منهنجا مٺڙا ننڍڙا ڀاءُ،
ڊوڙي جلدي مون وٽ آءُ.
پيار مان توکي ڀاڪر پايان،
هن ديس جي درد جي ڳالهه ٻُڌايان،
ڀيڻ مان تنهنجي ڀائڙا آهيان،
هُيءُ ڌرتي آهه اسان جي ماءُ،
او ننڍڙا ڀاءُ.
هِن ڌرتيءَ آهن سور سٺا،
افغانن جا ترخانن جا،
جن هتڙي ڪئين ڪيس ڪيا،
هر سنڌيءَ سوڍي سڙيو هاهُه،
او ننڍڙا ڀاءُ.
ٿيندين جڏهن تون جوان ادا،
رکي سچو ايمان ادا،
ڪجانءِ تون قربان ادا،
ديس تان پنهنجو ساهُه،
او منهنجا مٺڙا ڀاءُ.
]مرحوم
اڪبر جسڪاڻي جي 19 ورسي جي مناسبت سان[
قلمڪار اڪبر جو ڪردار سَمجهو،
هو عظمتن جو ڪو مينار سَمجهو.
هُو جنهن ڪهاڻيون لکيون ٻارڙن تي،
ڪَهاڻين جي ليکڪ جو ڪردار سَمجهو.
سندس نانءُ تي ٿي قائم لائبريري جو،
جن ڪَئي آ قائم تن جو ڪردار سَمجهو.
جيڪا روشني هُن جوهي ۾ پکيڙي،
چؤڌاري اُنهي جي آ چَمڪار سَمجهو.
هو علم جي پاسي ’اڪبر‘ اي ’حامد‘!
اسان کي انهي جو طرفدار سَمجهو.
کڻي هو پراڻين شين کي چُمي ٿو،
ملي ڳوٺ جي ڳوٺاڻن کي چُمي ٿو.
ڏسي ٻارَ اسڪول ويندي پڙهڻ لئه،
انهن جي سليٽن پٽين کي چُمي ٿو.
گذاريل گهڙين کي ڪري ياد ڏاڍو،
اباڻي وڃي گهر جي درن کي چُمي ٿو.
پرين پارَ پيارا مليا جنهن گهڙي ٿي،
خوشي مان هو روئي انهن کي چُمي ٿو.
ڪُنڀر جيڪي ٺاهيا چَڪَ تي هٿن سان،
کڻي تن دِلن ۽ مٽن کي چُمي ٿو.
جنڊيءَ تان ٿي لاٿا ڊکڻ جيڪي پاوا،
ڊکڻ جي تن هندورن کٽن کي چُمي ٿو.
سبيون نِمَ جي هيٺان هٿن ساڻ ويهي،
امڙ جي وهاڻن رلين کي چُمي ٿو.
وري يارَ ’معراج‘ صندوقن کي کولي،
منگيءَ جي لکيل هو خطن کي چُمي ٿو.
هڪڙو ٻارڙو، سٻاجهو، تارن جي ڇانوَ هيٺان
ٻولي پنهنجي ٻولي،
ڳائيندو ڳُجهه پرولي.
هڪ رات ساجهر، ٽلڪيو پئي مزي سان
هڪ ڪائنات ان جي اکڙين اڳيان ٺهي ٿي
جهنگ، پهاڙ، نديون،
جن، ڀوت، ديو، پريون.
ماڻهو، مِرون، پکي، سڀ خلقت اُتي رهي ٿي،
هن پاڻ لاءِ پنهنجي دنيا رکي رَچائي،
ٻي جي نه جاءِ آهي.
مالڪ جيئن سگهي ڪو ٺاهي.
مالڪ ئي اهڙي دنيا سگهيو آ ٺاهي،
هن جڳ جي آس يا ڪا ڳڻتي نه دل ۾ ڌاري،
ماتا جي وهه واري،
لولي سٺي پياري.
اُن کي ۽ اُن جي رچنا کي ئي ڇڏي سمهاري.
ٻولي پنهنجي ٻولي،
ڳائيندو ڳُجهه پرولي.
اٿوَ ماءُ پيءُ ڄڻ خدا جي ته نعمت،
ڪجي دل سان ڏاڍي سندن خوب خدمت،
ڪندو جو نه تن سندن هت اطاعت،
نه ملندي انهيءَ کي نه ڪا ٻي هدايت،
ڪجي پوءِ ٻارو! سندن ڇو نه عزت،
اطاعت ۽ خدمت اُها آ عبادت.
وڏا ناز نخرا اسان جا سَهن ٿا،
۽ انگل سمورا هو پورا ته ڪن ٿا،
گهُرون جا به شيءِ ٿا وٺي سا ڏين ٿا،
اسان جي حڪم تي ته پورا هلن ٿا،
ڪجي پوءِ ٻارو سندن ڇو نه عزت،
اطاعت ۽ خدمت اُها آ عبادت.
اسان کي ته کائڻ ۽ پيئڻ سيکاريائون،
چڱي راهه رستي هلائڻ سيکاريائون،
سُٺي ڳالهه واتان ٻڌائڻ سيکاريائون،
چڱي مانَ سان هت جيئڻ سيکاريائون،
ڪجي پوءِ ٻارو! سندن ڇو نه عزت،
اطاعت ۽ خدمت اُها آ عبادت.
ڪيون تن جي خدمت ته جنت به ملندي،
جي جنت ملي پوءِ راحت به ملندي،
حقيقي سڀن کي مسرت به ملندي،
قسم آ خدا جو ته عزت به ملندي،
ڪجي پوءِ ٻارو! سندن ڇو نه عزت،
اطاعت ۽ خدمت اُها آ عبادت.
پورهئي سان ڪر تون پيار،
پورهئي سان ڪر تون پيار.
ڪجهه حاصل ڪر پگهر جي پورهئي مان،
محنت سان ڪر تون پيار.
ڪر حلال تون روزي سڄو ڏينهن مزودري،
ڪري محنت ڪماءِ تون،
روزي ٻچن لاءِ جا ضروري.
پورهئي ۾ آ شان نرالو، عظمت ۾ آ مانُ نرالو،
ڪم ڪرڻ ۾ آ صحت جو ڀلو،
سڀڪو چوي ٿو جياپو جياپو.
رهن ٿا بيمار هي، هي ڪم چور پيارا،
چاڪ رهي ٿو سدائين پورهيت پيارا.
ڌڻي کي به وڻي ٿو اهو ماڻهو،
سو سڀ کي وڻي ٿو اُهو ماڻهو،
’بيوس‘ کي به وڻي ٿو هر پورهيت ماڻهو.
قلم اسان جو پيارو پيارو،
سونهري سهڻن رنگن وارو.
قلم سان اسان علم پِرايون،
قلم سان اسان سمجهه وڌايون.
قلم اسان جي ساهه جو سهارو،
قلم اسان جو پيارو پيارو.
قلم آهه علم جو ستارو،
قلم اسان جو پيارو پيارو.
ڳالهه ”عنايت“ جي ٻڌو هي ٻارو،
قلم سان محبت رکو اي ٻارو.
قلم سان دل کي هر وقت اُجاريو،
قلم اسان جو مان وڌائي ٻارو.
ادا پڙهه، پڙهڻ ۾ چڱائي اٿئي،
سکڻ جي عمر بس اِها ئي اٿئي.
ڪندو ڪر تون اسڪول جا ڪم ادا،
هي ويڊيو هي گيمون اجائي اٿئي.
پڙهڻ سان ئي منزل ۽ مقصد ملي،
پڙهڻ سان حياتي سجائي اٿئي.
ڪندو ڪر تون پاسو،ڪِن ۽ ڪُوڙ کان،
سدا سچ ۾ ئي ڀلائي اٿئي.
ڪندو ڪر وڏن جو ادب تون ادا،
انهيءَ سان ئي عزت سوائي ادا.
ننڍن سان به شفقت سان تون پيش اَچُ،
ته پوءِ علم سان روشنائي اٿئي.
ڀيد جي ڪاراڻ مٽائي،
ديس پريم جي جوت جڳائي،
دشمن کي به ڪيائين ڀائي،
جنهن سُک ساڻ ڀريو پيمان،
ٻارو اُهو اٿوَ اَمر انسان.
ننگو جيئن ئي ڪنهن کي ڏٺائين،
لاهي پنهنجو ويس ڏنائين،
ويهي چرخو خوب ڪتيائين،
جنهن تن من ڪيو قربان،
ٻارو اُهو اٿوَ اَمر انسان.
جسم نٻل سينو فولادي،
هن کان ظلم هٽي ويو آڌي،
هن کان پوءِ هِت ٿئي آزادي،
شير دل هو اهو اڳواڻ،
ٻارو اُهو اٿوَ اَمر انسان.
ديس کي جنهن بهشت بنايو،
مڙس ٿي جنهن ناد وڄايو،
سچ جو جنهن سورج چمڪايو،
جنهن کي ’ڪمل‘ ڏسي ٿيو حيران،
ٻارو اُهو اٿوَ اَمر انسان. |