اسان کي سڀني سان همدردي سان پيش اچڻ گهرجي، اڪبر
هڪ نهايت ئي غريب ڇوڪرو هو، هن کي ننڍي هوندي کان
ئي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو، هي اڃا ننڍو ئي هو ته
سندس پيءُ گذاري ويو. اڪبر جي ڪلهن تي سندس امڙ ۽
ڇهن ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن جي ذميواري پڻ هئي، مٿان
گهر جي مسواڙ ۽ روزانو ٽن وقتن جي مانيءَ کي پوري
ڪرن هن لاءِ هڪ ڏکيو مرحلو هو. هو گهر جون ضرورتون
پوريون ڪرڻ لاءِ بازار مان ننڍيون ننڍيون شيون
خريد ڪري پاڙي ۾ وڪڻندو هو، ۽ ان سان گڏ پڙهي به
رهيو هو، سڄو ڏينهن محنت مزوري ڪرڻ کان پوءِ هو
رات جو پنهنجي پاڙي ۾ ٿنڀ تي لڳل بلب جي روشني ۾
پڙهندو به هو، انجي خيال ۾ تعليم کانسواءِ ڪوبه
انسان ترقي نٿو ڪري سگهي نه ئي ڪاميابي جي ڪُنجي
هٿ ڪري روشن مستقبل جو در کولي سگهي ٿو.
هڪڙي ڏينهن هن کان ڪنهن به سامان نه ورتو۽ هو تمام
گهڻو پريشان هو ته هو پنهنجن ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن
لاءِ ڇا وٺي ويندو ۽ هو ٽي وقت جي ماني ڪٿان
آڻيندو. هن کي خيال آيو ته هن پنهنجي گهر جي ڀر
واري گهر جو در نه کڙڪايو آهي، پوءِ هن ان گهر جو
دروازو کڙڪايو ۽ ان گهر مان هڪ عورت نڪتي ان عورت
کي سامان جي ضرورت ته ڪانه هئي پر اڪبر جي ظاهري
لباس ۽ ڳالهائڻ جي طريقي مان اندازو لڳائي ورتائين
ته هي ڇوڪرو نه صرف ضرورتمند آهي پر اُڃيو ۽ بُکيو
به آهي، هن اڪبر سان مدد ڪرڻ جي خيال کان سامان
وٺڻ جي ها ڪئي.
اڪبر پنهنجي شوق ۽ سخت محنت سان پڙهي هڪ ڪامياب
ڊاڪٽر بڻجي ويو، غريبي کان مڇي مانيءَ تائين پهچڻ
جو سفر مشڪل ضرور هو پر، هو ڪامياب ٿيو کيس غربت
وارا ڏينهن ياد هئا، ان ڪري هو پنهنجيءَ اسپتال ۾
غريبن مسڪينن جو مفت علاج ڪندو هو.
چڱائي ڪڏهن به ضايع نه ٿيندي آهي، اسان کي گهرجي
ته غريبن ۽ مسڪينن سان همدردي ڪريون ۽ اوکي ويل
انهن جي ڪم اچون، خداتعاليٰ به انهيءَ انسان کي
پسند ڪري ٿو، جيڪو اُن جي مخلوق سان پيار ۽ همدردي
سان پيش اچي ٿو.
”جيئن ته توهان کي خبر آهي ته جهنگن ۾ اهي مسئلا
ناهن هوندا، جيڪي هتي شهرن ۾ هوندا آهن. نه اتي
روڊن جي اڏاوت جو مسئلو هوندو آهي، نه ئي ٽريفڪ جو
گوڙ گهمسان ۽ نه ئي وري اتي گٽر ڦاٽندا آهن. جهنگن
۾ امن امان جو به ڪو مسئلو ناهي هوندو. جهنگ ۾
چونڊون به ڪونه ٿينديون آهن. بس جهنگ جو هڪ پنهنجو
قانون ٿيندو آهي، جنهن کي فطرت جو قانون سڏيو
ويندو آهي ۽ فطرت جڏهن پنهنجو ڏيکاءُ ڏيکاريندي
آهي ته پوءِ ٽارزن پيدا ڪندي آهي. (تاڙيون) عام
خيال آهي ته جهنگن ۾ رڳو جهنگلي رهندا آهن. ٽارزن
به جهنگ کان ئي آيو آهي ۽ ڇو آيو، تنهن جي کيس ئي
خبر- اسان کي اهو ڄاڻڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. اهو
ٽارزن جو پنهنجو معاملو آهي. اسان رڳو اهو ڄاڻون
ٿا ته ٽارزن هڪ سگهارو انسان آهي، منجهس سڀ کان
سٺي ڳالهه اها آهي جو هو پنهنجي طاقت جو اجايو
استعمال ڪڏهن به ناهي ڪندو. سچ پچ ته ٽارزن هڪ
شريف ماڻهو آهي (تاڙيون) اسان کي ٽارزن کان گهڻو
ڪجهه سکڻو آهي ۽ ٽارزن جي حوالي سان ان سوال تي
ويچارڻو آهي ته وحشي انسان ته آسانيءَ سان سڌري
ويندا آهن، پر سڌريل ماڻهو وحشين وانگر پاڻ ۾ ڇو
وڙهندا آهن؟“ (تاڙيون)
ڊي سيءَ جي تقرير کان پوءِ ٽارزن کي ڳالهائڻ لاءِ
سڏيو ويو. ٽارزن تاڙين جي گونج ۾ اسٽيج تي پهتو.
هن پنهنجي اڳيان ويٺلن تي نظر ڊوڙائي. جيڪي کيس
شوق وچان ڏسي رهيا هئا. ٽارزن ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ
سوچيو پر کيس ائين ٿي لڳو ڄڻ نڙيءَ ۾ ڪنڊا ٽنبجندا
هجن. هن جون ٽنگون ڏڪڻ لڳيون ۽ نرڙ تي پگهر جون
بوندون ظاهر ٿيڻ لڳيون. کيس خاموش ڏسي ويٺلن ۾ بي
چيني پيدا ٿيڻ لڳي. ڊي سيءَ پروٽوڪول آفيسر ڏانهن
ڏٺو. ان ئي مهل ويٺلن مان هڪ ماڻهو اٿيو. شايد هن
ٽارزن کي نفسياتي طور تي سهارو ڏيڻ ٿي چاهيو. هن
پنهنجو مُنهن ويٺلن ڏانهن ڪيو ۽ زور سان چيائين:
”جهنگ جو بادشاهه، ٽارزن...!“
ويٺلن نعرو هنيو، ”زنده باد.“
هن وري رڙ ڪئي، ”اسان جو سائين... توهان جو سائين“
”ٽارزن سائين... ٽارزن سائين...“ ويٺلن زور شور
سان سندس ساٿ ڏنو.
ايڏا نعرا ٻڌي ٽارزن گهٻرائجي ويو ۽ ٽارزن اسٽيج
تان هيٺ ٽپو ڏئي ٻاهر ڀڄڻ لڳو. کيس پڪڙڻ لاءِ
ڪيترائي ماڻهو سندس پويان پيا. تنهن تي خونخوار
لهجي ۾ چيائين: ”خبردار! ڪوبه منهنجي ويجهو نه
اچي.“
ايتري ۾ ڊي سي صاحب به اچي ويو. هن ٽارزن جي ڀرسان
وڃي مسڪرائيندي چيو:
”ٽارزن تون ڊڄ نه، اسان سڀ تنهنجا دوست آهيون...“
ٽارزن ڀت تان پير هٽايا. ڊي سيءَ وري چيو:
”ٽارزن! ڪجهه ته خيال ڪر. ماڻهو ڇا سوچيندا. اها
ڪيڏي نه اڻ ڍنگي ڳالهه آهي. ماڻهو توکي ٻڌڻ چاهين
ٿا. هو تنهنجا دشمن هرگز ناهن.“ ڊي سي سمجهي ورتو
هو ته ٽارزن نعرن جي ڪري ڊڄي ويو آهي. ماڻهو کيس
وري اسٽيج تي وٺي آيا. ميزبان ماڻهن کي نعرن هڻڻ
کان جهليو ۽ کين ماٺ ڪري ويهڻ جي هدايت ڪئي. ٽارزن
کي وري ڳالهائڻ جي دعوت ڏني وئي. هاڻي سندس
گهٻراهٽ ڪجهه ختم ٿي وئي هئي ۽ هو مائيڪ اڳيان
آيو.
”مون کي تقرير ڪرڻ نه ايندي آهي.“ هن ڳالهائڻ شروع
ڪيو. ”پر مان اهو چوڻ گهران ٿو ته مان توهان سڀني
جو دوست آهيان (تاڙيون) مون کي شڪارپور شهر ڏاڍو
وڻيو آهي. مون کي هتان جا ماڻهو به سٺا ٿا لڳن.
هتي گاڏيون به آهن، گوڙ به ڏاڍو آهي،جيڪو مون کي
بنهه نٿو وڻي. هتي جي ماڻهن جي صحت به سٺي ناهي.
گهڻو ڪري ته ماڻهو ورزش ڪونه ڪندا آهن ۽ نه ئي وري
پنهنجي صحت جو ڪو خيال ڪندا آهن. مون کي اهو ڏسي
حيرت ٿي آهي ته هن شهر ۾ ميدان به ڪونهن، وڻن جي
به کوٽ آهي ۽ گند ڪچرو به گهڻو آهي. مان جيڪڏهن هن
شهر ۾ سال کن رهيس ته پوءِ منهنجي صحت به توهان
وانگر تباهه ٿي ويندي.“
ٽارزن ۾ هاڻي وڏو اعتماد پيدا ٿي چڪو هو. هن شهرين
کي صلاح ڏني ته ”باقاعدگي سان ورزش ڪن. روزانو صبح
جو ٻه ميل ڊوڙن ۽ پنهنجي صحت جو خاص خيال رکن.“
ٽارزن جي تقرير ختم ٿي ته ويٺل ڪافي دير تائين
تاڙيون وڄائيندا رهيا. ان کان پوءِ ڪجهه شهرين
ٽارزن کي ڪجهه سوکڙيون پاکڙيون ڏنيون ۽ ڪيترائي
ماڻهو کانئس آٽوگراف وٺڻ لڳا. هن کي صحيح ڪرڻ ته
ڪونه ايندي هئي. تنهنڪري رڳو هو آڱوٺي جا نشان
هڻندو رهيو.
ٽارزن جڏهن سرڪاري بنگلي تي واپس پهتو ته هو ذهني
طرح ٿڪجي پيو هو، پر سندس موڊ ڏاڍو خوشگوار هو.
کيس رات جو گهڻي دير تائين ننڊ ڪونه آئي. هو اڄوڪي
ڏينهن جي مصروفيتن ۽ واقعن تي ويچاريندو رهيو.
هاڻي کيس جهنگ ۾ گذريل زندگي ڦڪي ڦڪي پئي لڳي. کيس
حيرت ٿي رهي هئي ته هن جهنگ جي اڪيلائيءَ ۾ ايڏي
زندگي ڪيئن گذاري هئي...! رات هن هڪ عجيب خواب ڏٺو
ته ڪنهن جهنگ مان لنگهندي هڪ شينهن سندس اڳيان آيو
آهي، جنهن کي ڏسي هو ڊڄي ويو آهي ۽ سندس جسم خوف
وچان ڏڪڻ لڳو آهي. جڏهن اک کليس ته هو پگهران پگهر
هو. ائين ته ڪڏهن به نه ٿيو هو. هو جيڪي به خواب
ڏسندو هو، تن ۾ هو بهادر ۽ سوڀارو لڳندو هو. پر ڇا
هاڻي شهرين جي روايتي بزدليءَ جا جراثيم سندس اندر
۾ گهڙي چڪا هئا؟ اهو سوال هر هر سندس ذهن ۾ اُڀرڻ
لڳو.
صبح جو هو اڃان بستري تي ئي ليٽيو پيو هو ته
پروٽوڪول آفيسر وٽس ڊوڙندو آيو، سندس هٿ ۾ اخبار
هئي:
”ٽارزن! تنهنجي لاءِ هڪ خبر...!“
”ڪهڙي خبر!؟“ ٽارزن اوٻاسي ڏيندي پڇيو.
”جاڙي پهلوان توکي ملهه وڙهڻ جي چيلينج ڏني آهي.“
”پر مان ملهه جو پهلوان ته ناهيان.“
”اهو ته ٺيڪ آهي، پر جيڪڏهن توهان چيلينج قبول نه
ڪئي ته پوءِ ڏاڍي بي عزتي ٿيندي. ماڻهو ڇا چوندا
ته ٽارزن ڊڄڻو هو ۽ ميدان ڇڏي ڀڄي ويو.“
”ٺيڪ آهي! مان سوچي ٻڌائيندس اوهان کي...“
”ٽارزن صاحب! ان ۾ سوچڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. همت
ڪيو. جاڙو پهلوان توهان کان ڏاڍو ٿورو ئي آهي.“
پروٽوڪول آفيسر جي وڃڻ کان پوءِ ٽارزن وري ٻيهر
قالنين تي ليٽي پيو. وري مٿانئس هڪ ٻي مصيبت اچي
ڪڙڪي هئي. کيس اهو سڀ اجايو ٿي لڳو. سندس نظرن ۾
جاڙي پهلوان سان ٿيندڙ ملهه جو ڏيک اچي ويو. هو
پاڻ جهڙي هڪ انسان سان ليٽ پيٽ پيو هو. ٽارزن جو
ذهن منجهي پيو. هو سڄو ڏينهن ڪمري ۾ ليٽيو رهيو.
شام ٿي، سج لٿو ۽ رات جي اونداهي پکڙجڻ لڳي. ٽارزن
کي ائين لڳو ڄڻ کيس جهنگ سڏي رهيو هجي ۽ گهاٽا وڻ
ٻانهون ڊگهيڙي سندس اوسيئڙي ۾ بيٺا هجن ۽ چئي رهيا
هجن ته ”ٽارزن! جلدي اچ، اسان تو کان سواءِ ڏاڍا
اداس آهيون.“
رات جا ٽي وڄي چڪا هئا. سرڪاري بنگلي مان هڪ ڊگهو
پاڇو اوندهه ۾ ظاهر ٿيو ۽ تيز تيز وکون کڻندو ڪنهن
اڻ ڄاتل منزل ڏانهن هلي پيو.
ريل گاڏي تيزيءَ سان هَلي رهي هئي. جواد ۽ مديحه
دريءَ جي ويجهو ويٺا ٻاهريان نظارا ڏسي خوش ٿي
رهيا هئا. رستي ۾ وڏا وڏا جبل آيا، سرسبز ٻنيون ۽
ٻارا نظر آيا، وڏو درياءُ به ريل ٽپي آئي، پُل
مٿان ريل جي پٽڙي ڇا ته ڪمال ڪاريگريءَ سان ٺاهي
وئي هئي. هاڻي ريل گاڏي هڪ ريگستان مان لنگهي رهي
هئي.
”ٻارؤ! دري بند ڪري ڇڏيو. اکين ۾ واري پئجي
ويندوَ.“ سندن ماءُ هدايت ڪئي.
”امان! دري بند ڪنداسين ته پوءِ ٻاهريان نظارا
ڪيئن ڏسي سگهنداسين.“ جواد وڏي اعتماد سان چيو.
”اڙي واهه! هُو ڏسو! هڪ ماڻهو اُٺ تي چڙهيو
ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي.“ مديحه وڏي جوش وچان ۽
حيران ٿيندي چيو. هُن اُٺ جي تصوير ته ڪتابن ۾ ڏٺي
هئي، پر اُٺ کي پنهنجي ان قدرتي ماحول ۾ ڪونه ڏٺو
هو. ”ان ماڻهوءَ کي ته ڏسو!“ هن رڙ ڪري ڳالهايو،
”ڪيڏو نه عجيب ٿو لڳي.“
جواد ۽ مديحه ان اُٺ واري کي ڏسي وڏا وڏا ٽَهڪ ڏيڻ
لڳا. جواد چيو، ”اهو ماڻهو ائين ٿو لڳي ته ڄڻ اُٺ
جو ئي حصو هجي.“
جواد ۽ مديحه جي پيءُ، جيڪو ٻنهي جون ڳالهيون ٻُڌي
رهيو هو، کانئن پڇيو،
”ڇا اهو اُٺ ۽
اُن تي سوار ماڻهو توهان کي سٺو نه ٿو لڳي؟ ڇا
توهان کي اها خبر ناهي ته، اهو ماڻهو ان ريگستان
جو ئي حصو آهي؟
جواد ۽ مديحه جي پيءُ سڄي دنيا گهمي ڏٺي هئي. پاڻ
هڪ هوائي ڪمپنيءَ ۾ پائليٽ هو. ٻارن به پيءُ سان
گڏجي ڪيترائي ملڪ ڏٺا هئا. سندن لاءِ ريل جو
پهريون سفر هو.
”بابا! ان ۾ سٺي لڳڻ يا نه لڳڻ جي ڪهڙي ڳالهه
آهي؟“ جواد سوال ڪيو.
”پُٽ! سڀ ڪجهه سٺو لڳي سگهي ٿو، پر شرط اهو آهي ته
توهان کي ڄاڻ هجي ته اُهي ريگستاني ماڻهو ڪهڙي قسم
جي موسمي حالتن ۾ رهندا آهن. انهن جا ڪهڙا ڪهڙا
مسئلا ۽ ڪهڙيون ڏکيائيون آهن. اهي ڪهڙو کاڌو
کائيندا آهن ۽ اهو ڪيئن رڌيو ويندو آهي. اسان
وانگر انهن جا به
مٽ مائٽ ۽
خاندان ٿيندا آهن. انهن جون به خوشيون ٿينديون آهن
۽ پنهنجين خوشين ۽ ڏکن کي ظاهر ڪرڻ جو به انهن جو
پنهنجو طريقو ٿيندو آهي. سٺي لڳڻ جي ڳالهه اها آهي
ته اهي پنهنجي ماحول سان پنهنجو پاڻ کي ڪيئن ته
سلهاڙي ٿا ڇڏين.“
”ان جو نالو تهذيب ئي ته آهي.“ سندن ماءُ ٻڌائڻ
شروع ڪيو، ”انسان پنهنجي ماحول سان سلهاڙجڻ ڪجهه
سالن ۾ ٿورو ئي سکي سگهندو آهي. اها وڏڙن جي ڏاهپ
آهي جيڪا هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندي
رهندي آهي ۽ اهو سلسلو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي صدين
تائين هلندو رهندو آهي.“
”بلڪل ٺيڪ! توهان جي ماءُ صحيح چيو.“ سندن والد
ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”رب پاڪ هن دنيا کي ڏاڍو سهڻو
ٺاهيو آهي ۽ هن دنيا جي سونهن مختلف ثقافتي پس
منظر رکندڙ ماڻهو آهن. اُهي سڀ ماڻهو ڀلا ۽ عزت
لائق آهن. جيڪڏهن توهان ان بهادر اُٺ ۽ ان جي سوار
وانگر ريگستان ۾ رهندا هجو ها ته پوءِ توهان به ان
ريگستاني ماڻهوءَ وانگر اُٿو ويهو ها. ان جهڙولباس
پايو ها ۽ ان جهڙو کاڌو کائو ها. پوءِ جيڪڏهن ٻيا
ماڻهو توهان کي ڏسي ائين ٽَهڪ ڏين ها، جيئن توهان
ان کي ڏسي ڏئي رهيا هئا ته پوءِ توهان کي ڪيئن لڳي
ها؟“
جواد ۽ مديحه شرمندا ٿي ويا. سندن والد وري
ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت
واري ڳالهه اها آهي ته اوهان سڀ کان پهرين پاڻ کي
سمجهو. توهان جيئن رهو ٿا ته ائين ڇو ٿا رهو؟ ٻين
وانگر ڇو نه ٿا رهو. جڏهن توهان اهو سمجهي وٺندا
ته پوءِ توهان کي اهو احساس ٿيندو ته ٻيا ماڻهو
پنهنجي مخصوص طريقي سان ڇو ٿا رهن.“
ماءُ چيو، ”جڏهن اسان گهر واپس پهچون ته پوءِ
اوهان ٻين ماڻهن جي باري ۾ لکيل ڪتاب لائبريريءَ
مان وٺي پڙهجو. هڪ مکيه ڳالهه ذهن ۾ رکو ته سڀ
انسان هڪ آهن ۽ سڀئي برابر آهن. اهي سڀ اسان وانگر
ئي آهن.رنگ ۽ نسل جي ڪابه اهميت ناهي. بس فرق رڳو
اهو آهي ته اُهي مختلف جاگرافيائي حالتن ۽ ثقافتي
پس منظرن ۾ رهن ٿا. تنهنڪري اسان کي انهن جي باري
۾ ڄاڻڻ گهرجي.“
جواد ۽ مديحه پنهنجي پيءُ ماءُ جون لاڀائتيون
ڳالهيون ٻڌيون ۽ دل ئي دل ۾ اهو واعدو ڪيو ته اهي
آئينده مختلف ثقافتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي باري
۾ گهڻي کان گهڻا رسالا ۽ ڪتاب پڙهندا ۽ وڌيڪ ڄاڻ
حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا.
سنڌ جي ماٿيلي واري ڀاڱي تي گجر ذات جو راجا نند
حڪومت ڪندو هو. کيس دولت گڏ ڪرڻ ۽ شڪار ڪرڻ جو
ڏاڍو شوق هوندو هو. هڪ ڀيري ڪنهن جانور جو شڪار
ڪري، ان جو ڏند هٿ ڪيائين، ۽ ان جي مدد سان پنهنجو
سمورو خزانو درياءَ جي پيٽ ۾ لڪائي ڇڏيائين.
راجا نند کي نَوَ نياڻيون هيون، منجهائن وڏي سومل
سڀني کان عقلمند هئي ۽ ننڍي مومل سڀني کان وڌيڪ
سهڻي هئي. راجا به کيس ڏاڍو ڀائيندو هو. ان ڪري
اهو جادو ئي ڏند کيس سنڀالي رکڻ لاءِ ڏنائين. پر
ڏند جي اصلي راز جو کيس نه ٻڌايائين. هڪڙي جادوگر
کي ڪنهن طرح راجا جي لڪايل خزاني جي خبر پئجي ويئي
سو هڪ ڏينهن جڏهن راجا شڪار تي ويل هو ته هُو مومل
سان ٺڳي ڪري اهو ڏند وٺي درياءَ مان سمورو خزانو
ڪڍي غائب ٿي ويو. راجا جڏهن شڪار تان موٽيو ته کيس
ڏند وڃائڻ جي خبر پئي. هو مومل تي ڏاڍو ناراض ٿيو.
پر سندس وڏي ڌيءَ سومل آٿت ڏنس ته ايترو خزانو
اوهان کي گڏ ڪري ڏينديس.
سومل پيءُ کان موڪل وٺي، ڪاڪ ڪنڌيءَ تي هڪڙي ماڙي
اڏائي ۽ پنهنجي ڀينرن ۽ نوڪرياڻين کي ساڻ وٺي اُتي
رهڻ لڳي. هن پنهنجي هوشياريءَ سان ماڙيءَ جي
چوڌاري جادوءَ جو باغ تيار ڪرايو ۽ ان جي وچان
لنگهندڙ سوڙهي رستي تي خوفناڪ جادو ئي جانور
بيهاري ڇڏيا، جن جي ڊيڄاريندڙ رڙين تي وڏا وڏا
بهادر به ڏڪي ويندا هئا. ان کان سواءِ ڪيترائي
گمراهه ڪندڙ ۽ موتمار جادوئي کيل پڻ تيار ڪرائي
رکيائين.
جڏهن ڪاڪ جي ڪناري تي اهو جادوئي محل تيار ٿي ويو
ته سومل پڙهو گهمرايو ته ”جيڪو شهزادو باغ مان
لنگهي مومل وٽ سلامتيءَ سان پهچندو، اهو ساڻس شادي
ڪندو، ٻيءَ حالت ۾ کيس پنهنجي مال ۽ سامان تان هٿ
کڻڻو پوندو.“ مومل جي سونهن جي هاڪ ٻڌي ڪيترائي
شهزادا آيا، پر پنهنجو ڌن دولت ڦُرائي ويا. ان وقت
عمرڪوٽ جو بادشاهه همير سومرو هو. هڪڙي ڏينهن هو
پنهنجن ٽن وزيرن سان گڏ شڪار تي نڪتو. راڻو مينڌرو
سوڍو انهن سڀني ۾ بهادر ۽ عقلمند هو ۽ همير سومري
جو سالو به هو. هنن کي هڪ فقير مليو جنهن مومل ۽
ان جي ڪاڪ محل بابت پنهنجي روئداد ٻڌائي. انهيءَ
ڳالهه چئني يارن جي دل مومل حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا
ڪري ڇڏيو. پوءِ ته چارئي ڄڻا پنهنجو ڀاڳ آزمائڻ
لاءِ ڪاڪ ڏانهن روانا ٿيا، اُتي پهچي، ماڙيءَ جي
ٻاهر رکيل ڀير تي ڏونڪو هنيائون ته سيکاريل
نوڪرياڻي ناتر ٻاهر آئي ۽ سندس اچڻ جو اطلاع وڃي
اندر ڪيائين.
ٿوري دير کان پوءِ ناتر طعام کڻائي اچي سندن اڳيان
رکيو. راڻي مينڌري ٽنهي ساٿين کي اهو کائڻ کان منع
ڪئي ۽ ان مان ذرو کڻي ڪُتي کي ڏنو. جيڪو کائڻ سان
مري ويو. ناتر پوءِ ٻيون به اٽڪلون ڪيون، پر سندس
ڪابه اٽڪل ڪامياب نه ٿي. آخر ۾ کين چيائين ته
”مومل سان ملڻو اٿوَ ته مون سان هڪ هڪ ٿي هلو“.
پوءِ ته اهي هڪ هڪ ٿي ناتر سان گڏجي ويا. پر هوءَ
رستي تي گوهي ڏئي نڪري ٿي ويئي. پڇاڙيءَ ۾ جڏهن
راڻي مينڌري کي ساڻ ڪري، هُن رستي تان ڀڄڻ واري
ڪئي ته راڻي کيس جهلي ورتس ۽ ڇڪي سڌو ڪيائينس.
اڳيان هلي جڏهن هڪ تلاءُ تي پهتا ته ناتر وري به
اٽڪل ڪري ڀڄي ويئي ۽ راڻو اڪيلو رهجي ويو. راڻي
پاڻي جي اونهائيءَ کي ڏسڻ لاءِ سوپاري ڪڍي پاڻيءَ
۾ اڇلائي، پر اُها آواز ڪندي پر اُها آواز تڏهن
راڻي سمجهيو ته تلاءُ رڳو ٺڳيءَ جو ٺهيل آهي، ته
پوءِ گهوڙي کي ڊوڙائي اچي مومل جي ماڙي وٽ پهتو،
جتي ناتر اڳيئي بيٺي هئي، هوءَ کيس انهيءَ ڪمري ۾
وٺي آئي جتي هڪجهڙيون سَت کٽون هڪجهڙي هنڌن سان
پيون هيون. راڻي جڏهن کٽن کي آزمائڻ لاءِ پنهنجي
لڪڻ سان مٿن زور ڏنو ته ڇهن کٽن جا هنڌ هيٺ وڃي
کوهن ۾ ڪريا، پوءِ راڻو ستين کٽ تي ويٺو، جيڪا
صحيح ۽ سلامت هئي. جڏهن اها اٽڪل به ڪامياب نه ٿي
ته ناتر راڻي کي هڪڙي ٻئي ڪمري ۾ وٺي آئي، جتي هڪ
جهڙين سهڻين صورتن واريون ڪيتريون ئي عورتون
بيٺيون هيون، سندن هٿن ۾ گلن جا هار هئا. ناتر
راڻي کي چيو ته هنن عورتن ۾ مومل به بيٺل آهي پر
تون جنهن جي ٻانهن ۾ هٿ وجهندين اُن سان تنهنجي
شادي ڪرائي ويندي.
راڻو پهريان ته منجهي پيو، پر پوءِ هڪڙي عورت جو
وارن جي مٿان ڀونر ڦرندي ڏٺائين، راڻو سمجهي ويو
ته خوشبودار وارن واري ئي مومل ٿي سگهي ٿي. هن
اڳتي وڌي وڃي کيس هٿ کان ورتو ته مومل پڻ گلن جو
هار سندس ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيو. پوءِ ته خوشيون ٿي
ويون ۽ ٻنهي جي شادي ٿي وئي.
راڻي جا ٽيئي دوست ڪاوڙجي، پنهنجي ملڪ ڏانهن روانا
ٿي ويا. ٿورن ڏينهن کان پوءِ همير سومري ڪنهن
بهاني سان راڻي کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو ته جيئن هو
مومل سان ملي نه سگهي. پر راڻي کان رهيو نه ٿيو،
هو روز رات جو ڀلي ۽ تکي اُٺ تي چڙهي ڪاڪ هليو
ويندو هو ۽ مومل سان ملي واپس ايندو هو.
هڪ ڀيري راڻي کي مومل سان ملندي گهڻا ڏينهن ٿي ويا
ته سندس جدائيءَ ۾ مومل اُداس رهڻ لڳي ۽ رات
پنهنجي وڏي ڀيڻ سومل کي راڻي جو لباس پهرائي پاڻ
سان گڏ سمهاري ڇڏيندي هئي.
هڪ رات راڻو جيئن ماڙيءَ تي پهتو ته اوندهه ۾ سومل
کي مرد سمجهي ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو ۽ پنهنجو لڪڻ
نشانيءَ طور مومل جي ڀرسان رکي واپس هليو ويو.
صبح جو جڏهن مومل ننڊ مان اُٿي ته سمجهي وئي ته
راڻو ڪاوڙجي واپس هليو ويو آهي. پوءِ ته کيس اچڻ
لاءِ ڪيترائي نياپا موڪليائين پر هو نه آيو. مومل
راڻي جي هلت مان ڏاڍي مايوس ٿي ۽ حياتيءَ کان
بيزار ٿي وئي. تنهن ڪري باهه جو هڪ مچ تيار ڪرائي
پاڻ کڻي اُن ۾ اڇلايائين. راڻي کي جڏهن اُها خبر
پئي ته هو به ڊوڙندو اُتي پهتو پر تڏهن گهڻي دير
ٿي وئي هئي، ان ڪري پاڻ به اُن مچ ۾ ٽپي پيو ۽
مومل سان ملي مِٽي ٿي ويو.
ناني صفوران، اسان جي ناني آهي. اسان ٻارن سان
پيار به ڪندي آهي ته ڪُٽڪو به ڏيندي آهي. ناني جي
مار ۾ به پيار هوندو آهي. اسان ساڻس مشڪريون به
ڪندا آهيون، گهڻو خوش هوندي آهي ته خرچي به ڏيندي
آهي.
پورا ٻه مهينا ڳوٺ رهي، ناني واپس آئي ته اچڻ سان
ئي امان کي رڙ ڪري سڏيائين:
”او... ڌيءَ زينا، ڪٿي آهين، هيڏانهن اچ“ ناني
برقعو لاهي صندل تي ويٺي، امان به ڊوڙندي آئي.
”ڇا ٿيو امان، خير سان اچي وئينءَ“
امان ناني کي ڏسي خوش به ٿي ته پريشان به ٿي.
الائي ڇا ٿيو آهي. امان نانيءَ جي ڀرسان ويهي رهي.
”امان، اڄ برياني پچاءِ، ڳوٺ ۾ اهي ڦِڪا ساڳ ۽ بي
سوادي ڀاڄيون کائي کائي اصل وات ئي ڦِڪو ٿي ويو
آهي.“ ناني منهن ٺاهي، پنهنجي فرمائش ٻڌائي ڇڏي.
اصل ۾ نانيءَ کي شهر جي مصالحه ڪمپنين جي ٺاهيل
مصالحن جو چسڪو پئجي ويو هو. چٽ پٽا کاڌا کائيندي
هئي.
”ها... ها... امان، تون ٿڪ ڀڃ مان اجهو ٿي برياني
دَمي وٺان.“
امان اهو چئي رڌڻي ڏانهن وئي. برياني جي خبر سڄي
گهر ۾ ٻيلي جي باهه وانگر ڦهلجي وئي. بابا جي آفيس
تائين اطلاع پهچي ويو ته اڄ ناني جي فرمائش تي
برياني تيار پئي ٿئي. امان برياني به ته اهڙي
مزيدار پچائيندي آهي، اسان ٻارن جو وات به پاڻي
پاڻي ٿي ويو.
برياني تيار ٿي وئي. اسان جي گهر ۾ دستر خوان پَٽ
تي وڇائبو آهي. سڀ گڏجي کائيندا آهيون. امان دستر
خوان وڇايو ته اسان به ڊوڙي اچي ويٺاسون. اسان ان
موقعي جو ئي ته انتظار ڪيو پئي. برياني جي ڪري
بابو به آفيس مان مانجهاندو ڪرڻ اچي ويو. سڀ
ويٺاسون، پليٽون لڳي ويون. برياني جو ديڳڙو دَم
تان لهي آيو، پر ناني صفوران لڀي ئي نه. امان ناني
کي آواز ڏنو، ٿوري دير بعد مُنو به ناني کي وٺڻ
لاءِ ڊوڙيو. سڀني جي پيٽ ۾ بک کان ڪوئا ٿي ڊوڙيا،
پر ناني اچي ئي نه. اوچتو ناني جي کڙڪي جو آواز
آيو ۽ هو هٿ ۾ لٺ لوڏيندي، عينڪ ٺاهيندي، منڊ منڊ
هلندي مهمان خاص وانگر دسترخوان تي پهتي. سڀني
واري واري سان پليٽون امان اڳيان ڪيون، ته جيئن
پهريائين برياني کين ملي. ناني جهٽ ۾ پليٽ امان
اڳيان ڪري چيو، ”ڌيءَ، مون کي ٽنگ واري ٻوٽي
ڏجانءِ.“ ائين چئي نانيءَ مرڪندي اسان ڏانهن ڏٺو،
ڇو جو ٽنگ واري ٻوٽي اسان سڀني جي فرمائش هوندي
هئي. امان به کڻي هڪ ٽنگ واري ٻوٽي نانيءَ کي ڏني
۽ ٻي بابي کي. اسان جي حصي ۾ ننڍيون ننڍيون ٻوٽيون
آيون. ناني جا ڏند به نقلي آهن پر الائي ڪيئن جلدي
جلدي ٻوٽيون کائي ويندي آهي.
”امان، ٻي ٻوٽي هُجئي ته ڏي“. ناني ديڳڙي ۾ جهاتي
پائيندي چيو. امان پريشان ٿي وئي. ٻوٽيون ته ختم
ٿي ويون.
”ناني... مان ٻوٽي ڏيانءِ، مون کي کوڙ آهن.“ منو
ناني ڏانهن شرارتي انداز ۾ مرڪندي چيو.
”مان به چوان، ٻوٽيون ويون ڪاڏي، هيڏي ڪر“، نانيءَ
هٿ جي اشاري سان کيس چيو ته منو هڪ ٿلهو پٽاٽو
برياني مان کڻي، ناني جي پليٽ ۾ رکي ڇڏيو. اسان
هڪٻئي کي ڏسي سمجهي وياسون هاڻ سٽڪو پوندو، اسان
جلدي پنهنجي پنهنجي پليٽ خالي ڪئي سون. نانيءَ جي
نظر هونئن ئي گهٽ. سو وڏي خوشيءَ ۾ پٽاٽي کي ٻوٽي
سمجهي جيئن ئي وات ۾ وجهي ڦيرايو، وات گودو ٿي
ويو. ناني جو مُنهن بند ٿي ويو. ناني جا تارا
ڦوٽارجي ويا، منو کي گهور ڪري ڏسڻ لڳي. هٿ لٺ ۾
پوڻ لڳو. اسان کڙين تي زور رکيو، وٺي ڀڳاسين، ناني
جي رڙ هئي، ”بيهه... مُنا... هيڏانهن اچ... اڙي
ڪاڏي ٿا ڀڄو... بيهه....“ پر سائين اسان وڃي ڪمري
۾ ساهه پٽيو.
جيئن ته باڊهه
۾
اسڪول
آف چيئريٽيبل ايجوڪيشن
باڊهه
طرفان
پنهنجي روايت برقرار رکندي جشن
لطيف
رحه
ڏينهن
ملھايو ويو،
جنهن ۾ شھر
جي
مختلف مڪتب فڪر سان وابسطا سماجي سياسي
علمي
ادبي
ماڻهن
وڏي انگ
۾
لطيف
جي پارکن شرڪت ڪئي پروگرام
۾ اسڪول آف چيئريٽيبل ايجوڪيشن جي
شاگردن لطيف سرڪار جي فن فڪر ۽ ڏاھپ تي لطيف جي
سورمين بيت گيت وايون ۽ لطيف سائين جا
سُر
مقالن جي صورت ۾
پڙهيا ۽
شاهه
سائين جي گيت تي رقص
به
ڪيو
۽
آخر ۾ سنڌي اصطلاحي ننڍڙو ناٽڪ
”نوري
ڄام تماچيءَ“
تي
پيش
ڪيو ويو.
جنھن
۾ شاهه
سائين
جي شاعري
تي روشني وجھندي اسڪول آف چيئريٽيبل باڊهه
جي پرنسپال محترم زبير علي پنھور جن چيو ته اسان
لطيف رحه جا
عاشق بڻجي سنڌي ٻوليَ ۽ سنڌ ڌرتي جي ترقي لاء ھن
ئي اسڪول ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏئي رھيا
آھيون. ھنن چيو ته شاهه
صاحب جو رسالو توڙي شاعري اسان نوجوانن
جي لاءِ
رھنمائي آھي.
شاهه سائينءَ جي
شاعري مان تمام گھڻو پرائي رھيا آھيون.
۾ شرڪت ڪندڙ محترم عبدالرزاق سومرو،
محترم مسرور
حسين سيال،
ڪامريڊ بشير نوناري،
نصير احمد سومرو،
سرپرست اعليٰ محترم مير
محمد پنھور،
محترم غلام
مرتضي پنھور،
محترم شمس
الدين پنھور،
حبيب الرحمان چنو
۽
ٻين اسڪولي شاگردن
۽ استادن
تعليم پرائڻ تي
روشني وڌي ۽ انھن جي
سالن کان وٺي ڪيل محنتن،
خدمتن،
قربانين کي خوبصورت لفظن سان ساراھيو
ويو ۽ لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي. جڏھن ته
ڪامياب ٿيندڙ ٻارن کي پڻ انعام ڏئي انھن جي حوصله
افزائي ڪئي وئي آھي.
* شاگرد اسڪول ۾ گڏھه وٺي آيو.
استاد: گڏھه کي ھتي ڇو وٺي آيو آھين؟
شاگرد: سائين توھان ئي ته چوندا آھيو ته مون وڏن
وڏن گڏھن کي انسان بڻايو آھي.مون سوچيو ته ھن جي
به زندگي ٺھي پوي.
* استاد: (شاگرد کي) لفظ
”گَنجي“
کي جملي ۾ استعمال ڪر.
شاگرد: اسان جو استاد گنجو آھي.
استاد: شرم نه ٿو اچئي استاد کي گنجو ٿو چوين.
شاگرد: سچ ڳالھائڻ ۾ شرم ڪھڙو!
موڪليندڙ: اسدالله جعفري
* ڌيءَ (ماءُ کي) امان تو ميسي ڏٺي آهي؟
ماءُ: نه، ڪنهن جي ڌيءَ آهي.
امان الله خواجه، کهڙا
* ڪنهن بيوقوف ريلوي گارڊ کان پڇيو ته ساڍي ستين
وڳي واري گاڏي ڪيڏي مهل ويندي؟
گارڊ کلي چيو ته 7 لڳي 30 منٽن تي ويندي.
ارباب علي- شڪارپور
* هڪ ڇوڪرو زراعت جو ڪتاب پڙهي رهيو هو ته، پيءُ
پڇيس ته ٻڌاءِ ته انب پٽڻ لاءِ ڪهڙو وقت سٺو آهي.
ڇوڪري وراڻيو ”جڏهن باغ ۾ چوڪيدار نه هجي.“
* اڪبر: سليم ڏس سڄي دنيا سائنس تي هلي پئي.
سليم: پر يار مان ته زمين تي هلان پيو.
صدا ممتاز علي پنهور، ڄام شورو
* استاد (شاگرد کي) ٻڌاءِ اڳئين وقت جا ماڻهو ڪٿي
رهندا هئا؟
شاگرد: آکيرن ۾.
استاد (ڪاوڙ ۾) گڏهه.
شاگرد: سائين جمن کٽيءَ جي گهر ۾.
ريعان يونس پنهور، پراڻي ميرپور
* هڪ ماڻهو (ٻئي کي) تنهنجي عمر ڪيتري آهي؟
ٻيو شخص: ٽيهه سال. پهريون شخص پنج سال اڳ به تو
اُها ئي ٻڌائي هئي.
ٻيو شخص: مڙسن جي زبان هڪ ٿيندي آهي.
محمد بخش پنهور، پراڻي ميرپور
محترمه ايڊيٽر صاحبه
اميد ته خوش هونديون. احوال عرض ته توهان پاران
موڪليل گُل ڦُل جيڪو انعام بشريٰ بانو چنا لاءِ
اماڻيو ويو. لئبريري ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. سو هن
ڀيري ڪجهه نئون مواد ۽ لطيفي لات جو جواب موڪلي
رهيو آهيان، اميد ته هر دفعي وانگر مواد شايع ڪرڻ
جي مهرباني ڪنديون رهنديون.
نصير احمد فقير چنا
شهيد خير محمد چنا لائبريري، چنا محله گهوٽڪي
محترمه نجمه پنهور صاحبه
اميد ته خوش هونديون. اسان بلڪل ٺيڪ آهيون. احوال
هن ريت آهي ته سانئڻ منهنجو ڪڻو نڪتو، انعامي ڪاپي
اوهان موڪلي، مان ٿورائتي آهيان. باقي سيپٽمبر
2019ع جو پرچو ناهي مليو، الائي ڇو؟؟ ڇپيو الائي
نه؟؟، سو هينئر نومبر واري پرچي جي لطيفي لات جو
جواب لکي موڪليان ٿي. اوهان جون مهربانيون آهن ۽
انهن جي بدولت اتساهه مليو آهي.
بشريٰ بانو چنا، راجا خير محمد چنا، محمد امين
چنا، محمد يامين چنا
شهيد خير محمد چنا لائبريري، چنا محله گهوٽڪي
محترمه آپا نجمه پنهور صاحبه
اميد ته خوش هونديون. اوهان جي دعائن سان اسين سڀ
خوش آهيون. احوال عرض ته سانئڻ آگسٽ کان پوءِ
آڪٽوبر 2019ع جو پرچو مليو. سو سيپٽمبر 2019ع جي
پرچي جي ڪابه خير ڪونهي، ليڪن هينئر لطيفي لات جو
جواب موڪلي رهيا آهيون. اوهان اسان کي عزت ۽
اتساهه بخشيو آهي. اسان ٿورائتا آهيون.
اقراء بانو چنا، محمد مينهل چنا، محمد ذڪريا چنا،
محمد سچل چنا
شهيد خير محمد چنا لائبريري، چنا محله گهوٽڪي
جواب: ادا ۽ اديون! گُل ڦُل جو پرچو هاڻي باقاعدي
ريگيولر ٿي ويو آهي ۽ هر مهيني پنهنجي ٽائيم تي
شايع ٿي رهيو آهي. گُل ڦُل سيپٽمبر 2019ع جو
ماهوار شمارو توهان تائين نه پهتو هوندو، مگر ڇپجي
ويو آهي. توهان اسان جي بُڪ اسٽال يا پنهنجي شهر
جي بُڪ اسٽال تان وٺي سگهو ٿا. مهرباني
محترمه ڀيڻ نجمه پنهور، ايڊيٽر گُل ڦُل
السلام عليڪم! ادي عرض آهي ته مون هڪ ڪهاڻي چالاڪ
ٻڪرار اوهان ڏي ٻارن جي انٽرويو سان گڏ موڪلي آهي،
پر اها ڪهاڻي آڪٽوبر واري پرچي ۾ شايع ٿي آهي.
مهرباني ڪري ان کي الڳ ڪري ڇڏيو ۽ هن ڪهاڻي ”اکروٽ
جي قيمت“
کي ان جي جاءِ تي شامل ڪندا ته اوهان جو ٿورائتو
رهندس.
علي محمد پلهه
ڳوٺ پلهه، ضلع سانگهڙ
مانواري ڀيڻ نجمه پنهور صاحبه
اميد ته خيريت سان هونديون ادي اوهان کي حج جي
سعادت ماڻڻ جون تمام گهڻيون مبارڪون هجن. اوهان
خوش نصيب آهيو جو اوهان کي رب پاڪ پنهنجو مهمان
بنايو. مون کي يقين آهي ته اوهان اسان کي پنهنجي
دعائن ۾ ضرور ياد رکيو هوندو.
گُل ڦُل لاءِ ڪجهه مواد موڪليان ٿو، ترجمو ٿيل
ڪهاڻين جا اسڪيچ اسڪين ڪرائي اوهان کي اِي ميل
ڪريان ٿو. اهي ڏاڍا شاندار آهن.
زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي شاگرد ۽ نوجوان شاعر
عبدالجبار ويسر جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعري به گُل ڦُل
لاءِ موڪلجي ٿي. شايع ٿيندي ته سندس حوصله افزائي
ٿيندي.
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي
ڪراچي
محترمه ايڊيٽر صاحبه
السلام عليڪم!
اميد ته اوهان ۽ گُل ڦُل سٿ جا ساٿي خوش هوندا.
ادي اوهان کي مبارڪون هجن ۽ اوهان جي محنت به ڏسڻ
۾ اچي پئي جو گُل ڦُل رسالو هاڻي باقاعدگي سان
ڇپجي رهيو آهي ۽ ان کي سنڌ جي بڪ اسٽالن تي رکرايو
ويو آهي. اڳ ۾ به هڪ ڪهاڻي ۽ مضمون موڪليو هو، خبر
ناهي رسالي ۾ شايع ڇو نه ڪيو ويو. آڪٽوبر جو
شمارو ڏاڍو سٺو لڳو، اڳ جي ڀيٽ ۾ سٺو مواد شامل
ڪيو ويو آهي. گُل ڦُل پڙهڻ سان ڪافي معلومات ملي ۽
ڪهاڻيون پڙهي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي ۽ دوستن کي به
ٻڌائيندو آهيان. آءٌ ڪجهه مواد ’کل ته سهي‘ ۽
’سهڻا سخن‘ موڪلي رهيو آهيان اِن اميد سان ته شايع
ڪندا.
ذيشان جمالي
هاءِ اسڪول، بکر جمالي |