سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 8

باب: --

صفحو :5

 

محمد جمن چانڊيو

 

گل ڦل نه مليو، ته ڪجهه نه مليو

 

گلڻ نالي غريب ڇوڪر هڪڙي ڏينهن آچر ڏينهن سندس پيءُ ساڻ گڏ شهر ۾ ويو. غريب ڇوڪر جي پيءُ غريبي حال سارو ڇوڪر کي سڀ ڪجهه وٺي ڏنو، مگر گلڻ کي هڪ حسرت دل ۾ رهجي ويئي جو ”گل ڦل“ بازار ۾ هڪ هاڪر جي هٿ ۾ ڏٺائين. هاڪر وڏي آواز ۾ هوڪو ڏيندي چيو، ”وٺو! وٺو!! نئون رسالو ”گل ڦل“ جنهن ۾ کلائيندڙ لطيفا به آهن ته ننڍڙن اديبن جون ننڍڙيون ڪهاڻيون به آهن! جنهن ”گل ڦل“ جهڙو پيارو رسالو نه پڙهيو، تنهن ڪجهه نه پڙهيو!!“

گلڻ رسالو ڏٺو ته سهي، پر غريبت هئڻ سبب رسالو نه وٺي سگهيو. مگر اها اُڻ تڻ دل ۾ رهجي ويس. رسالو وٺان ها، مگر بابو پيٽ جي ڪري يا انگ جي ڪري يا بيماري-سيماري جي ڪري. ايترو پئسو ڪٿان اچي! گلڻ سياڻو هو، پيءُ کي چئي نه سگهيو. ٻئي ڏينهن جهنگ مان ڪاٺيون ڪري، ڏاڍي ڀري کڻي وڪڻي اچي هاڪر کان ”گل ڦل“ گهريائين، مگر افسوس جو هاڪر وٽ ”گل ڦل“ نه هو. هاڪر گلڻ کي چيو، ”اڄ نه آهي، سڀاڻي وٺي وڃج.“ گلڻ منهن ڦلهو ڪري گهر ويو. سندس پيءُ چيو، ”گلڻ ڪيڏانهن ويو هئين، سارو ڏينهن گم؟“ گلڻ چيو، ”بابا! ڪتاب هڪڙو کٽل هو، توهان وٽ پئسو ڪونه هو، سو ڪاٺيون وڪڻي، وٺڻ ويو هوس، اڄ نه مليو سڀاڻي ملندو.“ ٻئي ڏينهن هو ويو ۽ گل ڦل وٺي آيو ۽ ڏاڍو خوش ٿيو.

”گل ڦل“ وٺي جڏهن ڳوٺ ويو ته ٻين ٻارن کي رسالو ڏيکاريائين، پڙهي ٻڌايائين. سڀئي ٻار ٻڌي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هو به ”گل ڦل“ وٺڻ لاءِ تيار ٿي ويا. پيارا ٻارو! ڏٺوَ ڪيئن هڪ غريب جي ٻار ڪوشش ڪري ”گل ڦل“ وڏي پيار ۽ محبت سان ورتو ۽ پيءُ تي به بار نه ٿيو ۽ رسالو به ورتائين. پاڻ ٻين ٻارن کي به رسالي ”گل ڦل“ جو شوق خريدڻ جو ڏنائين.

 

بابو عبدالرشيد ابڙو شڪارپور

 

پنهنجي ڪمائي

 

هڪ امير ماڻهوءَ جو پٽ تمام سست ۽ نِڪمو هو. نه مدرسي ويندو هو ۽ نه ڪوئي ڪم ڪندو هو. امير ماڻهو هميشھ نرميءَ سان سمجهائيندو هوس ته پٽ، دنيا ۾ بغير ڪم سکڻ ۽ بغير ڪم ڪرڻ جي گذارو نه ٿي سگهندو، پر اهو ڇوڪرو هڪ ڪَن سان ٻڌندو هو ۽ ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندو هو.

هڪ ڏينهن ان پنهنجي پٽ کي گهرايو ۽ چيائينس ته جيڪڏهن تون سڀاڻي ڪجهه ڪمائي نه کڻي ايندين ته توکي ماني نه ملندي. ڇوڪرو روئندو پنهنجي ماءُ وٽ ويو ۽ ان کي اها ڳالهه ٻڌايائين. ڀلا ماءُ پنهنجي پٽ کي ڪيئن روئندو ڏسندي، سو ان کي پيتيءَ مان هڪ رپيو ڪڍي ڏنائين. ڇوڪر رپيو کڻي پيءُ ڏانهن ويو. پڻس چيس ته وڃ ان کي سامهون واري کوهه ۾ اُڇلي آءُ. ڇوڪرو اهو رپيو اڇلي آيو. ٻئي ڏينهن امير ماڻهو پنهنجي زال کي پيڪي موڪلي ڇڏيو ۽ پٽ کي چيائين ته جيڪڏهن سڀاڻي ڪمائي نه آئين ته توکي گهر مان ڪڍي ڇڏيندومانءِ. ڇوڪرو روئڻ لڳو، پر اڄ ان سان همدردي ڪرڻ وارو ڪوئي نه هو، ان جي ماءُ ته ٻئي شهر ۾ هئي. ڇوڪرو بستري ۾ منهن لڪائي روئڻ لڳو. آخر شام جو هو همٿ ڪري اُٿيو. ويجهو ئي ريلوي اسٽيشن هئي، اوڏانهن هليو ويو. گاڏي آئي ۽ مسافر پنهنجو سامان کڻي ٻاهر نڪرڻ لڳا، ته هڪ هڪ مسافر کان پڇندو رهيو، ڇا مان توهان جو سامان کڻي هلان؟ آخر هڪ مسافر چيس، چار آنا ڏيندومانءِ، هي پيتي ۽ بسترو چوڪ بازار ۾ کڻي هل. امير جو پٽ پيتي ۽ بسترو کنيو، بار جي ڪري هن جي ڪنڌ ۾ سور ٿي رهيو هو، پر ان کانسواءِ ٻيو ڪوئي چارو نه هو. شام جو ڇوڪر چار آنا کڻي پنهنجي پيءُ وٽ ويو، پڻس چيس ته وڃ ان کي سامهون واري کوهه ۾ اڇلي آءُ ڇوڪر چيو، ”بابا! بار کڻڻ جي ڪري منهنجي ڪنڌ ۾ سور ٿي رهيو آهي ۽ توهان چئو ٿا ته هي پئسا کوهه ۾ اڇلي آءٌ“ پيءُ پنهنجي پٽ کي گلي سان لڳايو ۽ چوڻ لڳو ته پٽ، هاڻي توکي پتو پيو ته پئسو گهڻي محنت سان ڪمايو وڃي ٿو. توکي اڳ جيڪو رپيو ماءُ ڏنو هو اهو تو کوهه ۾ ان ڪري اڇليو جو ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ تو محنت ڪانه ڪئي ۽ هي چار آنا توکي ان ڪري پيارا لڳا جو پورهيو ڪري ڪمايا هوءِ! پنهنجي پورهئي واري ڪمائي سڀ کان پياري آهي.

 

شبانه پروين دڙو.

عقل ۽ بخت

 

هڪڙي ڀيري عقل ۽ بخت اچي پاڻ ۾ هوڏيا. عقل چئي ته آئون سرس ۽ بخت چئي ته آئون وڏو. نيٺ فيصلو ڪيائون ته ڪنهن ماڻهوءَ تي هلي ٿا پنهنجو زور آزمايون، پوءِ پاڻهي خبر پوندي ته ڪير سرس آهي. سو هنن ڳولي ڳولي وڃي هڪڙو ٻڪرار هٿ ڪيو. اهو ٻڪرار ڪنهن ماڻهو وٽ مهيني تي ٻڪريون چاريندو هو. رات ڏينهن ٻڪرين سان گڏ رهندي هن ۾ ٻڪرين جهڙيون عادتون پئجي ويون هيون. پاڻي به ٻڪرين وانگر پيئندو هو ۽ ماني به انهن وانگر کائيندو هو. انهيءَ ملڪ جي بادشاهه کي پنهنجي ڌيءَ پرڻائڻي هئي. شهزادي تمام سهڻي هئي، جنهن ڪري پر انهن ملڪن جا بادشاهه ۽ شهزادا شهزاديءَ جي سڱ جي گهر ڪرڻ لڳا. بادشاهه خيال ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن هڪڙي کي سڱ ڏيندس ته ٻيا ناراض ٿيندا. ڪنهن سان ڦٽائڻو به ڪونهي تنهن ڪري ڇو نه اهڙي اٽڪل ڪجي، جو لال به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي. سو يڪدم پڙهو ڏياريائين ته فلاڻي ڏينهن فلاڻي ميدان تي چونري، ڍرندي. جنهن به ماڻهوءَ جي مٿان چونري ڍرندي، تنهن کي شهزاديءَ جو سڱ ملندو. مقرر ڏينهن تي پري پري جا ماڻهو بادشاهه، شهزادا ۽ اميرزادا سڀ اچي انهيءَ ميدان تي گڏ ٿيا. خدا جي قدرت سان اهو ٻڪرار به گهمندو ڦرندو اچي اتي نڪتو. ۽ ماڻهن جا حشام ڏسي دل ۾ خيال ڪيائين ته لقاءُ ضرور ڏسجي، سو وڌي اچي هڪڙي پاسي تي بيٺو. عقل ۽ بخت به ٻڪرار جي پٺيان اچي ان ميڙ ۾ پهتا. بخت عقل کي چيو ته هاڻي منهنجو مزو ڏسج. آئون انهيءَ ٻڪرار سان ساڻي ٿو ٿيان. پوءِ امين ٿج ته ڪير سرس آهي! عقل چيو ڀلي. آخر بادشاهه چونري ڦيرائڻ جو حڪم ڏنو. چونري ڦري سڌو اچي ان ٻڪرار جي مٿان بيٺي. سڀيئي ماڻهو حيران ٿي ويا ته چونري وڃي هڪڙي غريب تي ڍري، جنهن جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ۽ وارن ۾ مٽيءَ جا مڻ پيل آهن. شهزادن ۽ بادشاهن جڏهن ڏٺو ته ههڙي شهزادي هڪڙو غريب کڻي ٿو وڃي ۽ خود بادشاهه به ڏاڍو ششدر ٿيو سو وٺي اعتراض ڪيائون. ان تي فيصلو ٿيو ته چونري وري ڦيرائجي. خدا جي قدرت جو ٻيو دفعو ۽ ٽيون دفعو به ساڳي ڪار ٿي. چونري ڦري ڦري اچي ٻڪرار تي بيٺي. لاچار انجام موجب بادشاهه ٻڪرار کي پنهنجو ناٺي ڪري قبوليو ۽ کيس ڪپڙا لٽا پارائي سنوارت ٺهرائي ۽ غسل ڪرائي، ماڻهن جهڙو ماڻهو ڪري پنهنجي نياڻي پرڻائي ڏني. نڪاح کان پوءِ ٻڪرار کي ماني ملي جا هن دستور موجب ٻڪرين وانگر کاڌي. ماڻهن کي سندس انهيءَ عادت تي ڏاڍو عجب لڳو. آخر وڃي شهزاديءَ وٽ ڇڏي آيس، اتي به اهي ٻڪرارن واريون هڪلون پئي پيس. ويچاري شهزاديءَ کي ڏاڍو ارمان ٿيو؛ ماٺ ڪري ويٺي سڀ رنگ ڏٺائين. آخر شهزاديءَ کي پڪ ٿي ته ٻڪرار ۾ تر جيترو به عقل ڪونهي، ڇو نه ساڻس شرط رکي ٻه ٽي سوال پڇان،جن جا جواب هي اُنهين ابتا ڏيندو، پوءِ ڦاسي جي سزا ڏياري هن کان جند ڇڏايان. اهو ويچار ڪري چيائين ته آئون توکان ٽي سوال پڇان ٿي جيڪڏهن تون انهن جا ٺيڪ جواب ڏيندين ته واه نه ته ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويندين. ٻڪرار شهزاديءَ جي ڳالهه قبول ڪئي. تنهن تي هن کانئس هي ٽي سوال پُڇيا ته ٻڌاءِ ته: پيٽ ڪنهن جو چڱو؟ جر ڪهڙو چڱو ۽ گل ڪهڙو چڱو ؟ ٻڪرار جواب ڏنس ته پيٽ پلي جو چڱو ۽ گل گلاب جو چڱو. جر نديءَ جو چڱو. ٻڪرار جا اُبتا جواب ٻڌي شهزادي ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويئي ۽ يڪدم وزير کي گهرائي چيائين ته هن بيوقوف کي وٺي وڃي ڦاسيءَ تي چاڙهيو. عقل ۽ بخت ٻنهي اهو تماشو پئي ڏٺو ته هاڻي مڙس ٿو مري! آخر عقل بخت کي چيو ته تو هن جو ڀلو ته ڪيو ۽ شهزاديءَ سان به پرڻيو پر اهو ڀاڳ ڪهڙي ڪم جو، شاديءَ رات وڃي ڦاسيءَ تي ٿو چڙهي ! هاڻي هجئي طاقت ته مدد ڪرينس. بخت وراڻيو ته مون کي جيتري طاقت هئي سا مون ڏيکاري، هاڻي کٽنس ڀاڳ! تنهن تي عقل چيس ته چڱو آئون ٿو توکي هن جي جان بچائي ڏيکاريان. ائين چئي عقل ڇا ڪيو جو يڪدم وڃي ٻڪرار جي مغز ۾ ويهي رهيو. اتي ٻڪرار جون اکيون کليون ۽ وزير کي چيائين ته ميان وزير خير ته آهي، مون کي ڪيڏانهن پيو وٺي هلين؟ وزير کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. جنهن تي ٻڪرار خيال ڪيو ته هتي اٻهرائي ڪبي ته مفت مارجي ويندس؛ تنهن ڪري ڪا اٽڪل هلائي جند ڇڏائجي. سو چيائين ته ميان وزير شهزاديءَ جو حڪم اکين تي، پر مرڻ کان پهرين مون کي بادشاهه سان هلي ملاءِ، پوءِ تون ڀلي هلي مون کي ڦاسيءَ تي چاڙهه. وزير اها ڳالهه مڃي کيس بادشاهه وٽ حاضر ڪيو. بادشاهه سلامت هن کان پڇيو ته ڪيئن آيو آهين؟ ٻڪرار جواب ڏنس ته بادشاهه سلامت، تو خوشي سان مون کي شهزاديءَ جو سڱ ڏنو. هاڻ پرڻي رات ئي ڦاسي تي چاڙهڻ اهو ڪهڙو انصاف آهي؟ بادشاهه وزير ڏي نهاريو، جنهن کيس ٻڌايو ته جيئند قبلا، شهزاديءَ جو حڪم آهي ته هي بيوقوف آهي، تنهن ڪري هن کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو وڃي. بادشاهه يڪدم شهزاديءَ کي گهرائي کانئس حقيقت پڇي، جنهن تي هن بادشاهه کي ٻڌايو ته ههڙيءَ طرح اسان شرط رکيو ۽ هن منهنجي سوال جا جواب برابر ڪونه ڏنا، تنهن ڪري مون اهو حڪم ڏنو. بادشاهه چيس ته چڱو، تون اهي سوال وري منهنجي روبرو ڪر، جي جواب برابر ڏنائين ته ٺهيو نه ته پوءِ ڀلي ڦاسي ڏيارينس. تڏهن شهزادي پهريون سوال ڪيو ته پيٽ ڪنهن جو  چڱو؟ ٻڪرار جواب ڏنو ته پيٽ ڌرتيءَ جو چڱو جنهن ۾ سڀ ڪجهه سمائجي ٿو وڃي. وري شهزاديءَ ٻيو سوال پڇيس ته جر ڪهڙو چڱو؟ ٻڪرار جواب ڏنس ته جر مِينهن جو چڱو، جنهن تي سڀني ساهوارن جو جياپو آهي. آخر  ٽيون سوال پڇيائينس ته گل ڪهڙو چڱو؟ جنهن جو ٻڪرار جواب ڏنس ته گل وونئڻ جو چڱو جو سڀني انسانن کي ڍڪي ٿو. اهي جواب ٻڌي بادشاهه ڌيءَ کي چيو ته اما، اهي ته سموريون ڳالهيون عقل وارن جون آهن! شهزادي تڏهن پاڻ پشيمان ٿي ته اهڙو تڪڙو فيصلو ڇو ڪيم. آخر شرمسار ٿي پنهنجي مڙس کان معافي ورتائين ۽ ساڻس خوش گذارڻ لڳي. اتي بخت عقل کي چيو ته ادا برابر، آءُ توکان سواءِ ڪجهه به نه آهيان. پوءِ ٻئي دوستن وانگر گڏجي رهڻ لڳا.

 

تارا چند ”ناز“ جهڏو

اخلاقي سبق

 

اچو ته سچ ڳالهايون

 

ڀائرو! اوهان مان ڪيترن ڀائرن ”گامون سچار“ جو نالو ضرور ٻڌو هوندو. اسان وٽ گامونءَ جو ڪردار مثال طور پيش ڪيو ويندو آهي، ڇو ته هُن سچ ڳالهائڻ سان پنهنجي نالي کي هميشه لاءِ زنده ڪري، انسانذات لاءِ هڪ مثال قائم ڪري ڇڏيو آهي.

ساڳيءَ طرح حضرت شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جو سبق ضرور پڙهيو هوندوَ، جنهن جي سچ ڳالهائڻ تي ڦورو ايترو ته شرمسار ٿيا جو نه صرف اشرفين کي هٿ ڪونه لاتائون، پر هميشه لاءِ اشراف ٿي هلڻ جو عهد ڪيائون.

ڀائرو! هن جهان ۾ جيڪي به پيغمبر ۽ نبي، اولياء الله ۽ درويش، ساڌو ۽ سنت، رشي ۽ مني، صوفي ۽ ڏاها انسان ٿي گذريا آهن، تن سڀني انسانذات کي سچ جو سنيهو ڏنو آهي.سڀني مذهبن ۽ ڌرمن جي سکيا جو بنياد سچ تي ٻڌل آهي، ڇو ته سچ ئي انسان کي اخلاق جي اُتانهينءَ تي رسائي ٿو. تاريخ پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو  ته سچ جي سبق ڏيندي پيغمبرن ۽ ڏاهن ڇا ڇا نه سٺو آهي، اسلام جي پيغمبر آنحضرت محمد ڪريم صلعم جن جي سچائيءَ کان متاثر ٿي ماڻهن کين ”امين“ جو لقب ڏنو. يونان جي ڏاهي ”سقراط“ سچ جي خاطر مسڪرائيندي زهر جو پيالو پيتو. سچ جي تعليم ڏيڻ جي ڏوهه ۾ حضرت عيسيٰ کي صليب تي چاڙهيو ويو. سچ ئي ”منصور“ کي ڦاسيءَ جي تختي تي آندو. سچ جي ڳولا ۾ مهاتما گوتم ٻڌ تخت ۽ تاج ٺڪرائي فقيري اختيار ڪري جهنگ وسايو. هزارين سال گذري چڪا آهن، پر ان هوندي به انهن امر انسانن جا نالا اڄ به پيا ڳائجن ۽ تاريخن جي ورقن تي سونهري لفظن ۾ لکيل آهن.

ڀائرو! هن جهان ۾ سچ اها عظيم حقيقت آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي مان ۽ مرتبو بخشي ٿي. سچ ڳالهائڻ وارو ماڻهو هر ڪنهن وٽ عزت ۽ آبرو پرائي ٿو، ۽ سدائين سرخرو ۽ سرهو رهي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ واري شخص کي هرڪو نفرت ۽ حقارت جي نظر سان ڏسي ٿو ۽ هو ماڻهپي جهڙي عظيم نعمت کان محروم ٿي حيوان جيان رهجيو وڃي! ان ڪري اچو ته سچ ڳالهائڻ جو قول ڪريون.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com