فضل الرحمان ميمڻ، دڙو.
(آکاڻي)
دل جو حال
ڪنهن سادي ماڻهوءَ شهر گهمڻ جو پڪو پهه ڪري
پئسا ميڙڻ شروع ڪيا. جڏهن وٽس پنج روپيا گڏ ٿي
ويا تڏهن رکي ٽوال ڪلهي تي شهر ويو. هلندي
هلندي رستي تي هڪ ڪني پاڻيءَ جي ناليءَ ۾ صوف
ترندو ڏٺائين، اُهو ڪڍي مٿانئس ٽوال سان گندگي
اگهي کائي ڇڏيائين ۽ وري هلڻ لڳو. جڏهن شهر
پهتو تڏهن هڪ هنڌ ماڻهن جو ميڙ ڏٺائين، انهيءَ
ميڙ ۾ وڃي ڏسي ته هڪ مائي نچي به پئي ۽ ڳائي
به پئي ۽ ڳائيندي ڳائيندي چوي پئي ”مان تنهنجي
دل جو حال ٻڌائينديس.“ اهي اکر وري وري چئي
رهي هئي. همراهه سمجهيو ته مون جيڪو ڪنو صوف
کاڌو هو اهو ٿي ماڻهن کي ٻڌائي. سو يڪدم کيسي
مان هڪ روپيو ڪڍي، کڻي ڏنائين. هُن مائيءَ
سمجهيو ته شايد منهنجو گانو وڻي ويو اٿس سو
وٺي زور سان ڳائڻ لڳي. همراهه سمجهيو ته اڃا
به جند نه ڇٽندي سو وري ٻيو روپيو ڏنائينس ته
هوءُ مائي اڃا به زور سان ڳائڻ لڳي. اهڙي طرح
همراهه پنج ئي رپيا مائيءَ کي ڏيئي ڇڏيا پر
هينئر مائي جو آواز بند ٿيڻ بدران ويتر وڌيل
هو. انهيءَ تي همراهه چڙي پيو ۽ چيائين: ”اي
هاڻ وڃي ٻڌائي.“ مون هڪ ڪنو صوف ناليءَ مان
ڪڍي کائي ڇڏيو هو ته ڇا ٿيو؟ وڃي ٻڌائي!“ ائين
چئي همراهه رئندو رهيو ۽ ميڙ ۾ بيٺل ماڻهو کلڻ
لڳا.
کاٽائو. اي. اداسي، مٺي.
ماءُ جي محبت
هن دنيا ۾ هونئن ته انسان جا ڪيترائي پيارا
عزيز آهن پر ماءُ جهيڙو پياري ۾ پيارو عزيز
آهي ئي ڪونه. هن دنيا جو سچي ۾ سچو يا با
اخلاق انسان اهو آهي جو پنهنجي ماءُ جي عزت
ڪري ٿو ۽ خدمت ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهي ٿو.
ماءُ ويچاري اسان لاءِ راتين جون راتيون
اوجاڳا ڪڍي ٿي. هر وقت پنهنجي ٻچڙي جي سار
سنڀال ڪندي آهي ۽ اڪثر ڪري ماءُ هر وقت هينئن
پنهنجي ٻچن کي چوندي آهي ته ”اي ٻچا، هن دنيا
۾ مون لاءِ تو کان سواءِ ٻيو ڪوبه مٺو عزيز نه
آهي“ ۽ چوندي آهي ته ”تون مون کي ايترو ته
پيارو آهين جو ڪڏهن تون منهنجي بدن جي چمڙي جو
ٽڪر گهرين ته به آءُ توکي ڏيڻ لاءِ تيار
آهيان.“ صدقي وڃان اهڙي ماءُ تان ۽ سندن لفظن
تان. جيڪا ماءُ پنهنجي ٻچي لاءِ سر ڏيڻ لاءِ
به تيار ٿئي ٿي ته اهڙي ٻچڙي کي به گهرجي ته
هو به پنهنجي ماءُ جي نالي تان سر ڏيڻ لاءِ
تيار رهي ۽ ماءُ جا پير ڌوئي پئي. ماءُ جي
پيرن جي مٽي اکين ۾ سرمو ڪري وجهي ۽ جي ڪڏهن
ماءُ ڪنهن مهل ٻچڙي کي چار لفظ چوي ته ٻچڙي کي
اهي اکين تي رکي سهڻ ته ٺهيو پر هن کي گهرجي
ته هو پنهنجي پير مان جتي لاهي چيو ته اي جيجل
هيءَ سڄو بدن تنهنجو آهي جتي توکي هڻڻو هجي ته
هڻي ڇڏ. اهو آهي انساني اخلاق. جيڪڏهن ڪنهن
انسان انهن اخلاقن تي عمل ڪيو ته هو ڄڻ فرشتو
آهي. اسان کي گهرجي ته اسين به انهن اخلاقن تي
عمل ڪريون، جيئن هن دنيا ۾ اسان جو ۽ اسان جي
مائٽن جو نالو مٿي ٿئي.
* * *
عبدالغفور وڳڻ، موندر
پاڙي وارن سان پيار
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته عراق ۾ هڪ غريب موچي
رهندو هو. غريب هوندي به هن کي حج ڪرڻ جي سِڪ
هوندي هئي. رات ڏينهن دل ۾ اهو خيال هوندو هئس
ته گهڻي کان گهڻي بچت ڪري ڪجهه پئسا گڏ ڪري حج
پڙهي اچان. انهن خيالن ۽ يادگيرين ۾ هن ڏينهن
–رات هڪ ڪري گهڻي کان گهڻي محنت ڪئي ۽ پورن
ٻارهن سالن کانپوءِ هن وٽ پئسا گڏ ٿيا. بس، هن
سال هن جي پوري تياري هئي. جيئن جيئن ڏينهن
ويجها ايندا ويا تيئن هن جي خوشي وڌندي وئي.
آخر اهو ڏينهن به اچي ويو جنهن ڏينهن هي دل ئي
دل ۾ چوندو ٿي رهيو ته ”سڀاڻي حج تي ويندس.“
هن سان گڏ ڳوٺ جا ٻيا به ڪي ماڻهو سنبريا هئا.
آخري ڏينهن تي شام جو جيئن هو گهر کان ٻاهر
نڪتو ته هن پنهنجي پٽ کي روئندو ڏٺو. هن کان
سبب پڇيائين جنهن تي پٽ جواب ڏنس ته ”بابا،
مون کي احمد جي پيءُ ماريو آهي“ ڇوڪرو ائين
چئي رئندو گهر هليو ويو. هِن کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽
دل ۾ پنهنجي منهن چوڻ لڳو ته منهنجي موجودگيءَ
۾ ئي پاڙيوارا منهنجي ٻارن سان ٿا اِهي حالتون
ڪن، جيڪڏهن سڀاڻي مان هتان هليو وڃان ته الائي
منهنجي ٻارن سان ڪهڙو حال ٿيندو! نيٺ انهن
خيالن ۾ هن کي خيال آيو ته ڇو نه وڃي احمد جي
پيءُ کان پڇان. سو وڃي در کڙڪايائين. احمد جو
پيءُ گهران نڪري آيو. هن پڇيو ته ”منهنجي پٽ
کي ڇو ماريو اٿئي؟“ احمد جي پيءُ پهريائين ته
ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو پر گهڻي زور ڀرڻ تي هن
طرح ڳالهه ڪري ٻڌايائين: ”اڄ ٽيون ڏينهن آهي
ته مزدوري نه ملڻ ڪري بک ۾ مري رهيا آهيون. اڄ
ٽئين ڏينهن ٻارن کي اچي بُک بيحال ڪيو ۽ روئڻ
لڳا ته امان ماني ڏي. ٻارن کي ريجهائڻ لاءِ
خالي ديڳڙي ۾ پاڻي وجهي چلهه تي چاڙهي ٻارن کي
دلاسو پئي ڏنوسين ته اجهو ٿي ڀاڄي تيار ٿئي.
اڃان ٻارن کي پرچائي رهيا هئاسين ته تنهنجو
پٽ آيو، جنهن اچي چيو ته مون کي به ڏيو. “
هاڻي ڀاڄي هجي ته ڏيونس. جيڪڏهن چئون ٿا ته
ڀاڄي ڪانهي ته ٻار پيا رئن، ته ڀاڄي ڏي،
جنهنڪري مون تنهنجي پٽ کي ڌڪ هڻي زوري گهر کان
ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. منهنجو ڏوهه هجي ته مان حاضر
آهيان.“ اها ڳالهه ٻڌي هن موچيءَ کان اکين مان
لُڙڪ وهي آيا. دل ۾ سوچيائين ته منهنجي پاڙي ۾
اهڙي حالت لڳي پئي آهي ۽ مان وڃان حج تي، ڇو
نه اهي پئسا هن غريب کي ڏيان جيڪو وڃي ڪو
واپار ڪري دڪان کولي ويهي، جنهن مان هن جو سٺو
گذر سفر ٿي سگهي. جيڪڏهن هوندو حج نصيب ۾ ته
ٿي پوندو. پوءِ اهي سڀئي پئسا ڪڍي هن غريب
ماڻهوءَ کي ڏنائين جنهن مان هن هڪ ننڍو دوڪان
ڪڍيو. پيارا ٻارو! موچيءَ جو اهو ڪم حج کي به
وڏي ثواب وارو هو.
پوءِ ڇو نه اسين به پاڙيوارن سان سٺي سلوڪ ساڻ
هلون ۽ هنن سان همدردي ڪريون ۽ الله تعاليٰ به
راضي رهي ۽ دنيا ۾ به عزت ملي.
سهڻا سخن
·لڇمڻداس
ٻڌومل، مٺي
1- جي ڀانئين ته آءُ ماڻهن ۾ عزت وارو ٿي ڏسڻ ۾ اچان ته هميشه
ٻئي جو عزت سان نالو وٺي ڳالهاءِ. -حضرت محمد
صلعم.
2- سڀ کان وڏي بندگي محنت آهي، جنهن جو ڦل
ضرور ملندو آهي ۽ اها ڌڻي پاڪ کي سڀ کان وڌيڪ
پسند آهي. -حضرت محمد صلعم.
3- دنيا جي خوشيءَ کي بي بقاءُ سمجهي مٿس
بانور نه ڪر ڦونڊجي نه وڃ. سڀاڻي جي خبر نه
آهي ته ڇا ٿيندو.
-ٽالسٽاءِ
4- ڏينهن اهو چڱو جنهن ڏينهن سٺا ڪم ڪجن.
کاڌو اهو چڱو جو ونڊي ورڇي کائجي، علم اهو چڱو
جنهن مان نئڙت پرائجي. ماستر اهو چڱو جو ٻارن
کي اولاد جيان پاڙهي. -ٻوڌراج.
5- ٿورو ذرو ڪوڙ جو به ماڻهو کي ائين ناس
ڪري ٿو جيئن کيرکي هڪ ڦڙو کٽاڻ جو. -مهاتما
گانڌي.
·
غلام نبي جمالي، ٽنڊوڄام.
1- اهو گهر جنهن ۾ ڪتاب نه هجن، ان جسم
وانگر آهي جنهن ۾ روح نه هجي.
2- هرمشڪل انسان جي همت جو امتحان وٺڻ
ايندي آهي.
3- ڪڏهن به حوصلو هٿان نه ڇڏڻ گهرجي،حوصلي
۽ مستقل مزاجيءَ سان وڏا وڏا منجهيل مسئلا
ٺهيو وڃن.
4- بيشڪ دير تائين سوچيو ليڪن سوچڻ کانپوءِ
جيڪو فيصلو ڪريو، تنهن تي اٽل رهو.
5- اوهان پنهنجن وڏن جي عزت ڪريو ته سڀڪو ئي
توهان جي عزت ڪندو.
6- علم هڪ وڻ آهي ۽ عمل ان وڻ جو ميوو آهي.
7- ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي، ان جي خدمت
ڪري جنت ماڻيو.
·اخلاق
انصاري، لاڙڪاڻو.
1- بي اعتبار شخص فقط اهو نه آهي، جيڪو
امانتون کائي وڃي بلڪه اهو به آهي جيڪو ڪنهن
جي ڳالهه ٻين سان ڪري
2- پنهنجو پاڻ کي داناءُ نه سمجهه،بلڪه
اهو اندازو لڳائيندو ڪر ته تو ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون
نادانيون آهن.
3- شاهوڪار فقط ان شخص کي نه چئبو آهي،
جنهن وٽ گهڻي دولت هجي بلڪه قناعت ڪندڙ کي به
شاهوڪار چئبو آهي.
4- بيوقوف فقط اهو نه آهي، جيڪو جاهل هجي.
بلڪه اهو به آهي جيڪو پيسي لاءِ جان قربان ڪري
۽ ان کي خرچ نه ڪري.
5- غريب اهو نه آهي جنهن کي دولت نه هجي
پر غريب اهو آهي جنهن کي ڪو دوست نه هجي.
6- فقط اڻپڙهيل بيوقوف نه هوندا آهن پر
اهي به بيوقوفن ۾ شمار ڪبا آهن جي علم کي صحيح
استعمال نه ڪري ڄاڻن.
7- ڪتاب پڙهڻ وقت تون ان جي زبان ۽ گرامر
ڏانهن ڌيان نه ڏي بلڪه ان جي خيالن ڏانهن پورو
ڌيان ڏيندو ڪر.