ڪنيز فاطمھ دڙو
لال شهباز قلندر
(هن مهيني جي 26 کان 28 تاريخ تائين حضرت لال
شهباز قلندر جو ميلو لڳي رهيو آهي. ان موقعي
تي ٻارن جي معلومات لاءِ ان بابت مضمون پيش
ڪجي ٿو -ادارو)
اسان جي سنڌ درويشن، اوليائن، بزرگن ۽ خدا جي
نيڪ ٻانهن جي ڌرتي آهي، جنهن جي باعث نه فقط
سنڌ جي عظمت قائم آهي، بلڪه انهن نيڪ ٻانهن جي
درگاهن ۽ مزارن تي هر سال نهايت عقيدت سان
ٻارهو ملهايو ويندو آهي.
حضرت قلندر لال شهباز به انهن بزرگ هستين مان
هڪ هو، جنهن جي پاڪائي، نيڪي ۽ زهد و رياضت،
سنڌ کي اڇو اُجرو ڪري ڇڏيو آهي. چون ٿا ته
سندس اصل نالو عثمان هو ۽ لال شهباز قلندر
سندن لقب هو. پاڻ آذر بائيجان جي مروند ڳوٺ ۾
پيدا ٿيا هئا. اتي ئي تعليم و تربيت حاصل
ڪيائون، جڏهن جوان ٿيا ته ان وقت جي مشهور
بزرگ بابا ابراهيم جا مريد ٿيا، ان کانپوءِ،
حج بيت الله ۽ ٻين پاڪ زيارتن لاءِ سير و سفر
تي نڪتا، جتان هندستان ۾ آيا ته ملتان ۾ اچي
رهيا. ملتان ان زماني ۾ نيڪ ٻانهن جو مرڪز هو.
حضرت قلندر شهباز ۾ خدا جي ذڪر ۽ روحانيت جو
ايڏو جذبو هوندو هو جو قلندرانه مستيءَ ۾ محو
هوندا هئا. ان ڪري ملتان جي هڪ قاضي قطب الدين
سندن خلاف فتويٰ ڏني. جنهن تان پاڻ ڪاوڙجي شيخ
بهاؤالدين ذڪريا ڏانهن دانهن کڻي ويا پر شيخ
ذڪريا جي هڪ نگاهه قلندر جي گرميءَ کي ٿڌو ڪري
ڇڏيو ۽ کين پنهنجي رشد و هدايت جي حلقي ۾ شامل
ڪري ڇڏيو ۽ کيس شهباز قلندر جو لقب ڏنو. ان
کانپوءِ حضرت شيخ شرف الدين بو علي شاهه جن جي
هدايت تي سنڌ ڏانهن دين جي تبليغ لاءِ روانا
ٿيا. لال شهباز قلندر سندن راءِ مڃي سنڌ ڏانهن
روانا ٿيا.
ان دور ۾ سيوهڻ، سنڌ جي براين جو وڏو مرڪز هو،
ماڻهو شرڪ ۽ بت پرستيءَ جهڙين جهالتن جا غلام
بنجي چڪا هئا. نيڪي، سندن ڪنن ۾ شيهو پلٽائي
ڇڏيو هو، ان ڪري حضرت قلندر جن، سيوهڻ ۾ ئي
رهڻ جو ارادو ڪيو ۽ اتي پهچڻ کانپوءِ قلندر
لال شهباز جن محبت، اخلاق ۽ نيڪي جا اهي واهڙ
وهايا، جو ماڻهن جي دلين تان برائي ۽ بڇڙائيءَ
جو ڪٽ لهڻ لڳو ۽ سندن سينو سچائي جي آئيني
وانگر چمڪڻ لڳو. اهي پنهنجي گناهن کان توبهه
تائب ٿيا. ڪفر ۽ شرڪ جي اونداهه مان نڪري
ايمان ۽ اسلام جي روشنيءَ ۾ الله جي عبادت ۾
مشغول ٿي ويا. سيوهاڻين ۽ سندس مريدن جو
پنهنجي مرشد حضرت قلندر شهباز ۾ ايڏو عقيدو
وڌي ويو، جو هو سندس عشق ۾ پچڻ ۽ نچڻ لڳا. چيو
وڃي ٿو ته حضرت عثمان جن سيوهڻ ۾ فقط ڇهه سال
قيام ڪيو ۽ ان ٿوري عرصي ۾ دين جي تبليغ جو
ايڏو ڪم ڪيائون جو هوند سئو سالن ۾ به نه ٿي
سگهي.
حضرت شهباز قلندر سنه 673 هجري ۾ 112 ورهين جي
ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندن روضو پهريائين سلطان
فيروز تغلق جي ڏينهن ۾ جڙيو، ان جي مزار جاني
بيگ جي وفات کانپوءِ مرزا غازي بيگ مرمت
ڪرائي، اها مرمت ڪلهوڙن جي دور تائين جدا جدا
حاڪمن جاري رکي. هن وقت شهنشاهه ايران وٽان
مليل تحفي طور سونو دروازو قلندر شهباز جي
درگاهه تي لڳايو ويو آهي. ان کانسواءِ سيوهڻ
کي قلندر جي اهميت جي نڪته نگاهه کان عوامي
حڪومت، جديد شهر بنائڻ جي رٿابندي تي پڻ عمل
ڪري رهي آهي.
سر ورق
تي جيڪا تصوير آهي، ان جو عنوان اوهان پاڻ مقرر ڪريو.
۽ اسان ڏانهن 15 سيپٽمبر کان اڳ ڏياري موڪليو.
عنوان ۽ ٻارن جا نالا آڪٽوبر واري پرچي ۾ شايع ڪيا ويندا. |
اوهان جو امتحان
جون 1975ع واري پرچي ۾ ڏنل امتحان جو صحيح
جواب آهي ته قاضيءَ فيصلو ڏنو ته اٺ ئي زمرد،
ٻن مانين وارن کي ملن. ڇاڪاڻ ته ٽي مانيون ۽
ٽي کائڻ وارا هئا. ٻن مانين واري جي هڪ ماني
سوداگر کاڌي، ان ڪري اٺ ئي زمرد، ان جو حق
آهي. جن ٻارن صحيح جواب موڪليا آهن، انهن جا
نالا: مٺيءَ کان لڇمڻداس ٻڌو مل، کاٽائو سنڌي،
شنڪر شاد، ڪلوئي ڏيپلو کان چنديرام، ڳوٺ گل
محمدچانڊيو خيرپور ناٿن شاهه کان سڪندر علي
بلوچ، سرهاڙي کان غلام رسول مشوري، ٽنڊوباگو
کان گورڌنداس لهاڻو، اشوڪ ڪمار آزاد، گجوضلعو
ٺٽو کان تراب علي جوکيو ۽ زمان علي جوکيو، ڳوٺ
مير يار محمد ٽالپر کان الهبچايو چانڊيو، نظير
حسين ٽالپر، شهر ٻيلو سجاول کان گل محمد ميمڻ،
ٺٽو کان مقبول احمد عباسي، منير احمد ميمڻ،
سکر کان رميش ڪمار، عبدالرشيد انصاري صابر،
هالا کان امتياز احمد ابڙو، اسرار احمد ميمڻ،
مفتون احمد شيخ، اسلم سعيد ميمڻ، امير الدين
ابڙو، سيما شاهي، فوزيه قمر، پروين فيروز ۽
انيلا نور. قمبر کان بخت جمال شيخ، نيو سعيد
آباد کان امتياز حسين ميمڻ ۽ يوسف گل ميمڻ،
مٽياري کان ظهير الدين شيخ ۽ نياز الدين شيخ،
ڳوٺ دولت لغاري کان محمد سراز ۽ ملوڪ سراز،
لاڙڪاڻي کان عطا محمد صديقي، ميمڻ عبدالوحيد
سنڌي، مورو کان عبدالفتاح ميمڻ، رتوديرو کان
اختر حسين گهانگهرو، دڙو کان عبدالمجيد سومرو،
ڳوٺ سومار ڪنڊاڻي ملير ڪراچي کان رسول بخش
خاصخيلي، حيدرآباد کان افتخار احمد ميمڻ،
خيرپور ميرس کان احسان الله حداد ۽ اقبال احمد
ڏوگر، ڳوٺ عرض محمد بلوچ کان شرف الدين بلوچ،
سنڌ يونيورسٽي کان پنهور ذوالفقار علي نياز ۽
محمود الحسن مغل، ڀٽ ڀائٽي کپرو کان عبدالغني
سمون، ڪنڌڪوٽ کان جئپالداس، ڏهه جواب اهڙا آيا
آهن، جن تي ڪنهن به ٻار يا ڳوٺ جو نالو لکيل
ڪونهي.
گل ڦل انعامي مقابلي جو نتيجو
مئي 1975ع ۾ گل ڦل انعامي مقابلي لاءِ ٻارن کي
”وڌي جڏهن وڏو ٿيندس.“ جي عنوان تي مضمون لکڻ
جي دعوت ڏني ويئي هئي، جنهن جي موٽ ۾ هيٺين
ٽيهن ٻارن پنهنجا مضمون ڏياري موڪليا.
(1)سعيد احمد شيخ روهڙي (2) محمد انور ڪوٽائي
ميرپوربٺورو (3) محمد اسلم تنيو لاڙڪاڻو (4)
سيف الدين شمس ڀٽي (5) عبدالعزيز رنگريز
ميرپوربٺورو (6) عبدالصمد ميمڻ سجاول (7) اڪرم
سومرو خيرپور (8) محمد منير تلهار (9) عطاء
الرحمان وارهه (10) عبدالسبحان دايو ڪنڌڪوٽ
(11) شرف الدين بلوچ ڳوٺ عرض محمد بلوچ (12)
راز سنڌي شڪارپور (13) اشوڪ ڪمار آزاد
ٽنڊوباگو (14) بنا نالي (15) محمد عثمان ناز
سنائي (16) پروانو شوڪت علي کماڻ ٺٽو (17)
غلام حسين مشتاق ڳوٺ گهنور زرداري (18) انعام
جوشيلو لاڙڪاڻو (19) مختار حسين ملڪ خيرپور
ميرس (20) عبدالوهاب انصاري سکر (21) منصور
ابڙو لاڙڪاڻو (22) غلام مجتبيٰ ڪولاچي
ميرپورماٿيلو (23) محمد جمن سرهيو هالا (24)
اسلم سنديلو لاڙڪاڻو (25) ميمڻ عبدالوحيد سنڌي
لاڙڪاڻو (26) غلام رسول مشوري سرهاڙي (27)
اعجاز احمد لاڙڪاڻو (28) لياقت علي ڪانڌڙو
(29) پروانو سليم رضا دڙو (30) علي اڪبر ابڙو
هالا.
ججن جي فيصلي مطابق پهريون نمبر محمد عثمان
ناز سنائي، ٻيو نمبر اشوڪ ڪمار آزاد ٽنڊو باگو
۽ ٽيون نمبر راز سنڌي شڪارپور کي ڏنو ويو آهي.
ٽنهي ڪامياب اميدوارن جا مضمون سندن فوٽن سان
ايندڙ پرچي ۾ شايع ڪيا ويندا ۽ سندن انعام به
ايندڙ پرچي سان موڪليا ويندا. جن ٻارن جا
مضمون انعام کٽي نه سگهيا آهن. اهي اسان وٽ
محفوظ آهن. اهي اگر چاهين ته لکي موڪلين ته
کين مضمون واپس موڪليون. 15 سيپٽمبر کانپوءِ،
اهي مضمون داخل دفتر ڪيا ويندا. اميد آهي ته
اسان جا ادا، جولاءِ واري ٽائيٽل تي ڏنل تصوير
تي ڪهاڻي لکي موڪليندا. جنهن جي آخري تاريخ
28 آگسٽ مان وڌائي 15 سيپٽمبر مقرر
ڪئي ويئي آهي، جيئن ٻارن کي ڪهاڻي سوچڻ ۽ لکڻ
۾ وڌيڪ وقت ملي سگهي. -ايڊيٽر)
گل ڦل انعامي مقابلي ۾ حصو وٺي انعام حاصل ڪرڻ
سان گڏوگڏ پنهنجي لکڻين جو معيار وڌايو.
ملڪ محمد ايوب پڊعيدن.
نتيجو
جو ڏينهن سڄو کيڏندو هو،
جو استاد سان وڙهندو هو،
۽ ماڻهن کي پڻ ستائيندو هو،
اهو فيل ٿيو، اسان پاس ٿياسين!
جو سڀ جي برائي ڪندو هو،
جو پنهنجي وڏائي ڪندو هو،
۽ ڪنهن سان نه چڱائي ڪندو هو،
اهو فيل ٿيو، اسان پاس ٿياسين!
جو خوب شرارت ڪندو هو،
تعليم کان نفرت ڪندو هو،
راندين سان محبت ڪندو هو،
اهو فيل ٿيو، اسان پاس ٿياسين!
جو دير سان اسڪول ويندو هو،
واپس ڀڄي جتان ايندو هو،
۽ گاريون هر دم ڏيندو هو،
اهو فيل ٿيو ، اسان پاس ٿياسين!
جو ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي ماريندو هو،
ماءُ ۽ پيءُ کي ڏک پهچائيندو هو،
۽ استادن جي دل ڏکائيندو هو،
اهو فيل ٿيو، اسان پاس ٿياسين!