1
ڪَيَمِ ڪاپَڙِيُن جي، پَهرئين ڏِينهن پَروُڙَ،
سَگها ساعَتَ نه هيڪِڙي، چارَئي پَهِرَ چوُرَ،
سَدائِين سَيّدُ چَئي، هونِ سَناسي ۾ سوُرَ،
جوڳي ساڻُ ضَروُرَ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪُ ۾.
2
ويهي ويراڳِيُنِ جو، ٻِئي ڏيِنهن ٻُڌُمِ حالُ،
اُنِ جا ڌاڳا ڏوُڙِ ڀَڪُلِيا، جاڳوٽا زَوالَ،
تن ڄاڻي ڄَٽائوُن ڇَڏِيوُن، چوٽا چَڱيءَ چالِ،
ويچارا وُجوُد جي، ڪَنهِن سان ڪَنِ نه ڳالِ،
نانگا ٿِيا نِهالُ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
3
ٽِئين ڏيِنهن ٽِمڪائيِنِ، دوُنهِيوُن دائِرَن ۾،
ميڙِيو ڪَڙِڄَ ڪاٺِيوُن، جوڳي جَلائيِنِ،
سَندِيوُن کامَڻَ خَبَرُون، آديسِيُنِ آهيِنِ،
ڳُجهه نه ڳالهائِين، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾
سمجهاڻي:
1
پهرئين ڏينهن، جوڳين جو سماءُ ويهي لڌم. هوُ هڪ پل
به تندرست نه هئا؛ هوُ چار ئي پهر (درد ۾)
چڪناچور ٿيا پيا هئا. شاهه صاحب ٿو چوي ته سنياسي
هميشه درد ۾ ٿا گهارين. جوڳي ڪنهن مصلحت سبب، جڳ ۾
لڪا وتن.
2
ٻئي ڏينهن ويراڳين جو حال ويهي ٻڌم. سندن ڪفنيون،
مٽيءَ ۾ ميريون ۽ جٽائن ٻڌڻ جا رسا، ڇنل هئا. هنن
ڄاڻي ٻجهي جٽائون رکيون ۽ پنهنجا ڪيس (وار) سٺي
ڍنگ سان ڇڏيا. هوُ ويچارا ڪنهن سان اَندر جو حال
نه ٿا سلين. نانگا (لنگوٽ پهريندڙ) درشن ڪري، سرها
ٿيا ۽ جڳ ۾ لڪا وتن.
3
ٽئين ڏينهن پنهنجن آسڻن ۾ دونهيون ٿا ٻارين. جوڳي،
ڪک ڪانا ۽ ڪاٺيون ميڙي، آگ ٿا ٻارين. جوڳين کي جلڻ
(سچي عشق ۾ پچڻ) جون خبرون آهن. هوُ راز نه ٿا
سلين ۽ جڳ ۾ لڪا وتن.
پيارا ٻارؤ!
السلام عليڪم! اوهان جا ڪهڙا حال آهن؟
ٻارؤ! ڊسمبر جو گُل ڦُل اوهان جي خدمت ۾ حاضر آهي.
ٻار، ڪائنات جي سونهن آهن. ٻار سچ آهن، ٻارن جي
مُرڪ ۽ ٽهڪ زندگيءَ جو احساس ڏيارين ٿا. ٻارن جي
لاءِ ڪم ڪرڻ، ٻارن لاءِ لکڻ ۽ انهن جي تعليم جو،
انهن جي حقن جو، انهن جي احساسن جو خيال رکڻ اسان
سڀني جو فرض آهي. هن وقت سماج ۾ ٻارن جي سنڀال ڪرڻ
انهن جو خيال رکڻ، ٻارن سان سٺو ورتاءُ ڪرڻ ڏکيو
ٿي پيو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي ٿورن وسيلن هوندي به ڀرپو
ڪوشش ڪئي آهي ته رسالو گُل ڦُل وقت سر شايع ڪري
مارڪيٽ ۾ آڻي سگهون. گُل ڦُل رسالو توهان لاءِ ئي
شايع ٿئي ٿو ۽ هن وقت اسان کي خوشي ٿي آهي ته ٻارن
سان گڏ وڏا ليکڪ به اسان سان سهڪار ڪري رهيا آهن ۽
اڃا به اميد ٿي ڪجي ته آئينده به ڀرپور ساٿ ڏيندا.
ٻي خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌي ادبي بورڊ جي
پبليڪيشن ڪميٽي جنهن ۾ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
(چيئرمين)، ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ ڊاڪٽر اسد جمال
پلي (ميمبر) شامل آهن. انهن صاحبن تي مشتمل
ايڊيٽوريل بورڊ پڻ جوڙيو ويو آهي. هن ايڊيٽوريل
بورڊ جي تعاون سان گُل ڦُل جي معيار ۾ اڃان به
وڌيڪ سونهن ايندي.
اسان جو هيءُ پرچو اوهان کي ڪيئن لڳو؟ پنهنجي راءِ
کان ضرور آگاهه ڪندا.
توهان جي مواد، خطن ۽ راءِ جو اوسيئڙو رهندو.
ساٿ سلامت
توهان جي ڀيڻ
نجمه پنهور
سڄي هن ديس کي مالڪ،
سنواي ٿو سينگاري ٿو،
خدا پنهنجي خدائيءِ سان،
جياري ٿو ۽ ماري ٿو،
آهي خالق، آهي مالڪ،
سبق اهڙو سيکاري ٿو،
ڪيل احسان ڀي هرگز،
نه ڪڏهن يار ساري ٿو ،
اچي سڀني جُهڪايو سِرُ،
خدا جو نانءُ پيارو آ،
خدا تنهنجو، خدا منهنجو،
خدا سڀ جو سهارو آ.
اسان جهڙن اٻوجهن تي،
خدا جي خاص رحمت آ،
سندس ٿورا هزارين ٿيا،
ڏسو ڪيڏي عنايت آ،
ڪري ٿو هو ڪرم پنهنجو،
اها هن جي ته شفقت آ،
ثنا ان جي پيو لکندس،
ڏني جنهن ڏات دولت آ،
اهيو هردم قوي قادر،
سچو صادق سچارو آ،
خدا تنهنجو، خدا منهنجو،
خدا سڀ جو سهارو آ.
زمين ۽ آسمانن ۾،
خدا جي بادشاهي آ،
سوئي لائق عبادت جي،
ڏني قرآن گواهي آ،
خدا ابرهه جي لشڪر کي،
ڪيو دوزخ ڏي راهي آ،
ڏسو شداد جي جنت،
خدا قوت سان ڊاهي آ،
اهو مُشرڪ آهي، حق کان،
ڪيو جنهن ڀي ڪنارو آ،
خدا تنهنجو، خدا منهنجو،
خدا سڀ جو سهارو آ.
چرُي ٿو ڪک نه ڪوئي ڀي،
سوا ان جي اشاري کان،
ملي ٿو فيض دنيا کي،
پرين پنهنجي پيارن کان،
چڱائي هِت ۽ اڳتي ڀي،
ملندي ان ڀلاري کان ،
چوي ”معراج“ ٿو اهڙي،
ملي شفقت سگهاري کان،
صغيرا ۽ ڪبيرا ڏوهه،
بخشيندڙ ڀلارو آ،
خدا تنهنجو، خدا منهنجو،
خدا سڀ جو سهارو آ.
مهر ڪجانءِ يا ربّ!
علم ڏجانءِ يا ربّ!
اوڙِي پاڙي ۽ دنيا ۾،
پت رکجانءِ يا ربّ!
اوکي سوکي منجهه،
گڏ هججانءِ يا ربّ!
عرض دعائون تون،
سڀ سڻجانءِ يا ربّ!
ميريون ۽ مديون،
معاف ڪجانءِ يا ربّ!
هجن پنک مون کي اُڏامي وڃان،
وڃي سنڌ پنهنجي امڙ کي ڏسان.
آهي آس دل ۾ اهائي اڃان،
امان! هڪ ڀيرو مان تو وٽ اچان.
جي بادل ڪو ڀورو مان بڻجي پوان،
ٿريلين جي پياسي واري تي وسان.
وٺان روپ جيڪر هوائن جو مان،
وڃي سنگ کيتن ۾ تنهنجا چُمان.
جي سنڌي ٻوليءَ جو مان شاعر هجان،
فقط گيت ڌرتي مان تنهنجا لکان.
پينگهه پير ۾ ٻڌي ڙي جيڏيون،
لُڏي کائون لامارا،
ٽوڙيون عرش جا تارا.
سانوڻ جي مُند آئي آئي،
ڏينهن جهڙالو رات سُهائي،
واهه خوشين جا وارا،
ٽوڙيون عرش جا تارا.
پينگهه جو لُڏندي لُڏندي ٽاريون،
لڏندي ڪُڏندي عمر گذاريون،
ڳايون گيت پيارا،
ٽوڙيون عرش جا تارا.
پينگهه لُڏڻ لئه ٺاهيون جوڙيون،
اينديون لوڏن تي ڪِتڪوڙيون،
نخرا ڪري نياز وارا،
ٽوڙيون عرش جا تارا.
سِج- لَٿي جو ننڍڙا ساٿي،
”بَتي ٻاري،“ خوش ٿيا ڀاتي.
تارن وانگر ٽُمڪا کائي،
مِنٽن ۾ اونداهه مِٽائي.
روشنيءَ جي آهي لاٽ،
چُوڌاري چِمڪيا چِمڪاٽ.
سِج جيئن ڪري سُوجهرا،
دُک درد مٽائي ڏوجهرا.
روشنيءَ جي لاري اَلا،
سبق ٿي سيکاري ڀَلا.
ٻارُو! اُڪلايو اسڪولي ڪم،
ٻرندي- ٿيندي ڪونه ختم.
بتيءَ وانگر قوم جياريون،
ڌرتي پنهنجي ديس اُجاريون.
روشن رهجي سدا بتيءَ جيان،
اڳتي وڌجي نئين صديءَ جيان!!
|