لطيفي لات
حُڪُمُ ٿِيو بادَلَ کي، ته سارَنگَ
ساٺَ ڪَجَنِ،
جِنِ مَهانگو لَهي ميڙيو، سي ٿا هَٿَ
هَڻَنِ،
ڏُڪارِيا ڏيھَ مان، شالَ موُذي سَڀُ
مَرَنِ، |
وِڄوُن وَسَڻَ آئِيوُن، ٽھَ ٽَھَ
مِينهَن ٽِمَنِ،
پَنجَنِ مَنجهان پَنِدرَهن ٿِيا،
اِئَن ٿا وَرِقَ وَرَنِ،
وَري وَڏي وَسَ جوُن، ڪَيوُن
ڳالهِيوُن ڳَنوارَنِ، |
سَيّدُ چوي سَڀنِ، آهِ توهِ تُنهنجي آسِرو.
(پيارا ٻارؤ! هيءُ بيت ”شاهه جو رسالو“ جي ڪهڙي
سُر مان کنيل آهي؟ شاهه سائينءَ جي اِنَ بيت جي
ڪهڙي معنيٰ آهي؟ ڏکين
لفظن جي معنيٰ لکو) صحيح جواب موڪليندڙن مان ڪُڻو
ڪڍي ڪنهن هڪ ٻار کي سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع
ٿيندڙ گُل ڦُل رسالي جي ڪاپي موڪلي ويندي.
پيارا ٻارؤ!
السلام عليڪم! اوهان جا ڪهڙا حال آهن؟
سڀ کان پهرين اوهان کي قربانيءَ جي عيد جون لک لک
واڌايون هجن. عيد خوشين جو نالو آهي. عيد مسلمانن
لاءِ رب پاڪ طرفان ڏنل تحفو آهي. هن وڏي عيد تي
قرباني ڪري گوشت پاڻ به کائو، پر خاص ڪري جيڪي
غريب مسڪين آهن انهن جي خوب مدد ڪريو. انهن ۾ گوشت
ورهايو ته جيئن اهي مسڪين غريب ٻار پڻ قرباني جي
عيد جو مزو ماڻي سگهن.
اسان پنهنجي محترم اديبن کي گذارش ڪنداسين ته اهي
سنڌ جي ٻارڙن لاءِ گهڻو نه ٿورو ئي سهي ٻاراڻي ادب
لاءِ اصلاحي مضمون، ڪهاڻيون ۽ شاعري وغيره لکي
موڪلين ته جيئن ٻارن ۾ اخلاقي ۽ اصلاحي تعليم
پرائڻ جو شوق پيدا ٿئي.
پيارا ٻارؤ! آگسٽ جو پرچو اوهان جي هٿن ۾ آهي. 14
آگسٽ اسان جي ملڪ ۽ قوم جي آزاديءَ جو ڏهاڙو آهي.
اوهان به جشن آزاديءَ جي ڏهاڙي تي پنهنجي پنهنجي
اسڪولن ۽ ڳوٺن ۾ جشن آزادي جا پروگرام سجايو.
اوهان هن ملڪ ۽ قوم جا مستقبل آهيو. ان ڪري اوهان
پاڻ ۾ ديني، اخلاقي ۽ قومي جذبو پيدا ڪريو، ڇو ته
اوهان کي ئي هن ملڪ جو آئيندو سنوارڻو آهي. اوهان
سڀني ٻارن کي جشن آزادي جون مبارڪون قبول پون.
توهان جي مواد، خطن ۽ راءِ جو اوسيئڙو رهندو.
ساٿ سلامت
توهان جو چاچا
رفيق جمالي
گُل ڦُل جو باني ايڊيٽر
غلام رباني آگرو
جنم: 5 نومبر 1933ع
وفات: 18 جنوري
گُل ڦُل جو چيف ايڊيٽر
امداد حسيني
جنم: 10- مارچ 1940ع
گُل ڦُل جو ٻيون ايڊيٽر
شوڪت حسين شورو
جنم: 4 جولاءِ 1947ع
گُل ڦُل جو ٽيون ايڊيٽر
انور هالائي
جنم: 11 ڊسمبر 1925ع
وفات: 12 جنوري 1995ع
گُل ڦُل جو چوٿون ايڊيٽر
اڪبر جسڪاڻي
جنم: 01 سيپٽمبر 1958ع
وفات: 13 آگسٽ 1999ع
گُل ڦُل جو پنجون ايڊيٽر
طارق عالم ابڙو
جنم: 01 اپريل 1958ع
وفات: 11 جون 2011ع
گُل ڦُل جو ڇهون
ايڊيٽر
دين محمد ڪلهوڙو
جنم: 01 جنوري
1969ع
گُل ڦُل جي ستين ايڊيٽر
نجمه پنهور
جنم: 15 سيپٽمبر 1966ع
ڪائنات جو ڪريم ڪيوَ محمّد کي مختار،
رهبر ڪيائين راه جو مرسّل مڻيادار،
عاشق مٿس الله ٿيو جل جلالھ جبّار،
عربي احمّد ڄام ۾ نور ڪيئين نروار،
صلواتون سيد تي بيحد بيشمار،
آهي ان عجيب جو طالبُ طلبگار،
اڙين جو آڌار عشق عربي ڄام جو
*
پِرين پچاڙيءَ آئيو ٿي اڳين جو اڳواڻ،
صورت ۾ پڻ سهڻو ۽ سيرت جو سرواڻ،
هٿين پيرين حبيب ٿيو پنهنجو مٽ ئي پاڻ،
ڌنار پنهنجي ڌڻ جو سدائين سڄاڻ،
پياري پياسن کي محبت ڀريو ماڻ،
’طالب المولا‘ نور جو نرمل آهه نياڻ،
ڀاڳئي سندو ڀاڻ ڀريو ئي ڀرپور آهه.
آءٌ ته ٻارو گُل ڦُل آهيان،
سڀني جا ٿو مان ڳُڻ ڳائيان.
ادبي بورڊ گهر آ منهنجو،
سنڌ جو هر شهر آ منهنجو.
شايع نڪور مواد ٿئي ٿو،
پڙهندي ٻالڪ شاد ٿئي ٿو.
مون کي جيڪو پڙهندو آهي،
گس نوان سو وٺندو آهي.
مون وٽ آهي لات لطيفي،
ڀلي بيشڪ بات لطيفي.
مون ۾ مضمون ڪهاڻيون آهن،
پَرينُ جون آکاڻيون آهن.
مون ۾ شاعر نظم لکن ٿا،
جن کي خوش ٿي ٻار پڙهن ٿا.
ننڍا وڏا سڀ خط لکن ٿا،
گهر ۾ سانڍي هو رکن ٿا.
گُل ڦُل پڙهان، ٺران ٿو،
ٻولي سِکان، ٺران ٿو.
مضمون ۽ ڪهاڻيون،
دل تي لکان ٺران ٿو.
ٻاراڻا بيت پيارا،
ڳايان ٿو مان، ٺران ٿو.
کِل ڀوڳ جا لطيفا،
ڏاڍو کِلان، ٺران ٿو.
سڀني جا ليک سهڻا،
وهوا ڪيان، ٺران ٿو.
گُل ڦُل ٿو ڄاڻ بخشي،
ڏاهو ٿيان، ٺران ٿو.
ٻارن جو هي رسالو،
سانڍي رکان، ٺران ٿو.
تحقيقي ڪمُ نمايان،
ڪن مهربان، ٺران ٿو.
لکندڙ لِکن ٿا خطڙا،
سڀ ڪجهه پڙهان، ٺران ٿو.
سنڌي ادب سونهارو،
پڙهندو رهان، ٺران ٿو.
جَسُ آ نجمه پنهور کي،
واڌايون ڏيان، ٺران ٿو.
ٻانهن ٻيلي آ جمالي،
سَٿُ ڪهڪشان، ٺران ٿو.
”ياسين“ ڪاش! مان به،
شاعِرُ هجان، ٺران ٿو. |