سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ ڊسمبر  2019ع

باب:

صفحو:3 

 

موجوده وقت پاڪستان ۾ تعليم جو معيار ڪهڙو آهي؟ ايندڙ نسل جي تعليم  ۽ تربيت ۾ والدين، استادن ۽ خود شاگردن جي ڪهڙي جوابداري آهي؟ ڇا اسان وٽ علم حاصل ڪرڻ يا تعليم يافته ٿيڻ جا اهي قدر آهن، جيڪي اڳئين وقت ۾ هئا؟ يا اسان جا وڏا اسان کان صحيح معنيٰ ۾ وڌيڪ تعليم يافته هئا ۽ اسين فقط ڊگري هولڊر آهيون. اچو ته اها ڇنڊڇاڻ ڪريون ته تعليم جو مقصد ۽ اڄ جي نسل وٽ انهيءَ مقصد جي اهميت ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جا ڪهڙا اپاءَ آهن؟ ڪتابن جي افاديت ڇا آهي؟ ۽ معياري مطالعو ڪهڙيءَ ريت شخصيت کي اُجاري انساني اخلاقي قدرن جي واڌاري جو باعث بڻجي ٿو.

علم جي فضيلت قرآن پاڪ جي پهرئين لفظ ”اقراء“ يعني ”پڙهه“ مان صاف ظاهر آهي ۽ خدا پاڪ جي موڪليل آخري رسول ﷺ ڪيترن هنڌن تي علم جي اهميت ۽ فضيلت ڄاڻائي آهي. فرمائين ٿا ته، ”علم عبادت کان افضل آهي“. (حديث پاڪ)

Text Box: مضمون

 

علم انساني آزادي ۽ پيار جو واحد سرچشمو آهي، جنهن مان عالم ۽ علم حاصل ڪندڙ مستقبل جا پانڌيئڙا فيضياب ته ٿيندا آهن، پر پوري سماج ۾ نور جي سوجهري جيان علم جي بدولت روشني ٿيندي آهي.

 

موجوده تعليم جي معيار جي جڏهن ڳالهه ڪريون ٿا ته هڪ نظر اسان کي پويان ڏسڻو به ضرور پوندو. انگريز دور کان اڳ اسان وٽ عربي، فارسي ۽ ٻيون علائقائي ٻوليون هلندڙ هيون، جن ۾ مختلف فنن ۽ علمن جي ڄاڻ شاگردن کي ڏني ويندي هئي.

موجوده تعليمي نظريي ۽ ان جي اصولن کي سمجهڻ لاءِ جديد تعليمي سرشتو سمجهڻو پوندو، جيڪو هن جديد دؤر جي پيداوار آهي. انگريزن جي دؤر کان ئي انگريزي تعليم اسان وٽ رائج ٿي آهي، انهيءَ نئين تعليمي سلسلي ۾ انگريزي ٻوليءَ جي اهميت اُتم آهي، انهيءَ کانپوءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا مضمون آهن ته گڏوگڏ شاگردن کي اردو، سنڌي، اسلاميات، تاريخ، جاگرافي ۽ ٻيا مضمون پڙهايا وڃن ٿا، جيڪي سڀ پنهنجي پنهنجي طور تي اهم آهن. پر پوءِ به ڏٺو وڃي ته اڄ اسان تعليم جي معيار کي انهيءَ بُلنديءَ تائين پهچائي نه سگهيا آهيون، جتي ان کي هئڻ

Text Box: مضمون

 

کپي. آخر انهيءَ جو ڪهڙو سبب آهي؟ حقيقت ۾ ته انهيءَ مسئلي جي هئڻ جا ڪيترائي سبب آهن، پر مختصر ايئن چونداسين ته آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ به پاڪستان جي تاريخ ۾ سياسي بيچيني ۽ غير موافق علمي حالتون رهيون آهن، جن جو اثر نئين نسل تي پيو آهي. نه فقط علمي طور پر سندن تربيت ۾ پڻ اسان کان ڪوتاهيون ٿيون آهن. تعليم ۽ تربيت ٻه الڳ لفظ هوندي به هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. تعليم بغير تربيت ۽ تربيت بغير تعليم اڌوري آهي. اڄ تعليمي نظام جي تبديليءَ جي اشد ضرورت آهي. فرسوده نصابي ڪتاب، ناقص امتحاني سرشتو، استادن ۽ شاگردن جي وچ ۾ ويڇا، والدين جو اولاد سان رويو، مهانگائي ۽ ٻيا مسئلا گڏجي هن نظام کي متاثر ڪري رهيا آهن. اسان جي وڏن تمام مشڪل حالتن ۾ علم حاصل ڪيو. هو علم جا مينار هئا، اسان جي نئين نسل کي اڄ علم جي حاصلات لاءِ وڌيڪ سهوليتون ميسر آهن. قدرت کين اعليٰ ۽ روشن دماغ عطا ڪيا آهن، سو
انشاءَ الله هُو ضرور اڳيان ايندا ۽ اچي رهيا آهن، پر اها به حقيقت آهي ته هيءُ مقابلي جو دؤر آهي. ڪالهه آباديءَ جو تناسب ايترو وسيع نه هو، جيترو اڄ آهي. موجوده وقت جي شاگرد کي، نرسري ڪلاس کان پوسٽ گريجوئيشن تائين وڏين مشڪل حالتن کي مُنهن ڏيڻو ٿو پوي، ته به هو محنت ڪري رهيو آهي. اهڙين ڏکين حالتن ۾ پنهنجي ايندڙ نسل جي حوصلي ۽ همٿ لاءِ ۽ کين بي راهه رويءَ کان بچائڻ لاءِ، والدين ۽ استادن کي گهُرجي ته هُو کين سهڻي نموني سان همٿائين ۽ سندن مڪمل طور مدد ڪن، پنهنجي قابليت ۽ تجربي جي بنياد تي ايندڙ نسل کي عقلمنديءَ سان پنهنجي ويجهو ڪن.

 

عقل انساني الاهي سوغات آهي، عقل ۽ علم جي ميلاپ سان عملي قوت پيدا ٿئي ٿي ۽ انهن ٽنهي جي گڏجڻ سان ڪاميابي حاصل نه ٿيڻ ناممڪن آهي. انهيءَ ڪري حياتيءَ ۾ اصل ڪمال عقل سان علم ۽ عمل کي جمع ڪرڻ آهي. حضرت علي رضي الله عنه جو قول آهي ته:

”اي نوجوانؤ! ادب جي ذريعي پنهنجي عزت ۽ علم جي ذريعي پنهنجي دين جو تحفظ ڪريو.“  

 

چوٿون سوال[

اوهان پنهنجي شادي، غمي جي رسمن تي ڪا نظر ڪئي آهي ته اُن ۾ ڪهڙيون ڳالهيون جُڳائينديون آهن، ڪهڙيون نه. اهو ڪو ويچار ڪيو ويو آهي ته اُنهن اجائي رسمن ڪيترن ماڻهن جا خانا خراب ڪري ڇڏيا ۽ سندن مٿا ڪوڙجي ويا ته به ناءُ نيڪي ڪانه نڪتي، اُلٽو گِلا ٿي. چار خوش ٿي ويا ته چار گاريون ڏيندا ويا ۽ گهر جي موڙي به جيڪا سا ناحق چٽ ٿي وئي ۽ جي قرض کنيل آهي ته اهو لهڻو ڪينهي- وياج جي چٽي ڌار پٺي لڳي.

اوهان پنهنجي ڪنهن شادي غمي تي جي رسمون خراب ۽ اجايون آهن ۽ جن تي ڳرو خرچ ٿو ٿئي سي ڪڍي ڇڏيون آهن يا نه؟ ماڻهن جي ٽوڪن جو ڪو خيال ڪيو آهي ته رڳو پرائن ماڻهن جي چوڻ تي جن جي نه گهران وڃڻو آهي نه هڙان. پنهنجو جهڳو چٽ ڪجي يا قرض کڻجي پوءِ وري ساڳيا ماڻهو گِلا ڪندا ته فلاڻي ڇا ڪيو ڪجهه بندوبست ڪونه هو. ماني خراب هئي ڪنهن کي ڪانه پُڳي وغيره؟ جي ڪڏهن اوهان اڃان اُن تي ويچار نه ورتو آهي ۽ رسمن رواجن جي ڦندي مان نه ٿا ڇُٽي سگهو ته اوهان ماڻهن جي قطار ۾ نه آهيو. گهُرجي ته ساري شهر يا محلي يا گهر جا ڀاتي مِڙي سِڙي اڳ پوءِ ڳڻي اهڙن بد رسمن جي بند ڪرڻ جو پهه پچايو ۽ قسم قسمات کڻو بلڪه هٿ اکر لکو ته وري اوهان اهڙن اجائي رسمن ۾ پيسو خرچ نه ڪندؤ. پنهنجي ٻارن ٻچن زالن ۽ جاهل مائٽن کي اهڙي نقصان کان خبردار ڪيو آهي يا نه؟ ۽ اڳتي لاءِ ڇا ٿا ڪيو. سو جواب ڏيو؟

 

]پنجون سوال[

بازار يا وهنوار جي ڏيتي ليتي ۾ اوهان جي ڪهڙي ۽ ڪيتري پَتِ ساک آهي؟ واپارين ۽ دوڪاندارن جو اوهان تي ڪهڙو اعتبار آهي؟ جي نه ته اوهان جي حال تي وڏو افسوس ۽ ارمان آهي جنهن جي پت ساک ڪانهي تنهن جي عزت ڪانهي بلڪه هڪ ڪوڏي جو مُلهه آهي. تنهنڪري اوهان پنهنجي پَتِ ساک رکڻ لاءِ ڪهڙا اُپاءُ ورتا آهن. چوڻي آهي ته ”پئسي واري کان به پَتِ وارو ڀلو آهي“.

]ڇهون سوال[

توهان پنهنجو گهر جاچي ڏٺو آهي ته ڪيتري موڙي ۽ ڪيتري پاڇي رکيل آهي، جي نه ته اوهان کي آئي ويل ڇا ڪم ايندو. وڏي بيماري موت، شادي غمي ۾ ڪنهن ڏي هٿ ٽنگيندؤ يا قرض کڻندؤ. زماني ۾ گهڻا اوچتا اتفاق ٿيو پون، جنهن ۾ پنهنجي پئسي کان سواءِ نه ڪو سڏ ڏئي نه ڪو ڪم اچي، سو اوهان ٻُڌايو ته اوهان پاڇي بچائڻ جو ڪهڙو اُپاءُ ڪيو آهي، نه ته سُڃي ماڻهوءَ جو جيئڻ به اجايو آهي نه دين جو نه دنيا جو. ڪنهن شاعر فارسي ۾ چيو آهي:

ترجمو: سوئر بڻج رِڇ ٿي ڪتو مردار هج جيئن وڻئي تيئن هُج، پر ڪجهه پئسو رکيل هُجيئي ته پوءِ پرواه ڪانهي.

ڪمپيوٽر يوناني ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ حساب ڪرڻ آهي. 1642ع ۾ پهريون ڀيرو فرانس جي هڪ رياضيدان بلينر پاسڪر ڪلڪيوليٽر جي شڪل ۾ هڪ ڪمپيوٽر ايجاد ڪيو. جنهن کي حسابن واري مشين پڻ سڏيو ويندو هو. اڳتي هلي ڪمپيوٽر جي شڪل ۽ ان جي ڪمن ۾ واڌارو ٿيندو ويو. ڪمپيوٽر پنهنجو پاڻ ڪوبه ڪم نه ڪندو آهي، ان کي ٻڌائڻو پوندو آهي. هن وقت گهرن، آفيسن، هوٽلن، ڪارخانن ۽ اسپتالن سميت هر جاءِ تي ڪمپيوٽر جو استعمال عام ٿي ويو آهي. ڪمپيوٽر ۾ انگريزي، اردو، سنڌي، عربي ۽ ٻيون ٻوليون اچي وڃن ٿيون. جن ۾ آساني سان ڪم ڪري سگهجي ٿو.

 

ماڻهو اڪثر ڪري ٻن قسمن جي زندگي گذاريندا آهن. هڪڙي شهري ۽ ٻي ڳوٺاڻي زندگي. ڳوٺاڻي زندگي شهري زندگيءَ جي ڀيٽ ۾ نهايت پُرسڪون ۽ فطرت جي ويجهو هوندي آهي. ڳوٺن ۾ هر پاسي ساوڪ ئي ساوڪ ۽ وڻ ئي وڻ هوندا آهن. جنهن ڪري اتان جي ماحول ۾ ڪنهن به قسم جي گدلاڻ نه هوندي آهي. ڳوٺن ۾ اڪثر ماڻهو ٻني ٻارو ڪندا آهن ۽ گهرن ۾ چوپايو مال پاليندا آهن. ان ڪري هنن کي اَنُ، ڀاڄيون، تازو کير ۽ مکڻ گهر ويٺي ملندو آهي. تنهنڪري ڳوٺاڻا چُست ۽ تندرست هوندا آهن. ڳوٺن ۾ سرڪاري توڙي خانگي اسپتالون به هونديون آهن، جتي هر قسم جي بيماريءَ جو علاج ٿئي ٿو. ڳوٺن ۾ ماڻهو رات جو ستين وڳي ماني کائي سُمهي رهندا آهن. منهنجي ڳوٺ ۾ به مسجدون آهن، جن ۾ نماز سان گڏوگڏ ٻارن کي قرآن شريف جو درس پڻ ڏنو ويندو آهي. منهنجي ڳوٺ ۾ واٽر سپلاءِ جو هڪ تلاءَ به آهي، ان کان سواءِ پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻه پڪا کوهه ۽ چار پمپ به لڳل آهن.

ڳوٺ ۾ ماڻهو ڪڪڙيون پاليندا آهن. اُنهن جي گهر ۾ ڪڪڙ جو گوشت ۽ اصلي بيدا هر وقت موجود هوندا آهن، ڪير به مهمان ايندو آهي ته هڪدم ڪڪڙ ڪهي مهماني ڪندا آهن. ٻنيون ٻارا به گهرن جي ويجهو هوندا آهن. موسم آهر جيڪا ڀاڄي پوکيل هوندي آهي، اُها ڀاڄي ٻار ئي ڊوڙي پٽي ايندا آهن ۽ صاف پاڻي ۾ پوکيل ڀاڄيون، ميوا جام هوندا آهن. ڳوٺ جا ماڻهو سچا ۽ صاف سٿرا هوندا آهن. پنهنجي گهر ۾ ئي جانور مينهون، ڍڳيون ۽ ٻڪريون پالين، کير، مکڻ ۽ ڌنئورو به عام جام استعمال ڪن. اسان جي سنڌ جي ڀلوڙ شاعر نياز همايوني جو هڪ شعر آهي:

”واهڻ وارا ڇوڪرا توکي وندر جو ويراڳ ڇو؟

شهر ۾ ويندين ڪَڪ ٿي پوندين، چوندين ڪيم کِٽراڳ ڇو؟“

منهنجي ماءُ منهنجي زندگي جو هڪ اهم حصو آهي، مان پنهنجي ماءُ سان تمام گهڻو پيار ڪندي آهيان، اسان پنهنجي زندگي ۾ صرف ماءُ جي دعائن سان ئي ڪاميابي حاصل ڪري سگهنداسين، ماءُ ۽ ٻار جو رشتو سڀني رشتن کان اهم، خاص ۽ سٺو آهي. ماءُ، امان-امڙ- جيجل ڪيترائي نالا آهن ماءُ جا. ماءُ جي محبت کي دنيا ۾ ڪير به ٺڪرائي يا ڇڏي نٿو سگهي. ماءُ جي محبت اها عظيم محبت آهي جنهن جي جيتري به ساراهه ڪجي، اُها گهٽ آهي. ماءُ کي پنهنجي اولاد سان بي انتها محبت ۽ پيار هوندو آهي.

ماءُ پنهنجي ٻار جي لاءِ هر مشڪل سان منهن ڏيندي آهي. ماءُ جي بغير جهان سنسان ۽ اُداس لڳندو آهي، مان پنهنجي ماءُ جو هرهڪ خواب پورو ڪرڻ ٿي چاهيان، مان شوق ۽ محنت سان پڙهي لکي ڊاڪٽر ٿيڻ ٿي چاهيان، جيڪو منهنجي ماءُ جو خواب آهي. منهنجي لاءِ منهنجي زندگي ۾ ماءُ کان سواءِ ڪير به وڌيڪ ناهي ۽ مون کي فخر آ پنهنجي ماءُ تي جنهن منهنجي لاءِ الاهي ڪجهه ڪيو آهي، منهنجي هر ضرورت پوري ڪئي آهي ۽ مون کي ايڏو لاڏ ۽ پيار سان پاليو آهي، اگر مان پنهنجي ماءُ جي تعريف ڪيان ته هن ڪاپي جا ورق به ختم ٿي ويندا پر ماءُ جي تعريف ختم نه ٿيندي، ماءُ ايڏي سٺي هوندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن اسان پنهنجي ماءُ جي صحيح فيصلن ۽ ڳالهين کي غلط سمجهندا آهيون، ماءُ جي فيصلن کي نظرانداز ڪري غلط رستي تي هليا ويندا آهيون، پر پوءِ احساس ٿيندو آهي ته ماءُ جيڪو فيصلو پنهنجي ٻار جي لا ڪندي آهي اهو ئي ان جي حق ۾ بهتر هوندو آهي. بيشڪ ماءُ جو رشتو خالص، سچو ۽ دنيا ۾ بهترين رشتو هوندو آهي، ٻار جو ماءُ کان علاوه بهترين دوست ۽ ساٿي ڪير نه هوندو آهي.

محبت ڇا کي چئبو آهي. اُهو پنهنجي مٺڙي ماءُ کان پڇو. محبت جي اسان کي ڪهڙي خبر؟ پر اسان ٻارن کي محبت جو سبق به اسان جي ماءُ ٿي ڏي. اسين ننڍي هوندي ماءُ جي پيار ۽ شفقت کي ڏسي اسان چئون ٿا ته انهيءَ پيار جو نالو محبت آهي ۽ اها محبت به آهي ماءُ، جيجل ماءُ ڪٿان لڀي؟ جيڪڏهن اولاد بيمار ٿيندو آهي ته ماءُ جي ننڊ حرام ٿي ويندي آهي. جستائين اولا بيمار هوندو آهي، تيستائين ڄڻ ته ماءُ به بيمار هوندي آهي. مالڪ جي قدرت آهي جنهن ماءُ جي دل ۾ ايڏي محبت وڌي آهي. مگر اڄ ڪلهه ڏسجي ٿو ته اولاد ماءُ سان ايترو پيار نٿو ڪري جيترو هوءَ لهڻي ٿي ۽ نه ئي ان جو قدر ٿو ڪري. اڄڪلهه ڏسجي پيو ته ماءُ جو اولاد کي احساس ئي ڪونهي. ماءُ بيمار ٿيندي ته پاڻيءَ جو ڍڪ پيارڻ به ٻار کي ڏکيو پيو لڳندو.

جيڪڏهن اولاد ماءُ کان ٿورو به جدا رهيو ته ماءُ کي انتظار رهندو آهي. جڏهن اولاد اچڻ وارو هوندو تڏهن هن جي مُنهن تي مُرڪ کي ڪير ڏسي!! سندس چهرو خوشي کان ٻهڪي اٿندو ۽ خوشي جا لڙڪ اکين مان جاري ٿي پوندا اٿس ۽ جڏهن وڇڙيل اولاد ملندو ته محبت جا جذبات ايترا وڌي ويندا جو اُن جي دل کان ڪير پُڇي! ڏٺو ويو آهي ته اولاد پڙهي لکي پرديس وڃي ٿو وسائي ۽ ماءُ جي دل هر وقت انهن ٻارن جي لاءِ واٽون پئي نهاري، جڏهن اچڻ جو ٻڌندي آهي ته ان جي خوشي جو ڪو ٺڪاڻو ڪونه هوندو آهي.

ٻارؤ! ماءُ جو قدر ڪريو. ڇو ته هيءَ اُها هستي آهي جيڪا هر پل توهان لاءِ دعاڳو آهي. ماءُ نه هوندي ته دعا جا در بند ٿي ويندا آهن.

اسان کي گهُرجي ته پنهنجي ماءُ جي سدائين خدمت ڪيون، ان جي فيصلن کي صحيح سمجهون، ۽ ان تي ئي عمل ڪيون، پنهنجي ماءُ کي ڪڏهن به ڪهڙي ڳالهه تان تڪليف ۽ ناراض نه ڪيون، ڇو ته جنهن ماءُ کي ناراض ڪيو اهو دنيا ۾ ڇا آخرت ۾ به ڪامياب نه ٿيندو.

بيشڪ ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي.

اڄ اسان اهو ڄاڻنداسون ته ڪيترن مختلف قدبت جا جاندار هن ڌرتي تي موجود آهن؟

ٻارو اسان پنهنجي اردگرد موجود جن جاندارن کي ننڍڙو چوندا آهيون هو مک يا مڇر آهن، ليڪن قدرت اهڙآ انيڪ جاندار پيدا ڪيا آهن، جيڪي اسان پنهنجين اکين سان نٿا ڏسي سگهون، ليڪن هي سڀ جاندار ساهه کڻن ٿا؟ کاڌو ڪيئن ٿا کائين؟ وغيره وغيره.

اچو ته پهريون هنن جا ڪجهه نالا هنن جي زندگي گذارڻ جو طريقي جي باري ۾ ڄاڻو.

 

اَميبيا (Amoeba)، يوگلينا (Euglena)، پيراميشيم (Paramecium) هي سڀ چند عام موجود ننڍڙا جاندار آهن. هي سڀ به ساهه کڻن ٿا ۽ ساهه کڻڻ جي لاءِ آڪسيجن جو استعمال ڪن ٿا، ليڪن هنن جي جسم جي بناوت تمام سادي آهي. جيئن ته نالي ۾ ظاهر آهي.

هڪ جيوگرڙي (Unicellvari) ته  هنن جي جسم جي بناوت کل هڪ تي مبني آهي. ته هي ساهه کڻڻ لاءِ پنهنجي بيروني جهلي جو استعمال ڪن ٿا ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي به مٿان ئي خارج ڪن ٿا.

اچو ته ڏسون هي رهڻ ڪيئن ۽ ڪٿي ٿا؟ ٻارو هي جاندار گدلي/بيٺل پاڻي، درياهن، واهن ۽ ڍنڍن ۾ يا وڃن ٿا، هنن کي رهڻ جي لاءِ گهربل درجه حرارت گهٽ کپي ٿو، ڇاڪاڻ ته وڌيل درجه حرارت هنن جي زندگي کي واڌ ويجهه ڪرڻ نٿو ڏئي.

هاڻي ڏسون ٿا ته هي کاڌي جو حصول ۽ نيڪال ڪيئن ڪن ٿا؟ ٻارو کاڌو هر جاندار جي اهم ضرورت آهي، هنن جو کاڌو پاڻي ۾ موجود ننڍي کان ننڍڙو ذرو آهي جيڪو هي پنهنجي بيروني جهلي جي ذريعي اندر ڪرن ٿا ۽ هي طريقو چورائي ٿو جڏهن ته غير ضروري کاڌي جا جُزا ساڳي جهلي کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا ۽ هي عمل (Exocytose) چئجي ٿو.

ٻارو جي جاندار پنهنجي نسل به وڌائن ٿا ۽ هنن جو پيدائش جو عمل تمام سارو آهي جنهن کي (Fission) (ٽٽڻ جو عمل چئجي ٿو). هن عمل ۾ هن جيوگرڙو پاڻ کي ٻه يا چار حصن ۾ ٽوڙي وٺندو آهي. هن نموني هر جيوگرڙي مان ٻه يا چار (Baby Cells) جنم وٺن ٿا. هتي اها ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته هي تمام جلدي ۽ گهٽ وقت ۾ پنهنجو تعداد وڌائڻ جي صلاحيت رکن ٿا، ساڳي نموني هنن ۾ موت جو تناسب به تمام گهڻو آهي.

هاڻي ڏسون ٿا ته هي هن ڌرتي تي ڪهڙو ڪردار ادا ڪن ٿا، ڇا هنن جي موجودگي جو ڪو فائدو آهي يا ڪو نقصان آهي؟ پيارا ٻارو ضروري نه آهي ته جيڪا شيءِ اسان کي ظاهر ۾ اگر فائديمند نظر نٿي اچي ته هن جو ڪو فائدو به ڪونهي.

هي ننڍڙا جاندار (Ecosystem) کي قائم رکڻ ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، هنن جي ڪري زمين ۾ زرخيزي پيدا ٿئي ٿي ۽ هي پاڻي جي گدلاڻ کي صاف ڪرڻ جو به ڪم ڪن ٿا.

پر ٻارو هنن مان ڪي جاندار اهڙا به آهن جيڪي صحت کي نقصان پهچائن ٿا، مثال طور اميبا، هي پاڻي ۾ رهي ٿو ۽ اگر اسان پاڻي کي اوٻاري استعمال نه ڪيون ته هي پيٽ جي بيمارين جو باعث بڻجن ٿا. مثال طور دستن جي بيماري، جيڪا 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي لاءِ موت جو باعث به بڻجي سگهي ٿي.

ٻارو اڄ اسان وٽ اهڙا طاقتور ۽ (High Magnifying Micro Scope) موجود آهن، جنهن جي مدد سان اسان هنن ننڍڙن ساهوارن متعلق ايتري ڄاڻ حاصل ڪري سگهيا آهيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org