آڳاٽي زماني جي ڳالهه آهي ته هڪ وڏو بزرگ پنهنجي
گهر ۾ مريدن ۽ شاگردن کي دين جي تعليم ڏيندو هو.
علم جا پياسا خالي هٿين ايندا هئا ۽ علم جي دولت
سان فيضياب ٿي واپس ويندا هئا. ان بزرگ جو هڪ
شاگرد گهڻي عرصي کان وٽس تعليم حاصل ڪري رهيو هو.
بزرگ به پنهنجي شاگرد جو خيال رکندو هو ۽ چاهه سان
هن کي پڙهائيندو به هو. شاگرد جي دل ائين چوندي
هئي ته سڄي عمر استاد جي خدمت ۾ حاضر رهي ۽ تعليم
حاصل ڪندو رهي، پر آخر اهو وقت به اچي ويو، بزرگ
کيس چيو، ته تو هن وقت تائين جيڪا دين جي تعليم
حاصل ڪئي آهي سا ڪافي آهي، هاڻي علم ۽ سُٺن ڪمن
سان انسانذات کي فائدو رساءِ.
شاگرد کي پنهنجي اُستاد جو حڪم مڃڻو پيو ۽ هن گهر
وڃڻ جي تياري شروع ڪئي. جڏهن هو بزرگ وٽان وڃڻ لڳو
ته بزرگ کانئس پڇيو پُٽ تون هڪ ڊگهو وقت اسان وٽ
رهيو آهين، اهو ته ٻُڌاءِ تو هت رهي ڇا ڇا حاصل
ڪيو آهي؟
بزرگ اهو سوال پنهنجي شاگرد جي علمي حيثيت ڄاڻڻ
لاءِ ڪيو هو. هن دلجاءِ ڪرڻ پئي گُهري، ته رب جي
فضل سان سندس شاگرد هڪ وڏو عالم بڻجي گهر پنهنجي
وڃي رهيو هو، پر شاگرد ان جي اُميد جي خلاف هي
جواب ڏنو ته قبلا! مان اوهان جي خدمت ۾ رهي فقط اٺ
ڳالهيون سکيون آهن. صرف اٺ ڳالهيون... بزرگ حيراني
وچان پڇيو. شاگرد وراڻيو ته هائو سائين! صرف اٺ
ڳالهيون يا اٺ نقطه ۽ انهن مان پهرين ڳالهه هيءَ
آهي ته انسان کي نه دولت سان محبت ڪرڻ گهرجي ۽ نه
وڏن عهدن ۽ شان شوڪت سان پر کيس نيڪيءَ کي پنهنجي
زندگيءَ جو سڀ کان وڏو مقصد بنائڻ گهرجي. شاگرد جي
اها ڳالهه ٻڌي بزرگ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ فرمايائين ته،
بيشڪ تو اها تمام سٺي ڳالهه سِکي آهي. ٺيڪ آ. هاڻي
اهو ٻڌاءِ ٻي ڳالهه ڪهڙي آهي.“
شاگرد چيو: سائين ٻي ڳالهه مون اها سِکي آهي ته
انسان کي هر وقت ۽ هر دم رب پاڪ کان ڊڄڻ گهرجي
ائين هو هر قسم جي بُرائي ۽ گناهه ڪرڻ کان بچي
ويندو. حقيقت اها آهي ته انسان گناهه ان وقت ڪندو
آهي جڏهن هو رب پاڪ کي وساري ڇڏيندو آهي. ”شاباس
تو اها ڳالهه به ڪم جي حاصل ڪئي آهي“. بزرگ خوش ٿي
چيو.
شاگرد: استاد مون ٽين ڳالهه اها سِکي آهي ته
ماڻهوءَ کي لالچ ۽ ڪنجوسيءَ کان بچڻ گهرجي. عام
انسانن جو حال اهو آهي ته هو سڄي زندگي سٺين سٺين
شين کي گڏ ڪرڻ ۾ لڳا رهندا آهن. مال ملڪيت جمع ڪري
وٺندا آهن، پر اهي انهن جي ڪنهن به ڪم نه ٿا اچن.
جڏهن انهيءَ ماڻهوءَ تي موت اچي ٿو ته انهن جي
ملڪيت تي ٻين جو قبضو ٿي وڃي ٿو. منهنجي سمجهه ۾
اها ڳالهه آئي آهي ته رب انسان کي جيڪا شيءِ ڏئي
ان کي رب پاڪ جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ گهرجي. ائين ڪرڻ
سان کيس ثواب حاصل ٿيندو، جو مرڻ کان پوءِ به ڪم
ايندو. بزرگ ان ڳالهه کي چڱو مڃيو ۽ خوش ٿيو.
شاگر چيو: مون چوٿين ڳالهه اها سِکي آهي ته سچي
عزت ۽ وڏو مانُ ۽ مرتبو فقط نيڪ ۽ سُٺا ڪم ڪرڻ سان
حاصل ٿيندو آهي. رب پاڪ وٽ اهو ئي وڏو آهي، جيڪو
حق جو رستو اختيار ڪري ۽ ڀلائي جا ڪم ڪري ٿو. بلڪل
صحيح آهي. بزرگ خوش ٿي چيو.
مون پنجين ڳالهه اُها سِکي آهي ته ٻين کي سُکيو
ڏسي ساڙ ڪرڻ ۽ حسد ڪرڻ تمام خراب ۽ غلط ڪم آهي.
انسان کي اهو ايمان رکڻ گهرجي ته سڀني نعمتن ۽
خزانن جو مالڪ رب سائين آهي، ان کان ئي سڀ ڪجهه
گُهرڻ کپي. ڪنهن کان ڪابه شيءِ کسڻ جو دل ۾ خيال
به نه آڻڻ گهرجي. واهه واهه تو اها ڳالهه پڻ ڏاڍي
سُٺي سِکي آهي. بزرگ هن جي تعريف ڪئي ۽ وري سوال
ڪيائين ته ڀلا ڇهين ڳالهه تو ڪهڙي سِکي آهي. شاگرد
جواب ڏنس ته عام ماڻهن جي حالت اها آهي ته ننڍين
ننڍين ڳالهين تي هڪٻئي جا دشمن بڻجي ويندا آهن.
مون اوهان جي سِکيا ۾ اهو حاصل ڪيو آهي، ته اسان
جو سڀ کان وڏو دشمن شيطان آهي. شيطان جي چڪر کان
بچڻ گهرجي. مرحبا! تو سچائي کي حاصل ڪري ورتو.
بزرگ خوش ٿيو. شاگرد چيو: سائين ستين ڳالهه اها
سِکي آهي ته سڀني کي رزق ڏيڻ وارو ۽ پالڻ وارو رب
پاڪ آهي، ماڻهو کي پنهنجي رزق بابت پختو ايمان رکڻ
کپي ته کيس ضرور ملندو. پُٽ تو اها ڳالهه به ڪم جي
سِکي آهي. بزرگ خوش ٿي چيو، اٺين ڳالهه بابت
ٻڌايو. شاگرد وراڻيو سائين مون اٺين ڳالهه اها
سِکي آهي ته انسان جو حقيقي ۽ اصلي مددگار ۽ حفاظت
ڪرڻ وارو فقط رب پاڪ آهي، ان کان سواءِ ڪنهن تي به
ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي. اهو ٻڌي بزرگ چيو ته اي خوش
نصيب شخص تو اها ڳالهه به سُٺي حاصل ڪئي آهي. تو
صرف اُهي اٺ ڳالهيون سِکي مڪمل علم حاصل ڪري ورتو
آهي.
امان! هن وقت رات جا ساڍا اَٺَ ٿيا آهن. مان توهان
جي هدايت مطابق رات جي ماني کائي ۽ ٿوري پَسار ڪري
واپس پنهنجي ڪمري ۾ اچي ويو آهيان ۽ روزاني جيان
توهان کي سڄي ڏينهن جو حال احوال لکي رهيو آهيان.
پر ڇڏيو! اڄ ڀلا پنهنجو ڪو حال احوال نه ٿو لکان،
ڇو جو مان اڄ ڏاڍو اُداس آهيان ۽ جلدي سُمهڻ ٿو
چاهيان.
مان اُداس ان ڪري ناهيان ته مان اوهان کان، ڳوٺ
کان ۽ دوستن کان پري هن شهر ۾ ٿو رهان ۽ پاڻ کي
اڪيلو ٿو محسوس ڪريان. مان ان ڪري به اداس ناهيان
ته ڪنهن غلطيءَ جي ڪري ڪنهن اُستاد مون کي دڙڪا
ڏنا آهن يا وري نظم و ضبط جي ڀڃڪڙيءَ جي ڪري ڪاليج
انتظاميه پاران مون تي ڪو ڏنڊ وڌو ويو آهي. نه!
اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي. توهان جي فرمانبردار پُٽ
کان ڪابه اهڙي ڳالهه نه ٿي ٿي سگهي، جنهن سان
توهان کي ڪو رنج پهچي. مان پوري ڌيان سان تعليم
پِرائي رهيو آهيان. منهنجي روزاني جي معمول ۽
سرگرمين ۾ ڪوبه فرق نه آيو آهي. صبح جو سوير
اُٿندو آهيان، تيار ٿي ڪاليج ويندو آهيان ۽ ڪاليج
کان سڌو گهر ايندو آهيان.
پوءِ ڀلا مان ڇو اُداس آهيان؟ توهان پريشان
ٿينديون هونديون ته ڪٿي مون کي پئسن ڏوڪڙن جي
ضرورت ته ناهي، ڪنهن سان منهنجو جهيڙو ته ناهي ٿيو
يا وري جنهن گهر ۾ رهان ٿو، تنهن ۾ ڪا تڪليف ته
ناهي. نه امان! مون کي ڪابه تڪليف ناهي. اوهان مون
لاءِ ڇَپر ڇانءَ آهيو ته پوءِ مون کي ڪا تڪليف نه
ٿيندي.
ته پوءِ ڀلا مان ڇو اُداس آهيان؟
امان! مون کي پاڻ کي به خبر ناهي ته آخر مان ڇو
اُداس آهيان؟ جيڪڏهن ٿورين ٿورين ڳالهين تي مان
اُداس ۽ ڏکارو رهڻ لڳس ته پوءِ توهان جون اهي
اُميدون ڪيئن پوريون ٿينديون، جيڪي توهان مون سان
سلهاڙي رکيون آهن ۽ جن کي پوري ڪرڻ جو مان پَڪو
پهه ڪيو آهي. مان اڄ سڄو ڏينهن پنهنجو پاڻ کي
سمجهائيندو رهيو آهيان ۽ ان واقعي کي وسارڻ جي
ڪوشش ڪندو رهيو آهيان، جيڪو منهنجي اُداسيءَ جو
سبب بڻيل آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ مان هڪ رسالو پئي
پڙهيو. ان ۾ ڪٿي لکيل هو ته ڪو ماڻهو ڪنهن ڳالهه
کي جيترو به وسارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته اها ڳالهه
ايتري ئي شدت سان نوَن ۽ پريشان ڪندڙ رُخن سان آڏو
اچي ويندي آهي.
شايد! منهنجي اُداسي ڪجهه گهٽجي سگهي، ان ڪري مان
اهو واقعو، الف کان ي تائين بيان ڪريان ٿو، جيڪو
اڄ صبح مون سان پيش آيو ۽ جنهن جي باري ۾ مان سڄو
ڏينهن سوچيندو رهيو آهيان.
ٿيو هيئن جو اڄ صبح جڏهن مان ڪاليج وڃڻ جي تياري
ڪري رهيو هئس، ته دروازو کڙڪائڻ کان بغير هڪ عورت
منهنجي ڪمري ۾ گهڙي آئي ۽ بنا اجازت وٺڻ جي پلنگ
تي ويهي رهي.
ڪنهن عورت جو ايئن منهنجي ڪمري ۾ اچڻ تي اوهان
پريشان نه ٿجو، ڇو ته ان عورت جي عمر اوهان کان به
گهڻو وڌيڪ هئي. مان جڏهن اچرج ڀريل نظرن سان کيس
ڏٺو ته هن بلڪل ائين پيار وچان ”پُٽڙا“ چيو، جيئن
توهان مون کي چونديون آهيو.
هن چيو، ”پُٽڙا! مان توکي هڪ تڪليف ڏيڻ آئي
آهيان“. اهو چئي هن هڪ پراڻو ۽ ويڙهيل سيڙهيل
لفافو مون ڏانهن وڌايو ۽ وڏي خوشيءَ مان چيائين،
”هي منهنجي پُٽڙي جو خط آهي“.
مان کانئس خط وٺي کيس پڙهي ٻڌايو. خط ۾ ڪا به خاص
ڳالهه لکيل ڪونه هئي. بلڪل هڪ عام خط هو، جهڙو مان
روزانو توهان کي لکندو آهيان. اهو ئي لکيل هو ته
مان خير خيريت سان آهيان. توهان جي تمام گهڻي ياد
ايندي آهي ۽ توهان جي ڏاڍي سِڪ لڳي آهي.
مان جيئن جيئن خط پڙهندو ٿي ويس، تيئن تيئن ان
عورت جي خوشيءَ وچان سندس حالت عجيب ٿيندي وئي، ڄڻ
هوءَ مون کان خط نه ٻُڌي رهي هجي، پر پنهنجي پياري
پُٽڙي واتان مِٺا مِٺا ٻول ٻُڌي رهي هجي. ڄڻ اهو
خط نه، پر سندس پُٽڙو آيو هجي. سندس ڪيفيت ڏسي مون
کي توهان ڏاڍو ياد آيون. ان ماءُ جي روپ ۾ مان
پنهنجي ماءُ کي ڏسي ورتو، پنهنجي پياري امان کي،
جيڪا منهنجا خط پڙهي ائين ئي خوشيءَ ۾ نه ماپندي
هوندي. سچ ته امان! ان وقت منهنجي دل اوهان سان
ملڻ لاءِ بيقرار ٿي وئي. وچ وچ ۾ روڪي هُن هڪ هڪ
جملو ڪيترائي ڀيرا ٻُڌو ۽ هر هڪ جملي تي پنهنجي پٽ
کي کوڙ ساريون دعائون ڏنيون. گڏوگڏ مون کي به
دعائون ڏيڻ لڳي، ته مان سندس پُٽ جو خط پڙهي ٻڌائي
رهيو هئس. ”نه ته“ هن پنهنجو نرڙ گهنجائيندي چيو،
”هتان جا ماڻهو اهڙا آهن، جو خط پڙهي به نه
ٻڌائيندا آهن. رَهندو ڌِڪا ڏئي ڪڍندا آهن.“
خط ٻڌڻ کان پوءِ هن ٻڌايو ته هوءَ منهنجي پاڙي ۾
رهندي آهي ۽ مون کي ڪاليج ويندي ۽ ڪاليج کان
موٽندي ڏسندي آهي. سندس پُٽ مون کان ڪجهه وڏڙو
آهي. هو به مون وانگر کِل مُک ۽ ٻين جي ڪم ايندڙ
آهي.
”ڪيتريون نه ڀاڳ واريون آهن اهي مائرون“ هن اوچتو
منهنجي نرڙ تي چُمي ڏيندي چيو، ”جن جا پٽ اهڙين
خوبين وارا هوندا آهن.“ ۽ جڏهن مان خط جا اهي جملا
دهرايا، جن ۾ سندس پُٽ لکيو هو ته هن موڪل جي
درخواست ڏني آهي ۽ موڪل ملندي ئي هو پنهنجي پياري
امڙ سان ملڻ ايندو ته خوشيءَ وچان هن جي اکين مان
ڳوڙها وَهڻ لڳا. سندس نڙيءَ ۾ سڏڪا اٽڪي پيا، پر
وڏي فخر وچان چيائين، ”ڏس! ڪيڏو ته ڀلو آهي منهنجو
پُٽڙو!“ پوءِ هوءَڳچ دير تائين پنهنجي پُٽ جي
واکاڻ ڪندي رهي. هن ٻڌايو ته مڙس جي گذاري وڃڻ
کانپوءِ ڪيئن نه هن رليون سِبي پُٽ کي پالي وڏو
ڪيو ۽ پڙهايو ڳڙهايو هو ۽ هاڻي سندس ڏک ڏولاوا ڏور
ٿي ويا هئا. اهڙو نيڪ ۽ اهڙو فرمانبردار پٽ شال
دنيا جي هر ماءُ کي نصيب ٿئي. ۽ پوءِ وڏي
رازداراڻي لهجي ۾ مون کي ٻڌايائين، ”مان هن لاءِ
چنڊ جهڙي ڪنوار به ڳولي لڌي آهي، جيئن ئي موڪل تي
ايندو ته مان پرڻائيندي مانس.“ اهو چئي هوءَ ٻارن
وانگر تاڙيون وڄائڻ لڳي.
امان! توهان سوچينديون هونديون ته اها ته ڪا اهڙي
وڏي ڳالهه ڪونهي. هر ماءُ پنهنجي پُٽ سان ايترو ئي
پيار ڪندي آهي ۽ توهان ته مون کي حد کان وڌيڪ پيار
ڪنديون آهيو، ته پوءِ ڀلا ان واقعي مون کي ڇو
اُداس ڪيو آهي؟
ها! مون کي اُداس نه ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن ٿورين
ٿورين ڳالهين تي مان اُداس ۽ ڏکارو رهڻ لڳس ته
پوءِ توهان جون اهي اميدون ڪيئن پوريون ٿينديون،
جيڪي توهان مون سان سلهاڙي رکيون آهن. جن کي پوري
ڪرڻ جو مان پَڪو پهه ڪيو آهي.
هڪ ڏينهن انهن سڀني ماڻهن ۾ جيڪي انگلستان جي سڀ
کان وڏي چڙيا گهر ۾ عجيب جانور ڏسڻ لاءِ ويل هئا.
هڪ اُهو شخص به هو جنهن وٽ هڪ ننڍو پالتو ڪتو هو.
اُن ڪُتيءَ کي ٿورو وقت ئي پهريان اُن وڏي ڪُتي جي
مار لڳي هئي جنهن سان هن ننڍڙي ڪُتيءَ جو مقابلو
ڪرايو ويو هو.
ٻيو ڪُتو هن ڪُتيءَ کان تمام گهڻو وڏو ۽ طاقتور هو
۽ ان جي ڪري هي ڪمزور ڪُتو مقابلو هارائي ويو هو.
جنهن جي ڪري ان جو مالڪ ناراض هو ۽ پنهنجي ڪاوڙ
پنهنجي ڪُتيءَ تان ڪڍڻ لڳو. هي ويچارو ڪُتو مقابلي
جي اثرات جي تڪليف ۾ هو تڏهن به هن ماڻهو ڪُتي کي
پڪڙي ۽ وڏي ڏنڊي سان مارڻ لڳو ۽ پوءِ اهو ماڻهو
تيزي سان هڪ وڏي جانور جي پڃريءَ ڏانهن وڃڻ لڳو ۽
شينهن جي پڃري وٽ پهچي پنهنجي ڪُتيءَ کي شينهن جي
پڃري ۾ اندر وجهي ڇڏيو. اهو شخص سوچي رهيو هو ته
شينهن ڪُتيءَ کي کائي ويندو پر شينهن ائين هرگز نه
ڪيو.
رهيو هو ته ڪُتو ته خطري کي سمجهي رهيو آهي ڇو جو
هو فرش تي بلڪل خاموشي سان ليٽي پيو هو ۽ آهستي
آهستي هڪ ڪنڊ ڏانهن وڃڻ لڳو. آخرڪار هو شينهن کان
جيترو پري ٿئي اُن ڪري ڪنڊ ۾ وڃي ويهي رهيو. شينهن
به پنهنجيون نظرون هن ننڍڙي ڪُتي تي رکي ويٺو هو
پر ڪُتو ته پنهنجي جڳهه تان نه چُريو. آخرڪار ڪُتي
۾ ٿوري همٿ ۽ بهادري وڌي ۽ هو جهنگ جي بادشاهه کي
هڪ اُميد ڀريل نظرن سان ڏسڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو مهرباني
ڪر مون تي ”مون تي ٿورو رحم ڪر“.
گهر ۾ موجود سڀ ماڻهو شينهن کي حيرت جي نظرن سان
ڏسڻ لڳا، جڏهن شينهن هن ڪُتي کي پيار سان پنهنجي
طرف اچڻ لاءِ چيو، جيڪڏهن شينهن چاهي ها ته پنهنجي
هڪ وار سان ڪُتي کي ختم ڪري ڇڏي ها، پر هُن ايئن
ڪونه ڪيو. شينهن پنهنجو پُروقار ڪنڌ مٿي کڻي ڪتي
کي چيو ننڍڙا ڪُتا توکي خوفزده ٿيڻ جي ڪابه ضرورت
نه آهي، هاڻي آءٌ تنهنجو محافظ آهيان ۽ توکي ڪوبه
ٻيو تڪليف نه ٿو پهچائي سگهي.
اُن وقت تائين ڪُتي جي مالڪ به پنهنجي ڪاوڙ تي
ضابطو آڻي ڇڏيو هو ۽ هاڻي اُن چاهيو ٿي ته ڪنهن به
طريقي سان اُن کي اُن جو ڪتو واپس ملي وڃي. ان
سلسلي ۾ هو جانورن جي سنڀال رکندڙ ماڻهوءَ وٽ ويو
۽ ان کي چوڻ لڳو ته مون کي منهنجو ڪُتو واپس کپي،
اُن تي هن شخص جواب ۾ چيو ته تو پنهنجي ڪُتي کي
پاڻ شينهن جي پڃري ۾ وڌو آهي. هاڻ تون پاڻ ئي اُن
کي واپس اچڻ لاءِ چئو. اُهو ٻڌي ڪُتي جو مالڪ
شينهن جي پڃري وٽ وڃڻ لڳو. اُتي وڃي پنهنجي ڪُتي
کي واپس اچڻ لاءِ اشارا ڪرڻ لڳو، پر ڪُتو پوري
طريقي سان پنهنجي مالڪ کي غير ضروري ۽ اڻ ٻڌو ڪرڻ
لڳو ۽ چوڻ لڳو ته توکان سٺو منهنجو هي مالڪ آهي.
هاڻ تون منهنجو مالڪ نه آهين بلڪه هي منهنجو مالڪ
آهي. اهو ٻڌي ڪُتي جي مالڪ کي وري ڪاوڙ آئي ۽ هو
ڪُتي کي وري ڪجهه چوڻ لڳو. اهو ٻڌي شينهن خونخوار
نظرن سان هُن شخص ڏانهن ڏسڻ لڳو ۽ ان کي کائڻ جي
ڪوشش ڪري رهيو هو. اهو شخص خوف ۾ اچي اُتان ڀڄي
ويو ۽ باغ ۾ موجود سڀ ماڻهون اُن کي ڏسي کلڻ لڳا.
اهڙي طريقي سان اُهو ڪتو شينهن جو دوست ٿي ويو ۽
هو هميشه گڏ خوشي خوشي رهڻ لڳا.
پيارا ٻارؤ!
هن ڪهاڻي مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته هميشه
طاقت، قوت، بهادري، همت ۽ وڏائي هجڻ جي باوجود به
ٻين ڪمزورن تي رحم ڪرڻ گهرجي. پنهنجي تندرستي جو
فائدو وٺي ٻين کي نقصان نه پهچائڻ گهرجي نه ته آخر
۾ پنهنجي پاڻ کي ئي نقصان ٿيندو ۽ ائين ڪرڻ سان
ذلت ۽ رسوائي حاصل ٿيندي آهي.
هڪ دفعي ٻه دوست رستو وٺيو پئي ويا ته اوچتو وڏي
ڀاءُ ناليءَ ۾ ڏهه رپين جو سِڪو ڏٺو، پر سُسُت هئڻ
ڪري ننڍي ڀاءُ کي چيائين ته پنجن رپين جو سِڪو
کڻي، ته ڀاڻس به سُستي جي ڪري پئسا نه کنيا. ايتري
۾ هنن کي ڪيلن وارو گڏيو ته وڏي ڀاءُ هن کان ڪيلن
جو پڇيو ته هڪ ڪيلو گهڻي؟ ته ڪيلن واري چيو ته هڪ
رپيو. ڇوڪري وري پڇيس ته ڇلي ڏيندين ته گهڻو
وٺندين ته هن چيو ته ٻه رپيا، ته وري ڇوڪري چيس ته
ڇلي وات ۾ وجهندين ته گهڻو وٺندين ته ڪيلن واري
چيو چار رپيا. تنهن تي ڇوڪري چيو ته چڱو هڪ ڪيلو
ڇلي وات ۾ وجهه، ۽ ڪيلن واري ائين ڪيو ۽ پئسا
گهريائينس، تنهن تي ڇوڪري چيو ته پويان منهنجو
ڀاءُ پيو اچي ان کان پئسا وٺج. ڪيلن واري ننڍي
ڇوڪري کان چار رپيا گهُريا ته ڇوڪري چيس ته پريان
ناليءَ ۾ پيا اٿئي. اُهي وڃي کڻ ٻه-ٽي دفعا پئسا
گهُرڻ جي باوجود پئسا نه ملڻ جي ڪري ڪيلن وارو کين
بادشاهه ڏانهن وٺي ويو. ان وقت بادشاهه وٽ سُستن
جي مجلس لڳي پئي هئي. وزير هنن کي ويهڻ جو اشارو
ڏنو. انهن ڏينهن ۾ بادشاهه اهو ڍنڍورو ڏياريو هو
ته جيڪو به ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ سُسُت هوندو، ان
کي پنج هزار رپيا انعام ڏنو ويندو. سو بادشاهه ان
وقت حڪم ڪيو ته جيڪو به سڀني کان وڌيڪ سُست هجي
اُهو هٿ مٿي کڻي، تنهن تي سڀني هٿ مٿي کنيو پر هنن
ٻنهي ڀائرن هٿ مٿي نه کنيو. تنهن تي بادشاهه هنن
کان سوال ڪيو ته اوهان هٿ مٿي ڇو نه کنيو..؟ تنهن
تي هنن جواب ڏنو ته سائين اسين ايڏا ته سُست آهيون
جو اسان کان هٿ به مٿي نٿو کڄي...! جنهن ڪري مٿي
نه کنيوسون. بادشاهه جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽
پنهنجي وعدي موجب هنن کي پنج هزار رپيا انعام
ڏنائين.
ٻارو! اها ته هئي هڪ ڪهاڻي پر حقيقت ۾ اهڙي سُستي
ڪڏهن به نه ڪجي.
سُستيءَ مان ڇا هڙ حاصل،
قدم وڌائي اڳتي هل.
ڪنهن وقت جي ڳالهه آهي ته هڪ باغ جي پڃري ۾ بُليور
نالي هڪ هاٿي رهندو هو. اُنهي علائقي ۾ هڪ ٻلي به
رهندي هئي، جيڪا گهٽين ۾ گهمندي ڦرندي هئي. هڪ
دفعي ان ٻليءَ جي پٺيان هڪ رولو ڪتو پيو ۽ ٻلي کي
ڏاڍو ڊوڙايائين. ٻلي ٻيو ڪو رستو نه ڏسندي نيٺ
بليور هاٿي جي پڃري ۾ داخل ٿي وئي ۽ ڪُتي به اهو
ئي عمل ڏسندي اُن جي پويان پڃري ۾ هليو ويو. ٻلي
ڊوڙ پائيندي هاٿي جي ٽنگين جي ذريعي اُن جي مٿان
چڙهي وئي.
بليور هاٿي جيڪو اهو سڄو لقاءُ غور سان ڏسي رهيو
هو، اُن پنهنجي سونڍ سان ڪُتي کي پڪڙي پڃري کان
ٻاهر اُڇليو ۽ ٻلي کي پنهنجي پُٺي تان لاهي پنهنجي
سامهون رکيائينس. ٻلي پنهنجي عادت مطابق هاٿي جي
سامهون ٽپا ڏنا ۽ ميائون ميائون ڪرڻ لڳي. بليور کي
سندس حرڪتون ڏاڍيون پسند آيون ۽ کيس واپس پنهنجي
پٺيءَ تي ويهاري ڇڏيو.
اُن ڏينهن کان پوءِ ٻلي ۽ هاٿي ٻئي دوست ٿي ويا ۽
ڪافي سارو وقت هڪ ٻئي سان گڏ گذاريندا هئا. هاٿي
ٻليءَ کي پنهنجي پٺيءَ تي ويهاريندو هو ۽ ٻلي ساڻس
راند کيڏندي هئي.
هڪ ڀيري ٻلي بُليور جي پڃري کان گهڻو پري نڪري وئي
۽ اُتي اُن جي پٺيان چار پنج ڪُتا پهچي ويا. ٻلي
گهڻي زخمي ٿي وئي پر پنهنجي جان بچائيندي هاٿي جي
اڳيان اچي پهتي ۽ اُتي دم ڏئي ڇڏيائين. هاٿيءَ کي
ته پهرين اِها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته ٻلي مري
چڪي آهي، اِن ڪري هو ان انتظار ۾ هو ته ٻلي ننڊ
مان اٿي ۽ ساڻس راند روند ڪندي، پر جڏهن ٻلي نه
اُٿي ته بليور هاٿي سندس ياد ۾ چريو ٿي ويو ۽ هو
ٻين جانورن ۽ ماڻهن لاءِ هڪ خطرو به بڻجي ويو.
بليور لاءِ باغ جي انتظاميه هڪ ٻي ٻلي به آندي پر
هو پنهنجي دوست ٻلي جي غم ۾ اُن ٻي ٻليءَ کي به
ماري ڇڏيو. اُن کان پوءِ بليور کي هاڻ زنجيرن سان
جڪڙي پڃري ۾ بند رکيو ويو آهي ته هو ڪنهن کي نقصان
نه پهچائي.
ٻارؤ! بليور هاٿي جو مثال اُنهن ماڻهن وانگر آهي
جنهن کي زندگي ۾ ڪا پسنديده شيءِ هٿ ايندي آهي ته
هو خوش ٿيندو آهي پر جڏهن اُها عزيز شيءِ کسجي
ويندي آهي ته اُهو شخص پنهنجي زندگي مان بيزار ٿي
ويندو آهي ۽ مايوس ٿي ويندو آهي.
حنيف پنهنجي گهر وارن سان گڏ پرسڪون زندگي گذاري
رهيو هو. هن جو والد هڪ جوهري هو ۽ خوشحال زندگي
گذاري رهيا هئا. پوءِ هنن تي ڏکيو وقت آيو ۽ ان جو
والد بيمار ٿي پيو ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ گذاري ويو.
والد جي وفات کان پوءِ حنيف جي خاندان تي مسئلن جا
پهاڙ ڪري پيا. اهڙي صورتحال کي ڏسندي حنيف جي ماءُ
حنيف کي پنهنجو قيمتي هار ڏيندي چيو ته: هي هار
تون پنهنجي چاچي ڏي کڻي وڃ. هو توکي هن جا سُٺا
پئسا وٺرائي ڏيندو.
حنيف جو چاچو به جوهري هو ۽ ان ڪم ۾ تمام گهڻو
ماهر به هو. حنيف پنهنجي ماءُ کان هار وٺي سڌو
پنهنجي چاچي جي دوڪان تي پهتو، جنهن ان هار جو
جائزو ورتو ۽ پوءِ حنيف کي چيائين، پٽ اڄڪلهه
بازار ۾ (مندي) اگهه ناهي ڪجهه ٽائم ترسو پوءِ
کپائجو ته سُٺا پئسا ملندئي.
مون کي خبر آهي ته اڄڪلهه توهان جا حالات خراب
آهن، ان لاءِ تون منهنجي دوڪان تي ڪم ڪر مون کي
توجهڙي (قابل لائق) ڇوڪري جي ضرورت به آهي. حنيف
اُتي نوڪري شروع ڪري ڇڏي ۽ پابنديءَ سان نوڪري ڪرڻ
لڳو. جتي هو هيرن ۽ جواهرن جي سڃاڻ ۽ ڪاروباري هنر
کان واقف ٿيڻ لڳو.
جنهن محنت جو نتيجو هي نڪتو ته حنيف جي گهر جي
مالي حالت بهتر ٿي وئي ۽ هو هڪ ماهر جوهري جي
حيثيت سان مشهور ٿيندو ويو.
هاڻ ته پري پري کان ماڻهو جواهرن جي سڃاڻ لاءِ وٽس
ايندا آهن.
هڪ دفعي چاچي سڏي کيس چيو ته تو جيڪو هار کپائڻ
آيو هئين اُهو هار کڻي اچ. حنيف گهر وڃي ماءُ کان
اهو هار گهريو. جڏهن حنيف هار ڏٺو ته اهو نقلي هو!
هن چاچي کي چيو ته جيڪڏهن هار نقلي هو ته توهان
مون کي پهرين ڇو نه ٻڌايو.
هن چيو ته مشڪل ۾ هئين، جي آئون توکي ٻڌايان ها ته
تون مون کي ڪوڙو سمجهين ها. اڄ تو پاڻ ئي ڏٺو ته
هار نقلي آهي اڄ توکي اصلي ۽ نقلي جي سڃاڻ ٿي چڪي
آهي. مون هي هار به ان لاءِ گهُرايو، جيئن توکي
حقيقت ۽ اصل جي خبر پئجي سگهي.
کر کڻا لاهي سُک نه سُتا ڪڏهن،
اوسيئڙو آهي کاهوڙين کي پنڌ جو.
(شاهه)
اسان جو دوست عبدالحئي ڀٽو سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو
اهو کاهوڙي ڪردار آهي، جنهن کي سدائين پنڌ جو پُور
رهندو آهي. جُستجو ۽ جدوجهد هن جي منشور ۾ شامل
آهي، اسان جي سنڌي ادب ۾ ٻالڪ ادب جي وڏي اهميت
آهي، ٻالڪ ادب اسان جي ادب جو بنياد آهي ان بنياد
طرف اسان جا نام نهاد وڏا اديب ۽ دانشور ڌيان نه
ٿا ڏين پر عبدالحئي ڀٽو ذاتي توڙي تنظيمي پليٽ
فارم تان ان بنيادي ادب لاءِ ڪوشش ۽ جدوجهد جاري
رکندو ٿو اچي، پيار ۽ پريت جي علامت ”مومل جي
ماڙي“ جو هي ماڻهو جڏهن به مليو آهي، جدوجهد ۾
مصروف مليو آهي،
سنڌي ادبي سنگت هجي يا ٻالڪ ادبي فورم جو پليٽ
فارم عبدالحئي ڀٽو ڪنهن نه ڪنهن ادبي ڪاڄ لاءِ ڪم
ڪندي نظر ايندو، اسان جي ادب ۾ هڪڙا ڪُٽي کائو
مجنون، به آهن جيڪي ميڊيا جي غيرضروري نوازش سان
وڏا نالا بڻجي چڪا آهن، اخبارن ۾ ايڊيشن به انهن
جا هوندا ته چئنلن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پروگرام به
انهن بابت هوندا آهن، نالي چڙهيا ليکڪ، پنهنجو
پورهيو پيش ڪري سگهندا؟ جي نه ته ادبي دنيا ۾
آمريت ختم ڪري هڪ پاسي ٿي ويهي رهن ته جيئن ٻين
محنتي اديبن ۽ سچن سرجڻهارن کي موقعو ملي ۽ اهي
پنهنجي قلم جو ڪمال ڏيکارين. عبدالحئي ڀُٽي جي قلم
۽ قدم هميشه سنڌ جي ٻارڙن لاءِ اڳتي وڌندو رهيو
آهي، عبدالحئي ٻارڙن لاءِ نظم توڙي نثر هميشه
لکندو رهيو آهي. اسان جي ادب ۾”دانشورن“ جي کوٽ نه
رهي آهي، پر ڪم ڪندڙ، ورڪر قسم جي قلمڪارن جي کوٽ
رهي آهي اهڙي کوٽ ۾ عبدالحئي هميشه ڪم ڪري پاڻ کي
ٻوليءَ جو خدمتگار ۽ ورڪر ثابت ڪيو آهي، ٻار قومي
عمارت جو بنياد هوندا آهن، اديب ۽ شاعر وري ان
عمارت جا انجنيئر ٿين ٿا، صحيح انجنيئر هميشه
عمارت جي بنياد جي پختگي ۽ مضبوطيءَ تي غور ڪندا
آهن،ڇاڪاڻ ته عمارت جو بنياد ئي عمارت جي بقا ۽
جٽاءُ جو ضامن ٿئي ٿو. اڄ ديس جا لکين ٻارڙا تعليم
کان محروم آهن، سندن اکيون ڪتابن جي صفحن بدران
فضول فلمن سان سلهاڙيل آهن، هٿ ۾ قلم بدران موبائل
جو سيٽ آهي اهڙي صورتحال ۾ ٻارن جي ادب جي واڌ
ضروري آهي ٻارن جي ادب سان اديبن توڙي سماج جي
خطرناڪ لاتعلقي کي ڏسي ٻين سان گڏ عبدالحئي ڀٽو به
متحرڪ آهي اها سندس سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ سان محبت
آهي، آهي آءٌ 44هين سالگره جي موقعي تي عبدالحئي
ڀُٽو کي مبارڪباد ڏيڻ سان گڏ دعا ٿو ڪريان ته رب
پاڪ کيس ڪيئي بهارون نصيب ڪري ۽ هو ٻاراڻي ادب جي
وارثي ڪندو رهي ۽ نئين نسل لاءِ ڪهاڻيون، شاعري ۽
مضمون لکندو رهي.
رب چيو: ماءُ منهنجي طرفان قيمتي ۽ ناياب تحفو
آهي.
سمنڊ چيو: ماءُ هڪ سِپ آهي، جيڪا اولاد جا لکين
راز سيني ۾ لڪائيندي آهي.
ڪڪر چيو: ماءُ انڊلٺ آهي جنهن ۾ هر رنگ نمايان
هوندو آهي.
شاعر چيو: ماءُ هڪ اهڙي غزل آهي جيڪا هر ٻڌڻ واري
جي دل ۾ لهي ويندي آهي.
ساز چيو: ماءُ هڪ اهڙو گيت آهي جيڪو هر شيءِ کي
متاثر ڪندو آهي.
اولاد چيو: ماءُ ممتا جي انمول داستان آهي جيڪو هر
دل تي لهي ويندو آهي.
وڪيل چيو: محبت هارايل مقدمو آهي.
اديب چيو: محبت اڌوري ڪهاڻي آهي.
ڊاڪٽر چيو: محبت روح جو ڪينسر آهي.
فقير چيو: محبت سواءِ ڏُکن جي ڪجهه به نه آهي.
مسافر چيو: محبت اڻکُٽ ۽ لاحاصل سفر آهي.
* مالڪ نوڪر کي: تو هڪ خط دٻي ۾ وجهڻ لاءِ ايتري
دير ڇو ڪئي؟
نوڪر بي وسيءَ مان چيو: جناب ڇا ڪيان جنهن ليٽر
باڪس تي ويس ان ۾ تالو لڳل هو.
ثانيا وسيم، حيدرآباد
* ويٽر ماني ٽيبل تي رکندي چيو: ته صاحب ٿورو خيال
سان کائجو.
اهو ٻڌي گراهڪ پڇيو ته ڇا ڳالهه آهي؟
ويٽر چيو: ته صاحب اسان جي بورچيءَ جو نقلي ڏند
ڪٿي ڪِري پيو آهي.
عرفان وسيم، حيدرآباد
* هڪ ڪانوَ ڪار جي ٽڪر ۾ بيهوش ٿي ڪِريو، ڪنهن
کڻي هن کي پڃري ۾ بند ڪيو. ڪانوَ کي جڏهن هوش آيو
ته پنهنجي چئو طرف شيخون ڏسي چيائين ته هاءِ رب!
لڳي ٿو ته ڊرائيور مري ويو.
* هڪ عورت پنهنجي پاڙي واريءَ کي چيو: هي گهٽي
ايتري گندي آهي جو ٻار راند ڪري اچن ٿا ته مِٽي ۾
ڀريل هوندا آهن.
پاڙي واريءَ چيو: ها ادي ڪالهه جي ڳالهه آهي ته
مون ويهه (20) ٻارن جا مُنهن ڌوتا ته پوءِ خبر پئي
ته منهنجو پُٽ ڪهڙو آهي.
* پُٽ پيءَ کي چيو: بابا مون دري جي ڀرسان بيهي
گانو پئي ڳايو ته ڪنهن مون طرف جوتو اڇلايو.
پيءُ چيو ته: ٺيڪ آ، هاڻي هڪ ٻيو گانو ڳاءِ ته ٻيو
پادر به ملي.
* فٽ بال جا ٻه رانديگر ڪچهري ڪندي. هڪ چيو ته:
مون فٽ بال کي اهڙي لت هنئي جو آسمان کان ٻه ڪلاڪ
پوءِ ڪريو.
ٻئي چيو: هيءَ ڪجهه به ناهي. مون بال کي اهڙي لت
هنئي جو بال هفتي کانپوءِ هيٺ ڪريو ۽ ان سان گڏ هڪ
پرچي به هئي جنهن ۾ لکيل هو ته آئنده بال چنڊ تي
آيو ته واپس نه ملندو.
موڪليندڙ: حسنين کوسو، ڄام شورو
* زال: مڙس کي تنهنجي پُٽ کي ڏس، مون کي امان ڪري
نٿو سڏي...!
مڙس: آءٌ کيس اهڙي سيکت ٿو ڏيان جو هن جو پيءُ به
توکي امان ڪري سڏيندو.
لالچند، ميرپوربٺورو
* پيءُ: پُٽ کي، توکي سڀني کان وڌيڪ ڪهڙو اُستاد
پسند آهي؟
پُٽ: جيڪو مون کي پئسا ڏيئي بازار جي ڪم لاءِ
چوندو آهي.
* هڪ ڳوٺاڻو کٽون ٺاهي مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ لاءِ رکيو
ويٺو هو، ته هڪ شخص وٽس آيو، جيڪو سنڌي ڳالهائڻ
ڪونه ڄاڻندو هو. ان اردوءَ ۾ چيس: ”مجهي دو چار
پايان“ تنهن تي ڳوٺاڻي وراڻيس ته مون اڃا ايترو
ڪمايو ئي ڪونهي، جو اوهان فقيرن کي پايون ڏيندو
وتان.
رياض انور، ٽنڊوڄام
* ڊاڪٽر (مريض کي) صبح جو ڪجهه کاڌو اٿئي؟
مريض: جي ها.
ڊاڪٽر: ڇا؟
مريض: زال جو هڪ سينڊل.
* اُستاد (شاگرد کي) ٻڌاءِ ته انبن پٽڻ لاءِ سڀ
کان سٺو وقت ڪهڙو آهي؟
شاگرد: سائين جنهن مهل مالهي گهر ويل هجي.
محترمه ايڊيٽر صاحبه
اميد ته خوش هونديون. آءٌ اوهان جي دعائن سان خوش
آهيان. ايڊوانس ۾ عيد جون لک لک مبارڪون هجن، قبول
ڪندا. اوهان جي مهرباني جي تسلسل ۾ لائبريري شهيد
خيرمحمد چنا ۾ اوهان جو اماڻيل هر هڪ گُل ڦُل
محفوظ هوندو آهي. سو مواد هر ڀيري موڪليندو آهيان.
هينئر نئون مواد ڪونه ٿو موڪليان عيد بعد موڪلبو.
نصير احمد فقير چنا
گهوٽڪي
ادي ايڊيٽر گُل ڦُل
السلام عليڪم! اميد ته خوش هونديون.
ايڊوانس ۾ عيد جون لک لک مبارڪون. احوال عرض ته
سانئڻ اسان کي لائبريري ۾ اوهان جي طرفان گُل ڦُل
مليو، دلي خوشي ٿي. ڇو ته هن شماري ۾ اسان سڀن کي
شامل ڪيو ويو آهي. لک ٿورا.
بشريٰ بانو چنا، آغا خير محمد راجا چنا، محمد
امين چنا، محمد يامين وَٽو چنا
گهوٽڪي
محترمه ماسي نجمه پنهور صاحبه
اميد ته خوش هونديون. ايڊوانس ۾ عيد جون لک لک
واڌايون. احوال عرض ته سانئڻ اسان کي لائبريري ۾
اوهان پاران گُل ڦُل رسالو مليو حقيقت ته دلي خوشي
ٿي آهي. هن شماري ۾ اسان سڀن کي شامل ڪيو ويو آهي.
لک لائق ۽ کوڙ نوازشون.
اقراء بانو چنا، محمد مينهل چنا، محمد ذڪريا چنا،
محمد سچل چنا
گهوٽڪي
محترمه ايڊيٽر صاحبه
ادي سڀ کان اول گُل ڦُل جي ٽيم ۽ گُل ڦُل جي
پڙهندڙن کي قربانيءَ جي عيد جون ايڊوانس ۾ لک لک
واڌايون قبول پون. اسان جي دعا آهي ته شال رب پاڪ
سمورن سنڌ واسين کي عيد جون خوشيون نصيب ڪري.
(آمين) هن دفعي گُل ڦُل جولاءِ 2019ع جو شمارو
ڏاڍو وڻيو. گُل ڦُل جي هر آکاڻي سبق آميز هوندي
آهي. اڃا به ڪجهه نواڻ آڻيو. جيئن سائنسدانن جا
انٽرويوز وڏن ماڻهن جي ننڍپڻ بابت ڪجهه مواد شايع
ٿئي ته ڏاڍو چڱو. لطيفي لات جو نتيجو موڪليان پيو
اميد ته شامل ڪندا.
ذيشان علي جمالي
گورنمينٽ هاءِ اسڪول، بکر جمالي |