ڇا اوهان کي خبر آهي
ته.........
·
گرمک داس ديوان، ميرپور بٺورو.
1- وڪٽوريا ۾ هڪ اهڙو پٿر آهي، جنهن تي
جنهن مهل سج جا ڪرڻا سنوان پوندا آهن، انهيءَ
مهل پٿر مان نهايت سريلو آواز نڪرندو آهي.
2- ڪانگو جي واديءَ ۾ هڪ اهڙو وڻ آهي،
جنهن تي جيڪڏهن ڪو پکي ويهي ٿو ته انهيءَ وڻ
جا پڻ کيس چوگرد وڪوڙيو وڃن ۽ تيستائين پکي کي
نٿا ڇڏين جيسين اهو سڪي هڏا نٿو ٿئي.
·
اخلاق انصاري، لاڙڪاڻو.
”چئمپين ڏيڏر“
”بمبل“ هڪ قسم جي مک ٿيندي آهي، جيڪا هڪ قسم
جي ڏيڏر جي دلپسند غذا آهي. ان ڪري ان قسم جي
ڏيڏر کي چوندا ئي ”بمبل“ آهن. آسٽريليا ۾ هر
سال جانورن جي هڪ بين الاقوامي ٽورنامينٽ
ٿيندي آهي، جنهن ۾ سڀني ملڪن جا مختلف جانور
حصو وٺندا آهن. اُن سان ٻين جانورن سان گڏ
ڏيڏرن به وڏو ٽپو ڏيڻ ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ هڪ
ڏيڏر جنهن جو نالو ”سائيڊونڊر“ هو مقابلي ۾
پهريون نمبر آيو. ان قسم جي ڏيڏر 17 فوٽ ۽ 11
انچ اوچو ٽپو ڏيئي مقابلو کٽي عالمي چئمپين جو
اعزاز حاصل ڪيو. ان ڏيڏر جي مالڪ کي مختلف
تمغن سان نوازيو ويو، جنهن ۾ 3000 ڊالر رقم
پڻ انعام طور هئي.
انڌي گهر ٺاهيو
هڪ انڌي گهر ٺاهيو! ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي.
فرئنسز-اي- بروڊيٽ هڪ جواهري هو. هن پنهنجي
نظر 50 ورهين جي عمر ۾ وڃائي ٽيهٺ ورهين جي
عمر ۾ جڏهن هر ڪو ماڻهو آرام پسند ڪندو آهي،
هن ڪم شروع ڪيو. هن جاءِ جو نقشو وغيره پاڻ
رٿيو. اڍائي ورهين جي دوران جنهن عرصي ۾ هن
جاءِ ٺاهي تيار ڪئي، هن کي هر هڪ اوزار جي خبر
هئي، ته ڪٿي پيو آهي، ڪم ڪيستائين پورو ٿيو
آهي، هن وٽ ڪيترو سامان جاءِ جوڙڻ لاءِ پيو
آهي ۽ ڪيتري ٻئي سامان جي گهرج ٿيندي. هو اهڙي
نموني سان ڇت تي ڪم ڪندو هو، جيئن سڄا ڪندا
آهن. هن جيڪا جاءِ ٺاهي تيار ڪئي اها ٽه ماڙ
هئي، ان ۾ ست ڪوٺڙيون ۽ غسل خانا وغيره هئا.
·
ستيا پال- جي – ڪنگراڻي، غوثپور.
1- پرنٽنگ پريس جان گائن برگ ايجاد ڪئي.
2- هوائي جهاز رائيٽ براد ران ايجان ڪيو.
3- جيٽ جهاز ڊين فرانڪ ايجاد ڪيو.
4- دنيا ۾ سڀ کان وڏي لائبرري روس ۾ آهي.
5- پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي لائبرري لاهور ۾ آهي.
6- دنيا ۾ سڀ کان پهريائين دل بدلائڻ جي
آپريشن ڊاڪٽر برنارڊ ڪيو.
7- ريل گاڏي جارج اسٽيفن ايجاد ڪئي.
8- برازيل ۾ هڪ پکي آهي جيڪو هڪ ڪلاڪ ۾ 215
ميلن جي رفتار سان اڏامندو آهي. يعني هڪ منٽ ۾
ذري گهٽ 16 ميلن جي رفتار سان اڏامي ٿو.
9- پستول 1335ع ۾ ڪولٽ ايجاد ڪيو.
10- ٽيليويزن 1926ع ۾ بيئرڊ ايجاد ڪئي.
پرولي ته ڀڃ
·
محمد اسحاق کٽي، ميرپوربٺورو.
(1) هيڏڙي تر جيتري پر ميرن جا ٿي پٽڪا لاهي.
·
مظفر علي قريشي، نواب شاهه.
(2) چار ڀائر بوهه ۾ ڀائيوار،
پر وهن ٿا ڌار ڌار!
(3) پوريل چئي ٽنگيل کي، ته پاڻ ڪڏهن نه ڪڏهن
ملنداسين.
·
الهورايو ڄامڙو، شڪارپور.
(4) هڪ چونڪ، جنهن مان نڪرن پنج رستا، ڪو رستو
وڏو ته ڪو وري ننڍو.
(5) اکيون ٻوٽڻ سان هوءَ نظر اچي، کولڻ سان
اچانڪ غائب.
·
سيف الله ساند، پهڻاريو (ٿر)
(6) ڪاري ڳئون، ڳاڙهو گابو، جتي رسي اتي دسي.
·
الاهي بخش ”زخم“، خانپور.
(7) اڇو ننڍڙو قبو آهي،
جنهن کي در ۽ دروازو ناهي،
ان ۾ اندر ڪنهن جو ٻچو آهي،
ٻارو! ٻڌايو ته اهو ڇا آهي؟
·
عبدالستار نظاماڻي، راڄونظاماڻي.
(8) مڙه مٽي جو ڪنڌ ڪپهه جو لڳيس واءُ وڃيس ساهه.
·
اندر لعل جيسراڻي، قمبر.
(9) سائي پاٽ ڳاڙو ڀت.
·
افسر حسين شاهه، شڪارپور.
(10) ٻه هٿ هاج لاءِ، پر نه پير نه پٻ،
انڌو پاڻ اکين کان سڄن ڏسي دڳ،
هر دم آهه حساب ۾ هاڻي توڙي اڳ،
پياري کي پساه سان سانڍي سارو جڳ.
(11) نه ڪي وڄ نه ڪڪر آهه،
ڌرتيءَ تي پاڻي اُڀ ۾ باهه،
گجگوڙ به گهڻي ڌڌڪو ڪري واءُ.
(12) ڏينهان ڏسجي ڪينڪي، راتيان روشن،
ماڻهو پيا مامري، پکي پيا پڇن،
هلڻ هاڪاري سندو، بنا نور اکين.
·
مشتاق احمد سومرو، سڪرنڊ.
(13) هٿ جيڏو پاڻ ولايت ٿو گهمي.
·
محمد شعبان نوناري، ڪنڌڪوٽ.
(14) ٽچڪ ٽچڪ ٽي ڄنگها، ڪاٺ ڪلهي تي، ٽوپ مٿي
تي.
(15) دنبو گهيٽو دنبي دار آنا لاهي سئو هزار.
·
راجه اندر ڪنگراڻي، ڪنڌڪوٽ.
(16) جان وڃان اوطاق تي ڏٺم توبهه زاري، سورهن
ڌيئر ٿي پٽ، اڃا پاڻ ڪنواري.
(17) وڙ وڙ وڪڙ نانگ وانگي پر نانگ به نه آهي،
ڪوٽ وانگر ڪونگرا پر ڪوٽ به نه آهي، سمهي
ٿوڪنوار سان پر گهوٽ به نه آهي.
·
اڪرم سومرو، خانپور.
(18) اُڏامي ٿو عرش تي پر پکي به نه آهي، ڪن
پڇ اٿس ڪُئي جهڙا پر ڪئو به نه آهي. ڏينهن جو
ويهي ٿو حجري ۾ پر ملان به نه آهي، اوندهه ۾
ٿور اُلرون ڪري پر چور به نه آهي.
ٻڌايو ته باقي ڇا آهي؟
(19) هيٺان ڍنڍ مٿان کورو، جيڏانهن ڇڪي
اوڏانهن پورو.
(20) بري ٻڪري بادشاهه جي ڪک پن چَري ته جيئي،
پاڻي پيئي ته مريو وڃي.
ڀڃڻي
(1)جونءَ (2) ٿڻ (3) بصر ۽ واڱڻ (4) هٿ ۽
آڱريون (5) اوندهه (6) بندوق (7) ڪڪڙ جو آنو
(8) ڏيئو (9) هنداڻو (10) واچ (11) حقو (12)
چمڙو (13) خط (14) چلهه ۽ ديڳڙي (15) چنڊ ۽
تارا (16) چوپڙ (17) هسي (18) چمڙو (19) چلم
(20) باهه.