مشغولي:
مئرين بائلاجسٽ، ليکڪ ۽ ماحوليات جي ماهر
ڄم:
27 مئي 1907ع، اسپرنگڊيل، پينسلوينيا
موت:
14 اپريل 1964، سلور اسپرنگ، مئريلئنڊ
مشهوري جو ڪارڻ:
ماحولياتي سائنس جي موجد
راڪيل لوئيز ڪارسن (Rachel
Louise Carson)
آمريڪا جي شهر اسپرنگڊيل (Springdale)،
پينسلوينيا ۾ 27 مئي 1907 تي ڄائي. هوءَ هڪ وڏي
کيت تي پلي ۽ وڏي ٿي جتي هن فطرت ۽ جانورن جو گھڻو
مشاهدو ڪيو ۽ انهن بابت گھڻو ڪجهه سکيو. جڏهن ٻالڪ
هئي تڏهن کيس آکاڻين پڙهڻ ۽ لکڻ جو گھڻو شوق هوندو
هو. ايتري قدر جو يارنهن سالن جي عمر ۾ سندس هڪڙي
ڪهاڻي ڇپي. راڪيل جي پسند جي مضمونن مان هڪڙو سمنڊ
به آهي.
راڪيل، پينسلوينيا ڪاليج فار وومئن مان بائلاجي
پڙهي پوءِ جانس هوپڪنس يونيورسٽيءَ مان زولاجيءَ ۾
ايم ايس سي
ڪئي. راڪيل گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه وقت لاءِ
پڙهائڻ جو ڪم ڪيو ۽ پوءِ آمريڪا جي ”فش اينڊ وائلڊ
لائيف سروس“ ۾ نوڪري ڪئي. شروعات ۾ عام ماڻهن ۾
مئرين بائلاجيءَ بابت سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ريڊئي
تي هفتيوار پروگرام ڪندي هئي. اڳتي هلي ڪل وقتي
مئرين بائلاجسٽ طور (Marine
Biologist )
ڪم ڪرڻ لڳي ۽ ”فش اينڊ وائلڊ لائيف سروس“ جي چيف
ايڊيٽر ٿي ويئي.
فش اينڊ وائلڊ لائيف سروس جي ڪم کانسواءِ، راڪيل
رسالن لاءِ سمنڊ بابت مضمون به لکندي رهي. 1941ع ۾
سندس پهريون ڪتاب، ”انڊر دَ سي ونڊ“ (Under
the Sea Wind)
ڇپيو. جڏهن جولاءِ 1951ع ۾ سندس ڪتاب سي ارائونڊ
اس (Sea
Around Us)
ڇپيو ته ان سبب گھڻي مشهور ٿي ويئي. ايتري قدر جو
اهو ڪتاب نيويارڪ ٽائيمس جي بيسٽ سيلر لسٽ تي 80
هفتن تائين رهيو. ڪتاب جي ايتري ڪاميابيءَ کانپوءِ
هن فش اينڊ وائلڊ لائيف سروس جي نوڪري ڇڏي رڳو لکڻ
جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. سندس ٻين لکيل ڪتابن جا نالا
آهن: دي ايج آف دي سي (The
Edge of
the Sea)،
دي سينس آف ونڊر (The
Sense of Wonder)
۽ لاسٽ ووڊس (Lost
Woods).
ٻي عالمي جنگ دوران
سرڪار جيتن، گندگاهه ۽ ننڍڙن جانورن جهڙيءَ
آزاريندڙ جيوت کي مارڻ لاءِ مصنوعي جيت مار زهر (synthetic
pesticide)
ٺاهيا جيڪي فصلن کي به تباهه ڪري ٿي سگهيا. جنگ
کانپوءِ آبادگارن جيت مار زهرن جو استعمال ڪرڻ
شروع ڪيو. انهن ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ مکيه جيت مار
زهر کي ڊي ڊي ٽي ((DDT جو
پورو نالو، ڊائڪلورو. ڊائفينائيل. ٽرائڪلورو.
ايٿين آهي (جيڪو بي رنگ، بي سواد ۽ جهڙوڪر بي بوءِ
ٿئي ٿو) سڏيو ٿي ويو.
راڪيل ان سبب پريشان هئي ته ڊي ڊي ٽيءَ جي وڏي
پئماني تي ڦوهاري ڪرڻ سان ان جو انسانن ۽ ماحول تي
خراب اثر پئجي ٿي سگهيو. ان زماني ۾ ڊي ڊي ٽيءَ جو
وڏي مقدار ۾ هوائي جهازن رستي فصلن تي ڦوهارو ڪيو
ٿي ويو. ڪارسن، جيت مار زهرن تي کوجنا ڪرڻ جو ڪم
شروع ڪيو. هن ڏٺو ته ڪن قسمن جو جيت مار زهر،
ماحول کي خراب نموني متاثر ڪري انهن کي بيمار ڪري
سگهي ٿو. هن ان موضوع تي هڪ ڪتاب لکڻ شروع ڪيو.
سائلينٽ اسپرنگ:
ڪارسن کي جيت مار زهر تي کوجنا ڪرڻ ۽ ڪتاب لکڻ ۾
چار سال لڳي ويا. هن پنهنجي ڪتاب جو نالو سائلينٽ
اسپرنگ (Silent
Spring)
رکيو. هن ڪتاب تي اهو نالو ان سبب رکيو، ڇاڪاڻ ته
پکي جيت مار زهر سبب مري رهيا هيا ۽ بهار جي مُند،
پکين جي ٻوليءَ کانسواءِ خاموش هئي. ڪتاب 1962ع ۾
شايع ٿيو ۽ تمام گھڻو مشهور ٿيو. ڪتاب جي رستي
ماڻهو جيت مار زهرن جي ماحول تي پوندڙ عام مسئلن
کان واقف ٿيا. 1960ع ۾ راڪيل کي ڇاتيءَ جي ڪينسر
هجڻ جي سڃاڻپ ڪئي ويئي. هوءَ هڪ پاسي کان
چئن سالن
تائين بيماريءَ سان مقابلو ڪندي رهي ته ٻئي پاسي
کان سائلينٽ اسپرنگ ڪتاب لکي پورو ڪرڻ ۽ پنهنجيءَ
ريسرچ کي درست ثابت ڪرڻ جا دليل به ڏيندي رهي.
نيٺ، 1964ع ۾ 14 اپريل تي بيماري سان وڙهندي جنگ
هارائي ويٺي ۽ پنهنجي گهر ميريلئنڊ ۾ فوت ٿي ويئي.
ڪارسن جون ڪجهه دلچسپ ڳالهيون:
ڪارسن ڪڏهن به ايئن نه چيو ته سڀني جيت مار زهرن
جي استعمال تي بندش هڻو. ان بجاءِ هوءَ انهن جي
خطرناڪ اثرن تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ تي زور ڏيندي رهي
ته جيت مار دوائون گھٽ ۾ گھٽ مقدار ۾ استعمال ڪرڻ
گهرجن.
ڪتاب ’سائلينٽ اسپرنگ‘ ڪيميائي ڪارخانن جي سخت
تنقيد ۾ رهيو. جڏهن ته راڪيل پنهنجي ڪتاب ۾ بيان
ڪيل حقيقتن جو ڀرپور بچاءُ ڪيو ۽ ان جو آمريڪي
سينٽ آڏو به ثبوت پيش ڪيا.
1973ع ۾ آمريڪا ۾ ڊي ڊي ٽي جي استعمال تي بندش
هنئي ويئي. جڏهن ته دنيا جي ڪن ٻين ملڪن ۾ مڇر
مارڻ لاءِ اڃان به استعمال ٿئي ٿي ۽ ڪيترن مڇرن ۾
ڊي ڊي ٽيءَ لاءِ مزاحمت پيدا ٿي چڪي آهي جنهن جو
ممڪن سبب ان جو گھڻو استعمال ٿي سگهي ٿو
سندس ان ڪم تي سال 1980ع ۾ کيس ملڪ جي صدر پاران
”ميڊل آف فريڊم“ سان نوازيو ويو.
توهان جو به جيڪڏهن آمريڪا وڃڻ ٿئي ته راڪيل ڪارسن
جهڙيءَ عظيم عورت جو اسپرنگ ڊيل ۾ سندس گهر گُھمي
سگهو ٿا.
اسان جي صوبي سنڌ ۾ زراعت جو گهڻو دارومدار
سنڌونديءَ ۽ ان مان نڪرندڙ واهن تي آهي. 47- 1946ع
۾ هڪ رٿ رٿي وئي ته ڄام شوري وٽ سنڌونديءَ تي هڪ
بئراج ٺاهيو وڃي، جنهن جي ذريعي دائمي واهه وهائي،
لاڙ واري غير آباد زمين آباد ڪئي وڃي. ان بعد
شروعاتي ٽن سالن ۾، گهربل اوزار ۽ مشينري حاصل ڪئي
وئي، هڪ بجلي گهر ۽ ورڪشاپ تعمير ڪرايو ويو،
ڪاريگر ۽ مزورن لاءِ ڪالوني ٺهرائي وئي، ساڳي وقت
بئراج جي ڊزائن ۽ اڏاوت جو نقشو به تيار ڪيو ويو.
ابتدائي تيارين بعد تاريخ 12 فيبروري 1950ع تي ان
وقت جي گورنر جنرل خواجه ناظم الدين هن بئراج جي
پيڙهه جو پٿر رکيو. هيءَ عظيم رٿا پنجن سالن جي
لڳاتار محنت بعد تڪميل کي پهتي. سيپٽمبر 1954ع ۾
درياءَ جو پاڻي هن بئراج مان وهايو ويو ۽ 15 مارچ
1954ع تي ان جو افتتاح ٿيو. جيئن ته هي ڪوٽڙيءَ کي
ويجهو آهي، انهيءَ ڪري هن کي ”ڪوٽڙي بئراج“ نالو
ڏنو ويو.
هن بئراج جي تعمير تي ڪل 5 ڪروڙ 75 لک روپيا خرچ
ٿيا. هن بئراج جي ڊيگهه اٽڪل هڪ هزار ميٽر آهي. هن
۾ 44 چوئيتاليهه دروازا آهن، جن مان هر هڪ اٽڪل 18
ميٽر ويڪرو ۽ ست ميٽر اوچو آهي. هن مان وڌ ۾ وڌ
پوڻا 9 (نوَ) لک ڪيوسڪ پاڻي گذري سگهي ٿو. هن ۾
ٻيڙين جي لنگهه لاءِ انتظام ڪيل آهي. پُل تان
آمدرفت لاءِ اٽڪل 8 ميٽر ويڪرو رستو آهي، جنهن جي
ٻنهي پاسي اٽڪل هڪ ميٽر ويڪرا فوٽ پاٿ آهن.
بئراج جي ساڄي پاسي ڪلري بگهاڙ نالي هڪ دائمي
وهندڙ واهه آهي، جنهن جو پاڻي ڪينجهر ڍنڍ ۾ پوي ٿو
۽ ان مان هاليجي ڍنڍ کي به پاڻي پهچايو وڃي ٿو،
جتان ڪراچي شهر کي پيئڻ لاءِ پاڻي ملي ٿو.
اوهان اڄ تائين ڪنهن عمارت جي ايتري شهرت نه ٻڌي
هوندي، جيتري قدر تاج محل جي ٻڌي هوندي. تاج محل
هڪ مقبرو آهي جنهن ۾ مشهور مغل بادشاهه شاهجهان ۽
ان جي ملڪه ممتاز تاج محل ۾ ابدي ننڊ سُتل آهن.
اوهان جڏهن هندستان جي شهر آگره کان ڇهه ميل پري
هوندا ته اوهان کي تاج محل جا گنبذ ۽ مينار نظر
ايندا. ان جي گنبذن ۽ مينارن کي هر زاويي کان
ڏسجي، انسان دنيا جي هن عجوبي کي پنهنجي اُميدن
کان وڌيڪ خوبصورت ۽ شاندار ڀائيندؤ
آهي. هي عمارت فن تعمير جو اعليٰ ۽ نادر نمونو
آهي. هن جي سڀن حصن ۾ ايتري ته هم آهنگي آهي جو
شايد ڪنهن ٻئي عمارت کي نصيب ٿي هجي. هڪ ڀيرو ڏسڻ
بعد هن خوبصورت عمارت جو خاڪو هميشه لاءِ دل تي
نقش ٿي ٿو وڃي.
شاهه جهان ۽ ممتاز جون قبرون عمارت جي هيٺياهين
حصي جي هڪ تهه خاني ۾ آهن، جتي ڏاڪڻن تان لهي
پهچڻو پوي ٿو. مقبري جي دروازي کان اندر داخل
ٿيندي ئي ملڪه جي قبر عمارت جي وچ ۾ نظر اچي ٿي.
شاهجهان جي قبر ان جي ساڄي پاسي آهي. ملڪه جي قبر
تي وفات جو سن 1545ع لکيل آهي ۽ شاهجهان جي قبر تي
1574ع لکيل آهي. هڪ يورپين سياح لکي ٿو ته: ”تاج
محل جي عمارت ويهه سال ۾ چاليهه هزار مزدورن تعمير
ڪئي ان تي ٽي ڪروڙ سترنهن لک رپيا خرچ ٿيا.“
تاج محل هڪ مٿاڇري تي جمنا دريا جي ڪناري تي آهي
هن جي ديوار تمام گهڻي ڊگهي آهي، عمارت ۾ داخل ٿيڻ
لاءِ ڏکڻ طرف شاندار دروازو آهي ان جي ٻنهي طرف
مسجدون آهن، جيڪي ڊزائن ۽ سائيز ۾ بلڪل برابر آهن.
عمارت جي چئني پاسي وڻ ۽ گلن جا ٻوٽا پوکيل آهن.
جن جي خوشبو دماغ کي معطر ڪري ٿي، گهڻو ڪري صنوبر
۽ ٻيا وڻ آهن. هن عمارت جي ٻنهي پاسن کان خوبصورت
باغ ۽ وهندڙ نهرون زميني جنت جو نمونو پيش ڪن
ٿيون. مقبري جي پوري عمارت اعليٰ قسم جي سنگ مرمر
سان ٺهيل آهي، ان ۾ جڳهه جڳهه تي قيمتي پٿر لڳل
اٿس ان جي لاءِ سنگ مرمر ’جئي پور‘ کان گهرايو ويو
جيڪو آگري کان ڪئي سؤ ميل پري آهي ۽ سنگ سرخ جو
پٿر به پري پري کان گهرايا هئا. سنگ سرخ پٿر
استعمال ڪرڻ جو شوق شاهجهان کي پنهنجي ڏاڏي اڪبر
اعظم کان ورثي ۾ مليو هو، جنهن تقريباً سڀ عمارتون
سنگ سرخ سان ٺهرايون هيون. هو هڪ عظيم انجنيئر هو،
دهلي ۽ آگري جون ڪيتريون ئي حسين ۽ شاندار عمارتون
شاهجهان جي عظمت جون گواهه آهن. تاج محل جو نقشو
محمد عيسيٰ اَفندي ٺهرايو. اَفندي هڪ ترڪ هو. مغل
بادشاهه شاهجهان تاج محل جي بلڪل سامهون جمنا جي
ٻئين ڪپ تي پنهنجو مقبرو اڏائڻ شروع ڪرايو. هن
پنهنجي مقبرن کي پُل جي ذريعي ملائڻ جو پلان ٺاهيو
هو، پر عيسيٰ اَفندي جي بي وقت موت سان هي منصوبو
پورو ٿي نه سگهيو. بهرحال تاج محل دنيا جي سڀ کان
حسين عمارت آهي ۽ ان لاءِ ان جو شمار دنيا جي ستن
جديد عجائبن ۾ ٿيندو آهي.
آءٌ ٻارڙن ۽ نوجوانن کي عرض ڪندس ته هو تعليم ۾
چاهه وٺن. مون کي افسوس آهي ته اڄ جي شاگردن ۾ علم
سان اُنس گهٽ آهي ۽ اُستاد به ڪي قدر پنهنجي فرض
ادائيءَ ۾ ڪوتاهي ڪري رهيا آهن. جنهن قوم وٽ علم ۽
عالم لاءِ مانَ ۽ عزت نه آهي. اها اڳتي وڌي نه
سگهندي. عالمن وانگر علمي ادبي ادارن جو پڻ احترام
هڪ لازمي امر آهي. ڪابه سجاڳ قوم پنهنجي علمي ادبي
ادارن کي زوال پذير ڏسڻ نه گهرندي آهي. سنڌي ادبي
بورڊ جيڪو علمي ادبي ڪم ڪيو آهي. انهيءَ سنڌ کي
يورپ، وچ ايشيا، وچ اوڀر، روس ۽ آمريڪا ۾ شهرت
بخشي آهي.
اميد ته سنڌ جا اديب، شاعر ۽ دانشور مسلسل محنت ۽
مشقت ڪري سنڌ جي علم ۽ ادب کي اوج تي رسائيندا.
]سيد حسام الدين راشدي[
ٻارو! اچو ته اڄ کان پاڻ سوچيون ته اسان سڀ نيڪ
ٿينداسين. بيحد نيڪ ۽ سُلڇڻا، محنت ۽ محبت ڪرڻ
وارا، سدورا ۽ سٻاجهڙا.
هاڻي اچو ته صبح کان شروع ڪريون جيئن نئون سج
پنهنجي لاءِ نيون خوشيون آڻي، نيڪيءَ جون سُرور
بخشي. هاڻي سوچيون ته اسان مان صبح جو سوير ڪيترا
ٿا اُٿن. مٺڙا ٻارو صبح جو سوير اُٿڻ جي عادت بيحد
سُٺي آهي. اهو ته پاڻ ننڍي هوندي کان پڙهندا آيا
آهيون ته:
سوير سمجهي سوير اُٿجي،
اول ڌڻيءَ جو نالو ڳنهجي.
توهان صبح جو سوير اُٿندؤ ته ڏسندؤ ته پکي به سوير
اُٿي مِٺي لات پيا لنوَن، مٺيون ٻوليون پيا ڪن.
چوندا آهن ته اُهي پکي به سوير اُٿي مالڪ کي ياد
ڪندا آهن. پاڻ ته
’اشرف المخلوقات‘ آهيون ته ٻارؤ! اشرف المخلوقات
جي معنيٰ خبر اٿوَ...؟
ها! ان جي معنيٰ آهي سڄي مخلوق ۾ سڀ کان بهتر سڀ
کان اعليٰ...!
پوءِ جڏهن مالڪ سائين اسان کي سڀ کان سٺو بڻايو
آهي ته پوءِ ڇو خراب عادتون سکون.
ٻارؤ! اوهان کي خبر آهي ته جڏهن پنهنجي پاليندڙ رب
پاڪ ملائڪن کي چيو ته: بيشڪ آءٌ زمين ۾ هڪ نائب
پيدا ڪرڻ وارو آهيان. آءٌ آسمانن ۽ زمين جو ڳُجهه
ڄاڻان ٿو. پوءِ ملائڪن کي چيائين ته آدم عليه
السلام کي سجدو ڪريو. پوءِ سڀني سجدو ڪيو سواءِ
شيطان جي. جنهن وڏائي ڪئي ۽ خدا جو حڪم نه مڃيو.
پوءِ حضرت آدم کي حڪم ٿيو. اي آدم! تون ۽ تنهنجي
بيبي حوا بهشت ۾ رهو. جتان وڻيوَ اُتان کائو پيو
پر هن وڻ (خاص وڻ) جي ڀرسان به نه وڃجو نه ته
نقصان ۾ ويندؤ
۽ پوءِ شيطان هنن ٻنهي کي برغلائي اوڏانهن وٺي
ويو. آخر هنن ٻنهي کي بهشت مان ڪڍرايائين.
ٻارؤ! جڏهن اسان صبح جو سوير اُٿڻ لڳندا آهيون،
تڏهن شيطان اسان کي برغلائيندو آهي، ڀلي سُمهي پؤ،
ننڊ ڪر.
توهان سوچي ڇڏيو ته اڄ کان اسان شيطان جو چيو ڪونه
مڃينداسين. پنهنجن وڏن کي چئي سمهو، ته توهان کي
سوير سج اُڀرڻ کان پهرين اُٿارين پوءِ ڪلمو ڀري
اُٿو. سوير سُمهڻ ۽ سوير اُٿڻ واري جو مالڪ سائين
بخت به بُلند ڪري ڇڏيندو آهي. ان ڪري اچو ته نيڪ
ٿيون.. |