽان پڻ
سکيا ۽ رھنمائي جو رستو ملي ٿو. ماءُ ته اولاد
لاءِ پھرين درسگاھ جو درجو رکي ٿي. سو امڙ سڀ کان
اعليٰ افضل رھندي ۽ سٺي ڪردار وارو انسان بنائڻ ۾
سندس تمام گھڻو ھٿ ھجي ٿو. بابا سائين جيوڻ خان
ويسر جي رھنمائي وارو ڪردار قابل رشڪ هيو. تعليم
جي حوالي سان اسان کي ھر سھولت ڏيڻ لاءِ جاکوڙ ۾
رھندو ھيو. روزانو اخبار آڻڻ ۽ ريڊيو ٻُڌڻ سان
اسان ۾ پڻ اخبار پڙھڻ جي ڪري ٻوليءَ جي لفظن جو
ذخيرو ته ٿيو گڏوگڏ علائقائي، ملڪي ۽ عالمي دنيا
بابت گھڻي سمجھه ۽ معلومات مُيسر ٿي. ريڊيو جي
تعليمي، ادبي، سياسي، راندين ۽ ٻين پروگرامن مان
به گھڻي سکيا ملي. ان سلسلي اڳتي ھلي مختلف رسالن
(خاص ڪري ٻارن جي رسالي گُل ڦُل مان تمام
گھڻو ڪارائتو مواد پڙھڻ لاءِ مليو) ۽ پوءِ ڪتابن
سان لنئون لڳائي. مطلب ته ريڊيو، مختلف رسالا ۽
ڪتاب پڻ هڪ اُستاد جو روپ آهن، جن ذريعي تمام گھڻي
ڄاڻ ۽ شعور حاصل ٿئي ٿو.
ادبي دنيا جي اُستادن ۾ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي
(جنھن جي رھبري ۽ حوصلا افزائي سبب مان سڀ کان
پھريان گُل ڦُل ۾ لکڻ شروع ڪيو)، عاجز
ميرواهي، پروفيسر عنايت الله جوڳي، دائم علي سيفي
شر، مير صوبدار لغاري، ناز نظر علي ويسر، سجاد علي
بوهڙ، محمد شعيب اُڄڻ ۽ ٻيا مھربان اچي وڃن ٿا، جن
ھن سفر ۾ ساٿ ڏئي سفر کي سڦل بڻايو آھي.
پيارا ٻارو! پاڻ کي گھرجي ته پنھنجي اُستادن کي
ياد ڪرڻ، کين ڀيٽا پيش ڪرڻ سان گڏ سندن جي ٻاريل
تعليم ۽ شعور جي ڏيئي کي چوطرف پري پري تائين
پکيڙيون. اھو ئي هڪ بھترين طريقو ۽ رستو آهي، جنھن
ذريعي پنھنجن محسنن سان محبت ۽ عقيدت جو اظھار ڪري
سگھجي ٿو. ھي سٽون استادن جي نانءُ:
ڪري ڪيترو شان بيان اُستادَ جو،
جنھن ڪري هي
’مُسافر‘
شاد ٿيو،
جن علم جا ڪيا آباد گُلستان آهن،
هي اُستادن جا ئي ته اِحسان آهن.
***
منظور حسين سومرو (ڪلاس ستون)
گورنمينٽ هاءِ اسڪول مولا بخش شر
اُستاد قوم جو مستقبل سنواري ٿو
لفظ
”اُستاد“
رڳو پنجن اکرن جو ميڙ آهي، پر اُستاد جو ڪردار وڏو
وسيع معنيٰ رکي ٿو. حقيقي اُستاد پنھنجي ڪردار ۾
شاگردن لاءِ ماءُ پيءُ جيان هجي ٿو. جيئن هڪ هاري
رات ڏينھن سردي گرميءَ ۾ بُک اُڃ سھِي وڏي جفاڪشي
۽ محنت سان اناج اُپائي ٿو ۽ اهو نه صرف پاڻ، پر
پوري قوم جي ڪم اچي ٿو. اهڙي طرح هڪ همت ڀريو
اُستاد به ڪيترن ئي نسلن کي شعور جي تعليم ڏئي،
انھن جون زندگيون روشن ڪري ٿو. مان گھڻو خوشنصيب
آهيان، جو مون کي پرائمري اسڪول
’ولي
محمد سومرو‘
۾ نھايت معتبر ۽ مانائتي اُستاد امداد علي جوڳي
ساراھڻ لائق سکيا ڏني. سائين اسان کي سُٺين سُٺين
سرگرمين جي ذريعي پڙهڻ سان چاھه پيدا ڪيو. پنھنجن
هم ڪلاسي دوستن عبدالوهاب سومري ۽ مجيب احمد سومري
جو به ٿورائتو آهيان، جن گڏجي سڏجي پڙهائي ۾ هٿ
ونڊايو ۽ پاڻ ۾ پڙهڻ جو ماحول جوڙيو.
اسان جي اُستاد، اسان جي بھتر کان بھترين پڙهائي
لاءِ وسان نه گھٽايو. جنھن ڪري اسان ۾ اڳتي پڙهڻ
جو پيار ۽ چاھه ٿيو. اڄ مان پنھنجي والدين ۽ پياري
اُستاد جي همت افزائي ۽ دعائن جي ڪري هاءِ اسڪول ۾
ستين درجي ۾ تعليم پرائي رهيو آهيان ۽ اُتي پڻ
ساڳيو علم سان عشق ۽ اُڪير جاري ساري آهي. شال
هيءُ پنڌ پايئه تڪميل تي پھچي. (آمين)
***
عجيبان نصرالله شر (ڪلاس ستون) هاءِ اسڪول مولا
بخش شر ٺري ميرواھه
اُستادن جو
عالمي ڏينهن
منھنجا ڀائر ۽ ڀينرو اسلام عليڪم. اڄ مون کي جنھن
موضوع تي لکڻ جو موقعو مليو آهي، اهو آهي،
اُستادن جو عالمي ڏينھن. جيئن ته سقراط چيو
آهي، اُستاد سماج جا ڊاڪٽر ٿيندا آهن. جڏهن اُستاد
سُٺا هوندا آهن، ته تڏهن ئي اهي ٻارن کي اڳتي
وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اُستادن جو مثال هڪ رستي
جيان آهي، رستي تي ڪيترائي مسافر سفر ڪندا رهندا
آهن. پر رستو اهو ئي هوندو. اُستاد به ڪيترن ئي
شاگردن کي پڙهائيندو آهي، پر انھن منجھان ڪي
ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل ۽ پروفيسر وغيره ٿيندا آهن.
اُستاد جو مثال هڪ ڏيئي جيان هوندو آهي. اهو پاڻ
کي ساڙي ٻين کي روشني ڏيندو آهي.
جَلِي جي ٻين کي سُھائو ڏين ٿا،
لکين گھور تن تان پَتنگا ٿين ٿا.
اُستاد، اُستاد ئي هوندا آهن. شاگردن کي ڪڏهن
اُستاد کان اڳتي ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گھرجي. ڇو جو
اُستاد ئي هوندو آهي، جيڪو شاگردن کي اڳتي وڌڻ ۾
رهنمائي ڪندو آهي.
پيارا ٻارؤ! سو انھيءَ ڪري اسان انھن پنھنجن پيارن
اُستادن کي دعائون ۽ عزتون ارپيون ٿا، جن پنھنجي
زندگي هن ڌرتيءَ تي شعور جي لاٽ ٻاريندي بسر ڪئي
آهي.
***
عطا محمد نوحاڻي ڪلاس يارهون گولاڙچي/بدين
اُستادَ جي عظمت
اُستاد هڪ اهڙي شخصيت آهي، جنھن جي عظمت کي لفظن ۾
بيان ڪرڻ مشڪل آهي. اُستاد نه رڳو علم جو سرچشمو
آهي، پر انساني شخصيت جو تعمير ڪندڙ به آهي. جيئن
سج پنھنجي روشنيءَ سان دنيا کي روشن ڪري ٿو، تيئن
اُستاد پنھنجي علم، ڏاهپ ۽ تربيت سان شاگردن جا دل
۽ دماغ روشن ڪري ٿو. انساني زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي
رشتن کي وڏي اهميت حاصل آهي، پر اُستاد جو رشتو
سڀني کان مٿانھون ۽ مقدس آهي. والدين انسان کي جنم
ڏين ٿا، جڏهن ته اُستاد ان کي زندگي جي مقصد سان
واقف ڪرائي ٿو ۽ صحيح رستي ڏانھن وٺي وڃي ٿو. ان
ڪري چيو ويندو آهي، ته
”والدين
جي ڪري انسان دنيا ۾ اچي ٿو ۽ اُستاد جي ڪري
پنھنجي مقصد تائين پھچي ٿو.“
اُستاد شاگردن لاءِ هڪ مشعل راهه آهي. جيڪو نه رڳو
ڪتابن جو علم سيکاري ٿو، پر عملي زندگيءَ لاءِ به
تيار ڪري ٿو. اُستاد شاگردن ۾ همٿ، برداشت، اخلاص
۽ اخلاق جا زيور پيدا ڪري ٿو. جيڪڏهن هڪ اُستاد
پنھنجي ذميواري کي ايمانداري سان نڀائي، ته اها
سڄي قوم جي تقدير بدلائي سگھي ٿي.
تاريخ شاهد آهي، ته جن قومن پنھنجي اُستادن جي عزت
ڪئي ۽ سندن رهنمائيءَ تي عمل ڪيو، اهي قومون دنيا
۾ اڳتي وڌيون. برعڪس، جيڪي قومون پنھنجي اُستادن
جي قدر نه ڪري سگھيون، اهي علم ۽ ترقيءَ جي ميدان
۾ پوئتي رهجي ويون.
دين اسلام ۾ به اُستاد جي وڏي عظمت بيان ڪئي وئي
آهي. پاڻ پياري نبي حضرت محمّد صلي الله عليھ وآلھ
وسلم فرمايو،
”مون
کي اُستاد ڪري موڪليو ويو آهي.“
اهو جملو ئي اُستاد جي عظمت ۽ مقام کي اجاگر ڪري
ٿو. آخر ۾ اهو چوڻ بلڪل مناسب ٿيندو، ته اُستاد ئي
اهو شخص آهي، جيڪو هڪ معمار جيان نوجوان نسل جي
ذهنن ۽ مستقبل کي تعمير ڪري ٿو. جيڪڏهن هڪ شاگرد
پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو، ته ان جي پٺيان
اُستاد جي محنت ۽ دعائن جو وڏو حصو هوندو آهي. ان
ڪري اُستاد جي عزت ڪرڻ، هر شاگرد جو فرض آهي. ڇو
ته اُستاد ئي هڪ روشن ۽ مھذب سماج جو بنياد رکندڙ
آهي. |