سنڌيڪار: مولا بخش ڪلهوڙو
(اسپيني ڪهاڻي)
نافرمانيءَ جو نتيجو
گهڻن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته هڪ دفعي هڪ ڪُڪڙِ
پنهنجن آنن مان تيرهن ٻچا ڦوڙيا. انهن تيرهن
چوزن مان ٻارهن ته سٺا، سهڻا ۽ خوبصورت هئا
ليڪن انهن مان هڪ اهڙي عجيب صورت وٺي آيو هو
جو عبرت وچان ڏندين آڱريون ٿي اچي ويون. ان
چوزي جي هڪ اک، هڪ پرُ ۽ هڪ ڄنگهه هئي. مطلب
ته هڪ ئي وقت منڊو ۽ انڌو هو. رڳو اهو ئي نه
پر ان سان گڏوگڏ هن جي چهنب جو هيٺيون حصو به
ڪو نه هو. ڪُڪڙِ هن کي ڏسي ڏاڍو اُداس ٿيندي
هئي، ڊڄندي هئي ۽ چوندي هئي ته اڳتي هلي هي
چوزو ڪهڙي ڪم ايندو، پر الله جي ڳجهه ۾ منهنجي
هٿ اٽڪائڻ جي ڪهڙي ضرورت، هوءَ ائين چئي صبر
سان ويهي رهندي هئي. ٿورن ڏينهن گذرڻ کانپوءِ
چوزو پنهنجي هڪ ڄنگهه کان ڪم وٺي وتندو هو
ڏيڏر وانگر هيڏانهن کان هوڏانهن ٽپڙا ڏيندو.
جيتوڻيڪ منڊو هو، لولو هو پر ائين ٿي ڀانيو ڄڻ
سندس ذهن ۾ شرارت ۽ حرڪت ڀري پئي هئي. شرارت
ته پري رهي، پر ان سان گڏوگڏ نافرمان به هو.
جڏهن به ماڻس هن کي پاڻ ڏانهن سڏيندي هئي ته
هو هاسيڪار وتندو هو لنوائيندو- ڇو ته هن کي
هڪ ڪن آهي، ان ڪري هو چڱي نموني ٻڌي ڪونه ٿو
سگهي. ماڻس کيس سمجهائي سمجهائي ٿڪجي پيئي.
نيٺ چپ ڪري ويهي رهي. آهستي آهستي هو هڪ چوزي
مان ڦري ڪڪڙ بڻجي پيو. ان ڪري هن جون شرارتون
به جوان ٿيڻ لڳيون هيون. پوءِ ته هن ٽنگ تي
ڪڏندو، وتي شرارتون ڪندو.
هڪ ڏينهن هن جي ذهن ۾ هڪ اهڙي اُٻهري ۽ عجيب
رٿ آئي جو ماءُ کي چوڻ لڳو ته ”امان، مان هاڻ
هن زندگيءَ کان بيزار ٿي پيو آهيان. چاهيان ٿو
ته ته ميڊرڊ شهر ڏانهن وڃان. سير جو سير به
ڪري ايندس ۽ بادشاهه کي به ڏسي ايندس.“ ماڻس
سمجهائيندي چيس ته ”هتان شهر ڪافي ڏور آهي،
اڃان تون ننڍو آهين، جڏهن جوان ٿين ته پوءِ
وڃي گهمي اچجانءِ.“ پر ڪڪڙ ڪٿي ٿو مڃي ۽ مڙي.
هڪ ڏينهن لڪي لڪي شهر ميڊرڊ روانو ٿي ويو. سڄي
رستي ۾ خيالي پُلا5 پچائيندو ڪڏندو ڪڏندو،
منڊڪائيندو منڊڪائيندو هلندو رهيو. رستي ۾ هڪ
واه آيو. واه ۾ هڪ جاءِ تي، ڪجهه گندو گارو
پيو هو، ان جي ڪري اتان پاڻيءَ جو وهڪرو ڪجهه
گهٽ پئي وهيو. ڪڪڙ کي پاڻيءَ مدد لاءِ پڪاريو
۽ چيائينس، ”پيارا ڪڪڙ، اچ منهنجي مدد ته ڪر،
هي گند ڪچرو ته پري ڪر جيئن مان ڪجهه اڳتي
اسهي يا وڌي سگهان.“ تنهن تي ڪڪڙ هڪ اک کڻي هن
ڏانهن نهاري چيو، ”معاف ڪجانءِ، مان بادشاهه
ڏانهن شهر ميڊرڊ ٿو وڃان، ان ڪري دير نه ٿي
وڃي، پنهنجي مدد پاڻ ڪر.“
ائين چئي پڇ کي ور وڪڙ ڏيندو اڳتي اڃا وڌيو ئي
مس ته رستي ۾ هن باهه ٻرندي ڏٺي، ان جي ڀرسان
ڪجهه سڪيون ڪاٺيون به پيل هيون ۽ هوڏانهن باهه
وسامڻ تي هئي. ڪڪڙ هڪ آواز ٻڌو جيڪو هن ڏانهن
باهه کان اچي رهيو هو. ”او پيارا پيارا ڪڪڙ،
اچ منهنجي مدد ڪر. مان وسامڻ واري آهيان. تون
ڪجهه ڪاٺيون کڻي منهنجي مٿان وجهه.“ ڪڪڙ منهن
کي ڦنڊائيندي چيو ته ”معاف ڪجانءِ، مان
بادشاهه کي ڏسڻ شهر ميڊرڊ وڃي رهيو آهيان. مون
کي دير ٿي ويندي. پنهنجي مدد پاڻ ڪريو،“ ائين
چئي هو اڳتي هليو.
ورندي صبح جو هڪ جهنگل مان لانگهائو ٿيو ۽ هڪ
وڻ هيٺان ساهي پٽڻ لاءِ ويٺو ته اوچتو ئي
اوچتو هن کي ڪنهن مدد لاءِ پڪاريو: ”او پيارا
ڪارڙا ڪمارڙا ڪڪڙ، مون کي گهاٽن وڻن جي شاخن
سڪ ڪري ڇڏيو آهي. اچ، مون کي انهن کان نجات
ڏيار ته جيئن مان ڪجهه اڳتي وڌي، هلي سگهان.“
اها پڪار هوا جي هئي. ڪڪڙ غصي ۾ اچي ويو ۽
چيائينس ته ”هيءَ ڪهڙي مسخري آهي! مان بادشاهه
ڏانهن شهر ميڊرڊ وڃي رهيو آهيان، تون خوامخواه
منهنجو وقت ٿي زيان ڪرين. مون کان تنهنجو ڪم
ٿي ڪونه سگهندو، پنهنجي مدد پاڻ ڪر.“ ائين
چئي اوچو ڳاٺ ڪري اڳتي هلڻ لڳو. شهر جي اچي
ويجهو پهتو. پري پري کان بادشاهي محل جا مينار
مرڪي رهيا هئا ۽ هيءُ انهن کي ڏسي موٽ ۾ مشڪي
رهيو هو، ۽ خوش ٿي رهيو هو. منڊڪائيندو
منڊڪائيندو نيٺ وڃي محل جي ويجهو پهتو ۽ در
وازي وٽ بيهي بادشاهي مرغ خاني اندر وڃڻ بابت
سوچڻ لڳو. پنهنجي ئي پر ۾ پاڻ کي شاهي مرغ
خاني جو داروغو سمجهي رهيو هو. ٿوري دير در تي
بيٺي ٿيس ته اوچتو ئي اوچتو ڪنهن جو آواز آيو:
”آها! آها! جنهن شيءِ لاءِ مان صبح کان پريشان
هوس اها ته هت ئي ملي ويئي“، ۽ پوءِ ڪنهن جي
مضبوط هٿن ڪڪڙ جي ڳچيءَ کي پڪڙي ورتو. ڪڪڙ
رڙيون ڪرڻ لڳو، ليڪن وريس ڪجهه به ڪونه. هن کي
پڪڙيندڙ شاهي بورچي هو. هو چئي رهيو هو ته مان
هن کي بادشاهه لاءِ پڇائيندس. ڪڪڙ جي ڪنن تي
انهن اکرن ڄڻ تاڙيون چاڙحي ڇڏيون. هيءُ ته
بادشاهه سان ملڻ ۽ ان کي ڏسڻ آيو هو ليڪن هاڻ
ته بادشاهه جو کاڄ ٿي پيو. هو ڪافي لڇيو پڇيو
پر بورچيءَ سندس هڪ به نه ٻڌي ۽ هن کي پر کان
وٺي ڪري پاڻيءَ سان ڀريل ديڳڙيءَ ۾ وجهي ڍڪ
ڏيئي باهه تي چاڙهيائين. ڪڪڙ رڙيون ڪرڻ لڳو پر
ڪو به چارو ڪونه چليس. پاڻيءَ کي چوڻ لڳو:
”پاڻي او پاڻي، مون کي ته نه ٻوڙ، هتان ڪڍ.“
پاڻي مٿو ڌوڻيندي جواب ڏنس ته ”اهو وقت ياد ڪر
ته منهنجي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو“. ائين
چئي ڪڪڙ کي هڪ غوطو کارايائين. ”باهه! ڙي
باهه!“ هاڻ ڪڪڙ باهه سان مخاطب ٿي فرياد ڪرڻ
لڳو: ”منهنجي مدد ڪر مون کي نه ساڙ تون وسامي
وڃ.“ ”ڪڏهن به نه“، باهه جواب ڏنس. ”ٿورو ان
وقت کي ياد ڪر جڏهن مان مصيبت ۾ هيس ۽ تو مون
کي جواب ڏيئي ڇڏيو هو،“ ائين چئي باهه پنهنجي
تپش وڌائي ڇڏي. ان وقت هوا جو اتان گذر ٿيو.
ڪڪڙ ٿورڙي منڍڙي ڪڍي چيس، ”هوا! او هوا!
منهنجي مدد ڪر، مون کي هتان ڪڍ يا نه گهل، ته
نه باهه ٻري نه پاڻي ڪوسو ٿئي ۽ نه مان سڙان“.
هوا هن کي سڃاڻي ورتو ۽ چيو: ”جيتوڻيڪ تو
منهنجي مدد نه ڪئي هئي ليڪن مان تنهنجي مدد
رڪيان ٿي. نه صرف مدد ٿي ڪريان، ليڪن اهڙو ٿي
سبق سيکاريان جو باقي رهندي زندگي به ياد
ڪندين.“ ائين چئي هوا تيز گهلڻ لڳي. ديڳڙيءَ
جو ڍڪ اڏي وڃي پري ڪريو، هوا ڪڪڙ کي ساڻ وٺي
مٿي اُڏڻ لڳي. شهر جي بلند ۽ وڏين عمارتن
مٿان، مينارن مٿان اڏائيندو وڃي هڪ اوچي جاءِ
تي ڦٽو ڪيائينس. ڪڪڙ حيرت جو مجسمو بڻيو هڪ
ٽنگ تي بيٺو هڪ اک سان هيڏي هوڏي تڪڻ لڳو.
تنهن ڳالهه کي ڪو زمانو گذريو، مگر ڪڪڙ اتي ئي
قطب نما بڻيو ماڻهن کي پيو هوا جو رخ ٻڌائي.
نظير احمد شورو
قطب نما جي ڪهاڻي
اڄ ڪلهه دنيا ۾ ايتري ترقي ٿي چڪي آهي جو اچ-
وڃ جا گهڻا وسيلا ۽ آواز جهڙوڪ بيل گاڏي،
گهوڙا، سڙهه ۽ ونجهه پراڻا ۽ بيڪار سمجها وڃن
ٿا. پر سائنسي اوزارن جي ايجاد ٿيڻ کان پوءِ
به قديم دور جي قطب نما کي ساڳي اهميت حاصل
آهي. جتي ڪنهن طرف ۽ منزل جو نشان ڪونه ملندو
آهي، اتي مسافرن جو سڀ کان وڏو سهارو قطب نما
ئي هوندو آهي. جيتوڻيڪ قطب نما ۾ سڌارا آندا
ويا پر اهي ڪي خاص نه آهن. اصل چقمقي اوزار
اڄ به اهڙو ئي آهي جهڙو چوڏهين صديءَ ۾ يا ان
کان اڳ هو. مسافريءَ ۾ ماڻهو ان کي کڻڻ نٿو
وساري.
اها خبر ڪانه پئجي سگهي آهي ته اهو سادو اوزار
ڪنهن ٺاهيو هو ۽ ڪنهن ان کي سڀ کان اول ڪم
آندو. اندازو هي آهي ته سمنڊ جي ڪنهن ملاح وٽ
اهو اوزار موجود هوندو. اوچتو موسم جي خراب ٿي
پئي هوندي. آسمان تي ڪارا ڪڪڙ ڇانئجي ويا
هوندا ۽ ان ڪري تارا لڪي ويا هوندا جن جي
وسيلي طرف معلوم ڪري سگهجي. اهڙي خطرناڪ موقعي
تي اهو اوزار ئي ڪم آيو هوندو،. چئي سگهجي ٿو
ته اهو ڪو اٽليءَ جو رهاڪو يا عرب ملاح هوندو،
جنهن سڀ کان پهرين قطب نما کان ڪم ورتو هوندو.
پر اهو ڪير به هجي ۽ ڪهڙي به ملڪ جو رهاڪو
هجي، ان حقيقت ۾ ڪو شڪ ناهي ته قطب نما جي
ايجاد تاريخ جو سڀ کان وڏو واقعو آهي.
ان بابت گهڻيون ڪهاڻيون مشهور آهن. مثال طور
چيو ويندو آهي ته حضرت عيسيٰ عليھ السلام کان
ٻه هزار سئو سال کن اڳ چين جي ملڪ تي ڪنهن
دشمن حملو ڪيو.ا تفاق سان سخت ڌنڌ ڇانئجي ويو
۽ ڪا خبر نٿي پئي ته فوج کي ڪهڙي طرف وڃڻ جو
حڪم ڏجي. چين جي بادشاهه هڪ اهڙي جنگي گاڏي
ٺهرائي، جنهن وسيلي ڏکڻ جو طرف معلوم ٿي سگهيو
ٿي. پوءِ ان گاڏيءَ جا اڳواڻيءَ ۾ دشمن تي
حملو ڪيو ويو. اهو نٿو چئي سگهجي ته اها گاڏي
چقمق جي اصول تي ٺاهي وئي هئي يا ان وقت تائين
چين جي ماڻهن کي چقمق جي خاصيتن جي خبر پئجي
وئي هئي. البت تاريخ ۾ اها ڳالهه لکيل آهي ته
چين ۾ 1297ع ۾ قطب نما موجود هو.
چين جي ماڻهن کان سواءِ جن ٻين قومن قطب نما
ٺاهيو تن ۾ يوناني، اطالوي (اٽليءَ جا رهاڪو)
۽ عرب شامل آهن. ان ڳالهه جو ذڪر پهريون ڀيرو
هڪ انگريز اليگزينڊر نيڪم جي ڪتاب ۾ آيو آهي.
گهڻي وقت تائين ڪنهن کي چقمق جي اصول جي ڄاڻ
ڪانه هئي ته ڇاجي ڪري قطب نما جي سوئي اتر طرف
رهندي آهي. (يا وري ڏکڻ طرف جيئن چينين پنهنجي
حساب جي لاءِ مناسب سمجهيو.)
اهڙيءَ طرح ڪنهن کي اها خبر ڪانه هئي ته
جاگرافيائي اتر قطب ۽ چقمي اتر قطب هڪ ٻئي کان
بلڪل الڳ ۽ ڌار آهي. ٻي ڳالهه ته چقمقي اتر
قطب هڪڙي مستقل هنڌ تي نٿو رهي، پر جاءِ
بدلائيندو رهندو آهي. چقمقي اتر قطب نقشي تي
سڀ کان پهرين 1831ع ۾ ظاهر ڪيو ويو.
مطلب ته قطب نما جي ايجاد انسانيت جي تاريخ ۽
اچ – وڃ تي جيڪي اثر وڌا تن جو اندازو لڳائڻ
مشڪل آهي. افسوس جو اسان کي نڪا اها خبر آهي
ته قطب نما ڪنهن ايجاد ڪيو ۽ نه وري اهو ڄاڻون
ٿا ته ڪيئن ايجاد ٿيو.