سنڌيڪار:ڪرم سولنگي دادو.
چائنٺ تي چيتو
پنج شڪاري پنهنجيون ڄاريون کڻي شڪار سانگي
جهنگ ۾ وڃڻ لاءِ تيار ٿيا. هڪ ننڍي ڇوڪري کين
منٿ ڪندي چيو: ”مون کي پاڻسان گڏ وٺي هلو. مان
پڻ شڪار ڪرڻ ٿو چاهيان.“
”تون اڃا شڪار ڪرڻ جيڏو ناهين!“ جواب آيو،
”تون ته ٻار آهين ۽ تنهنجو پيءُ توکي شڪار
سيکارڻ کان اڳ ئي گذاري ويو. تون هاڻي ڪهڙي ڪم
جو آهين؟“
پر ڇوڪري زور ڀريو: ”مون کي وٺي هلو! مان
توهان کان ئي سکندس.“
شڪارين مان هڪ ڄڻي چيو: ”هي هلڻ لاءِ تمام
گهڻو خواهان آهي. ڇو ته پاڻسان کڻجيس؟“ آخرڪار
سڀني اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ هن کي هلڻ جي اجازت
ڏنائون.
جهنگ ۾ هڪ ڪاٺ جي جهوپڙي هئي، اتي هو هڪ رات
لاءِ ترسي پيا. صبح جو سوير جڏهن ننڊ مان اٿيا
ته وڏي شڪاريءَ چيو: ”رات مون هڪ خراب خواب
لڌو آهي! خواب ۾ ڏسان ٿو ته جهنگلي چيتا آهن
جي اسان جي جهوپڙيءَ جي در جي چائنٺ وٽ اچي
ويٺا آهن.“ اهو ٻڌي هڪ ڄڻي وڌي وڃي دروازو
کوليو ۽ ٿيڙ کائي پوئتي هٽيو. ڳالهه بنهه سچي
هئي. ڇهه چيتا چائنٺ وٽ ويهي پڇن کي لوڏي رهيا
هئا. سندن مڇون ڪانڊاريل هيون. ڀلا هن حالت ۾
ڪير جهوپڙي ڇڏي پئي سگهيو؟ سارو ڏينهن شڪارين
ڊپ کان ڏڪندي جهوپڙيءَ اندر ويٺي گذاريو. مٿان
اچي رات پئي پر هنن سمهڻ جي همت ئي ڪانه ڪئي.
ورندي صبح جو جهاتي پائي ڏٺائون. پنج چيتا وڃي
چڪا هئا، باقي صرف هڪڙو رهيل هو.
”اسين هن جي وڃڻ جو پڻ انتظار ڪنداسين.“ هو هڪ
ٻئي کي چوڻ لڳا. سارا پنج ڏينهن هو جهوپڙيءَ ۾
ويٺا رهيا. هنن پنهنجو سمورو کاڌو کائي کپائي
چٽ ڪري ڇڏيو ۽ هينئر بک کان پاهه ٿيڻ لڳا ۽
اُڃ مرڻ لڳا، ان هوندي به هو ٻاهر وڃڻ کان پئي
ڊنا، چيتو چانئٺ وٽ ويٺو ئي رهيو.
ڇهين ڏينهن تي وڏي شڪاريءَ چيو: ”هي تيسين در
نه ڇڏيندو، جيسين ڪنهن کي کائي چٽ نه ڪري.“ سڀ
چپ رهيا، پاڻ کي ٻئي جي سامهون ڊيڄو ظاهر ڪرڻ
جي ڊپ کان ڪنهن به انڪار نه ڪيو. آخر هڪ ڄڻي
بيڊپو ٿي چيو: ”هائو!“ وڏي شڪاريءَ وري
ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”ڇهن ڄڻن جي بک وگهي مرڻ
کان بهتر آهي ته هڪ ماڻهو جان جي قرباني ڏي.“
”پر ويندو ڪير؟“ ننڍڙي ڇوڪري پڇيو، ”تون ٻيو
ڪير؟“ سڀني شڪارين ڏانهنس اشارو ڪندي چيو،
”اسين سڀ ٻچڙيوال آهيون. تون ته ڇورو آهين.
رڳو هڪ ماءُ اٿئي، سا به جهور پوڙهي.“
ڇوڪري ٿورو وقت سوچيو ۽ سڀني ڏانهن نهاري در
کي ڌڪو ڏيئي کوليندي چائنٺ تي ٿي بيٺو. چيتو
هن ڏانهن وڌي آيو، هن چاهيو ته چيتي جي پيٽ
هيٺان ريڙهيون پائي، پر چيتي پنهنجو ڪنڌ
جهڪائي ڇڏيو هن چيتي جي پٺيءَ تي ٽپ ڏيئي چڙهڻ
جو سوچيو ئي مس ته چيتي وري ڪنڌ مٿي کنيو.
ڇوڪرو اٽڪل ڪري زمين تي ليٽي پيو، چيتي پنهنجو
ڪنڌ نوڙائي ڇڏيو. ڇوڪري واري اُمالڪ سندس مٿي
تي پير رکي ٽپ ڏنو ۽ مٿان وڻ جي لڙڪندڙ ٽاريءَ
کي چنبڙي پيو. پنهنجو پاڻ کي مٿي اڇليندي هو
وڻ ي تمام گهڻي اوچائيءَ تائين پهچي ويو. هي
ڏسي چيتي هڪ ڀيانڪ گجگوڙ ڪئي ۽ وڻ کي اهڙو ته
زور سان چنبو هنيائين جو اهو پاڙ کان چوٽيءَ
تائين لڏي ويو. ان کانپوءِ هو نرا کڻندي وڃي
ڏارن ۾ اٽڪي پيو. مٿي تي زبردست ڌڪ لڳس ۽ اتي
بيسود چنبا هڻندي هڻندي ٿڪجي پيو.
ٻين شڪارين جو هي لقاءُ ڏٺو، سو جهوپڙي مان
ٻاهر ڌوڪيندا آيا. ڇوڪري، وڻ جي چوٽي تي ويٺي،
هنن کي رڙ ڪئي: ”چيتو هاڻي ڦاٿو آهي. تير هڻي
ماري ويجهوس. وارو ڪيو!“
شڪارين ڇوڪري جي لفظن ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو
۽ کڙين تي زور رکيائون.
”ته توهان مون کي اڪيلو ڇڏي ٿا وڃو!“ ڇوڪري رڙ
ڪري چيو ”چڱو چيتو ته وري به ڦاٿل آهي.“
هو وڻ تان هيٺ لهي آيو ۽ چيتي کي مخاطب ٿي
چيائين: ”تون مون کي کائي کپائڻ پئي چاهيو، پر
تون خود وڻ ۾ ڦاسي پيو آهين!“
چيتي جو دم گهٽجڻ لڳو. هو ورندي ڏيئي نه
سگهيو. هن صرف ڇوڪري ڏانهن ڏٺو ۽ سندس کاٻي اک
۾ هڪ لڙڪ تري آيو. ڇوڪري کي هن تي رحم اچي
ويو. هو ڪهاڙي کڻي آيو ۽ انهيءَ شاخ کي ڪپي
ڇڏيائين جنهن ۾ چيتو ڦاٿل هو، شاخ ڀڄي ڀور ڀور
ٿي پئي ۽ چيتو هيٺ ڦهڪو ڪري اچي پٽ تي پيو.
ڇوڪري چيو: ”جيڪي ٿيو، سو ٿيو؛ پر مون پنهنجي
پير تي پاڻهي ڪهاڙو وهايو آهي.“
چيتي جواب ڏنو: ”تو دشمن کي نه پر هڪ دوست کي
آزاد ڪيو آهي، مان توکي ان جي عيوض ۾ شڪاريءَ
جو بخت ڏيندس.“ ان کانپوءِ هو ڇوڪري کان
موڪلائي راهي ٿيو، ڇوڪرو بيهي سوچڻ لڳو: ”مون
کي پنهنجو بخت آزمائڻ گهرجي.“
هن پنج سيبلن (سيبل –خاص قسم جو ننڍڙو جانور
آهي جنهن جي بج ڏاڍي قيمتي ٿئي ٿي) کي ڦاسائڻ
واريون ڄاريون پکيڙيون ۽ آرام ڪرڻ لاءِ جهوپڙي
۾ هليو ويو. صبح جو اُٿڻ ساڻ هو جهوپڙي کان
ٻاهر آيو ته هڪ سيبل ڦاٿل ڏٺائين. ”هي ته تمام
ٿورو شڪار لڳو آهي!“ هو پنهنجي منهن چوڻ لڳو،
”مون کي هن جي بج مان گهڻا پئسا ڪونه ملندا.
شايد چيتو مون سان ٺڳي ڪري ويو آهي.“
پر هڪ دفعو ٻيهر هن پنهنجون ڄاريون پکيڙيون.
هن واري ته 3 سيبل ڦاٿا. هن جو ڀاڳ کلي پيو.
اهڙيءَ طرح روزانو هن کي ڪيترائي سيبل ڦاٿل
ملندا هئا. آخري ڏينهن تي هن جي ڄارين ۾ ٽي
اهڙا سيبل ڦاٿا جن جي قيمت ڪٿڻ ئي مشڪل ڳالهه
هئي.
”هينئر مون کي گهر ويندي شرم ڪونه ايندو!“ هو
پنهنجو پاڻ کي چوڻ لڳو، هو پوءِ واپس روانو
ٿيو. جڏهن ڳوٺ پهتو ته پاڻ کي هڪ ننڍي باغ ۾
لڪايائين. رات پوڻ تي گهر کسڪي ويو. سموري
قيمتي بج هن پنهنجي ننڍي پيتيءَ ۾ رکي ڇڏي،
صبح ٿيڻ شرط هن پيتي کولي ۽ ان جي کڙڪي تي
ماڻس ننڊ مان سجاڳ ٿي پيئي، اٿڻ ساڻ ئي اچي
پنهنجي ٻچڙي کي ٻَک وڌائين ۽ هنجون هارڻ شروع
ڪري ڏنائين، شڪارين کيس ٻڌايو هو ته سندس پٽ
جهنگلي چيتي جو شڪار ٿي ويو هو ۽ ان ڏينهن کان
وٺي پار ڪڍي روئندي هئي. پر هن اڄ خوشي وچان
ڳوڙها پئي ڳاڙيا قيمتي بَج کي ته هن ڏٺوئي
ڪين، هن لاءِ بي بها بج سندس پٽ ئي هو.
صبح جو سڄي ڳوٺ ۾ ڇوڪري جي موٽي اچڻ جي خبر وڄ
جيان پکڙجي ويئي. هر ماڻهو جي وات اهائي وائي
هئي ته ڇوڪرو خالي هٿين واپس نه آيو آهي، هنن
کي اها خبر ڪيئن پئي؟ ڇا کين ڪنهن ٻڌايو هو؟
جواب تمام آسان آهي. هڪ ڇوڪرو جيڪو چيتي جي
چنبي مان پاڻ بچائي آيو آهي، سو وڏي بخت وارو
چئبو ۽ اها سمجهڻ جهڙي ڳالهه آهي ته اهڙو
خوشنصيب ماڻهو خالي هٿين ڪڏهن به واپس نه
ايندو.
سج اڃا ڪَني ئي مس ٻاهر ڪڍي هئي جو سندس هڪ
شاهوڪار پاڙيسري جيڪو هميشھ شڪارين کان بج
وغيره خريد ڪندو هو، سندس گهر آيو.
”ڇا آندو اٿئي ڇوڪرا!، ڏسون ته سهي“ دولتمند
شخص چيو.
ڇوڪري هن کي سادي بج ڏيکاري، دولتمند پنهنجو
هٿ لوڏي چيو: ”ڇان تون سمجهين سگهين ٿو ته مان
تو وٽ اهڙي قيمتي بج لاءِ آيو آهيان؟“
ڇوڪري وراڻيو: ”جيڪو ٻي وک لاءِ پير کڻڻ گهري
ٿو، ان کي پهريائين پهرين وک کڻڻ گهرجي.“
”هن کي ته ڏسو!“ حيرت ۾ پئجي ويل واپاريءَ هن
ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”ڪو عام ماڻهو ته ناهي،
ڏاڍو چالاڪ ۽ هوشيار نينگر آهي.“
”چيتي جي چنبي هيٺان هڪ سيڪنڊ به سال مثل
لڳندو آهي.“ ڇوڪري وراڻيو.
”چڱو ٺيڪ ٿيو، هي بَج مان خريد ڪندس. ٻي به
هجي ته ڏيکار.“
ڇوڪري پنهنجي پيتي کولي، پهريائين هن اها بج
وڪي جيڪا گهٽ قيمت واري هئي ۽ ان بعد اها بج
جيڪا ڪجهه وڌيڪ قيمت واري هئي، پوءِ هن اهي ٽي
چمڪندڙ بج جا ويڙهيا واپاريءَ اڳيان رکيا، جن
جي قيمت ڪٿڻ ئي مشڪل مسئلو هو، ان بج کي ڏسي
واپاريءَ جون اکيون ڦاٽي ويون ۽ هٿ ڏڪڻ لڳس.
هن پنهنجي ٿيلهيءَ مان سمورا پئسا سواءِ ڳڻڻ
جي ڇوڪري جي اڳيان هارڻ شروع ڪيا، هن اهي سڀ
پئسا پنهنجي ماءُ جي حوالي ڪيا.
ڇوڪري ۽ سندس ماءُ لاءِ هينئر غربت جا ڏينهن
ختم ٿي چڪا هئا، ان ڏينهن کان وٺي جڏهن به ڳوٺ
جا شڪاري جهنگل ڏانهن شڪار ڪرڻ ويندا هئا ته
هن ڇوڪري کي پنهنجو ساٿي ڪري کڻندا هئا، ڇو جو
هو نه صرف بخت وارو هو پر ٻين لاءِ به ڀاڳ کڻي
ايندو هو. ننڍڙي شڪاريءَ ڪڏهن به ساڻن گڏ هلڻ
کان انڪار نه ڪيو پر هو انهن پنجن شڪارين سان
گڏ هلڻ لاءِ ڪڏهن به راضي نه ٿيو. جن کيس چيتي
جو لقمو بنائڻ لاءِ ڄاڻي واڻي ڇڏي ڏنو هو.
ضرورت آهي
اسان کي پنهنجي ماهوار سنڌي ڪتاب
لاءِ سٺين ڪهاڻين، افسانن ۽ شعرن
جي ضرورت آهي. لکندڙ پنهنجي
لکڻيءَ سان گڏ پنهنجو مڪمل نالو،
تعارف، ايڊريس ۽ فوٽو موڪلين.
هيرو ايس گرناڻي
ايڊيٽر:
پوسٽ باڪس نمبر 641
جي. پي.ا و ڪراچي |
الطاف حسين جوکيو محرابپور
وڏائيءَ جي سزا
هڪڙو هوندو هو بادشاهه. بادشاهه پاڻ الله آهي،
پر هيءُ هن زماني جو بادشاهه هو. هو ڏاڍو
مغرور ۽ هٺيلو هوندو هو. سمجهندو هو ته انسان
جي عزت ۽ ذلت به منهنجي هٿ ۾ آهي. ته ڀاڳ ۽
نڀاڳ به منهنجي وس آهي. هو چوندو هو ته آءُ
جيئن چاهيان، تيئن ڪري سگهان ٿو. هو اهڙو ته
ظالم هو، جو ماڻهن کي بنا ڪنهن ڏوهه جي ڦاسيءَ
چاڙهائي ڇڏيندو هو. يا انهن جون کلون لهرائي
ڇڏيندو هو. ايترو سو هو، جو هر روز قرآن شريف
جو دور ڪندو هو.
هڪ ڏينهن جو ذڪر آهي ته صبح جو قرآن شريف پڙهي
رهيو هو. دور ڪندي انهيءَ آيت تي اچي پهتو،
جنهن جو مطلب آهي ته ”عزت ۽ ذلت رب پاڪ جي
طرفان آهي“ اها آيت پڙهي، مرڪيو ۽ دل ۾ وهم
پيدا ٿيس ته ”آءُ به زمين جو بادشاهه آهيان. ۽
منهنجي هٿ ۾ به ته انسانن جي عزت ۽ ذلت آهي.
آءُ به انسان جي جان وٺي سگهان ٿو يا ڪنهن کي
جيئدان بخشي سگهان ٿو.“ اهو سوچي، قرآن شريف
ٺپي رکيائين.
خدا جي قدرت اهڙي، جو هڪ ڏينهن، پنهنجن وزيرن
اميرن سان گڏجي، شڪار تي نڪتو، گهڻي ڊوڙ ڊڪ
کانپوءِ، نيٺ کيس هڪ هرڻ نظر آيو. بادشاهه هرڻ
جي لالچ تي، هن جو پيچو ڪونه ڇڏيو ۽ اتي،
پنهنجي وزيرن ۽ اميرن کان وڇڙي ويو. سج به صفا
لڪي ويو ۽ چوطرف اوندهه پکڙجي ويئي، بادشاهه
جي نظرن کان هرڻ به غائب ٿي ويو ۽ پنهنجو رستو
به ڀلجي ويس. ويچارو ڏاڍو اچي تنگ ٿيو. پري
کان ڪنهن شهر جو اهڃاڻ نظر آيس، جو ان طرف کان
روشني اچي رهي هئي. بادشاهه ان طرف گهوڙو
ڊڪايو، پر اتي پهچڻ کانپوءِ معلوم ٿيس ته شهر
جي ڪوٽ جو دروازو بند ٿي ويو هو. نيٺ نااميد
ٿي، هڪ وڻ هيٺان، گهوڙو ٻڌي، پاڻ به اَهلي
پيو. ايترو ته ٿڪل هو، جو جلد ئي ننڊ کڻي ويس.
صبح جوجان کڻي ننڊ مان اٿي، ڏسي ته سندس مٿان
ٻه سپاهي بيٺا آهن. هنن جي هٿن ۾ تصوير ۽ ٻيا
ڪاغذ آهن ۽ هر هر ڏانهنس پيا نهارين؛ ۽ ان
تصوير کي به پيا ڏسن، هن کي جاڳندو ڏسي، لت
ڏيئي کڻي ٻڌائونس. ۽ چيائونس ته ”تون اسان جي
بادشاهه جي پٽ جو قاتل آهين. توکي اسان ڏاڍو
ڳوليو آهي. هي تصوير تنهنجي آهي ۽ اسان کي
سڃاڻپ لاءِ ڏني ويئي آهي.“ بادشاهه اها تصوير
ڏٺي ۽ پاڻ کي به ائين لڳس، ڄڻڪ اها سندس هئي.
ويچارو اچي منجهيو ۽ انهن کي ڏاڍا ايلاز ۽
منٿون ڪيائين پر انهن هڪ به نه ٻڌس ۽ گهلي
بادشاهه جي درٻار ۾ وٺي آيس. بادشاهه هن کي
ڏسي، هڪدم حڪم ڏنو ته هن جون ڄنگهون ۽ ٻانهون
ڪپيون وڃن. پوءِ کيس محل جي در وٽ ڦٽو ڪيو
وڃي. هن حڪم جي هڪدم تعميل ٿي ويئي ۽ هن جون
ڄنگهون ۽ ٻانهون ڌار ڪيون ويون ۽ باقي ڍڍري
کڻي، اچي بادشاهه جي محلات جي در تي رکيائون
ته جيئن ماڻهو انهيءَ مان عبرت حاصل ڪن.
اتي بادشاهه دل ۾ سمجهي ويو ته ”هيءَ قدرت جي
طرفان مصيبت آهي. جيڪا مون تي وڏائيءَ سبب
نازل ٿي آهي ۽ خاص ڪري ان جو سبب اهو آهي، جو
مون قرآن شريف جي آيت تي گمان ڪيو هو ۽ ان تي
مشڪيو هوس. اها حقيقت آهي ته عزت ۽ ذلت رب پاڪ
جي طرفان آهي.“
اهڙيءَ طرح اها ڍڍري هر وقت رئڻ ۽ پڇتائڻ ۾
گذاريندي هئي ۽ قرآن شريف آلاپ ۽ سوز سان
تلاوت ڪندي هئي. اهڙيءَ طرح ڪيترائي ڏينهن
لنگهي ويا.
محلات جي در تي جو هي ويٺو هوندو هو ۽ قرآن
شريف جي تلاوت ڪندو هو، سو سندس سوز ۽ سڪ وارو
آواز بادشاهه جي محلات تائين پيو پهچندو هو ۽
بادشاهه جي ڌيءَ اهو تلاوت جو آواز ڏاڍي شوق
سان ٻڌندي هئي. هڪ ڏينهن شهزاديءَ بادشاهه کي
عرض ڪيو ته ”مون کي قرآن شريف پڙهڻ جو شوق ٿيو
آهي. سو مون کي اجازت ڏيو ته انهيءَ ڍڍري وٽ
قرآن شريف پڙهان.“ بادشاهه ڳالهه قبول ڪئي.
ڍڍريءَ کي حڪم ٿيو ته شهزاديءَ کي قرآن شريف
پڙهايو وڃي. اهڙي طرح، اها ڍڍري شهزاديءَ کي
قرآن شريف پڙهائي رهي هئي ته اوچتو اها ساڳي
آيت آئي، جنهن تي هن گمان ڪيو هو؟ ۽ ان تي
مشڪيو هو. انهيءَ آيت پڙهڻ شرط ڍڍريءَ جي اکين
مان پاڻيءَ جا نار جاري ٿي ويا. شهزاديءَ اهو
ڏسي، رئڻ جو سبب معلوم ڪرڻ چاهيو. ڍڍريءَ گهڻو
ئي نٽايو، پر شهزاديءَ جي گهڻي زور ڀرڻ تي سڄي
حقيقت ڪري ٻڌايائين. شهزاديءَ ڏاڍو افسوس ڪيو
۽ هڪدم وڃي پيءُ سان ڳالهه ڪيائين. پڻس ڍڍريءَ
کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ حقيقت معلوم ڪيائين. پوءِ
هڪدم ان ڍڍريءَ جي بادشاهيءَ ۾ ماڻهو
موڪليائين جتان به کيس اها ئي ڳالهه معلوم ٿي
ته هنن جو بادشاهه گم ٿي ويل آهي. اهي امير
وزير به آيا ۽ ڍڍريءَکي ڏسي سڃاتائون ۽
بادشاهه وٽ تصديق ڪيائون پوءِ بادشاهه ڪيل
خطا، گناهه ۽ ظلم جي عيوض کيس پنهنجي شهزاديءَ
سان شادي ڪرائي. شاديءَ واري رات تي ان ڍڍريءَ
۽ شهزاديءَ ڏاڍو رب جي در ٻاڏايو ۽ ڍڍريءَ
پنهنجي گناهه کان توبهه ڪئي. خدا جي قدرت
اهڙي، جو صبح جو اها ڍڍري ننڊ مان اٿي ڏسي ته
کيس ٻانهون به آهن ته ڄنگهون به. نيٺ اهو
بادشاهه پنهنجي راڻيءَ کي ساڻ ڪري پنهنجي ملڪ
ويو: ۽ اتي حڪومت ڪرڻ لڳو. انهيءَ کانپوءِ
قرآن شريف پڙهندي جڏهن به انهيءَ آيت تي
پهچندو هو، ته رب جي در توبهه ڪندو هو ۽ ان
آيت جي سچائيءَ کي دل جي صدق سان مڃيندو هو.