(سورهين ۽ سترهين صدي ۾ چرچ جي خلاف اُٿيل هڪ
تحريڪ)
انسان پنهنجي زندگي جي ابتدا کان ئي علم لاءِ
جاکوڙ ڪئي آهي. انسان پنهنجي عقل ۽ شعور جي ذريعي
قدرت جي رازن تان پڙدا هٽائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ۽
ان ڪوشش ۾ هو ڪافي حد تائين ڪامياب به ٿيو آهي.
سائنسي تحقيق هميشه کان نوان راز ڳوليندي رهي ٿي
پر مذهب ان جي وچ ۾ هميشه کان ئي هڪ رڪاوٽ بڻجندي
آهي. سورهين صديءَ جي اختتام وقت پوري دنيا تي چرچ
جو راڄ هوندو هو. بادشاهه کان وڌيڪ هڪ عيسائي
پادري جي عزت ڪئي ويندي هئي. اهڙي دور ۾ سائنسي
ڪتاب پڙهڻ هڪ گناهه سمجهيو ويندو هو. پر ذهين
ماڻهو ان ڪم کان ڪڏهن به پري نه هٽيا ۽ بدلي ۾
انهن کي دردناڪ سزائون ڏنيون ويون. (جيئن ته سقراط
کي زهر جو پيالو پياريو ويو ۽ برونو کي سندس تحقيق
جي پنن سان گڏ باهه ڏني وئي).
سورهين صدي ۾ جڏهن سائنس ترقي ڪرڻ لڳي تڏهن ئي چرچ
کي اها ڳالهه پنهنجي لاءِ هڪ خوف معلوم ٿي ته
ماڻهو خدا کي ڇڏي سائنس طرف هليا ويندا ۽ انهن جي
روزي روٽي تباهه ٿي ويندي. اهو سوچيندي اُنهن
سائنسدانن جو سرعام قتل ڪرڻ شروع ڪيو ته ماڻهو ان
تحقيق کان پري رهن. سائنسدانن به مجبور ٿي هڪ
تحريڪ هلائي جنهن جو نالو ”اليومناٽي“
رکيو ويو، جنهن جو مطلب آهي ”روشن ڪندڙ“. وڏا وڏا
نامور سائنسدان ان تحريڪ جو حصو بڻيا جنهن ۾ اِساڪ
نيوٽن، گليليو، ليونارڊو ونچي مشهور آهن. ان تحريڪ
چرچ خلاف وڏي مهم هلائي ۽ انسانن کي سائنس بابت
ڄاڻ ڏني. اُن کان پوءِ ڪنهن کي به خبر ناهي ته
ڪيئن هيڏي وڏي تحريڪ جنهن سوين سائنسدان چرچ طرفان
قتل ڪيا ۽ پاڻهي ختم ٿي وئي ۽ اُن جو ڪوبه نامو
نشان باقي نه آهي.
صدام ۽ نياز ٻه ڀائر هئا، ٻئي هر وقت وڙهندا رهندا
هئا، انهن جي ماءُ انهن کي گهڻو سمجهائيندي هئي ته
پُٽ هر وقت وڙهڻ سُٺي ڳالهه نه آهي، پر هو
سمجهندا ئي ڪونه هئا. هڪ دفعو هنن جو نانو ڪجهه
ڏينهن رهڻ لاءِ هنن جي گهر آيو. ٻئي پنهنجي ناني
کي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا. صدام ۽ نياز پنهنجي ناني سان
گهڻو پيار ڪندا هئا. نانو روز سُمهڻ کان اڳ هنن کي
ڪهاڻي ٻڌائيندو هو. صبح جو ٻئي اُٿي اسڪول هليا
ويندا هئا ۽ شام جو وري ناني وٽ اچي وقت گذاريندا
هئا. ناني جي اچڻ کان پوءِ هنن ٻنهي وڙهڻ به گهٽ
ڪري ڇڏيو. هڪ ڏينهن ٻئي اسڪول ويا هئا، ته امان
ناني کي چوڻ لڳي ته هي ٻئي هر وقت وڙهندا رهندا
آهن. آئون ته هنن کي سمجهائي سمجهائي ٿڪجي پئي
آهيان ان سلسلي ۾ اوهان ئي منهنجي ڪا مدد ڪيو.
ناني ان جي ڳالهه ٻڌي چيو ته ٺيڪ آ، آئون هن باري
۾ ڪجهه سوچيان ٿو. رات جو ناني هنن کان پڇيو ته
توهان وڏا ٿي ڇا ٿيندؤ. نياز چوڻ لڳو ته آئون وڏو
ٿي وڪيل ٿيندس. پوءِ صدام چيو ته آئون وڏو ٿي جج
ٿيندس. ٻنهي زور زور سان ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ ننڍڙي
ڳالهه تان ٻئي وڙهي پيا. اهو ڏسي انهن جي ناني چيو
ته، پٽ وڙهڻ خراب ڳالهه آهي، جيڪي ٻار پاڻ ۾
وڙهندا آهن انهن جي کاڌي پيتي مان برڪت ختم ٿي
ويندي آهي، وڙهڻ رب پاڪ کي به پسند نه آهي، پوءِ
نانو چوڻ لڳو، پٽ اڄ آئون اوهان کي هڪ سچي ڪهاڻي
ٿو ٻڌايان. هڪ ڳوٺ ۾ ٻه ڀائر رهندا هئا، هو ٻئي
تمام سُٺا ٻار هئا، ٻئي گڏجي پڙهندا هئا، گڏجي
راند ڪندا هئا پنهنجي ڪلاس ۾ ٻئي فرسٽ ايندا هئا،
گهر اچڻ بعد ٻئي پنهنجو هوم ورڪ مڪمل ڪري گڏجي
راند ڪندا هئا ۽ ٻئي هڪ ٻئي سان گهڻو پيار ڪندا
هئا ۽ هڪ ٻئي جي ڳالهه مڃيندا هئا. ٻئي ڀائر وڏا
ٿي سائنسدان ٿيڻ چاهيندا هئا. ان لاءِ انهن کي
جڏهن به فارغ وقت ملندو هو ته، هو ٻئي جهاز ٺاهڻ
شروع ڪندا هئا. ان ڪم ۾ اهڙا ته ماهر ٿي ويا هئا
جو هر شيءِ مان جهاز ٺاهڻ لڳا. ڪڏهن پاٺي مان،
ڪڏهن ڪاٺيءَ مان جهاز ٺاهڻ جي مشق ڪندا رهندا هئا.
انهن ٻنهي کي جهاز ٺاهڻ جو گهڻو شوق هوندو هو.
سالن جا سال گذري ويا هاڻي انهن جي تعليم به پوري
ٿي چڪي هئي ۽ هاڻي هو اصلي جهاز ٺاهڻ ۾ به ڪامياب
ٿي چڪا هئا. هنن جي پاڻ ۾ پيار ۽ محبت جي ڪري رب
پاڪ هنن ٻنهي کي ڪامياب ڪيو. صدام ۽ نياز اهو ٻڌي
ناني کي چوڻ لڳا ته، اسان واعدو ٿا ڪيون ته هاڻي
اسان ڪڏهن به نه وڙهنداسين، دل سان پڙهنداسين وڏا
ٿي ڪامياب انسان ٿيڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
پيارا ٻارؤ! وڙهڻ تمام خراب ڳالهه آهي، ان سان
ڪڏهن به ڪاميابي نه ملندي آهي. ان لاءِ هميشه ملي
جُلي ڪري ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۽ جستجو ڪجي.
ٻارن کي چڱا لڇڻ سيکارڻ نيڪيءَ جو عمل آهي. اخلاق،
احساس، نوڙت، رواداري جهڙا لڇڻ ٻارن کي تهذيب
يافته ۽ سلڇڻو بڻائن ٿا. اهڙا ٻار پنهنجي سماجي
زندگي ڪاميابيءَ سان گذارين ٿا. ٻارن جي سکيا ۽
تربيت جو پهريون اسڪول ماءُ جي جهولي آهي، جيڪا
پنهنجي ٻارن کي مهذب بڻائڻ لاءِ سُٺي تربيت ڏيندي
آهي. اسڪول ۾ وڃڻ کان پوءِ استادن تي فرض آهي، ته
هو به ٻار کي مهذب شهري بڻائين اها ئي حقيقي تربيت
آهي ٻارن کي اهڙين خوبين ۽ خصلتن سان سينگارڻ
گهرجي.
”راز“
هڪ سمنڊ جي ڀرسان هڪ وڻ هو، ان وڻ ۾ هڪ جهرڪيءَ جو
آکيرو هو. آکيري ۾ جهرڪيءَ جو ٻچو هو. هڪ ڏينهن
تيز طوفان لڳڻ سان جهرڪيءَ جو ٻچو ان آکيري مان
سمنڊ ۾ ڪري پيو. پوءِ جهرڪي پنهنجي ٻچي کي بچائڻ
لاءِ سمنڊ ۾ وئي پر جهرڪي جا پر
(Wings)
پُسي ويا ۽ هو پنهنجي ٻچي کي
سمنڊ مان نه ڪڍي سگهي ۽ وڃي وڻ تي ويهي رهي.
جهرڪيءَ سمنڊ کي چيو ته: تون پنهنجي لهرن
(Waves) سان مون کي
ٻچو واپس موٽائي ڏي، پر سمنڊ چيو ته آئون تنهنجو
ٻچو واپس نه ڏيندس. ان تي جهرڪيءَ چيس ته مون کي
منهنجو ٻچو ڏي نه ته مان توکي ختم ڪري ڇڏيندس.
سمنڊ چيو ته: آئون جي اگر چاهيان ته هن پوري دنيا
کي ختم ۽ فنا ڪري ڇڏيان ۽ تون هڪ ننڍڙي جهرڪي مون
کي ڇا ختم ڪندئين...!
جهرڪي ان وڻ تان لهي سمنڊ مان پاڻي پيئڻ لڳي،
جهرڪي هڪ ڦڙو، ٻه ڦڙا، اهڙي طرح هن ڏهن کان پندرهن
ڦڙا پيتا، ته سمنڊ جهرڪيءَ کي سندس ٻچو پنهنجي
لهرن سان واپس ڏئي ڇڏيو.
وڻ سمنڊ کي چيو ته تون هڪ ننڍڙيءَ جهرڪي کان ڊڄي
وئين، تون ته تمام وڏو آهين. ان تي سمنڊ جواب ڏنس
ته آئون چاهيان ته توکي پاڙ کان ڪڍي ختم ڪري سگهان
ٿو. آئون جي اگر چاهيان ته پوري دنيا کي ختم ڪري
سگهان ٿو.
آئون هڪ جهرڪيءَ کان نه پر صرف ”هڪ ماءُ کان ڊنو
آهيان“. جنهن وقت هن منهنجو پاڻي پئي پيتو ڄڻ ته
مون کي ختم ڪري رهي هئي. ماءُ جي متعلق آئون هڪ
شعر چئي هي ڳالهه ختم ڪندس.
ماءُ جي دعا، اوهان جي زندگي ٺاهي ڇڏيندي،
پاڻ رُوئندي پر اوهان کي کِلائيندي،
ڪڏهن به ڀلجي نه رُوئاڙجو ماءُ کي،
هڪڙو ننڍڙو ڦُڙو عرش لوڏي ڇڏيندو.
توهان ڪڏهن بُوڪر واشنگٽن جو نالو ٻڌو آهي. هي هڪ
حبشي ڇوڪرو هو جيڪو غلاميءَ جي دؤر ۾ آمريڪا جي
جنوبي علائقي ۾ پيدا ٿيو. هو تمام گهڻو غريب هو.
هُو بلڪل نه ڄاڻندو هو ته هُن جو نالو ڇا آهي.
جڏهن هُن اسڪول ۾ وڃڻ شروع ڪيو ته ماڻهو هُن کي
بوڪر سڏيندا هئا. هو به سمجهندو هو ته اهو ئي سندس
نالو هوندو!
جڏهن هو پهرين ڀيري صبح جو اسڪول ويو ته اُستاد
سڀني شاگردن کان نالا پڇڻ لاءِ سڏيو. ٻارن جا ٻه
ٻه نالا هئا، ڪجهه ٻارن جا ته ٽي ٽي نالا به هئا.
غريب بوڪر نٿي ڄاتو ته هو ڇا ڪري ڇو ته هُن جو
صرف هڪ ئي نالو هو. پر هن هڪ ماڻهوءَ جي متعلق
ڪافي ٻڌو هو، ۽ هو سوچيندو هو ته هو اُن ماڻهوءَ
جو نالو استعمال ڪندو. اهو ماڻهو هو جارج واشنگٽن.
جيڪو امريڪا جو پهريون صدر هو. جڏهن اُستاد چيو
ته، نوجوان توهان جو نالو ڇا آهي؟ هُن جواب ڏنو
”بُوڪر واشنگٽن“.
بوڪر پڙهڻ کان وڌيڪ گهڻو ڪجهه سکڻ چاهيندو هو. هن
کي پنهنجي ماٽيجي پيءَ سان گڏ لوڻ جي کاڻ ۾ سخت
محنت ڪرڻي پوندي هئي. تڏهن وڃي هو پڙهي سگهيو ٿي.
هڪ ڏينهن هُن ڪجهه ماڻهن کان هڪ عجيب اسڪول جي
باري ۾ ڪجهه چوندي ٻڌو ته هڪ اسڪول ڪيترائي ميل
پري آهي جتي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪم ڪري پاڻهي هاسٽل ۽
اسڪول جا سمورا خرچ پورا ڪري سگهيا ٿي. هِن اُتي
وڃڻ جي خواهش ڏيکاري. هي
اُن کان وڌيڪ ڄاڻڻ چاهيندو هو. هن خوشيءَ سان ايترا ميل پري اسڪول پهچڻ لاءِ
پنڌ نڪرڻ جو سوچيو. هو ڪيترا ڏينهن رستي جي ڪناري
تي سمهندو هو. ڇوته هُن وٽ ٻي جڳهه نه هئي موسم به
ٿڌي هئي.
جڏهن بوڪر اسڪول پهتو ته هن کي وهنجڻ جي ضرورت
پئي. هن جا ڪپڙا ميرا هئا. ڇو ته هن ايڏو وڏو سفر
ڪيو هو. وڏي ماسترياڻيءَ کي يقين هو ته بوڪر جهڙي
ڇوڪري جي هُن کي ضرورت هئي. پوءِ بوڪر جو ئي وارو
هو. جڏهن هن ماسترياڻي کي ٻين ڇوڪرن کي داخلا
ڏيندي ڏٺو ته هن ٻڌايو ته مس آءٌ به سخت محنت ڪندڙ
آهيان، اُن ڪري هو اسڪول وڃي سگهي ٿو.
ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ماسترياڻي هُن کي ان ئي ڪلاس
جي ڪمري جي صفائي ڪرڻ جو چيو. هو خوش ٿيو ته اهو
هُن جو امتحان هوندو ۽ هن کي ڪامياب ٿيڻ کپي. هن
ڪمري جي هر ڪُنڊ ۽ هر شيءِ، هر ميز کي صاف
ڪيو.تڏهن هن کي اُهو محسوس ٿيو ته مون کي ٻيهر به
صفائي ڪرڻ گهرجي. ايئن هن ٽي ڀيرا ساڳي ڪمري کي
صاف ڪيو ته ڪٿي مِٽي رهجي نه وڃي. ڪجهه دير کان
پوءِ هن ماسترياڻيءَ کي ٻڌايو ته هن صفائي جي ڪم
کي مڪمل ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي هو اندر اچي ڏسي ته هن
صفائي سٺي ڪئي آهي يا نه؟
پهرين ته هُن اڇي رنگ جو رومال کنيو ۽ در ۽ درين
جي فريم کي چڱيءَ طرح صاف ڪيو. ڪجهه ماڻهو سوچيندا
آهن ته هتي گند يا مٽي نه هوندي پر هن تي ڪُرسين
جي هيٺيان ۽ ڪنڊن ۾ به چڱي طرح ڏٺو پر هاڻي مٽيءَ
جو ذرو به هن کي نظر نه آيو. ڇو ته هن پنهنجو ڪم
سٺي نموني پورو ڪيو هو.
بوڪر امتحان پاس ڪيو. ڇو ته هو ننڍين ڳالهين ۾
وفادار هو، هاڻ اُن کي اسڪول وڃڻ جي اجازت هئي.
پوءِ واشنگٽن هڪ وڏو ماڻهو بڻجي ويو ۽ هو هميشه
وفادار رهيو.
جڏهن هو وڏو ٿي ويو ته هن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ هڪ
اهڙو اسڪول کوليو. جنهن ۾ هو ڪم ڪري اُن اسڪول جا
خرچ پورا ڪري سگهيو ٿي.
هُن پنهنجي ماڻهن لاءِ اُن کان وڌيڪ ڪم ڪيا، ڇو ته
هو هڪ حبشي/ شيدي ماڻهو هو ۽ اُهي ماڻهو به هن سان
گهڻو پيار ڪندا هئا، ۽ هن جو نالو وٺي محبت محسوس
ڪندا هئا.
پيارا ٻارؤ! ڇا ٿئي ها اگر هو صفائي ايمانداري سان
نه ڪري ها. جيڪڏهن ائين نه ڪري ها ته اسان ڪڏهن به
هن جو نالو نه ٻُڌون ها!
جڏهن توهان جي ماءُ توهان کي صفائي ڪرڻ جو چوندي
آهي ته ڇا؟
توهان به اهڙي ايمانداريءَ سان ڪُنڊن پاسن کان
صفائي ڪندا آهيو؟
ڇا توهان ٿانوَ ڌوئڻ مهل سٺي نموني ٿانوَ ڌوئيندا
آهيو؟ يا جلدي ڪندا آهيو؟
ڇا توهان ٿانوَ چمڪائي ڇڏيندا آهيو؟
جڏهن توهان ڪنهن ڪم جو وعدو ڪندا آهيو ته ڇا توهان
هميشه پنهنجو وعدو وفاداري سان پورو ڪندا آهيو؟
جيڪڏهن توهان انهن سڀني سوالن جا جواب ”ها“ ۾ ڏيو
ٿا ته توهان وفاداريءَ جو هڪ خوبصورت پٿر پنهنجي
جڳهه جي بنياد ۾ لڳايو ٿا. جنهن کي اسان ڪردار
چئون ٿا.
ٽارزن! تون اسان سان فوٽو ڪڍائڻ پسند ڪندين! ڀر
واري فوٽن جي دڪان تان ايندڙ فوٽوگرافر کي ڏسي هڪ
ڇوڪري کانئس پڇيو. ٽارزن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه
آيو ۽ هو چپ رهيو، پوءِ سڀئي ٻارڙا فوٽو گرافر جي
چوڻ تي سندس چوڌاري ويهي رهيا ۽ فوٽو ڪڍرايائون،
فوٽو ڪڍڻ مهل ٽارزن مُسڪرائي رهيو هو، ٿي سگهي ٿو
ته هو ڪيمرا جي ايجاد تي مسڪرائي رهيو هجي.
ٿوريءَ دير ۾ ڪافي مٺايون، بوتلون، قلفيون ۽
فالودا سندس اڳيان رکيا ويا ۽ هو مزي سان اهي سڀ
شيون کائڻ لڳو. ڏسندي ئي ڏسندي ٽارزن اهي سڀ شيون
کائي چٽ ڪري ويو، پر پوءِ به هو بکيو ئي نظر ٿي
آيو.
ڇا اڃا تون کائڻ چاهين ٿو؟ ڪنهن ٻار کانئس پڇيو،
”ها مان ميوا کائيندس، ٽارزن وراڻيو.
”هتي ميون جا ڪيترائي باغ آهن، پر تون انهن مان
ميوا پٽي نه ٿو سگهين...! فوٽو گرافر کيس ٻڌايو.
”جيڪڏهن ڪنهن کي ڏاڍي بک لڳي هجي ته به ائين نه ٿو
ڪري سگهي“ ٽارزن پڇيو.
”قانون پٽاندڙ بکيي کي چوري ڪرڻ جي موڪل بنهه
ناهي“ فوٽو گرافر کيس ٻڌايو.
”پر جهنگ ۾ ته اهڙو ڪو قانون ڪونهي“ ٽارزن حيران
ٿيندي وراڻيو.
”جي ها! جهنگ ۾ اهڙو قانون ناهي هوندو، پر هي شهر
آهي ٽارزن“ فوٽوگرافر چيو.
”چڱو ٺيڪ آ ...!“ ٽارزن چيو.
ٽارزن! تنهنجو اڳتي جو ڇا پروگرام آهي؟ هڪ ڇوڪري
پڇيو. ”پروگرام“
ٽارزن حيرت مان پڇيو. ”ٽارزن ته ڪو پروگرام ناهي
ٺاهيندو.“
تون هاڻي شهر ۾ آيو آهين ان ڪري توکي ڪجهه نه ڪجهه
ڪرڻو پوندو. هڪ ٻئي ڇوڪري چيو.
”ڏسنداسين!“ ٽارزن لاپرواهيءَ مان چيو.
ٽارزن! توکي هاڻي ٿوري گهڻي تعليم به پرائڻ گهرجي،
هوٽل جي مالڪ چيو.
”چاچا نئين روشني اسڪول ته بند ٿي ويا آهن.“ هڪ
ڇوڪري هوٽل جي مالڪ کي مخاطب ٿيندي رٿ ڏني ته
”هاڻي ٽارزن کي لکيدر جي مين اسڪول ۾ داخل ڪرائجي
ته ڀلو.“
”ها! ائين ئي ڪرڻ گهرجي“ هوٽل جي مالڪ وراڻيو.
اڃا اهي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته پوليس جي هڪ
موبائيل هوٽل جي ٻاهران اچي بيٺي، موبائيل مان هڪ
انسپيڪٽر سان گڏ ڪجهه سپاهي هيٺ لٿا. انسپيڪٽر پري
کان ئي ٽارزن کي سڃاڻي ورتو ۽ تکو تکو هلي مٿانئس
اچي بيٺو ۽ چيائين ”مسٽر ٽارزن! توکي گرفتار ڪيو
پيو وڃي.“
انسپيڪٽر! ٽارزن چيو ”مان ٽارزن آهيان، ڪو پالتو
طوطو ناهيان. مون کي گرفتار ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي.“
”مون کي خبر آهي تون مون کي ٽارزن ۽ طوطي جو فرق
سمجهائڻ جي ڪوشش نه ڪر.“ انسپيڪٽر جو لهجو ڏاڍو
سخت هو.
”پر توهان ٽارزن کي گرفتار ڪرڻ ڇو ٿا چاهيو؟“ هي
ته ويچارو بي ڏوهي آهي“ هڪ نوجوان ڪاوڙ ۾ ايندي
چيو.
”پاسپورٽ ۽ ويزا کان سواءِ ملڪ ۾ داخل ٿيڻ ڏوهه
ناهي ته ڀلا ٻيو ڇاهي“
انسپيڪٽر وراڻيو.
”انسپيڪٽر ڪجهه خيال ڪر... تون جهنگ جي بادشاهه
کان ويزا ۽ پاسپورٽ ٿو گهرين؟ تو کي ته خوش ٿيڻ
گهرجي ته ٽارزن اسان جي شهر اچي اسان کي عزت بخشي
آهي! فوٽو گرافر ٽارزن جي حمايت ڪندي چيو.
”ڏسو!“ انسپيڪٽر ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”مون کي ٽارزن جي عظمت ۽ مقبوليت جي ڀليءَ ڀت خبر
آهي. سندس بهادريءَ جا واقعا ۽ ڪارناما مون ننڍي
هوندي ئي پڙهي ڇڏيا هئا. پر هاڻي مان ڇا ڪريان؟
قانون وري به قانون آهي. جيڪو سڀني تي لاڳو ٿئي ٿو
۽ مون کي اميد آهي ته توهان قانون سان سهڪار ڪندا.
ڪجهه دير چُپ رهڻ کان پوءِ هن وري چيو، مسٽر ٽارزن
جهنگ جو بادشاهه آهي، پر هن شهر جو نه... هن شهر ۾
قانون هلي ٿو ۽ قانون جي نظر ۾ سڀ برابر هوندا
آهن. ٽارزن اهو سڀ ڪجهه خاموشيءَ سان ٻُڌي رهيو
هو، پوءِ چيائين، ”وليم نالي هڪ شڪاري منهنجو دوست
ٿي ويو هو. هن توهان جو ملڪ به گهميو هو. ٻڌايو
هئائين ته پاڪستان ۾ قانون کان وڌيڪ سفارش هلندي
آهي ۽ جتي قانون رڳو ڪاغذن ۾ لکيل هوندو آهي“.
واهه! انسپيڪٽر چيو، ”مسٽر وليم جيڪڏهن اسان جو
ملڪ به گهميو آهي ته پڪ سان کيس اها به خبر هوندي
ته هن ملڪ جي پوليس ڪيڏي سگهاري آهي ۽ سندس هٿ
ڪيڏا نه ڊگها هوندا آهن.“
هڪ نوجوان اڳتي وڌي آيو ۽ چيائين
”ٽارزن، توهان کي جيڪڏهن گرفتاريءَ کان بچڻو آهي
ته پوءِ ان جو هڪ طريقو آهي.
”ڪهڙو“ ٽارزن پڇيو.
”جيڪڏهن توهان جي ڪنهن پوليس آفيسر سان سلام دعا
آهي، ته پوءِ اوهان کي ڪوبه هٿ لائي نه ٿو سگهي.“
نوجوان ٻڌايو.
”چريو آهين ڇا؟“ ٽارزن ٿورو ڪاوڙ ۾ ايندي چيو،
”توکي خبر ناهي ته مون کي هتي آئي، ٻه چار ڪلاڪ ئي
مس ٿيا آهن.“
توهان، هروڀرو ٽارزن کي خراب نه ڪريو! ”انسپيڪٽر
ان نوجوان کي خار مان گهوريندي چيو“. ”توهان ٽارزن
کي اهي ئي طريقا سيکاري رهيا آهيو، جيڪي توهان
جهڙا شهري ننڍن آفيسرن تي آزمائيندا رهندا آهن.“
۽ توهان به ٽارزن کي ايڏو بيوقوف نه سمجهو. ان
نوجوان چيو.
”منهنجو خيال آهي ته اسان اجائي ڳالهه ٻولهه ۾
گهڻو وقت وڃائي چڪا آهيون.“
انسپيڪٽر چيو ۽ پوءِ ٽارزن ڏانهن منهن ڪندي
چيائين ”مسٽر ٽارزن! هاڻي توهان کي مون سان گڏ هلڻ
گهرجي.“
(هلندڙ)
-
ڪتابن جي قيمت موتين جواهرن کان وڌيڪ آهي.
-
اک حُسن جو مرڪز آهي.
-
بزدل وٽ ڪيڏا به هٿيار هجن پر استعمال نه ڪري
سگهندو آهي پر دلير ماڻهو هٿين خالي ميدان ۾
فتح ڪندا آهن.
-
ڪنهن به دل کي نه ڏکايو ڇو ته توهان به سيني ۾
دل رکو ٿا.
-
دولت جي گهڻائي جواني جي تباهي آهي.
-
پنهنجي هر غلطيءَ مان سبق حاصل ڪريو، دنيا جا
عقلمند ائين ڪندا آهن.
-
جيڪڏهن دل ڪاري ٿي وڃي ته روشن اکيون ڪجهه
نٿيون ڪري سگهن.
-
ايترو کائو جيترو هضم ڪري سگهو ايترو پڙهو
جيترو جذب ڪري سگهو.
-
اک صرف پنهنجي ڏٺل تي اعتبار ڪندي آهي.
-
گفتگو چاندي آهي ۽ خاموشي سون.
-
سڀ کان وڏي خيانت قوم جي غداري آهي.
-
رب سائين جي رحمت کان مايوس نه ٿيڻ گهرجي.
-
جيڪو شخص ايماندار نه آهي ان جو ڪوئي ايمان نه
آهي.
-
دولت گڏ نه ڪر، ڪفن ۾ کيسو نه هوندو آهي.
-
ماءُ پيءُ کان وڌيڪ دنيا ۾ ڪابه نعمت ڪانهي.
-
آسمان تي ڀلي نظر رکو پر پيرن کي زمين تي
سمجهو.
هڪ ڀيري ڪنهن باغ ۾ چار دوست، صوفي، پنڊت،
سپاهي ۽ پنساري تفريح لاءِ ويا. باغ ۾ گهُمندي
گهُمندي جڏهن پڪل ۽ تازن ميون تي نظر پين، تڏهن
سندن مَن ۾ ميون کائڻ لاءِ آنڌ مانڌ پيدا ٿي، ويتر
باغائي کي سُتل ڏٺائون، سو هيڪاري سندن خوشيءَ جي
ڪا حد نه رهي. هڪدم مٺن ۽ لذيذ ميون کي موج سان
کائيندا رهيا. کٽن ۽ بيڪار ميون کي زمين تي
اُڇلائيندا ويا. ڪجهه وقت کانپوءِ جڏهن باغائي
جاڳيو ۽ باغ جي بُري حالت ڏسي، سڄو قصو معلوم
ڪيائين. دل ۾ خيال ڪيائين ته چئني ماڻهن سان هڪ ئي
وقت مقابلو ڪرڻ مناسب نه ٿيندو، تنهنڪري انهن کي
وڃي چوڻ لڳو ته آئون صوفيءَ جو مريد، پنڊت جو
شاگرد آهيان ۽ سپاهي اسان جو محافظ آهي. تنهنڪري
انهن جيڪي ڪيو سو بجا آهي، باقي هن پنساريءَ
منهنجي باغ کي ويران ڇو ڪيو؟ آئون سندس قرضي ته نه
آهيان. ائين چوندي پنساريءَ کي ليٽائي وڌائين سندس
دوست هن جي مدد ڪرڻ کان سواءِ ماٺ ۾ رهيا. جڏهن
باغائي سندس هٿ، پير ٻڌي قابو ڪيا، تنهن کانپوءِ
باقي ٽن ڄڻن ڏانهن وڌيو ۽ چيائين ”درويش منهنجو
مرشد ۽ پنڊت منهنجو استاد آهي، باقي سپاهيءَ جي
ڪهڙي همت جو بنا موڪل باغ ۾ لنگهي اچي ۽ باغ کي
ناس ڪيائين.“
ائين چوندي چماٽن ۽ ڏنڊن سان ان جي مرمت ڪري،
سندس هٿ ڪنهن وڻ سان ٻڌي ڇڏيائين. تنهن کانپوءِ
پنڊت ڏانهن وڌيو. اُتي پنڊت دانهن ڪئي ته پهرين جي
سپاهيءَ ۽ پنساري جي مدد ڪريون ها ته اسان جو اهڙو
حال نه ٿئي ها. صوفي انهيءَ خيال ۾ هو ته باغائي
مون کي ڪجهه به نه چوندو، پر خبر تڏهن پيس جڏهن هن
ڏانهن وڌيو ۽ چيائينس ته ميون جي قيمت ادا نه
ڪندوَ ته هتان ڪڏهن به ڇوٽڪارو حاصل نه ڪندؤ. صوفي
پنهنجو پٽڪو ۽ ٻيون شيون امانت طور رکي نجات حاصل
ڪئي. اهڙي طرح ٻين به واجبي قيمت ڏئي ڇوٽڪارو حاصل
ڪيو.
|