گذارش
پيارا ٻارو:
اوهين موڪلون ماڻي پنهنجي پنهنجي اسڪولن ۾
پهچي چڪا هوندائو، ۽ پڙهائيءَ ۾ مشغول ٿي چڪا
هوندائو. هن مهيني جو ”گل ڦل“ ڪيترين ڪوششن
هوندي به دير سان نڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته
پريس ۾ ڪورس جا ڪتاب ڇپجي رهيا هئا، ان ڪري
اها دير ايندڙ پرچي کان پوري ڪئي ويندي.
گذريل پرچي ۾ ٻارن کي اها گذارش ڪيل هئي ته
پنهنجون لکڻيون نقل ٿيل نه موڪلين، پر ان
ڏانهن ڪن ٻارن ته ڌيان ئي ڪونه ڏنو آهي، جنهن
ڪري اسان کي مجبورن اهڙن ٻارن جا نالا، ”نه
شايع ڪرڻ جهڙا ليکڪ“ ۾ شمار ڪري، سندن آيل
لکڻيون رد ڪرڻيون پونديون، ان ڪري وري به هڪ
دفعو گذارش آهي ته ترجما ڀلي ڪريو پر ڪنهن به
سنڌي ڪتاب يا رسالي تان نقل ڪري نه موڪليو.
اوهان جا خط جيڪي به اچن ٿا، انهن ۾ سڀ مواد
گڏ ئي اچي ٿو، جنهن ڪري انهن کي جدا ڪرڻ ممڪن
ڪونهي. اهو اڳ به چيل آهي ته هاڻي به ٻارن کي
گهرجي ته هر قسم جو مواد جدا جدا پنن تي
موڪلين پر جيڪڏهن گڏ هوندو ته اهو اسان جي
مرضيءَ تي ڇڏيل آهي ته انهن مان ڪهڙو مواد
شايع ڪريون ۽ ڪهڙو ڇڏي ڏيون.
فوٽا
ٻارن جا فوٽا شايع ڪرڻ لاءِ اسان جيڪو اعلان
ڪيو هو، ان جي موٽ ۾ ٻارن جا فوٽا گهڻائي اسان
وٽ پهتل آهن، انهن مان جيڪي شايع ڪرڻ جهڙا
آهن، اهي اسان هن پرچي ۾ شايع ڪيا آهن، ناقابل
اشاعت فوٽن جي فهرست اسان هن ئي پرچي ۾ ڏني
آهي. ڪيترائي فوٽا پراڻا، دونهاٽيل ۽ گهنجيل
آهن، جن جا بلاڪ ٺهي ڪونه سگهندا. مهرباني ڪري
فوٽا پاسپورٽ سائيز کان وڏا نه موڪليو ۽ فوٽا
به ڪنهن سٺي ڪئميرا يا اسٽوڊيو جا نڪتل هجن،
اهي ئي شايع ڪري سگهبا. ڪن ٻارن جا فوٽا ٻارن
جا نٿا لڳن، بلڪه اهي ٻاراڻي وهي گذار چڪا
آهن، ان ڪري انهن جا فوٽا به ناقابل اشاعت
سمجهڻ گهرجن. سورهن سالن کان وڏيءَ عمر جي
ٻارن جا فوٽا شايع ڪونه ٿي سگهندا، ان ڪري
فوٽن موڪلڻ وقت ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو
وڃي.
سالنامون
گل ڦل جي پڙهندڙن لاءِ اهو اعلان خوشيءَ جو
باعث ٿيندو ته جنوري 1976ع جو پرچو سالنامون
ڪري ڪڍيو ويندو، گل ڦل جو هي سالنامون، سڄو
رنگين هوندو ۽ اٽڪل ڏيڍ سئو صفحن تي مشتمل
هوندو. ٻارڙن کي گهرجي ته سالنامي ۾ پنهنجو
مواد شايع ڪرڻ لاءِ اڄ ئي کان تياريون شروع
ڪن. اسان چاهيون ٿا ته گل ڦل جو سالنامون هڪ
مثالي سالنامون ٿئي. جن به ٻارڙن کي سالنامي
لاءِ ڪي نيون تجويزون موڪلڻيون هجن، سي 30
سيپٽمبر تائين ڏياري موڪلين. سالنامي لاءِ ليک
۽ سمورو مواد پهرين نومبر 1975ع تائين پهچي
وڃڻ گهرجي.
شڪر گذاري
اسان ادي پنهور ذوالفقار علي نياز ۽ ادي محمود
الحسن مغل جا ٿورائتا آهيون جن پنهنجي موڪلن
۾، گل ڦل جي آفيس ۾ اچي، اسان سان خيالن جي ڏي
وٺ ڪئي ۽ اعزازي طور ڪم ڪار ۾ اسان سان ساٿ
ڏنو. اهو سڀني ٻارن لاءِ هڪ مثال آهي، جيئن ته
گل ڦل اوهان جو پنهنجو رسالو آهي، ان ڪري ان
ڪاميابيءَ جي منزل تائين پهچائڻ ۾ اوهان جي
صلاحن، مشورن ۽ ساٿ جي ضرورت آهي، جيڪي هتي
اچڻ کانسواءِ، خط و ڪتابت ذريعي به موڪلي
سگهجن ٿيون. اميد ته گل ڦل جا ٻارڙا هن سلسلي
۾ اسان کي سڏيءَ سڏ ڏيئي، گل ڦل کي سينگارڻ ۾
سهڪار ڪندا.
اوهان جو پنهنجو
انور هالائي
منصور ويراڳي
گل
ڦل
اسان ٻارڙن جو آ گل ڦل پيارو،
ادب جي جهان ۾ سدا ناميارو.
گلن ۽ ڦلن سان اسان جو پيار آ،
اسان وٽ سدائين بهار ئي بهار آ،
چمن ۾ هجي ڀل خزان يا سيارو.
هي دنيا اسان جي سڀن کان نياري،
ڪتابن سان پختي پڪي آه ياري،
لڳل نينهن نازڪ ۽ نرمل نيارو.
ڪيون روز قرآن جي ٿا تلاوت،
رسي روح کي ان منجهان خوب راحت،
اهو ئي بلاشڪ اندر جو اجارو.
خدا کان سواءِ ٻيو نه مشڪلڪشا آ،
محمد سڀن جو سچو رهنما آ،
سُجهي ڪين تِن کان سوا ٻيو سهارو.
وڏن جي نصيحت تي هر دم هلي جو،
گلن ۽ ڦل کان به وڌ ٿو وڻي سو،
اهو آه جت ڪٿ ڀلي ڀاڳ وارو.
اسان علم جي جوت دڳ دڳ جلايون،
عمل سان حياتي ٿا روشن بڻايون،
سڄي جڳ ۾ چمڪي اسان جو ستارو.
سدا ياد ”منصور“ جا گيت آهن،
وطن جي چمن ۾ سڀئي ٿا ڳائن،
اچي ويو، اچي ويو، بهاري جو وارو.
ادل سومرو
مُرڪون
موٽيون ماڳ تي
ٻاجهر سنگ پچن ٿا،
ڌرتيءَ ٻار نچن ٿا.
ٿڌڙا مينهن پون ٿا،
ڳاڙها گُل ڦٽن ٿا،
ڊڀڙا ڍور چرن ٿا.
ڪوئل ڪڻڇي، تتر طوطا،
وڻ وڻ لات لنون ٿا،
ريڍر راڳ چون ٿا.
نچندي ٽپندي، کلندي ڪڏندي،
ٻالڪ راند رهن ٿا.
ماٽن کير جهٻُن ٿا،
ڏکيا ڏينهن مرن ٿا،
سکيا ڏينهن ورن ٿا.
شاديءَ سؤڻ ٿين ٿا،
ميهر موڙ ٻڌن ٿا،
واڄا خوب وڄن ٿا.
پنهوارن جي پکڙن مان،
ٽهه ٽهه ٽهڪ اچن ٿا.
وستيءَ وستيءَ واهڻ واهڻ،
ميڙا موج مچن ٿا.
ڌرتيءَ ٻار نچن ٿا،
ٻاجهر سنگ پچن ٿا.