ناقابل اشاعت فوٽا
هنن ٻارن جا فوٽا اهڙا آهن جن جا بلاڪ نه ٺهي
سگهندا، ڇاڪاڻ ته فوٽن وارو ڪارڊ سادو آهي يا
اهو ڪارڊ گهنجيل، دونهاٽيل ۽ پراڻو آهي، ان
ڪري انهن کي گهرجي ته پنهنجا تازا فوٽا
پاسپورٽ سائيز جا ڪنهن آرٽ ڪارڊ تي ڪڍرائي
موڪلين ته شايع ڪيا وڃن. اعجاز سومرو قمبر،
عبدالمجيد عاجز ڀٽ ڀائٽي، سيف الله ابڙو
نصرپور، سعيد احمد روهڙي، رياض حسين ۽ نسيم
جمالي ٽنڊوڄام، غلام نبي جمالي ٽنڊوڄام،
عبدالغفور ميمڻ دڙو. جيڪڏهن ٻارڙا چاهين ته
فوٽا واپس گهرائي وٺن. –ايڊيٽر
سنڌيڪار: بخت جمال شيخ قمبر
(بيلجم جي ڪهاڻي)
ٻوڙ جو پٿر
هڪ سپاهي جنگ جي ميدان کان پنهنجي گهر موٽي
رهيو هو. سرديءَ جا ڏينهن هئا. سرد هوائون لڳي
رهيون هيون. آسمان تي ڪارا ڪارا بادل ڇانيل
هئا. سپاهيءَ کي ڏاڍي بک لڳي هئي. هن وٽ کائڻ
لاءِ ڪجهه به ڪونه هو. هلندي هلندي هو هڪ ڳوٺ
۾ پهتو ۽ هڪ گهر وٽ آواز ڏنائين، ”ڇا توهان
مون کي کاڌو کارائي سگهندؤ؟“ پر اندران جواب
آيو ته ”ڀاءُ، اسان کي پنهنجي کائڻ لاءِ ئي
ڪجهه ڪونهي.“ سپاهي اتان اڳتي هلي هڪ ٻئي گهر
وٽ پهتو ۽ اتي به ساڳيو ئي آواز ڏنائين، پر
اتان به ساڳيو جواب آيو.
هاڻي سپاهيءَ ڪجهه سوچي هڪ گهر وارن کان پڇيو
ته ”توهان وٽ ڪا وڏي ديڳ آهي؟“
”ها! ها! وڏي ديڳ ته آهي.“ گهر وارن جواب ڏنو.
”۽ پاڻي به آهي؟“ سپاهي پڇيو.
”پاڻي به آهي.“ جواب مليو.
سپاهيءَ چيو، ”ديڳ ۾ پاڻي ڀري ان کي باهه تي
رکي ڇڏيو، مون وٽ هڪ ٻوڙ جو پٿر آهي.“
گهر وارن تعجب مان پڇيو، ”ٻوڙ جو پٿر! اهو ڇا
ٿيندو آهي.“
سپاهيءَ چيو، ”هي هڪ پٿر هوندو آهي، جنهن مان
ٻوڙ تيار ڪيو ويندو آهي.“
سڀ گهر وارا عجيب و غريب پٿر ڏسڻ لاءِ سپاهيءَ وٽ جمع ٿيا. گهر جي عورتن
جلدي جلدي باهه ٻاري ۽ ديڳ ۾ پاڻي ڀري باهه تي
رکي ڇڏيائون. سپاهيءَ پنهنجي کيسي مان هڪ پٿر
ڪڍيو ۽ ديڳ ۾ وجهي ڇڏيو. هي هڪ معمولي پٿر هو،
جيڪي عموماً رستن تي پيل هوندا آهن. پر ان گهر
جا ماڻهو سمجهي رهيا هئا ته هي ڪو انوکو پٿر
آهي. سپاهي پٿر ديڳ ۾ وجهڻ کانپوءِ چيو. ”هاڻي
پاڻيءَ کي رجهڻ (پچڻ) ڏيو.“ سڀ پاڻي رجهڻ جو
انتظار ڪرڻ لڳا. ٿوري دير کانپوءِ سپاهيءَ چيو
ته ”توهان وٽ ٿورو لوڻ آهي؟“ ها ”! لوڻ گهڻو
آهي.“ اهو چئي هڪ عورت لوڻ جو دٻو سپاهيءَ جي
هٿ ۾ ڏنو. سپاهيءَ دٻي مان مُٺ لوڻ جي ڀري ديڳ
۾ وڌي. سپاهيءَ جي نظر سامهون هڪ کٽ تي پيئي،
جنهن جي هيٺان گجرون رکيل هيون. هن چيو،
”جيڪڏهن ٿوريون گجرون ملي وڃن ته ٻوڙ ڏاڍو
مزيدار ٿي پوندو.“ اهو ٻڌي هڪ عورت اڳتي وڌي ۽
ڳچ گجرون کڻي آئي. سپاهي گجرون صاف ڪري ديڳ ۾
وجهي ڇڏيون ۽ گهر وارن کي جنگ جا قصا ٻڌائڻ
لڳو ۽ ٿوري دير کانپوءِ هن چيو ته ”جيڪڏهن
ڪجهه پٽاٽا هجن ته مزو اچي وڃي.“ ”اسان جي باغ
۾ پٽاٽا آهن.“ گهر واري جي وڏي ڌيءَ چيو ۽
ڀڄندي وڃي پٽاٽا کڻي آئي. سپاهيءَ پٽاٽا به
ديڳ ۾ وجهي ڇڏيا. پو ءِ چوڻ لڳو ته ”بصرن سان
ٻوڙ خوشبودار ٿي وڃي ٿو.“ ڪڙمي پنهنجي ننڍي پٽ
کي چيو ته ”ٻچا، ڀڄندو وڃي پاڙي واري جي گهران
ٿورا بصر وٺي اچ.“ ڇوڪرو ڀڄندو بصر وٺي آيو.
اهي به ديڳ ۾ وڌا ويا. پوءِ سپاهيءَ چيو ته
”مون ڪنهن زماني کان گوبي نه کاڌي آهي.“ ڪڙمي
جي زال پنهنجي ننڍيءَ ڌيءَ کي چيو ته ”وڃ باغ
مان گوبي پٽي اچ.“ سپاهي گوبي ديڳ ۾ وڌي ۽
چوڻ لڳو ته ”بس هاڻي ٻوڙ تيار ٿيڻ وارو آهي،
توهان رڳو ديڳ ۾ چمچو ڦيرائيندا رهو.“ ۽
ڪڙميءَ جي زال هڪ وڏو چمچو ديڳ ۾ گهمائڻ لڳي.ا
يتري ۾ ڪڙمي جو وڏو پٽ گهر آيو. هن پاڻ سان گڏ
ٻه سيهڙ شڪار ڪري آندا هئا. سپاهيءَ سيهڙ ڏسي
چيو، ”بس انهيءَ جي ئي ڪمي هئي.“
ڪڙميءَ جي پٽ پڇيو ته ”ڇا پچي رهيو آهي. ڏاڍي خوشبو اچي رهي آهي. ڪڙميءَ چيو
ته ”سپاهيءَ ٻوڙ جو پٿر آندو آهي. اسان هن جو
ٻوڙ تيار ڪري رهيا آهيون.“ سڀني گڏجي جلدي
جلدي سيهڙ صاف ڪيا ۽ ان جو گوشت به ديڳ ۾ وجهي
ڇڏيائون. ٿوري دير کانپوءِ ٻوڙ تيار ٿي ويو.
سڀئي گڏجي کائڻ ويٺا. ٻوڙ ڏاڍو مزيدار هو ۽
سڀني ڏاڍي واکاڻ ڪئي.
ڪڙميءَ چيو، ”ڀاءُ، ڏاڍو مزيدار ٻوڙ تيار ٿيو
آهي.“
ڪڙميءَ جي زال چيو، ”هي وڏي ڪمال جو پٿر آهي.“
سپاهيءَ چيو، ”هن پٿر سان هميشھ توهان اهڙو
ٻوڙ تيار ڪري سگهو ٿا،
بس هن جي ترڪيب ياد رکو.“
سڀ کائي پي ويٺا ته سپاهي هلڻ لڳو ۽ هن اهو
پٿر ڪڙمي جي زال کي تحفي طور ڏنو. ڪڙميءَ جي
زال پهريائين ته نهڪر ڪرڻ لڳي، پر سپاهيءَ
چيو، ”وٺو وٺو، ڪهڙي وڏي شيءِ آهي.“
۽ سچ پچ اها ڪا وڏي شيءِ نه هئي. سپاهي ڪڙميءَ جي در کان نڪري ٿورو ئي
پرڀرو ويو ته رستي تي هن کي اهڙو ئي هڪ ٻيو
پٿر مليو، جيڪو هن کڻي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو ۽ هو
ان پٿر کي ڪنهن ٻئي ڪم آڻڻ لاءِ سوچي رهيو هو.
ناقابل اشاعت ليک
ننڍڙو بهادر، هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو، شهر
لاڙڪاڻو، هميشھ صبر ڪجي، انصاف،
جاپاني گڏي، سزا، وڏيرو جمال ۽
ڪمال، اسان جو ٿر، خدا جي لٺ، هڪ
بيوقوف، منهنجو نمبر آ، عقل جي
ڊوڙ، دي ٿري لٽل پڪس، سپاهي ۽ ڄٽ،
بيوقوف نوڪر، مئل ماڻهو ماني ٿو
کائي، چڪر کي پڄي لتر، نصيب
پنهنجو پنهنجو، ماءُ جو بي فرمان،
بيوقوف مالڪ ۽ مڪار نوڪر، ٺڳيءَ
جو بدلو، استاد ۽ شاگرد، نازڪ
شهزادو، همٿ ڌاريو، عادت ۽ فطرت،
حرامي ۽ حلالي، چالاڪ سوداگر،
حميد محنتي ٿيڻ ڪيئن سکيو، ريڊيو
ٻٽاڪستان، نندن مجرم، نيڪيءَ جو
بدلو چڱائي آهي نه برائي، چالاڪ
ڇوڪرو، خدا جي قدرت، کٽي ۽ ڪتو،
شربت منهنجو نيڻ ٺار،چرين ڪهڙا
چت، ٺڳي. |
اعجاز محمد اسماعيل عرساڻي
(سلسليوار باتصوير ڪهاڻي)
(قسط -3)
هوٽل وارو آيو ۽ مون ڏي نهارڻ لڳو. ”منهنجا
پيارا ڇوڪرا اهو گڏهه منهنجو نه آهي ۽ مون کي
خبر نه آهي ته اهو ڪنهن جو آهي.“ هوٽل واري
چيو. ”هن ڳوٺ مان وڃي پڇا ڪر.“ پوءِ جارج وري
منهنجي پٺيءَ تي چڙهيو ۽ اسين ڳوٺ مان لنگهندي
هڪ هڪ ماڻهوءَ کان ساڳيو سوال پڇندا وياسين،
پر ڪنهن به مون کي ڪونه سڃاتو پوءِ اسين وري
موٽي پنهنجي جهوپڙي ڏانهن آياسين، جتي پوڙهي
ڏاڍو اسان جو انتظار ڪري رهي هئي. پوڙهي پڇڻ
لڳي ته ”جارج تڏهن هن جو ڪوبه مالڪ ڪونه
نڪتو؟“ جارج چيو ته ”نه ڏاڏي، هن کي ڪنهن به
پنهنجو نه ڪيو، هو مون کي هرگز نٿو ڇڏي، هاڻي
ٻڌاءِ ته هن کي ڪيڏانهن ڪريون؟ هن ويچاري کي
سڄي رات ٻاهر ته ڪونه بيهاري ڇڏبو؟“ ڏاڏيءَ
جواب ڏنو ته ”نه نه، منهنجا پيارا جارج هن کي
اڳين گڏهه واري طنبيلي ۾ وٺي وڃ ۽ رات جي لاءِ
هڪ باردي پاڻيءَ جي ۽ گاهه به ڏي، سڀاڻي هن کي
مارڪيٽ ۾ وٺي هلنداسون، شايد سندس مالڪ پيدا
ٿي پوي.“ ”پر ڏاڏي جيڪڏهن هن کي ڪير به پنهنجو
نه ڪير ته پوءِ ڇا ڪجي؟“ ڇوڪري چيو. پوڙهيءَ
جواب ڏنو ته ”خير پوءِ اسين هن کي ايستائين
پاڻ وٽ بيهارينداسين، جيسين هن جو ڪو مالڪ
ظاهر ٿئي، هونءَ هن غريب جانور کي هڪلي ڪڍي
ڇڏڻ وڏو ظلم ٿيندو ڇو ته هي سواءِ گاهه پاڻيءَ
جي هن سيءَ ۾ مري ويندو يا ته وري هو ڪنهن
نالائق انسان جي ور چڙهي ويندو جو هن کي
ماريندو ۽ نظر انداز ڪري ڇڏيندو ۽ اهڙيءَ خراب
هلت جي ڪري هو ويچارو شايد مري به وڃي.“
جارج پوءِ مون کي سٺو کاڌو ڏنو ۽ منهنجي لاءِ
گاهه جو هڪ بسترو به ٺاهيائين. آئون اهڙي عمدي
طنبيلي ۾ اچي ڏاڍو خوش ٿيس ۽ جڏهن جارج هليو
ويو. تڏهن اتي ليٽي پيس ۽ جلدي مون کي گهري
ننڊ کڻي ويئي. ٻئي صبح جو جارج مون کي لغام
چاڙهيو ۽ مون کي جهوپڙيءَ جي در وٽ وٺي آيو.
پوڙهي عورت مون تي هڪ هلڪي زين وڌي ۽ مون تي
چڙهي ويٺي. جارج پوءِ هڪ کارو گوبين، گوگڙن ۽
بصرن جو کڻي آيو، جو اچي منهنجي پٺيءَ تي
رکيائين ۽ اسين مارڪيٽ ڏي کڻي وياسين. آئون هن
کان اڳ انهيءَ مارڪيٽ ۾ ڪڏهن به نه ويو هئس،
تنهن ڪري مون کي اتي ڪنهن به ڪونه سڃاتو.
جڏهن پوڙهي عورت پنهنجون سڀ ڀاڄيون وڪڻي ختم
ڪيون، تڏهن اسين موٽي پنهنجي گهر آياسين. هتي
آئون پورا چار سال رهيس ۽ ڏاڍو خوش گذاريم،
فقط انهن ڏينهن کانسواءِ جن ڏينهن تي منهنجي
نئين مالڪياڻي مون کي ڇوڪرن کي ڀاڙي تي ڏئي
ڇڏيندي هئي، جيڪي مون کي هال ۾ وٺي ويندا هئا،
اهي ڇوڪرا مون تي نامهربان هوندا هئا ۽ مون کي
چڱيءَ طرح سڃاڻي نه سگهيا، پر جڏهن ته منهنجي
مالڪياڻي مون کي ڀاڙي تي ڏيڻ ڪري ڪجهه پئسا
ڪمائيندي هئي، تنهن ڪري آئون ڪُرڪندو ڪين هئس.
حالانڪه هي ڇوڪرا مون کي لغام کان وٺي ڇڪيندا
هئا ۽ منهنجو وات جهُرندو هو. آخر منهنجي
خوشيءَ جهڙي زندگي جي پڇاڙي آئي. جارج جو پيءُ
هڪ فوجي ماڻهو هو. هو ڌارين ملڪن ۾ ڪيترائي
سال رهيو هو . آخر هڪ ڏينهن جڏهن موٽي آيو
تڏهن ان پاڻ سان ڪيترائي پئسا آندا جي سندس
ڪپتان کيس موٽڻ جي وقت ڏنا هئا. هن جي ڇاتيءَ
تي هڪ چانديءَ جو ٻلو لڳل هوندو هو، جو هن هڪ
بهادر ۽ ايماندار سپاهيءَ جي حيثيت ۾ کٽيو هو.
هُن انهن پئسن مان شهر ۾ هڪ جاءِ خريد ڪئي جتي
جارج ۽ سندس ماءُ کي وٺي رهايائين. هاڻي انهن
کي منهنجي ڪابه ضرورت ڪانه رهي، تنهن ڪري مون
کي هڪڙي ڀر واري پاڙيسريءَ وٽ وڪڻي ڇڏيائون،
جنهن مون کي ٻنيءَ تي آڻي بيهاريو. مون کي
پنهنجي پوڙهي مالڪياڻي، ننڍڙي جارج ۽ سهڻي گهر
کي ڇڏيندي گهڻو ئي ڏک ٿيو. هن گهر ۾ مون تي هر
هڪ ڏاڍو مهربان هو ۽ آئون تمام خوشيءَ سان
انهن وٽ پنهنجي فرض ادائي ڪندو هئس.
منهنجو هي مالڪ ڪو هروڀرو خراب ماڻهو نه هو،
پر هو گهر ۾ هر ڪنهن کي ڪم ۾ ڏاڍو مشغول رکندو
هو ۽ اهڙيءَ طرح ٻين سان گڏ مون کان به سخت ڪم
وٺندو هو. سارو هفتو سوير صبح کان وٺي رات جو
دير تائين ڪم ئي ڪم هوندو هو. آئون انهيءَ
ٿڪائيندڙ پورهئي جي ڪري ڏاڍو ورچي پيس. هر روز
مون کي هڪ گاڏيءَ ۾ ٻڌندو هو ۽ ٻنيءَ جي لاءِ
ڀاڻ، مٽي، ڪاٺيون ۽ ٻيون شيون مون کان
ڍوئائيندو هو. آخر مون سست ٿيڻ شروع ڪيو. مون
سدائين اها ڳري گاڏي هلائڻ نٿي چاهي ۽ دل ۾
خواهش ٿيندي هئم ته ڀر وارين ساين ٻنين ۾ وڃي
ڪٿي آرام ڪريان ۽ ٿڪ ڀڃان. اهڙو ڪم هروڀرو
ڪونه هو، جنهن تي مون کي اعتراض هجي، پر
منهنجي مالڪ جي غلط نموني ۽ بي خياليءَ تي مون
کي سخت اعتراض هو.
مون کي خاص طور مارڪيٽ وارن ڏينهن کان بُڇان
ايندي هئي، ڇو جو منهنجو مالڪ مون کي ٻاهر ٻڌي
ڇڏيندو هو ۽ سارو ڏينهن پنهنجي واپار ۾ مشغول
هوندو هو ۽ منهنجي کاڌي پيتي جو ڪوبه خيال نه
ڪندو هو، تان جو شام ٿي ويندي هئي. جڏهن گرم
هوا لڳندي هئي ته آئون بک ۽ اُڃ ۾ ذري گهٽ
ماندو ٿي ويندو هئس، پر منهنجو مالڪ جيستائين
پنهنجو سمورو مال وڪڻي پئسا نه ڪندو هو،
تيستائين آئون هن کي ياد به ڪونه هوندو هئس.
جيئن ته هو مون سان اهڙي بي پرواهي جي هلت
ڪندو هو، تنهن ڪري هڪ ڏينهن مون به خيال ڪيو
ته هن کي ڪا سزا ڏيان. آخر مون هڪڙي رٿ ڳولي
ڪڍي جنهن مان توهين سمجهي سگهندا ته گڏهه
هروڀرو اهڙو بيوقوف جانور نه آهي، جهڙو عام
طرح ان کي سمجهيو ويندو آهي. مون کي ڊپ ٿو ٿئي
ته اوهان مون کي ڏاڍو نالائق سمجهندا. مارڪيٽ
جي ڏينهن تي ٻنيءَ جا ماڻهو اڪثر ڪري بلڪل
سوير اٿندا هئا، جيئن هو گوبيون وڍي، مکڻ ڪڍي
بيدا ڳڻي ٽوڪرن ۾ وجهي ۽ بلڪل سوير ناشتو ڪري
مارڪيٽ ڏانهن هليا وڃن.
هڪ دفعي اونهاري جي موسم هئي ۽ آئون ٻاهر کليل
ٻنيءَ ۾ ستو پيو هئس. ۽ ٻنيءَ جي ماڻهن جون
اهي تياريون مون چڱي طرح پئي جانچيون. مون
انهيءَ ٻنيءَ ۾ لوڙهي جي ڀرسان هڪڙي وڏي کڏ
ڏسي ڇڏي هئي، اها کڏ ان وقت سڪي پئي هئي ۽
ڪنڊن ۽ ڍنگهرن سان ڀري پئي هئي، جن ۾ آئون چڱي
طرح لڪي سگهيس ٿي. مون دل ۾ سوچيو ته جيڪڏهن
آئون اتي لڪي ويهندس ته منهنجو مالڪ مون کي
بلڪل ڳولي نه سگهندو. هڪ مارڪيٽ جي ڏينهن تي
گاڏيون سامان سان ڀريون پئي ويون، تڏهن آئون
آهستي آهستي ڪري کڏ ۾ لهي آيس ۽ گهاٽن ڍينگهرن
۾ لڪي ويهي رهيس. ڪلاڪ کن کانپوءِ هڪ ڇوڪر جو
آواز ٻڌم جو مون کي سڏي رهيو هو ته ”نيڊي نيڊي
ڪٿي آهين، جلدي اچ، جلدي اچ.“ مون هن جي سڏن
تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو ۽ ڪوشش ڪري کڏ ۾ گهڻو
اندر پيهي ويس. آئون سمجهان ٿو ته ڇوڪري هنن
کي چيو هوندو ته آئون هٿ ڪونه ٿو اچان، ڇو ته
مون کي ڏسڻ ۾ آيو ته منهنجو مالڪ، سندس زال ۽
ٻنيءَ جا ٻيا سڀ ماڻهو منهنجي ڳولا ۾ نڪري
پيا.
هڪڙي چيو ته ”هو ضرور لوڙهو ٽپي رستو وٺي ويو
هوندو.“ ٻئي چيو ته ”ويو به ڪٿي هوندو، ڪا چُر
به ڪٿي ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي.“ منهنجي مالڪ چيو
ته ”ڪن بيوقوف ماڻهن ٻنيءَ جي گيٽ کولي ڇڏي
آهي، ٻنيءَ جي چوڌاري پکڙجي وڃو ۽ چڱي طرح
ڳولا ڪريو، هو ڪو پري ڪونه هليو ويندو، جلدي
ڪريو چوڌاري ڳوليوس ۽ وٺي اچوس نه ته اسان کي
مارڪيٽ پهچڻ ۾ دير ٿي ويندي.“ تنهن کانپوءِ
سڀئي ننڍا وڏا هيڏانهن هوڏانهن پکڙي پيا ۽
آسپاس وارين ٻنين ۽ ٻيلي ۾مون کي ڳولڻ لڳا.
آئون دل ۾ چئي رهيو هوس ته واه! واه! ڪيئن نه
پيا سڀئي ڊوڙن! پر ساڳئي وقت مون کي اهو به
خيال هو ته هو ڪنهن به طرح منهنجي ڪَنن جي
چوٽي به ڏسي نه سگهن. آخر ماڻهو ۽ ڇوڪرا ساڻا
ٿي موٽيا ۽ چوڻ لڳا ته گڏهه جو ڪٿي به پتو نه
ٿو پوي. منهنجو مالڪ ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ چوڻ لڳو ته
”ڪو ماڻهو ضرور منهنجو گڏهه چورائي وٺي ويو
آهي.“
پوءِ هن گاڏيءَ ۾ هڪڙو گهوڙو ٻڌو ۽ جلدي جلدي
پنهنجي مسافريءَ تي هليو ويو. مون کي انهيءَ
ويچاري غريب گهوڙي تي گهڻو افسوس ٿيو جو مون
سمجهيو ته هن جو اهو ڏينهن خوشيءَ ۾ نه
گذرندو، جڏهن مون ڏٺو ته ماڻهو سڀ هليا ويا ۽
آئون فقط اڪيلو وڃي بچيس تڏهن ٽپ ڏيئي کڏ مان
ٻاهر نڪري آيس. پوءِ آئون ڊوڙندو چراگاهه جي
ٻئي پاسي نڪري آيس ۽ اهڙي نموني سان نڪتس جيئن
ڪنهن کي منهنجي لڪڻ واري جڳهه جي خبر پئجي نه
سگهي. ٻاهر اچي مون پنهنجي پوري طاقت سان هينگ
ڏيڻ شروع ڪئي. ٻنيءَ جا ماڻهو منهنجو راڳ ٻڌي
ٻاهر نڪري آيا، ڇو ته ان وقت منهنجو آواز ڏاڍو
مٺو هوندو هو. هڪڙي ريڍار رڙ ڪري چيو ته ”اجهو
موٽي آيو آهي.“ منهنجي مالڪياڻيءَ پڇيو ته ”هو
ڪٿان موٽي آيو آهي؟“ ۽ گاڏيءَ واري چيو ته ”هو
هتي ڪيئن پهتو آهي.“ آئون مارڪيٽ وڃڻ جي زحمت
کان ڇٽڻ جي خوشيءَ ۾ ڊوڙي هنن جي اڳيان اچي
بيٺس ۽ هنن منهنجي پٺي ٺپري ۽ مون کي پيار ڪيو
۽ چوڻ لڳا ته آئون هوشيار ۽ چالاڪ گڏهه آهيان،
ڇو ته هنن کي شڪ هو ته مون کي ڪو چور ڪاهي ويو
هو، جنهن کان ڇڏائي آئون هنن وٽ پهتو آهيان.
(پوءِ ڇا ٿيو، ايندڙ پرچي ۾ پڙهندا)