سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 12

باب: --

صفحو :8

 

کل ته سهي

 

 

· حسن محمود ڀٽي، دڙو.

امجد: يار، سج جي روشني اڄ ته ڪپڙا ٿي ساڙي.

رمون: ها ادا، ساڙيندي ڪيئن ڪونه، اڄ ئي ته نوان سيل ورتا اٿس.

....   ....   ....

محمد: سليم، آءُ جلد وهنجي وٺندو آهيان، ڇو ته آءُ صابڻ استعمال ڪونه ڪريان.

سليم: آءُ توکان به جلد وهنجي وٺندو آهيان. ڇو ته آءُ پاڻي استعمال ڪونه ڪريان.

. ...  ....   ....

هڪ دوست: منهنجي چاچي جو ڪو ثاني ناهي. ڇو ته هو ٽُٻي هڻندو آهي ته تقريباً چئن ڪلاڪن کان پوءِ نڪرندو آهي.

ٻيو دوست: ان ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؟ منهنجو پيءُ ته ڏيڍ هفتي کان وٺي ٽُٻيءَ ۾ آهي. اڃا تائين ڪونه نڪتو آهي.

.....   .....   .....

 

· الاهي بخش ”زخم“، خانپور.

خريدار: هن ٽوپي جي قيمت ڪيتري آهي؟

دڪاندار: سٺ رپيا.

خريدار: سٺ رپين ۾ ته مان هڪ سٺو بوٽ خريدي سگهان ٿو.

دڪاندار: پر سائين! اهو بوٽ مٿي ۾ ڪيئن پائيندا.

.....   .....   .....

 

· غلام اڪبر ساندڻاڻي، دادو.

استاد: جانورن جا وار هميشھ وڏا ڇو ٿيندا آهن؟

شاگرد: ڇاڪاڻ ته اتي ڪو حجامت ڪرڻ وارو نه آهي.

.....   ......  ......

 

· جان محمد شيخ، مٽياري.

مريض: (ڊاڪٽر کي) توهان ته تجربيڪار آهيو.

ڊاڪٽر: جيڪڏهن آءُ تجربيڪار نه هجان ها ته قبرستان تون ڀرين ها ڇا؟

......  ......  .......

هڪ بيوقوف پنهنجي دوست کي، خط لکي رهيو هو. پڇاڙيءَ ۾ لکيائين ته ”خط نه پهچي ته يڪدم اطلاع ڪندا.“

......  ......  .......

 

· صابر علي شاهه، مورو.

اسلم: اڪرم ڪيڏي پيو وڃين؟

اڪرم: يار حڪيم کان ڪک (دوا) وٺڻ.

اسلم:حڪيمن هاڻي ڪک پن گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن ڇا!

......  ......  .......

 

· عابد علي شاهه، مورو سنڌ.

پيءُ: پٽ ڪن ڇا جي لاءِ آهن؟

پٽ: بابا جيئن استاد ڪن مان جهلي چماٽ هڻي سگهي.

......  ......  .......

 

· گلزار علي ميمڻ، دڙو.

هڪڙو نوڪر پڪوڙن واري وٽ ويو ۽ هن کي چيائين: ”مون کي ڪالهوڪا ساڳيا پڪوڙا ڏي.“ دوڪاندار پڇيس: ڪيئن پڪوڙا سٺا هئا نه؟ نوڪر وراڻيو: ”پڪوڙا اهڙا هئا جو وڏيري هڪ به نه کاڌو ۽ سڀ مون کي ڏنائين.“

......  ......  .......

 

· خالد اڪبر ٽالپر، ٽنڊو جان محمد

هڪ دوست ٻئي دوست کي: ادا تنهنجو رنگ ڪارو ڇو ٿيو آهي.

ٻيو دوست: ادا آءُ بليڪ آئوٽ ۾ ڄائو هئس.

......  ......  .......

هڪ جمعدار رات جو شهر ۾ چڪر لڳائي رهيو هو ته نظر هڪ ماڻهو تي پئجي ويس. تنهن کان پڇيائين ته ذات جو ڪير آهين؟ تنهن تي ان ماڻهو جواب ته سائين ذات جو ٻڌ آهيان. تنهن تي جمعدار چيو ته ڪمبخت پهرئين نه چيئي ته ذات جو ٻُڌ آهيان. راه گناهه جو مار کاڌ ئي.

......  ......  .......

 

· گرمکداس ”ديوان“، ميرپوربٺورو.

هڪ مداري تماشو ختم ڪرڻ کانپوءِ چيو ته ”الله جي نالي ڪجهه پئسا ڏيو.“

هڪ ڇوڪر اٿي هڪ آنو ڏنو.

مداري: سائين، اسان غريبن جي لاءِ اهو آنو هڪ رپئي جي برابر آهي. تڏهن ان ڇوڪري چيو: ”باقي پندرهن آنا مون کي واپس ڏي.“

......  ......  .......

 

· دردانه رحيم قاضي، حيدرآباد

زال: (مڙس کي) توهان کي هڪ خوشخبري ٻڌايان؟

مڙس: ها، پر جلدي ٻڌائي مون کي دير ٿئي ٿي.

زال: هاڻي اسان جي گهر ۾ ٽئين ڀاتيءَ جو به اضافو ٿيڻ وارو آهي.

مڙس سمجهيو ته منهنجي زال کي ٻار ٿو ڄمي سو خوش ٿي آفيس مان جلدي اچڻ جو چئي هليو وڃي ٿو.

زال؛ اڙي اڄ توهان هي ننڍا جوراب، ٽوپي ۽ سوئيٽر ڇو وٺي آيا آهيو؟

مڙس: ٽئين ڀاتيءَ جي لاءِ؟

زال: (حيرت مان) ٽئين ڀاتيءَ جي لاءِ؟ ٽيون ڀاتي ته منهنجي ماءُ آهي، جيڪا هاڻي مستقل طور اسان وٽ رهڻ آئي آهي.

......  ......  .......

 

· محمد اسحاق کٽي، ميرپوربٺورو.

هڪ شخص کي اچي ترڻ جو شوق ٿيو سو واهه ۾ گهڙي ويو ۽ ڏاڍا هٿ هنيائين پر ترڻ نه سکيو. هٿ پير هڻي ساڻو ٿي پيو ۽ ٻاهر نڪري چوڻ لڳو ته ”جيستائين ترڻ نه سکندس تيستائين پاڻي ۾ اصل نه ويندس.“

......  ......  .......

 

· اخلاق انصاري، لاڙڪاڻو.

ماءُ: پٽ، تنهنجي سالگره تي هڪ ڪيڪ ۽ پنج موم بتيون ڪافي آهن؟

اسلم: نه امان، پنج ڪيڪ ۽ هڪ موم بتي.

......  ......  .......

ريل گاڏي جي ٽڪٽن واري دري کان ٻاهر ماڻهن جي قطار هئي. ان قطار ۾ هڪ ٿلهو ماڻهو به بيٺو هو. ان ٿلهي ماڻهوءَ جي اڳيان هڪ سنهو ماڻهو به بيٺو هو. سنهي ماڻهو يڪدم مڙي ٿلهي ماڻهوءَ کي چيو ته ”يار ڌڪا ڇو ٿو ڏين؟“

ٿلهي ماڻهو جواب ڏنو،  ”واه يار واه! مان ڌڪا ڪاٿي ٿو ڏيان، ڀلا ساهه به نه کڻان ڇا؟“

......  ......  .......

 

· سليم رضا ڀٽي، دڙو

هڪ شخص واٽ وٺيو پئي ويو ته واٽ تي هڪ شرارتي ڇوڪر پڇيس: تنهنجو نالو ڇا آهي؟ ان شخص جواب ڏنو، ”ابا، منهنجو نالو واڱڻ آهي.“ ڇوڪري  کلي چيو: ”واه جو نالو آهي! نالي جو نالو ۽ ڀاڄيءَ جي ڀاڄي.“

*      *      *

 

· عبدالغفور ٽالپر، ٽنڊو جان محمد

استاد: سعيد! پاڪستان جان پنج درياءَ ڪهڙا ڪهڙا آهن؟

سعيد: هڪڙو راوي، ٻئي جو نالو ٿورو ڏکيو آهي، ٽئين جو نالو هينئر ئي هينئر وسري ويو آهي، چوٿين جو نالو ڪتاب ۾ ڊٺل آهي ۽ باقي پنجون مون کي خود اوهان کان پڇڻو آهي.

......  ......  .......

جج (چور کي): توکي چوري مان ڇا ٿو ملي؟

چور: حضور اوهان سان ملاقات جو موقعو.

استاد: (شاگرد کان) جڏهن گاڏي اچي ٿي ته سنگل ڊائون ڇو ٿو ٿئي؟

شاگرد: سائين، گاڏي جي عزت ڪئي وڃي ٿي.

......  ......  .......

 

· مظفر علي قريشي، نواب شاهه سنڌ.

استاد: جانور گاهه کائين ٿا ته ڇا گاهه طاقت جي جزن جو مجموعو آهي؟

هڪ شاگرد: ها سائين.

استاد: ثابت ڪر.

شاگرد: سائين مون گاهه کائيندڙ جانورن کي ڪڏهن به لٺ جو سهارو وٺي هلندي نه ڏٺو آهي.

......  ......  .......

 

· الهورايو ڄامڙو، شڪارپور.

ڊاڪٽر: (ٻار کان) پٽ تنهنجو پيءُ ٿو چوي ته توکي آچر کانسواءِ روزانو پيٽ جو سور ٿو پوي. پر مون کي ته ڪا بيماري نظر نه ٿي اچي! سو ٻڌاءِ ته سور توکي ڪڏهن ٿو پوي؟

ٻار: (نهايت معصوميت سان) جڏهن بابا اسڪول وڃڻ لاءِ چوندو آهي.

......  ......  .......

جج: اڙي تون هن جو پراڻو بوٽ ڇاجي لاءِ چوري ڪيو؟

چور: سائين، مان نئون سمجهيو هو تڏهن کنيم. ٻيهر ڏسي کڻندس.

......  ......  .......

ماءُ: بيوقوف تون صابڻ سان ڪتاب جو جلد ڇو ڌوئي رهيو آهين.

پٽ: امان، هر وقت ريڊئي تي ٻڌان ٿو ته صابڻ جلد جي حفاظت ڪري ٿو. مان پاڻ ان ڪري پنهنجي ڪتاب جي جلد جي حفاظت ڪريان پيو.

......  ......  .......

 

· علي اڪبر سومرو، ٽنڊوالهيار.

هڪ دوست: ڪالهه تو فائربرگيڊ اسٽيشن کي فون ڪيو هو، باهه ته ڪانه لڳي هئي؟

ٻيو دوست: نه! منهنجي زال رڳو ڪاوڙجي چيو هو ته گهر کي باهه لڳائي ڇڏينديس.

......  ......  .......

ماءُ: (پٽ کي) شيءِ لڪائڻ وڏو گناهه آهي.

پٽ: ته پوءِ امان، تو بسڪوٽ پيتيءَ ۾ ڇو لڪائي رکيا آهن؟

......  ......  .......

زال: خدا ڪري آءُ مري وڃان...

مڙس: خدا ڪري آءُ به مري وڃان....

زال: ته پوءِ خدا ڪري آءُ نه مران.

......  ......  .......

هڪ دوست ٻئي دوست وٽ مهمان ٿي ويو ته ميزباني دوست پڇيس ته ادا اوهين ڇا کائيندا؟

مهمان: ادا جيڪو اوهين کائو، آءُ به کڻي اهو کائيندس.

ميزبان: يار، منهنجي دل ته هوا کائڻ لاءِ چئي رهي آهي!

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com