اسان جي دين اسلام ۾ ماءُ جو وڏو اهم ڪردار آهي.
مثال طور ماءُ پنهنجي اولاد کي پيدا ڪرڻ کان اڳ
پنهنجي پيٽ ۾ نَوَ (9) کان ڏهن مهينن تائين سنڀالي
رکندي آهي. پاڻ تڪليف ۾ هوندي آهي ۽ اولاد جي پيدا
ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجي اولاد جي سٺي نموني سان
سارسنڀال ڪندي آهي. ماءُ پنهنجي اولاد کي سٺي
نموني زندگي ۾ هلڻ گهمڻ به سيکاريندي آهي. ان کان
علاوه ماءُ جون ڪافي ساريون خدمتون آهن. امڙ جي
پيرن هيٺان جنت پڻ آهي اهو رتبو خدا پاڪ ماءُ کي
ڏنو آهي. ماءُ پنهنجي اولاد کي هميشه محبت جي
نظر سان ڏسندي آهي. ماءُ هميشه پنهنجي ٻچن کي تمام
گهڻو پيار ڪندي آهي. ماءُ پاڻ تڪليف ۾ هوندي آهي
پر پنهنجي اولاد جي تڪليف برداشت نه ڪندي آهي.
گرميءَ
جي موسم ۾ پنهنجي ٻچن کي گرم هوائن کان بچائيندي
آهي ۽ سردي جي موسم ۾ پاڻ سيءَ ۾ گذاريندي آهي ۽
پنهنجن ٻچن کي گرم ڪپڙن ۽ گرم بسترن جي اندر
سمهاريندي آهي. ماءُ پنهنجي اولاد جي تربيت سٺي
نموني سان ڪندي آهي ۽ سٺي خوراڪ اولاد کي
کارائيندي آهي. سٺا سٺا کاڌا تيار ڪري کارائيندي
آهي.
ماءُ جو پنهنجي اولاد ۾ ساهه هوندو آهي اولاد جنهن
مهل گهر کان ٻاهر ويندو آهي ان ٽائيم کان وٺي ماءُ
پنهنجي اولاد جو انتظار ڪندي آهي، ته منهنجو ٻچو
ڪنهن مهل واپس ايندو تيستائين ماءُ اولاد جو
انتظار ڪندي آهي. اسان کي گهُرجي ته ماءُ پيءُ سان
محبت ڪريون ۽ انهن جي سمجهايل زندگي جي رستي تي
هلون ۽ ماءُ جي هر وقت خدمت ڪريون. زندگي ۾ ڪوبه
ماڻهو محبت سان پيش نه ايندو آهي ڪوبه ماڻهو ايترو
زندگي ۾ محبت يا پيار نه ڪندو آهي. جيترو ماءُ
پيار ڪندي آهي. سچي محبت ٻيو ڪوبه ماڻهو نه ڪندو
آهي. ماءُ پنهنجي اولاد سان سچي محبت دل سان ڪندي
آهي. ماءُ ڀلي پنهنجي اولاد کي موچڙا به ڪڍندي آهي
اهي به اولاد کي برداشت ڪرڻا آهن ڇو جو ماءُ جي
ڪاوڙ ۾ به پيار هوندو آهي. ماءُ جي نفرت ۾ به محبت
هوندي آهي. اها ماءُ جيڪا پنهنجي ننڊ ڦٽائي پنهنجي
اولاد جي رات جو سمهڻ کان پوءِ به سارسنڀال لهندي
آهي ته منهنجي اولاد کي ننڊ آهي يا ان جي آرام ۾
ڪو خلل آهي. ان جي ڪري هميشه پنهنجي اولاد کي تمام
گهڻو پيار ڪندي آهي.
سياڻن سچ چيو آهي ته ماءُ پيءُ جي محبت هن دنيا
مان لاڏاڻو ڪري وڃڻ کانپوءِ به ماءُ پيءُ جون
دعائون اولاد کي ڪم اينديون آهن ۽ ماءُ پيءُ هن
دنيا مان لاڏاڻو ڪرڻ کا پوءِ محبت ۽ دعائون ڪندا
آهن. تنهنڪري سياڻن سچ چيو آهي ته ماءُ جي دعا جنت
جي هوا. رب پاڪ هر انسان سان 70 ستر مائرن کان به
وڌيڪ پيار ڪندو آهي. ماءُ ڏک برداشت ڪري به پنهنجي
اولاد کي خوش رکندي آهي. اسان کي گهُرجي ته ماءُ
جي عزت ڪريون ماءُ جو چوڻ وٺون، ماءُ جي سٺي نموني
خدمت ڪريون. ماءُ سان سٺي نموني پيش اچون. ماءُ جي
ڪم ڪارين ۾ ان جو هٿ ونڊايون ۽ ماءُ سان سٺي روَيي
سان پيش اچون.
منهنجي مٺڙي امان:
تنهنجا ٿورا ڪڏهن ڪين لاهي سگهان
منهنجي جيجل امان منهنجي مٺڙي امان
عالمي ڏينهن تي سڀئي سارين پيا،
پنهنجي امڙن کي گلڙا ٿا آڇين پيا،
ماءُ به توکي ٿو لفظن جي ڀيٽا ڏيان،
ڏور آهين مگر ساٿ تنهنجو پسان،
بهشت جنهن کي چون شال تنهن ۾ وسين،
جيسين جڳ ۾ جيئان تو لاءِ دعائون گهُران. |