ترجمو: ادارو
(چيني ڪهاڻي)
شرارتي باندر
هڪ غريب پوڙهو ماڻهو ڪنهن ڳوٺ ۾ رهندو هو. هو
ڪکن جون ٽوپيون ٺاهي شهر ۾ کڻي ويندو هو ۽
وڪڻي پنهنجو گذارن ڪندو هو.
هڪ ڏينهن پوڙهي شهر وڃڻ جي تياري ڪئي. هن جي
هٿن ۾ ٻه ٽوڪريون هيون، جن ۾ ٽوپيون ڀريل
هيون. شهر چڱو پري هو، ان ڪري وپڙهو اڌ رستي
تي ٿڪجي پيو. هن پنهنجون ٽوڪريون زمين تي رکي
ڇڏيون ۽ پاڻ هڪ وڏي بڙ جي وڻ هيٺان آرام ڪرڻ
جي لاءِ ليٽي پيو. هن کي جلد ئي ننڊ اچي
ويئي.
جهنگ ۾ باندر رهندا هئا. اتفاق سان هڪ پوڙهو
باندر پنهنجي ٽولي سان گڏ کيڏڻ جي لاءِ اتي
اچي نڪتو. پوڙهي باندر ڏٺو ته ٽوپين سان ڀريل
ٻه ٽوڪريون وڻ جي هيٺان رکيون آهن ۽ پوڙهو
ماڻهو هڪڙي ٽوپي پائي وڻ جي ٿڙ سان ٽيڪ لڳائي
ستو پيو آهي. پوڙهو باندر آهستي آهستي پير
کڻندو ٽوڪرين جي ويجهو ويو، ننڍن باندرن به هن
جي پيروي ڪئي.
پوڙهي باندر هڪ ٽوپي کنئي ۽ جهڙي طرح پوڙهي
ماڻهوءَ کي ٽوپي پيل هئي اهڙي طرح هن به
پنهنجي مٿي تي ٽوپي پاتي. ننڍن باندرن جڏهن
پوڙهي باندر کي ٽوپي پاتل ڏٺي ته، هنن سڀني به
ٽوپيون پاتيون.
ٽوپي پاتل پوڙهو باندر بڙ تي چڙهي ويو. ننڍا
باندر به ٽوپين سان هن جي پٺيان پٺيان بڙ تي
چڙهي ويا. هنن هڪٻئي ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ هڪڙي
لام تان ٻي لام تي ٽپڻ ۽ ڪڏڻ لڳا. هو خوشيءَ
وچان رڙيون ۽ ڪيڪون ڪرڻ لڳا.
هنن جي گوڙ تي پوڙهو جاڳي پيو. پوڙهو جي کڻي
اک کولي ڏسي ته مار! هن جون ٽُڪريون ته خالي
هيون. هو ٽپ ڏئي اٿي بيٺو ۽ هيڏانهن هوڏانهن
نهارڻ لڳو. پر هن کي هڪڙي ٽوپي به ڪانه ملي ۽
نه وري ڪو آسپاس نظر ئي آيو.
باندرن بڙ تان جڏهن پوڙهي کي ڪاوڙيل ۽ نااُميد
ڏٺو ته هو ڪيڪون ڪري کلڻ لڳا. پوڙهي مٿي
نهاريو. هن ڏٺو ته سڀني باندرن کي سندس ٽوپيون
پاتل هيون. هن جون ٽوپيون هن جي پهچ کان پري
هيون.
پوڙهي ماڻهوءَ کي ڏاڍي چڙ لڳي. هو باندرن
ڏانهن نهاري رڙيون ڪري چوڻ لڳو: ”اڙي بدمعاشو!
منهنجون ٽوپيون مون کي واپس ڪريو.“
پر باندر ته خوشيءَ وچان لامن تي نچندا ٽپندا
رهيا. ڪنهن به پنهنجي ٽوپي واپس ڪرڻ نٿي
چاهي. پوڙهي جي ڪاوڙ وڌي ويئي. هن باندرن
ڏانهن اشارو ڪري رڙ ڪئي: ”بدمعاشو! جيڪڏهن
منهنجون ٽوپيون واپس نه ڪندا ته مان سڀني کي
پڪڙي سيکت ڏيندس.“
جهڙي ريت پوڙهو رڙيون ڪري رهيو هو، ساڳي ريت
باندر به هن جي اهل ڪرڻ لڳا. هنن ٽوپيون واپس
نه ڏنيون.
پوڙهو ڪاوڙ وچان ڏڪڻ لڳو. هن پير پٽ تي سٽيندي
مڪ اُلاري رڙ ڪئي: ”منهنجون ٽوپيون واپس ڪريو
ٿا يا نه! جيڪڏهن نه ته مان سڀني کي جهلي شهر
جي جيل ۾ بند ڪرائيندس.“
باندرن وري پوڙحي جي اهل ڪئي. هنن پوڙهي جو
نقل ڪندي مڪون اُلاريون ۽ رڙيون ڪيون، پر
ٽوپيون واپس نه ڏنيون.
هاڻي ته پوڙهي جي ڪاوڙ جي ڪا حد نه رهي. هونءَ
به پوڙهي ماڻهوءَ کي ڪاوڙ گهڻي ٿيندي آهي. پر
ويچارو ڪري ته ڪري ڇا!
ڪاوڙ ۽ بيوسيءَ وچان هو ٽوپي مٿي تان لاهي مٿو
کنهڻ لڳو. هن کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته ڇا ڪرڻ
کپي.
باندرن به هن جو نقل ڪندي ٽوپيون مٿن تان
لاٿيون ۽ پنهنجا مٿا کنهڻ لڳا. پوڙهي جڏهن اهو
ڏٺو ته هن دل ۾ چيو: ”او هو، هاڻي سمجهي ويس.“
هن پوري زور سان ٽوپي زمين تي اڇلائي ڦٽي ڪئي
۽ ٿڌو ساهه ڀري چيائين: ”تو بهن!“
جڏهن باندرن اهو ڏٺو ته هنن به ائين ڪيو ۽
پنهنجي پوري طاقت سان پنهنجون پنهنجون ٽوپيون
هيٺ اڇلائي ڇڏيون.
پوڙهي جلدي جلدي ٽوپيون ميڙي گڏ ڪيون ۽ انهن
کي ٽوڪرين ۾ وجهي شهر ڏانهن روانو ٿي ويو.
مصطفيٰ ڌاريجو، لاڙڪاڻو
(ڪهاڻي)
لوڀ جي سزا
آڳاٽي دور جي ڳالهه آهي ته ملڪ چين منجهه هڪ
امير ماڻهو رهندو هو، جنهن کي ٻه پٽ هئا،
انهن ٻنهي جي پاڻ ۾ ڏاڍي پريت هوندي هئي. وڏو
ڀاءُ روپين ۽ پئسن جي معاملي ۾ نهايت لوڀي ۽
ڪنجوس هو. ننڍو ڀاءُ نيڪ، ايماندار ۽ محبتي
هو. جڏهن هنن جو پيءُ وفات ڪري ويو ته ٻنهي
ڀائرن پاڻ ۾ دولت ۽ ملڪيت وراهي. وڏي ڀاءُ
دولت ۽ گهر پنهنجي قبضي ۾ رکيو ۽ شهر کان پري
باغ ۽ زمين ننڍي ڀاءُ کي ڏنائين. ويچاري ننڍي
ڀاءُ انهيءَ تي به شڪرانو بجا آندو ۽ پنهنجي
زال کي اسڻ ڪري شهر کان پري پنهنجي زمين تي
هليو ويو. اُتي پهچي هن هڪ ننڍڙو ڪکن ۽ ڪانن
جو گهر ٺاهيو، باغ پوکيو ۽ ڏينهن رات محنت ڪري
کيتيءَ جو ڪم ڪرڻ لڳو.
هڪ ڏينهن هو پنهنجي زال سان گڏ باغ ۾ گهمي
رهيو هو ۽ ٻئي اهي ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته
هيتري محنت ۽ جدوجهد کانپوءِ به صرف ايترا
پئسا ٿا ملن، جنهن مان اسين مشڪل سان پيٽ ڀري
رهيا آهيون، انهيءَ کان بهتر آهي ته ڪو ٻيو ڪم
ڪيو وڃي. مڙس کيس تسلي ڏيئي چيو ته ”گهٻراءِ
نه، محنت ۾ برڪت هوندي آهي، هڪ نه هڪ ڏينهن
اسين به ضرور خوشحاليءَ جي زندگي بسر
ڪنداسين.“ اڃا هو اِهي ڳالهيون ڪري رهيا هئا
ته هنن جي نظر هڪ وڻ تي پئي، جنهن جا پن ۽
شاخون نهايت عجيب قسم جون هيون، ٻئي ان وڻ کي
سڃاڻن جي ڪوشش ڪرڻ لڳا، پر خبر ڪانه پين ته
آخر هي ڪهڙو وڻ آهي. نيٺ زال ڪڪ ٿي چيو ته
”اسين هن وڻ کي روزانو جا چينداسين ته هن جو
ڦر ڪهڙو ٿو ٿئي.“
پوءِ ٻنهي ڄڻن ان وڻ جي روزانو خبر چار لهڻ
شروع ڪئي. ٻن سالن کانپوءِ اُن ۾ ڦر آيو، گلن
۽ پنن وانگر ان جو ڦر به عجيب هو. آخر هي ڦر
جي پڇڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا. الله الله ڪري مس
مس ڪري هڪ ميوو پڇڻ لاءِ اچي تيار ٿيو. هنن
سوچيو ته هن کي پٽي سڀاڻي مزو چکينداسين، پر
ٻئي ڏينهن جڏهن وڻ وٽ پهتا ته اهو ميوو ٽاريءَ
مان غائب هو. آخر ميوو ڪير کڻي ويو؟ هنن حيران
ٿيندي هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو ۽ ٻئي ميوي پچڻ جو
انتظار ڪرڻ لڳا پر ٻئي ڏينهن صبح جو ٻيو ميوو
به غائب هو. هينئر ته زال مڙس نهايت پريشان
ٿيا ۽ هنن فيصلو ڪيو ته رات جو جاڳي ڏٺو وڃي
ته هي ميوو ڪير ٿو کڻي وڃي. آخرڪار ننڍي ڀاءُ
ڪيئي راتيون هن وڻ هيٺان گذاريون ۽ هر رات
اِهو ئي ڏٺائين ته هڪ عجيب جهرڪي اچي ٿي ۽
ميوو کائي هلي ٿي وڃي. پهرين هن کي خيال آيو
ته جهرڪي کي ماري ڇڏيان پر ايترو رحمدل هو جو
ان خيال کي دل مان تڙپي ڪڍيائين.
آهستي آهستي سڀ ميوا ختم ٿيڻ لڳا. موسم ڦرڻ
لڳي، ننڍي ڀاءُ جي مايوسي وڌي وئي. هن آخري
ميوي کي وڏي حسرت سان ڏٺو ۽ ڪنڌ جهڪائي وڻ
هيٺان ئي ويهي رهيو.
رات جو جهرڪي پنهنجي مقرر وقت تي آئي. ميوو
کائي ننڍي ڀاءُ ڏانهن مڙي ۽ چيائين: ”تون اداس
ڇو آهين؟ مان سڀاڻي رات جو وري ايندس ۽ تنهنجن
سڀني ميون جي قيمت ادا ڪنديس، جي مون اڄ تائين
کاڌا آهن. تون سڀاڻي مون ساڻ هلڻ لاءِ تيار
رهج.“
جهرڪيءَ جي وڃڻ کانپوءِ ننڍو ڀاءُ ڇرڪ ڀري
اٿيو جو اڃا تائين جهرڪي کي ڳالهائيندو ڏسي
حيرت ۾ پيل هو. آخرڪار هن اها ڳالهه پنهنجي
زال سان ڪئي. پهرين هن سمجهيو ته سندس مڙس ڪو
خواب ڏٺو آهي پر پوءِ سوچي چيائين ته ”اڄ رات
وڻ هيٺان جهرڪيءَ جي انتظار ڪرڻ ۾ ڪو حرج
ڪونهي، شايد انهيءَ ۾ اسان جي ڀلائي هجي.“
آخرڪار روز وانگر ننڍو ڀاءُ وري وڻ هيٺان وڃي
ويٺو. ٿورڙي دير کان پوءِ هن پکن جي ڦَڙ ڦَڙ
ٻڌي. جهرڪي پنهنجي وقت تي آئي ۽ چيائين: ”مون
ساڻ هل، مان تنهنجي ميون جي قيمت ادا ڪنديس،
جنهن لاءِ هڪ ٿيلهو پاڻ ساڻ کڻ.“
پوءِ هو هڪ ننڍڙو ٿيلهو کڻي جهرڪيءَ ساڻ هليو.
جهرڪي جڏهن ويران ۽ سُڃي هنڌ تي پهتي ته هن
کي چيائين: ”اچ ۽ منهنجي پٺيءَ تي سوار ٿيءُ،
ڇو ته آءُ احسان فراموش نه آهيان. آءُ تنهنجوا
حسان چڪائڻ چاهيان ٿي.“
پوءِ ڏسندي ڏسندي جهرڪي وڌڻ لڳي ۽ ٿورڙي دير
کانپوءِ هوءَ ايتري ته وڏي ٿي ويئي جو هو هن
تي نهايت آسانيءَ سان سوار ٿي ويو ۽ جهرڪي
تيزيءَ سان جبلن، بيابانن ۽ سمونڊن مٿان
اڏامندي وڃي هڪ ٻيٽ تي پهتي، جتي چوطرف سونُ
ئي سون ڦهليل هو. اتي پهچي جهرڪيءَ هن کي چيو
ته ”هي تنهنجن ميون جي قيمت آهي، جيترو وڻئي
سو کڻ.“
ننڍو ڀاءُ جيئن ته لالچي يا لوڀي ڪين هو، تنهن
ڪري هن جيڪا ٿيلهي پاڻ ساڻ آندي هئي، سان سونَ
سان ڀري ۽ پوءِ جهرڪي هن کي کڻي وري واپس آئي.
جڏهن هو گهر پهتو ته هن جي زال ايترو گهڻو
سونُ ڏسي ڪپڙڻ ۾ نه ماپڻ لڳي. هنن ويچارن ساري
ڄمار ۾ ايترو سونُ ڪين ڏٺو هو سو هينئر هو هڪ
ٻئي کي ڏسي خوش ٿيڻ لڳا. جلد ئي هنن هڪ نهايت
عاليشان گهر ٺهرايو، ڍور ڍڳا پاليا، زمينن
لاءِ نوڪر چاڪر رکيائون ۽ غريبن کي خوب خير
خيراتون ڏنائون، هينئر هي نهايت امير ماڻهو
هئا.
ننڍو ڀاءُ پنهنجي زال سان کل، خوشيءَ سان
گذاري رهيو هو ته هڪ ڏينهن هن کي پنهنجي وڏي
ڀاءُ جي سڪ لڳي. ٻنهي گڏجي اُن ۽ سندس زال کي
دعوت ڏني. هنن جو خيال هو ته ورهين کان وڇڙيل
ڀاءُ هيءَ دعوت خوشيءَ سان قبول ڪندو ۽ جلد ئي
هليو ايندو، پر ننڍو ڀاءُ هيران ٿي ويو، جڏهن
هن جي وڏي ڀاءُ جواب موڪليو ته آءُ انهيءَ شرط
تي دعوت قبول ڪندس، جڏهن تون منهنجي گهر تائين
غلم غاليچا وڇائيندين ۽ پنهنجي کي سونَ سان
ليپو ڏئي چمڪدار نه بڻائيندين.
ننڍي ڀاءُ چيو ته آءُ ائين ئي ڪندس. آخر وڏي
ڀاءُ جي حيرانيءَ جي حد ئي نه رهي، جڏهن هن
پنهنجي گهر کان وٺي سڄي رستي تي غلم غاليچا
وڇايل ڏِٺا ۽ ننڍي ڀاءُ جي گهر کي سونَ سان
رڱيل ڏسي هُن جي زال جتي هئي اتي ئي بيهي رهي.
کاڌي کائڻ کانپوءِ وڏي ڀاءُ هن کان دولت جو
راز پڇيو ۽ ننڍي ڀاءُ کيس جهرڪيءَ جي اچڻ ۽
ميون جي ساري ڳالهه ڪري ٻڌائي. وڏو ڀاءُ ۽ هن
جي زال کان عجيب وڻ کي ڏسي حيران ٿي ويا ۽
ٻنهي پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته اسان پنهنجو گهر،
سامان ۽ ملڪيت ننڍي ڀاءُ جي باغ ۽ زمين مان
مٽايون. جنهن کانپوءِ هنن ننڍي ڀاءُ کي چيو ته
”اسان شهري زندگيءَ ۽ اتان جي ڪاروبار کان ڪڪ
ٿي پيا آهيون. تنهن ڪري آءُ چاهيان ٿو ته
توهان هڪ سال لاءِ وڃي شهر ۾ رهو ۽ اسان جو
ڪاروبار به سنڀاليو ۽ اسين هت ٿا اچي رهون.“
ننڍو ڀاءُ ويچارو شروع کان ئي وٺي نيڪ ۽
فرمانبردار هو سو گهر ۽ ملڪيت مٽائڻ تي راضي
ٿي ويو ۽ ٿورن ڏينهن بعد هن جو وڏو ڀاءُ اچي
هن جي گهر ۾ رهڻ لڳو ۽ هي ان جي گهر ۾.
ٽنهي ڄڻن ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو ۽ وڏي محنت ۽
لگن سان ان وڻ جي شيوا ڪرڻ لڳا ۽ ميوي اچڻ جو
انتظار ڪرڻ لڳا.
نيٺ موسم وڃي بدلي. گلن بعد ميوا پيدا ٿيا ۽
وڏي ڀاءُ جو وات سونَ ملڻ جي خيال کان پاڻي
پاڻي ٿيڻ لڳو. هو هر رات جو وڃي ان وڻ هيٺان
ويهندو ته جيئن جهرڪي هُن کي چڱيءَ طرح سڃاڻي
وٺي.
جهرڪي گذريل سال وانگر اچي ۽ ميوا کائي ويندي
هئي ۽ آخر، آخري ميوي کائڻ کانپوءِ جهرڪيءَ
چيو ته مان ڄاڻان ٿي تون سڄو سال هن وڻ جي
شيوا ڪئي آهي. اطمينان ڪر مان سڀاڻي وري
اينديس ۽ سڀني ميون جي قيمت ڏينديس. تون سڀاڻي
مون ساڻ هلڻ لاءِ تيار رهجانءِ.“
جهرڪي اهو چئي اڏامي ويئي ۽ هو خوشيءَ وچان
چرين جيان نچڻ لڳو ۽ جلد ئي ڊوڙندو پنهنجي زال
وٽ پهتو ۽ پوءِ ٻنهي گڏجي جلدي جلدي ٻه چمڙي
جا ٿيلا ٺاهيا، جي تمام وڏا هئا، جيئن انهن ۾
گهڻو سونُ پئجي سگهي. ٻئي ڏينهن هو ٻئي زال
مڙس شام جو ئي اچي جهرڪيءَ جي انتظار ۾ وڻ
هيٺان ويهي رهيا.
جهرڪيءَ جي انتظار ۾ هنن کي رات ڏاڍي ڏکي لڳي
رهي هئي. ٻئي گهڻي دير تائين اهي خواب لهي
رهيا هئا ته اسان وٽ گهڻي کان گهڻو سونُ آهي،
جنهن مان محلات ٺهرائينداسين ۽ ڪيترا رپيا گڏ
ڪنداسين، جي شايد ئي ڪنهن ٻئي وٽ هجن.
جهرڪي پنهنجي مقرر وقت تي آئي ۽ جڏهن وڏي
ڀاءُ ۽ ان جي زال کي وڏا وڏا ٿيلها کڻي هلڻ
لاءِ تيار ڏٺائين ته نهايت حيران ٿي. پر پوءِ
هنن ساڻ هلڻ لڳي، ويران ۽ سڃي هنڌ تي پهچي هن
هنن ٻنهي کي پنهنجي پٺيءَ تي ويهاريو. سمنڊ،
درياهه ۽ جبل پار ڪندي سوني ٻيٽ ۾ پهتي. اتي
پهچي جهرڪي ٿڪجي هڪ طرف ڪري پيئي. ڇو ته هوءَ
هڪ جي بدران ٻن کي پنهنجن پَرن تي کڻي آئي
هئي. وڏي ڀاءُ پنهنيج زال سان گڏ سونُ ميڙڻ
شروع ڪيو. جڏهن ٿيلها سونَ سان ڀرجي ويا ته
هنن پنهنجي کيسن ۽ ڪپڙن ۾ به سونُ ڀريو.
ٿوري دير کانپوءِ جهرڪي اٿي ۽ هنن کي کڻي واپس
هلڻ لڳي، پر سونِ جي وزن کان هوءَ سهڪي رهي
هئي ۽ وڏيءَ مشڪل سان پنهنجن پَرن کي حرڪت
ڏيئي اڳتي وڌي رهي هئي.
جهرڪيءَ سوچيو ته گذريل سال جڏهن مون ننڍي
ڀاءُ کي آندو هو ته مون تي صرف ايترو بار هو
جو مان برداشت ڪري رهي هيس. هُن سونُ به گهٽ
کنيو هو، پر هن ڀيري مان بار کان مري رهي
آهيان. جهرڪي اهو سوچي رهي هئي ته وڏو ڀاءُ ۽
هن جي زال سونَ جي ٿيلهن کي مضبوطي سان پڪڙي
گهر پهچڻ لاءِ آتا نظر اچي رهيا هئا. هنن کي
اهو احساس به ڪين هو ته ويچاري جهرڪي ايتري
بار وچان سهڪي رهي آهي. آخر جهرڪي اڏامندي اچي
ان سمنڊ وٽ پهتي، جيڪو رستي ۾ هو. اتي پهچي هن
زور سان هڪ رڙ ڪئي ۽ اڏامڻ لاءِ زور سان پَرن
کي جهٽڪو ڏنو، جنهن تي وڏو ڀاءُ پنهنجي زال ۽
سونَ جي ٿيلهن سميت وڃي سمنڊ ۾ ڪِريو ۽ ٻئي
مري ويا. پوءِ جهرڪي هنن جي لالچ ۽ لوڀ جي سزا
ڏسي پنهنجي ٻيٽ تي واپس هلي ويئي.