جيءَ جي سنڌڙي
منهنجي جندڙي
ٿيان ٻلهار
توتان آئون
لک لک وار
مٺڙي ماتا
هڙئي تنهنجا
ڳوٺ شهر
نگر نگر
وستيون واهڻ
پکي پکڻ
ماڻهو – ڇَيڻو
ڍور ڍڳا!
خوش وسن
شال نه ڪوئي
ڏُک ڏسن
مورَ نه پسن
ڏرت ڏُڪار
ٿيان ٻلهار
توتان آئون
لک لک وار
جيءَ جيءَ سنڌڙي
منهنجي جندڙي
اچ ڙي ماما چنڊ لهي آ.
تارن کي ڀي ساڻ وٺي آ.
موسم ڪائي واندي ناهي
اوندهه ڪئي دل ماندي آهي
رات گُڏي جي شادي ٿيندي
تون جي نه هوندين تعدي ٿيندي
توکي ڪا تڪليف نه ايندي
تنهنجي ڏاڍي خدمت ٿيندي
توکان پيارو ناهي ناڻو
تنهنجو سهبو هر هڪ ماڻو
تنهنجا تارا بور نه ٿيندا
ٻارن سان خوش ڏاڍو ٿيندا
تارن کي کنڊ کير پياري
خرچيون کوڙ ڏينداسين ساري
مُولو، ڀولُو، ڍولُو وارا
ايندا ڳوٺ جا ڇوڪرا سارا
مريم، راڻي، سهرا چونديون
ڀَت مِٺي جون ديڳيون لهنديون
تو تان گهورون گهور گهمائي
نچندا ڄاڃي ڇيريون پائي
هرڪو کِلندو ٽِلندو رهندو
ماما ڏاڍو مزو ايندو
ڀاڻيجيءَ جو عرض مڃيندو؟
ڏس او ماما پڪ سان ايندين؟
منهنجو پڙهي آيو پاس ٿي، هو جمالو
اڄ محنت هن جي راس ٿي، هو جمالو
هو جمالو الا ٻارن جو جمالو
ڇو نه کلان ۽ خوش ٿيان، هو جمالو
ڇو نه مٺايون مڻ ورهايان، هو جمالو
ڇو نه ڳايان ۽ ته وڄايان، هو جمالو
هو جمالو الا ٻارن جو جمالو
هي جمالو آهي ننڍڙي جو، هو جمالو
هي جمالو آهي سنهڙي جو، هو جمالو
هي جمالو آهي گلڙي جو، هو جمالو
هو جمالو الا ٻارن جو جمالو
ويا رنگ رچي گهر ۾، هو جمالو
هن خوشيون سڄي شهر ۾، هو جمالو
ٿو ڳائجي جمالو هر پهر ۾، هو جمالو
هو جمالو الا ٻارن جو جمالو
ٿي آس پوري پيءُ جي، هو جمالو
ٿي باس پوري امڙيءَ جي، هو جمالو
آهي دل خوش سڀني جي، هو جمالو
هو جمالو الا ٻارن جو جمالو
محبت ۾ ’مهر فقير‘ چئي، هو جمالو
دعائون ٻارن کي پيو ڏئي، هو جمالو
شل هر ٻار ڪامياب ٿئي، هو جمالو
هو جمالو الا ٻارن جو جمالو
سڀ ڪو ھنن سان ڪري ٿو پيار.
ڇو ته مستقبل جا ھي آھن
معمار.
’سومرا‘
مرڪون خوشيون آھن اسان لاءِ.
ھرپل اکين جا لڳندا آھن ھي ٺار.
سنڌڙي جا ھي سينگار لڳن ٿا.
مرڪن جا
ھي
انبار
لڳن
ٿا.
ڀاڪيون پائي غم مٽائن
’سومرا‘.
ڳچي منھنجي جا ھار لڳن ٿا.
اچو ته ٻارن جو عالمي ڏينھن ملھايون.
ھمدرديون،
تحفظ ڏياري سچ ڳالھايون.
’سومرا‘
انھن سان سدائين
ساٿ
نڀائي.
نئين عزم
۽
جذبي کي سڀ ورجايون.
ٻارن جو ٿا ڏينهن ملهايون،
ساري جڳ ۾ ڌوم مچايون.
ننڍڙا مٺڙا ٻار سڀئي، ديس سندا دلدار سڀئي،
راه ڪري هموار سڀئي، اڳتي اڳتي قدم وڌايو.
ٻار ته آهن جڳ جي زينت،
ڪونه ڪَٿي ڪو تن جي قيمت،
پنهنجي ڄاڻون پاڻ حقيقت،
جهرجهنگ صحرا سڀ جرڪايون.
اوهين اسان جا بزرگ آهيو،
قوم جي طاقت جي ٿا چاهيو،
اسان ٻچن جي قسمت ٺاهيو،
ٻُڌو ته پنهنجا حق ٻڌايون.
جنهن وٽ ناهي علم جي دولت،
کوٽي ان جي آهي قسمت،
سڀ کي گهرجي عزت عظمت،
دين دنيا ۾ شل سا پايون.
عمدو کاڌو طاقت وارو،
معصومن کي ڪري سگهارو،
عاقل لئه بس آه اشارو،
اڃا اوهان کي ڇا سمجهايون؟
نغما ڳائي، موج مچائي،
پرت سندو پيغام ٻڌائي،
علم جي روشن شمع جلائي،
ديس مٺي جو مان وڌايون.
ويندڙ وقت کي
مُٺ ڀڪوڙي
بند ڪري ڇڏ
ايندڙ وقت جون
راهون
سڀئي
کولي ڇڏ.
وقت جي وٿ
وڏي شيءِ آهي
وقت جي وِک سڃاڻ.
ننڍڙا ساٿي!
توکي جن راهن تي
هلڻو آهي
تن راهن تي سج نوائي
هلندو هل
تنهنجي پيرن پويان
صديون آهن،
وِک وِک جرڪائي هل.
گل گلابي ڄڻ ته ھي گلڙا آھن،
سرنھن جا ڄڻ ته سھڻا ڦلڙا آھن.
ڪيڏا مرڪن ٽھڪن ٿا پيا ھتڙي،
سُندر سنھڙا سنھڙا ڪي ته ٿُلھڙا آھن
.
مون کي ھرپل ڏاڍا وڻندا آھن ساٿي،
ڏکن ۾ ڏيندا
مونکي روز سُکڙا
آھن
.
ابي امڙ جي اکڙين جا ٺار ھوندا آھن،
ڀاڪيون پائي مُرڪن ٽھڪن مٺڙا آھن.
ماضي جا ھي ننڍڙا جڏڙا ڪچڙا
آھن،
پر اڄ ننڍڙا مستقبل جا نيٺ وڏڙا آهن.
ڪارا ڪوجھا لکن پڙھن رانديون ڪن ٿا،
پائيندا روز ميرا سيرا ڀي ڪپڙا
آھن.
محنتن سان نيٺ ته منزل ماڻيندا آخر،
خواب سمورا انھن جا ٿيندا سچڙا آھن.
ھي جديد اينڊ ٽيڪنالاجي دور ۾ ”ڀٽي“،
ذھنن توڙي وکن جا ڏاڍا تڪڙا آھن.
سچائي جي درسگاهه هو جاويد ڀٽو،
دوستن جي ساراهه هو جاويد ڀٽو.
جيڪو سنڌ جو سقراط ۽ سفير،
شڪارپور جي چاهه هو جاويد ڀٽو.
ڌرتي جو يگانو ۽ ڏاهو ساٿين،
سڀني جي راهه هو جاويد ڀٽو.
سونهن ۽ علم ۾ هو نرالو،
ديس جي اُتساهه هو جاويد ڀٽو.
سچ، پچ هڪ انسان دوست هو،
’حئي‘ جي نگاهه هو جاويد ڀٽو.
هن ئي عمارت ۾، منهنجي ادبي پورهئي، پنهنجا پهريان
پساهه کنيا هئا.
1975ع ۾، جڏهن ادا شوڪت حسين شورو سنڌي ادبي بورڊ
جي رسالي گُل ڦُل جا ايڊيٽر هئا ته گُل ڦُل رسالي
۾ منهنجي پهرين تحرير ’سچ جي سزا‘، ’محمود الحسن
مغل‘ جي نالي سان شايع ٿي هئي. 1976ع ۾ ئي ٻي
ڪهاڻي به شايع ٿي ۽ پوءِ ته ڄڻ اتساهه جو هڪ اڻ
کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو.
مٿان قدرت کي شايد اهو منظور هو جو والد محترم
جيان معتبر شخصيت ’محترم انور هالائي صاحب‘ گل ڦل
جا ايڊيٽر ٿي آيا. اهو ئي زمانو هو جو اسين چار
يار، ادبي بورڊ جي عمارت جي ٻاهران ننڍڙي ڀِت ٽپي
’وڏو اديب‘ بڻجڻ جي چڪر ۾ اندر داخل ٿيا هئاسين.
انعام علي ملاح، ذوالفقار علي پنهور، محمود مغل ۽
عبدالرحمان سيال. وقت جو وهڪرو انعام علي ملاح کي
سرڪاري ملازمت ڏانهن کڻي ويو ۽ هن علمي ادبي ڪم
مان جلدي هٿ ڪڍيو. هو اسان سڀني ۾ هوشيار به هو،
قصو سمجهي ويو هو سو عقلمندي ڪري پلئه ڇڏائي ويو.
عبدالرحمان سيال ڪجهه عرصو جٽاءُ ڪري ويو ۽ پوءِ
هن ڊاڪٽري جو پڙهي ته اڄ حيدرآباد جو مشهور
پيڊياٽريشن ’ٻارن جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر‘ آهي.
شايد اهو گل ڦل ۾ ڪم ڪرڻ جو اثر هو جو عبدالرحمان
ٻارڙن جي بيمارين بابت پنهنجو ڪيريئر چونڊيو.
ذوالفقار علي پنهور، نياز پنهور بڻجي ويو، بي
انتها حسين شاعر پر پوءِ هن صحافت جوائن ڪئي ۽
نتيجي طور سنڌي زبان جي وڏي ۾ وڏي اخبار ’ڪاوش‘ جي
جُڙت ۾ سندس اهم حيثيت آهي ۽ هاڻي هو شاعر گهٽ
صحافي وڌيڪ سڏيو وڃي ٿو. ٻارڙن کي اهو به ذهن ۾
هجڻ گهرجي ته اها جيڪا ادي نجمه آهي، گل ڦل جي هن
دور جي ايڊيٽر اُها به نياز جي ننڍڙي ڀيڻ آهي.
نياز جي ڇو... اسان سڀني جي... چاچا ابراهيم
(مرحوم) به اسان جي والد جيان هو. ننڍڙي اسان جي
سامهون ئي ته اهڙي مَسند تي پهتي آهي.
عجيب زمانو هو. گل ڦل ۾ ئي لکڻ، ايڊٽ ڪرڻ، پيسٽنگ،
لي آئوٽ، ٽپال ڇاڻڻ، خطن جون مارڪون ڪرڻ وري سائين
کان جواب لکرائڻ... اُهي سڀ ڪم مون ذاتي طور تي
سکيا. اها سائين انور هالائي صاحب جي مَهِرَ هئي
جو هنن محمود کي ’محمود‘ ٺاهيو. ڪتاب ڏيڻ، انگريزي
مان خاص طور تي ترجمو ڪرائڻ، ايڊيٽنگ، پروفنگ ...
ڪهڙو هنر هنن وٽان مون کي نصيب نه ٿيو. هالائي
صاحب مون کي پٽن جيان پيار ڪيو، جنهن لاءِ مان
حياتيءَ جي آخري گهڙين تائين، شڪر گذار رهندي هنن
جي بخشش لاءِ سدائين دعاگو رهندو آهيان. کين پڪ
هئي ته مان هڪ ڏينهن سنڌي نثر ۾ اوج ماڻيندس.
منهنجي ڪتاب ’ڪوهيئڙي ۾ ويڙهيل يادون‘ جي مهاڳ ۾،
1981ع ۾ هنن لکيو ”منهنجي انهيءَ دعويٰ کي جيڪڏهن
مجذوب جي بڙ سمجهي ٿو ته ڀلي سمجهي، پر آءٌ اهو
ضرور چوندس ته ايندڙ وقت ثابت ڪندو ته محمود مغل
جون ڪهاڻيون، سنڌي ادب ۾ نامياريون ڪهاڻيون لکيون
وينديون“. اٺٽيهه سال اڳ جي اها چوڻي، مون لاءِ
سدائين مشعل راهه رهي آهي. منهنجون ڪهاڻيون
ڪيتريون نامياريون رهيون آهن، اها ته پڙهندڙن کي
خبر آهي پر جي سنڌي ڪهاڻيڪارن ۾، منهنجو به ڪٿي ڪو
نالو آهي ته اهو صرف گل ڦل، ادا شوڪت شورو جي
پاران مليل بريڪ ۽ محترم سائين انور هالائي صاحب
جي پروَرش آهي.
ٻڌو اٿم ته انساني نفسيات جي حوالي سان ۽ سلوڪ ۾
بهتريءَ جي حوالي سان محمود مغل، هڪ موٽيويشنل
اسپيڪر آهي... سندس ڳالهيون اتساهه ڏيندڙ آهن، جي
آهي ته کيس اوهان وٽ وٺي اچان ٿو. ادڙي نجمه سان
اها ڪمٽمنٽ آهي ته هاڻي هر مهيني انساني سلوڪ جي
حوالي سان، ٻه صفحا خدمت ۾ ضرور پيش ڪبا. ربّ ڪريم
توفيق عنايت ڪندو ۽ اها خدمت جاري رهندي.
مان، محمود مغل، گل ڦل جا ٿورا مڃيندي، ادا شوڪت
حسين شورو صاحب ۽ سائين انور هالائي صاحب جي پيرن
تي هٿ رکندي ۽ دعا جي طلب سان هن سفر جي شروعات
ڪيان ٿو. اها به ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي جو نومبر
۾ مان ڄائو آهيان ۽ نومبر ۾ ئي اهو سفر به شروع
ڪيان پيو.
ڌڻي مِٺڙي کان مدد جو طلبگار آهيان. ’گل گلابي
نازَ نِت سان...‘ جي شروعات ڪريان ٿو.
حياتيءَ ۾ ادب جي خاص اهميت رهي آهي. ادب انسان جو
حياءُ آهي. هتي ادب مان مطلب علم وارو ادب ناهي،
بلڪه انساني سلوڪ جو ادب آهي. شروعات ۾ هڪ ننڍڙي
ڳالهه ياد رکجو ’با ادب، سدائين بانصيب هوندو
آهي.‘ |