سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل مارچ، جون 1964ع

باب: --

صفحو :9

خوش قسمتيءَ سان ڪوٽڏيجيءَ جي کوٽائيءَ ۾ سم جو مسئلو پيش ڪونه آيو، جنهن ڪري اتي زمين جي هيٺانهن طبقن ۾ به کوٽائي ٿي سگهي. انهن طبقن مان لڌل اوائلي تهذيب جي نشانن مان گمان ٿي رهيو آهي، ته اها تهذيب هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي اوائلي تهذيب جيتري (يا ته ان کان به ٻه-ٽي سئو ورهيه وڌيڪ؟) پراڻي آهي.

ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ جاين ۽ گهٽين جو نمونو

ڪوٽڏيجي، خيرپور شهر کان ڏکڻ طرف، پندرهن ميل پري آهي. اهو شهر اڃا به آباد آهي ۽ چڱو چهچٽو اٿس. شهر جي هڪ طرف ميرن جو ٺهرايل پراڻو قلعوآهي. ڦٽل تاريخي شهر جا نشان انهيءَ قلعي جي ٻئي پاسي آهن. انهن ڦٽل نشانن ۽ قلعي جي وچ واري هنڌ تان ڪراچيءَ کان لاهور ويندڙ شاهي رستو لنگهي ٿو.

ڦٽل شهر جا نشان اوڀر کان اولهه طرف ڦهليل آهن. انهن جي ڊيگهه اٽڪل ڇهه سئو فوٽ آهي ۽ ويڪر چار سئو فوٽ. ڀر واريءَ زمين جي سطح کان انهن جي سطح چاليهه فوٽ اوچي آهي.

ڦٽل شهر جي سر زمين اصلي حالت کان گهڻي قدر بدليل آهي، ڇاڪاڻ ته بعد واري زماني ۾ مقامي ماڻهن اتان مٽي ۽ پٿر ڪڍي، ٻين هنڌن تي استعمال پئي ڪيا آهن.

ڪوٽڏيجيءَ وٽ کوٽائيءَ جو ڪم نومبر 1955ع ۾ شروع ٿيو، جو فقط هڪ مهينو هليو. پر انهيءَ ٿورڙي عرصي ۾ به تمام سُٺا نتيجا نڪتا. انهيءَ کوٽائيءَ مان، نه فقط موهن جي دڙي واريءَ تهذيب سان واسطو رکندڙ هڪ قديمي وسندڙ شهر جي زندگي ۽ تهذيب ظاهر ٿي، پر هڪ نئينءَ شيءَ جو نشان پڻ مليو. جيئن ته کوٽائي ٿوري ٿي هئي، ان ڪري انهيءَ نئين نشان جي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ 1958ع جي آڪٽوبر مهيني جي وچ ڌاري وري کوٽائي شروع ڪئي ويئي، جا ڊسمبر جي آخر ڌاري پوري ٿي.

انهيءَ کوٽائيءَ مان معلوم ٿيو ته قديم شهر ٻن حصن ۾ ورهايل هو: هڪ قلعي ۽ شهر وارو حصو، جنهن جي ڊيگهه پنج سئو فوٽ، ويڪر ساڍا ٽي سئو فوٽ ۽ اوچائي چاليهه فوٽ هئي، ٻيو شهر جي پسگردائيءَ وارو حصو، جنهن ۾ رازا ۽ ٻيا ڪاريگر ماڻهو رهندڙ هوندا.

ڪوٽڏيجيءَ مان لڌل ٺڪر جو ٿانُ، جنهن تي مڇيءَ جي ڇلرن وانگر چِٽَ آهن.

قلعي جي مٿانهن قبطن ۾، وڏا ڪشادا ڪمرا کوٽايا ويا آهن، جن جي ڀتين جو بنياد پٿر جو آهي ۽ مٿي ڪچين سرن جي اڏاوت آهي. انهن ڪمرن جون ڇتيون، جيڪي شايد گاري لڳل ڪانن جي پَترُن (ڪِڙين) جون ٺهيل هيون،سي صفا ڊهي ويون آهن. فرش ڪچين سرن جا آهن، جن تي ٺڪر جا مٽ، وڏا دِلا ۽ گُنديون رکيل آهن. انهن سان گڏ ٻيون ڪيئي دلچسپ شيون، جهڙوڪ ٻارن جي راند لاءِ ٺڪر جون گاڏيون، کينهوڙا، ٺڪر ۽ پٿر جا بلور، هار، ڪنگڻ، موتي، جانورن جي شڪلين تي ٺهيل رانديڪا، ديوتائن جو مورتيون، پتل مان ٺهيل تيرن جون چهنبون، ۽ چڱي نموني ۾ ٺهيل پٿر جا اوزار به لڌا آهن. ڪن ڪن گهرن ۾ وڏا تنور لڌا آهن، جي ڪوٽڏيجيءَ جي ماڻهن جي سڌ ريل رهڻي ڪهڻي ۽ منجهن پورهئي جي ورڇ جي نظام جو ثبوت پيش ڪن ٿا. ڪوٽ جي هيٺين حصن ۾، ڪچين سرن جون تمام ٿلهيون ڀتيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ڪن هنڌن تي ڀتين جي ٿولهه پنجن فوٽن کان به وڌيڪ آهي.

ڪوٽڏيجيءَ ۾ اڏاوت جي ڪمن ۾ سڀني کان حيرت انگريز اڏاوت شهر جي چوڌاري ڏنل ڪوٽ جي آهي. ڪوٽ جي ڀت تمام ٿلهي ۽ اوچي آهي. ان جي بنياد ۾ پٿر ڪم آندل آهي. مٿي مٽيءَ جون ڪچيون سرون استعمال ٿيل آهن. وڌيڪ صفائي ڪرڻ سان، اوڀر- اولهه طرف تي، وڏا پٿر، گاري سان لِنبيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اندرئين پاسي تي گارو لڳل ڪونهي. ڀانئجي ٿو ته ڪنهن ڳالهه ڪري، ڪوٽ جي ڀت لڙي پيئي آهي، انهيءَ ڪري اتر- اوڀر واريءَ ڪنڊ وٽ اڍائن فوٽن جي ٿلهي ٽيڪ ڏنل اٿس.

ڀت جي ٻاهران مضبوط برج ٺهيل آهن، جي هڪ جيتري مفاصلي تي آهن. هڪڙو برج اتر-اوڀر جي ڪنڊ وٽ آهي، جنهن جي ڊيگهه ٻٽيهه فوٽ ۽ ويڪر ويهه فوٽ آهي. اوڀر پاسي اهو برج اندر ڏي لڙي وڃي ٿو ۽ پٿر جي هڪ ٿُلهيءَ ديوار سان وڃي ملي ٿو. پيڙهه وٽ ڪوٽ جي ڀت تمام ٿلهي آهي. ان جو پٿر مان ٺهيل هيٺيون حصو ٻارهن فوٽ اوچو آهي، جنهن جي مٿان ڪچسري اڏاوت ٻه فوٽ ٿيندي.

اتر پاسي کان ڀت کي هڪ سئو اَٺن فوٽن تائين صاف ڪيو ويو آهي. اتي ان جي اوچائي ساڍا پنج فوٽ آهي. اولهه ۽ ڏکڻ واريون ڪنڊون ڊٺل حالت ۾ آهن. اندر رهڻ واريون جايون، ڪوٽ جي ڀت سان لڳل هيون، ڄڻ ته ڪوٽ جي ڀت، گهرن جي پُٺ هوندي هئي.

ڪوٽڏيجيءَ جي آخرين ڏينهن ۾، ڪوٽ جي ڀت بيڪار ٿي چڪي هئي ۽ ڪري دڙا ٿي پيئي هئي. پوءِ انهن دڙن تي شهر جي رهاڪن پنهنجا گهر ٺاهيا هئا.

ڪوٽڏيجيءَ جو اهو ڪوٽ، پاڪستان- هندستان جي انتهائي اوائلي ڪوٽ وارن شهرن جي يادگيري ڏياري ٿو. هي ڪوٽ ۽ شهر ڪنهن انتهائي منظم قوم جو ٺاهيل ٿو ڏسجي، ڇو ته ايڏيءَ ٿلهيءَ ڀت کي جوڙڻ ۾ جيڪو پورهيو لڳو هوندو، ان ۾ ضرور گهڻن جو هٿ هوندو.

 

ڪوٽڏيجيءَ مان لڌل ٺڪر جا ٿانوَ ۽ رانديڪا

ڪوٽڏيجيءَ جي رهاڪن سهڻا ۽ وڻندڙ ٺڪر جا ٿانو ٺاهيا هئا. مٽيءَ کي تمام سنهون پيهي، ان مان مسالو ٺاهيو هو. گلابي ۽ ڳاڙهي رنگ جي مٽي استعمال ڪئي هئي. ٺڪر جي ٿانون تي سهڻا چٽ ڪڍيا هئا. ڪن ٿانون تي ڳچيءَ وٽ وڏيون ڳاڙهيون رنگين پٽيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ڪن تي وري ڀوري ۽ گهاٽي ڳاڙهي رنگ جون پٽيون نڪتل آهن.

ڪن ٿانون تي ٻين رنگن وارا چٽ به نڪتل آهن. مڇيءَ جي ڇلرن جي نموني ۾ نڪتل چِٽ ۽ ورن وڪڙن وارا ليڪا، ڪاري رنگ ۾ ڏاڍا سهڻا ڪڍيا اٿن. سڱن واري ديوتا جي مورتي، ٺڪر جي ٿانون تي ٻن رنگن:ڪاري ۽ اڇي ۾ آهي- اهو ڪوٽڏيجيءَ جي باشندن جو خاص فن آهي. اهڙي ڪاريگري، پاڪستان ۽ هندستان جي ٻين علائقن ۾ اڃا تائين نه ڏٺي ويئي آهي.

ٺڪرسازيءَ جا ٻيا خاص نمونا هي آهن: گهڙوچيءَ (گهڙامنجي) تي رکيل ٿانو، کليل دلا ۽ برنيون جن جا منهن سوڙها ۽ ترا ويڪرا آهن، اُڀيون ۽ ڊگهيون وڏي منهن واريون ديڳڙيون، دٻڪيون ۽ ٿالهيون، ننڍڙا ننڍڙا ٺڪر جا ٿانو، پيالا ۽ وٽا.

ڪوٽڏيجيءَ جي تهذيب ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب ۾ ڪو گهڻو تفاوت ڪونهي. البت، ايترو آهي ته ڪوٽڏيجيءَ جي رهاڪن جا ٿانوَ سادا ۽ ڪچي نموني تي ٺهيل آهن. بنيادي طرح، ٻنهي هنڌن جي تهذيب ساڳي آهي. موهن جي دڙي جا ٿانوَ ۽ گهرو استعمال جون ٻيون شيون مضبوط  ٿلهيون ٺهيل آهن. البت ٻنهي هنڌن تان لڌل شين ۾ سينگار، چٽ ۽ رنگ جو تفاوت آهي. اهو تفاوت ٻڌائي ٿو ته ڪوٽڏيجيءَ جي تهذيب موهن جي دڙي جي ابتدائي تهذيب واري دور جي لڳ ڀڳ هئي.

ٺڪر جو ڪم، جيتوڻيڪ بناوت رنگ ۽ چٽن ۾ مختلف آهي، تنهن هوندي به پختو ۽ مضبوط آهي. ڪشادين پٽين تي چٽ سهڻن رنگن ۾ نڪتل آهن. ڪارن رنگن ۾ سڌا ۽ ورن وڪڙن وارا ڪڍيل ليڪا ته پنهنجو مٽ پاڻ آهن.

ڪوٽڏيجيءَ جي رهاڪن ڪاري رنگ کي ڪم آندو آهي، ته هڙپا ۽ موهن جي دڙي وارن ڳاڙهي رنگ کي استعمال ڪيو آهي. ٺڪر  جي ڪم ۾ اهو فرق ڏسي، ڪن ماهرن گمان ظاهر ڪيو آهي ته ڪوٽڏيجيءَ جي تهذيب، موهن جي دڙي ۽ هڙپا کان پراڻي آهي، پر اها ڪا ڀروسي جوڳي ثابتي ڪانهي.

ڪوٽڏيجيءَ جي باشندن جي رهڻي ڪرڻي تمام نرالي هئي. اهي ڪچين سرن مان ٺهيل جاين ۾ رهندا هئا. زالون موتين مان ٺهيل هار پائينديون هيون. سِپ جا ڪنگڻ ۽ بادامي رنگ جي مٽيءَ مان ٺهيل چوڙيون زالن جا عام زيور هئا.

ٻارن جا رانديڪا پٿر مان ٺهيل هئا. پٿر جو کينهوڙو، ننڍڙا مَٽ ۽ سپ جا ٺهيل رانديڪا ٻارن کي گهڻو وڻندا هئا.

پٿر مان ٺهيل ڪي دلچسپ شيون پڻ لڌيون ويون آهن، جيئن ته ڪاتيون، ڇريون، نيزن جون چهنبون ۽ ڏاٽي وانگر ڪاتيون، جي پٿر کي گهڙي ٺاهيون ويون آهن. پڪل مٽيءَ مان ٺهيل ڏاند جي شڪل جو رانديڪو ڏسڻ وٽان آهي. ان جون وڏيون ناسون ۽ ننڍڙا تکا چهنبدار سنڱ سهڻي نموني ۾ ٺهيل آهن.

سنڌو ماٿريءَ جا رانديڪا بناوت ۾ بلوچستان مان لڌل رانديڪن کان نرالي نموني جا آهن. ڏاند جي شڪل واري انهيءَ رانديڪي جي مشابهت ’سوسا‘ شهر مان لڌل ڏاند جهڙي رانديڪي سان ڪري سگهجي ٿي. ’سوسا‘جو ڏاند وارو رانديڪو، واڱڻائي رنگ جي ٺڪر مان ٺهيل آهي. اهو حضرت عيسيٰ کان 2800 يا 2700 ورهيه اڳ جو ٺهيل آهي. ’سوسا‘، ايران جي ڏکڻ –اولهه طرف هڪ قديم شهر آهي.

اهڙيءَ ريت، اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته ڪوٽڏيجيءَ جي تهذيب، دنيا جي ابتدائي تهذيبن جي برابري ڪري ٿي. وڏي دلچسپيءَ واري ڳالهه هيءَ آهي ته ڪوٽڏيجيءَ ۾ سادا ۽ رنگين ڪنگڻ لڌا آهن. ٻيون ننڍڙيون شيون جهڙوڪ: موتيءَ جا داڻا، کينهون، بلور، ٺڪر جون ٿالهيون ۽ راند جا تراکڙا ٿانو، ٺڪر ۽ سپ جا ٺهيل رانديڪا ۽ ٺڪر مان ٺهيل رنگين موتي به هٿ لڳا آهن.

ٻار بلورن سان راند ڪندا هئا، پر ڪي بلور ته ايتريقدر اعليٰ نموني جا آهن، جو ڀانئجي ٿو ته اهي ٻارن جي راند جا ٿي نٿا سگهن. بادامي رنگ جا ٺهيل ٺڪر جا نمونا لڌا ويا آهن. ڳاڙهيءَ گجر وانگر ٺهيل ٺِڪر جا ٽڪنڊا ٽُڪرا سمجهه کان ٻاهر آهن. خيال آهي ته اهي سُٽ ويڙهڻ جا ڍيرا هوندا. عراق ۾ اهڙن ٽڪرن کي ديوارن کي سينگارڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو.

ڪوٽ جي مٿئين سڄي کوٽيل حصي ۾، سڙيل شين جي خاڪ جا تهه آهن. ڀانئجي ٿو ته ڪا وڏي باهه شهر کي لڳي آهي، جنهن ۾ سڄو شهر سڙي ويو آهي. شهر جي ٻاهران، هيٺانهن هنڌن ۾ به وڏيءَ ايراضيءَ ۾ سڙيل شين جي رک جا هڪساريڪا تهه ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪوٽڏيجيءَ جي بستيءَ کي، ڪنهن باهه لڳڻ جي واقعي ڪري مڪمل برباديءَ جو منهن ڏسڻو پيو آهي.

شهر جي ڏکڻ واري ڀاڱي ۾ واريءَ جا دڙا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. آنو مان ڪجي ٿو ته اڳئين زماني ۾ ڪوٽڏيجيءَ جي هيٺان وهندڙ درياءَ جي ڪنهن شاخ وقت بوقت اٿلون کاڌيون هونديون، تنهن ڪري واريءَ جا تهه ٺهي پيا  آهن. انهيءَ ئي هنڌ تي، هڪ وڏيءَ ناليءَ مان چن جا وڏا پٿر به کوٽي ڪڍيا ويا آهن. ٿي سگهي ٿو ته اهي پٿر ٻوڏ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ ڪم آندا ويا هجن. ان ڪري ڪوٽڏيجيءَ جي تباهي ٻوڏ جي ڪري به ٿي سگهي ٿي.

موهن جي دڙي مان، حضرت عيسيٰ کان اڳي ۽ پوءِ واري زماني جي ڪيترين لڌل شين جون تاريخي قدامتون ٿوريءَ يا گهڻيءَ خاطريءَ سان مقرر ڪري سگهجن ٿيون، ڇاڪاڻ ته اولهه-ايشيا جي ٻين قديم شهرن مان انهيءَ دور جون ڪي لڌل شيون انهن سان مشابهت رکن ٿيون. عراق ۾ ٿيل کوٽاين مان ڪجهه سڪا، مهرون ۽ ڪي ٻيون اهڙيون شيون هٿ لڳيون آهن، جي هڙپا ۽ موهن جي دڙي منجهان حضرت عيسيٰ کان 2250 سال اڳ واريءَ تهذيب جي تهه مان نڪتل شين جهڙيون آهن. انهن ۾ ڪي شيون خاص طور قابل ذڪر آهن: مثلاً، عراق جهڙيون ڊگهيون گول مهرون، جن تي هاٿيءَ، گينڊي ۽ واڳونءَ جهڙن سنڌوءَ ماٿريءَ جي جانورن جون شڪليون نڪتل آهن. سڱن وارن ديوتائن جي شڪلين واريون مهرون، جي پڻ عراق وارن ديوتائن جي مورتين سان مشابهت رکن ٿيون. چهنبدار ٺڪر جا سامان، جي تل –اثمر ۾ لڌا ويا آهن. هڪ ٿانو جو ٽڪرو لڌو ويو آهي، جنهن تي هلڪي سائي رنگ جو روغن چڙهيل آهي. اهڙي نموني جو ٿانءُ، عراق ۽ مصر ۾ به مليو آهي. سوراخدار موتين جو هار، سپ جون منڊيون ۽ چٽيل پٿر جو سامان به مليو آهي، جن جهڙيون شيون مڪران ۽ عراق ۾ به لڌيون آهن.

اهڙيون هڪجهڙايون ۽ مشابهتون ٻڌائين ٿيون ته انهن تهذيبن وارن هنڌن جي وچ ۾، ڪنهن وقت واپار هلندڙ هو. اهي تمام اهم نشانيون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن مان خبر پوي ٿي ته هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب حضرت عيسيٰ کان 2350 سال اڳ واري زماني کان به اول عروج تي هئي ۽ اها پنهنجي رنگ ڍنگ جي هڪ نئين تهذيب هئي.

جيڪڏهن هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ سامريءَ جي تهذيب جو لاڳاپو رڳو واپار جي ناتي ڪري رهيو آهي ۽ اهڙي ڪا ثابتي ڪانهي ته انهن ٻنهي تهذيبن جي شروعات هڪ ئي مرڪز مان ٿي، ته پوءِ موهن جي دڙي جي دريافت اڃا به وڏيءَ اهميت واري آهي، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته موهن جي دڙي جي تهذيب ٻاهران آيل نه هئي، بلڪه سنڌو ماٿريءَ ۾ ئي وڌندي ۽ ترقي ڪندي، ڪمال کي پهتي.

هڙپا، موهن جي دڙي ۽ ڪوٽڏيجيءَ جا رهاڪو اصل ڪٿان آيا، تنهن جو اڃا تائين ڪو پتو پئجي نه سگهيو آهي، ڇاڪان ته سنڌو ماٿريءَ ۾ مختلف هنڌن تي هن وقت تائين ڪيل کوٽاين ۾ انهيءَ تهذيب جي شروعات يا بنياد جو ڪو نشان نه ملي سگهيو آهي.


 

شمشير الحيدري

سئٽزرلئنڊ

دنيا جو هڪ نرالو ملڪ

 

سڄيءَ دنيا ۾ سئٽزرلئنڊ جهڙو سهڻو ۽ سُکيو ملڪ ٻيو ڪونهي. چوندائي اٿس ”يورپ جو باغ.“ دنيا جا بهترين قدرتي نظارا اُتي آهن. چوڌاري آلپائين جبلن سان گهيريل آهي، جن جون ٻارهو ئي چهچ سايون ماٿريون ائين ڏسبيون آهن، ڄڻ ته سڄيءَ زمين تي ساوا غاليچا وڇايل آهن. سمورا شهر شفاف ڍنڍن ۽ ندين جي بنهه ڪنارن تي ٺهيل آهن، جن ۾ تمام گهڻا باغ باغيچا آهن. سچ پچ ته سڄو ئي ملڪ هڪڙو وڏو باغيچو آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ سڄيءَ دنيا مان ساڍا ڏهه لک ماڻهو، هر سال گهمڻ ايندا آهن.

اقتصادي ۽ سماجي حالتون:

ملڪ ۾ ڪا معدني کاڻ ڪانهي ۽ زمين جي آباديءَ مان به ايتري اُپت ڪانهي، جو ماڻهو ان تي سڄو مدار رکي گذارين. پر محنتي ۽ سياڻن ماڻهن پنهنجي ملڪ کي جو ههڙو گلزار بنائي ڇڏيو آهي، سو ٻاهران ايندڙ سياحن مان ئي خاصي ڪمائي ڪريو وٺن. هو دنيا ۾ بهترين هوٽلن وارا مشهور آهن. ڏاڍا ذهين ۽ سمجهو آهن، ۽ منجهن ڪم ڪرڻ جي ايڏي ته سٺي صلاحيت آهي جو ڪنهن به وڏيءَ پيداوار جي اڻهوند ۾، سندن زندگيءَ جو سراسري معيار، دنيا جي ڪنهن به شاهوڪار ۽ سڌريل ملڪ جي ماڻهن کان ڪنهن به طرح گهٽ نه آهي.

پورهئي ۽ دولت جي ورڇ ۾، سڄيءَ انساني تاريخ ۾، هن ملڪ جهڙو مثال ڪونهي. اتي ڪوبه گندو ۽ اڻسڌريل پاڙو ڪونهي. سڀ ماڻهو ڪِرت وارا، پنهنجن پيرن تي بيٺل ۽ پنهنجيءَ هوند وارا آهن. هڪڙي مُک ڳالهه هن ملڪ ۾ اها آهي، جو هتي صحيح معنيٰ ۾ غربت آهي ئي ڪانه! بيشڪ، جابلو ڳوٺاڻا هاري آهن، جيڪي ٻين جي ڀيٽ ۾ غريب آهن، ڇو ته جبلن تي رهندي هو ايترو ڪمائي نٿا سگهن، پر تڏهن به هو پنهنجين مڙني ضرورتن کي منهن ڏيڻ جي حالت ۾ آهن. سڀني هارين کي گهڻو ڪري پنهنجي زمين آهي، ڇو ته زميداري ۽ جاگيرداري بند آهي.

ڪارخانا وڏن شهرن ۾ ڳاهٽ ٿيل ڪين آهن، پر سڄي ملڪ ۾ پکڙيل آهن ۽ انهن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي وڏي حصي وٽ پنهنجون زمينون آهن. جڏهن ڪارخانا ڪجهه وقت لاءِ بند ٿيندا آهن، تڏهن هو ڳوٺ وڃي زمينون آباد ڪندا آهن. سستيءَ ۽ بيڪاريءَ کي برداشت اصل ڪونه ڪن، ڇو ته اُتي هر ڪنهن لاءِ ڪافي ڪم موجود آهي- جيتوڻيڪ گهڻا ماڻهو ڪاروبار سانگي ٻاهرين ملڪن ۾ به ويندا آهن.

هتي جي مُک صنعت آهي ”ڊيئري فارم.“ کير مان چاڪليٽ وغيره ٺاهيندا آهن، جيڪي يورپ جي ملڪن ۾ گهڻو مشهور آهن. کير جو گهڻو حصو مشينن ذريعي سُڪائي، دٻن ۾ بند ڪري، سڀني ٻاهرين ملڪن ۾ موڪليندا آهن. آلپائين جبلن جا چراگاهه عام ملڪيت آهن، جن ۾ هر ڪو هاري، مال جي تعداد ۽ ضرورت آهر، پنهنجو مال چاريندو آهي.

ڪردار جي بلندي: سڀ ماڻهو پنهنجي ملڪ ۽ شهر کي صاف رکڻ چاهيندا آهن، بلڪه ٻارن کي ته اسڪولن ۾ پنهنجي گهر ۽ شهر کي صاف رکڻ جي خاص تربيت ڏني ويندي آهي. ماڻهو ايماندار اهڙا، جو ملڪ ۾ چوريءَ جو نالو ئي ڪونهي. ٻي ڪا چڱي جاءِ نه ڏسجي، ته اوهين پنهنجو ڪهڙو به قيمتي ڪوٽ، ٽوپلو وغيره، رستي تي ڀر واري بجليءَ جي ٿنڀي تي ٽنگي، ڀل ڪيتريءَ به دير لاءِ هليا وڃو. ڪو به اُتان ڪونه کڻندو. رنگ، نسل، مذهب، ذات پات ۽ اميري- غريبيءَ جي فرق کي ماڻهو خيال ۾ ئي ڪونه آڻين.

ملڪ جي انتظام جو مثال هيءُ آهي ته جيڪڏهن زيورچ شهر ۾ صبح جي ڇهين بجي ٽپال ۾ ڪو خط وجهبو، ته اُهو اٺين بجي کان اڳ ئي يعني فقط ٻن ڪلاڪن اندر، واسطيدار ماڻهوءَ کي ملي ويندو. سئٽرزلئنڊ جا ماڻهو  سڄي ملڪ جو سرشتو اهڙي ئي خاص ڍنگ سان هلائين ٿا.

ڪوبه ڪم سڀني جي صلاح کانسواءِ ڪونه ٿئي. پندرهين پندرهين ڏينهن، ملڪ جا سڀ مرد ماڻهو اچي شهر يا ڳوٺ جي مقرر ٿيل ووٽن واريءَ جاءِ تي گڏ ٿين- پوءِ اتي سڀني ڳالهين جو نبيرو ڪن. اُتي سدائين پيا ووٽ هلن. ننڍي کان ننڍو ۽ وڏي کان وڏو، ڪهڙو به مسئلو هجي- - دنيا سان ڪاروهنوار جو يا پنهنجي ڳوٺ راڄ جو –ووٽن واري هنڌ اچي، گڏجي نبريندا آهن. ڪو اسڪول کولڻو هوندن يا ڪو ماستر مقرر ڪرڻو هوندن، ته ان لاءِ به ووٽ وٺندا! ماڻهو سڀ سمجهُو ۽ زيرباريءَ کان آجا آهن، تنهن ڪري ووٽ غلط اصل ڪونه ڏين. ملڪ يا شهر جي ذري پُرزي معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ ۽ عام راءِ سان ڪم ڪرڻ، هن ملڪ جي سياست جو روح آهي. دراصل، اهو اڳوڻي وقت جي پنچائت وارو نمونو آهي، جنهن ۾ هٿ مٿي کڻي، ماڻهو پنهنجي راءِ ڏيندا هئا، ۽ پوءِ گهڻن جي مرضيءَ موجب فيصلو ڪيو ويندو هو.

ترقيءَ جو راز: سئٽزرلئنڊ جا ماڻهو فوجي ڇانوڻيون وغيره اصل پسند ڪونه ڪن. هونئن سڄي ملڪ جا ماڻهو تربيت يافتا سپاهي آهن. هر ڪنهن وٽ بندوق، ڪارتوس ۽ فوجي ڊريس گهر ۾ موجود هوندي آهي. اهڙيءَ طرح، فوج تي جدا خرچ ڪونه ٿئي.  ڇو ته ملڪ جي ڪا باقاعدي فوج رکيل نه آهي. ٻين ملڪن ۾ فوج تي ملڪ جي اُپت جو تمام ڳرو خرچ ٿيندو آهي - - سراسري طرح، اُپت جو  اڌو اڌ حصو، يا ڪن ملڪن ۾ اڃا به وڌيڪ، تنهن ڪري زندگيءَ جي بنيادي گُهرجن ۽ ملڪي ترقيءَ جي معاملن تي ان جو خراب اثر پوندو آهي. گذريل ٻنهي مهاڀاري لڙائين ۾ سئٽزرلئنڊ جو ملڪ   جنگ ۾ حصي وٺڻ کان پري رهيو. پر پنهنجي راءِ ظاهر ڪرڻ جي کُلي آزادي آهي، ۽ ان جو ملڪ جي عملي سياست سان ڪوبه واسطو ڪونهي. ان ڪري، جيتوڻيڪ گذريل وڏيءَ جنگ ۾، سئٽزرلئنڊ غير جانبداريءَ جي پاليسي اختيار ڪئي، پر تڏهن به ملڪ جي سڀني ماڻهن، اخبارن توڙي حڪومت، هٽلر لاءِ ظاهر ظهور مخالفت جو اظهار ڪيو. هيءُ ملڪ ٻين ملڪن تي قبضي ڪرڻ جي خيال کان بنهه پري آهي. ملڪ کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ ۽ اُن ۾ امن امان رکڻ ئي هتي جي ماڻهن جو مقصد آهي. عالمي جنگين ۾ غير جانبدار رهندي به، دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ مختلف ملڪن جي نمائندن جون تاريخي ڪانفرنسون، هميشھ هن ملڪ ۾ ٿينديون رهيون آهن. 1922ع ۾، هن ملڪ، ”اقوام متحده“ جي مرڪز طور استعمال ڪرڻ لاءِ، جنيوا شهر ۾ پنهنجي زمين پيش ڪئي. اِها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي جو هڪڙي طرف ته سڀيئي ماڻهو جنگجو  سپاهي آهن، ته ٻئي طرف عالمي امن جا زبردست شيدائي! دراصل سندن امن پسنديءَ واري جذبي جو بنياد اهو ئي آهي، ته هُو پنهنجن اَبن ڏاڏن جي قائم ڪيل ملڪ سان بيحد محبت ڪن ٿا. تنهنڪري، ان جي ترقيءَ ۽ حفاظت خاطر، دنيا ۾ امن ۽ سلامتيءَ واري ماحول کي به ضروري ٿا سمجهن.

سخت قاعدا: سئٽزرلئنڊ جا ماڻهو قاعدن قانونن جي پابندي تمام سختيءَ سان ڪندا آهن. نوان قاعدا قانون به ووٽن واريءَ جاءِ تي گڏجي ٺاهيندا آهن. سئٽزرلئنڊ جي گاديءَ وارو شهر زيورچ، قاعدن قانونن جي سخت پابنديءَ ڪري دنيا جو تمام ڏکيو شهر آهي.

بهار جي موسم ۾ اُتي هڪڙو عام ڏينهن ملهائيندا آهن. شام جي ڇهين بجي کان گهنڊ وڄڻ شروع ٿيندا آهن: تڏهن کان وٺي، ويندي صبح تائين، هر ڪنهن کي قاعدي قانون کان آزاد ٿي هلڻ جي اجازت هوندي آهي. ڪيڏو نه مزيدار موقعو هوندو اهو!

ٻارڻ جي ڪاٺين لاءِ هر ڪنهن وڻ کي وڍي نٿو سگهجي، ڇو ته ٻيلي کاتي وارن جا سخت قاعدا آهن. سرڪار پاران اهڙن وڻن تي خاص نشان لڳل هوندا آهن، جن کي وڍي سگهجي ٿو.

جيتوڻيڪ سئٽزرلئنڊ جا اهڙا قاعدا قانون تمام سخت ۽ تنگ ڪندڙ آهن، پر تڏهن به انهن ۾ اُتي جي ماڻهن لاءِ ڪانه ڪا ڏاهپ رکيل آهي. دراصل اهي ڪي مٿانهين طبقي يا اختياريءَ وارن طرفان زوريءَ مڙهيل ڪين آهن، بلڪه خود عوام جا پنهنجو پاڻ سان لاڳو ڪيل آهن. ڪوبه ماڻهو انهن قاعدن قانونن جي بجاوريءَ کي پاڻ تي بوجهه نٿو ڀانئي، بلڪه سڀيئي گڏجي انهن تي خوشيءَ سان عمل ڪن ٿا، ڇو ته ان ۾ هو ٻين ماڻهن جي حقن جي سلامتي ٿا سمجهن. اهو سڀڪجهه رڳو ان ڪري ئي نه آهي ته هتان جا ماڻهو سمجهُو ۽ ذهين آهن، بلڪه هو پنهنجي ملڪ ۾ مختلف ماڻهن ۽ انهن جي مسئلن سان پاڻ کي وابسته رکڻ جو شوق ۽ انهن کي هڪٻئي لاءِ برداشت ڪرڻ جو مادو به رکن ٿا، جنهن ڪري سندن زندگي ايڏيءَ روانيءَ سان گذري ٿي.

اندروني اتحاد: سئٽزرلئنڊ جا پنجويهه جدا جدا علائقا آهن، جن گڏجي يڪو ملڪ ٺاهيو آهي، ڇو ته ائين ڪرڻ بنا هو پنهنجي پنهنجي ننڍڙي علائقي جي آزادي قائم نه رکي سگهن ٿا. 1291ع ۾، جبل جي هڪڙي مٿانهين ۽ ڪشادي چراگاهه ۾، هڪڙيءَ شفاف ڍنڍ جي ڪناري تي، سمورن ننڍن ننڍن علائقن جا نمائندا اچي گڏيا هئا: اهي ئي ”سئٽزرلئنڊ“ جا باني بزرگ هئا، جي پنهنجيءَ خود مختياريءَ کي للڪاريندڙن خلاف، هميشھ لاءِ هڪٻئي سان متحد ٿي وڃڻ جو قسم کنيو. تڏهن کان وٺي، سئٽزرلئنڊ جا ماڻهو، جنگجُو سپاهي هجڻ جي باوجود، دنيا ۾ امن جا بهترين شيدائي ٿي پيا آهن. ملڪي طرح، هو پنهنجي پنهنجي علائقي سان حب الوطنيءَ جو زوردار جذبو رکن ٿا، ۽ پنهنجي گڏيل اتحاد کي به ڀليءَ ڀت محسوس ڪن ٿا. سڄو ملڪ، ننڍن ننڍن علائقن تي مشتمل، متحده قومن جو هڪ تمام مضبوط منڊل آهي، جنهن ۾ سڀني کي آزادي آهي ته هو پنهنجي پنهنجي علائقي جا ماڻهو سڏائين، پر ملڪي طرح گڏيل انتظام ۾ دلچسپي وٺن.

ملڪ تمام ننڍو آهي، جنهن ۾ فقط چاليهه لک ماڻهو آباد آهن، پر ان ۾ چار مختلف قومون رهن ٿيون ۽ چار مختلف زبانون ڳالهائجن ٿيون. وچ ۽ اُتر علائقن جا ماڻهو جرمني ٻولي ڳالهائين، گريسن علائقي ۾ رومانش ٻولي آهي، اولهه ۾ فرينچ ٻولي ۽ ڏکڻ –اوڀر ۾ اطالوي ٻولي ڳالهائجي ٿي. ماڻهو مذهبي طرح به مختلف آهن. پر اهي سڀ ايڏا ته بردبار، برداشت وارا ۽ غير تعصبي آهن، جو ڪنهن به هڪ قوم، زبان يا مذهب واري کي ٻيءَ قوم، زبان يا مذهب واري سان شڪايت ڪانه ٿئي. ماڻهو هڪٻئي جي حقن جو احترام ڪندڙ آهن، تنهن ڪري ڪنهن سان به زيادتي ڪانه ٿئي. جرمني زبان واري علائقي ۾ فرينچ زبان جا اسڪول ڪينهن، ۽ اطالوي زبان واري علائقي ۾ جرمن زبان پڙهائڻ جا اسڪول ڪينهن، پر ڪنهن کي به ان طريقي تي اعتراض ڪونهي. اِها ڳالهه ڏيکاري ٿي ته تڪراري قوميت بلڪل فضول آهي، ۽ انسان کي اهڙين ڳالهين کان گهڻو بلند ٿيڻ کپي.

رهڻي ڪهڻي: هر ڪنهن ننڍي ڳوٺ ۾، گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو اهڙو گڏيل دڪان هوندو آهي، جنهن تي سڀني ڳوٺاڻن جون ٺاهيل ۽ پوکيل جنسون وڪري لاءِ رکبيون آهن. انهن جي خريد-فروخت ۾ سڀني کي دلچسپي هوندي آهي. هر ڪنهن ڪُڙميءَ ۽ ڪاسبيءَ کي رهڻ لاءِ سادو پر آرام ڏيندڙ گهر آهي. جن علائقن ۾ رڍن جا ڌڻ پلجن ٿا، اُتي جون ڳوٺاڻيون زالون اُن مان ڪپڙو هٿ سان اُڻنديون آهن. کير، مکڻ، ڏهي وغيره سندن مرغوب کاڌو آهي، ۽ اِها خوراڪ سئٽزرلئنڊ جي ماڻهن کي صحتمند بنائي ٿي.

اخلاقي ۽ جسماني همت، عملي ذهانت ۽ برداشت جو مادو- اِهي هن ملڪ جي ماڻهن جون خاص وصفون آهن. هو دنيا جي بهترين صفائي پسند ماڻهن مان آهن. ٻاهرين ملڪن جا هزارين سياح هتي جي فطري نظارن کي، ۽ ان کان وڌيڪ، هتي جي ماڻهن جي فطري زندگيءَ کي ڏسڻ لاءِ ٻارهوئي ايندا رهن ٿا، تنهن ڪري ملڪ جا ماڻهو دنيا جا بهترين هوٽل هلائيندڙ آهن. کين قدرتي نظارن، برف جي بوندن ۽ گلن سان بيحد پيار آهي. سندن سمورا شهر صاف سٿرا، شفاف ڍنڍن يا تيز رفتار ندين جي بنهه ڪنارن تي آهن، جن ۾ تمام گهڻا باغ باغيچا آهن: ائين ٿو معلوم ٿئي ته هو ڳوٺن واري فطري زندگيءَ کي ترڪ ڪرڻ بدران، ان کي وڌيڪ اُجاگر ڪرڻ چاهين ٿا. جهڙا آهن سچار ۽ محنتي، بردبار ۽ فضيلت وارا ماڻهو، تهڙوئي آهي سندن بهشت جهڙو ملڪ. اسان سڀني کي، انهن کان سبق وٺي پنهنجي ملڪ کي به اهڙو ئي بنائڻ گهرجي.

ٻارن جا ليک

 

شبنم پري

(زرينه شيخ)

پرستان ۾ هڪڙي ننڍي پري رهندي هئي. سندس نالو هو شبنم جهڙو هوس نالو، تهڙي ئي هئي نازڪ، نفيس ۽ خوش مزاج. هن جي ماءُ، جڏهن به ڪو وقت ملندو هوس، تڏهن کيس ٻڌائيندي هئي ته اسان جي هن دنيا کان الڳ، هڪڙي ٻي دنيا به آهي، جنهن کي ماڻهن جي دنيا ڪوٺجي ٿو ۽ ان ۾ فقط ماڻهو ئي رهندا آهن. اهڙي ريت، هوءَ هر روز شبنم کي رات جو ڪا نه ڪا آکاڻي ٻڌائي پيئي وندرائيندي هئي.

هڪ ڏينهن شبنم پنهنجي ساهيڙين سان راند پئي ڪئي ته اوڏيءَ مهل هڪڙي ساهيڙي چوڻ لڳي ته. ”اسين پَريون انسانن کان وڌيڪ سهڻيون ۽ وڌيڪ ڪم واريون آهيون.“ شبنم جڏهن هيءَ ڳالهه ٻڌي، تڏهن چوڻ لڳي ته ”ڀيڻ، اوهان جڏهن ته ماڻهن جي دنيا ڏٺي ئي ڪانه آهي، تڏهن ڪيئن ٿيون چئو ته پريون انسانن کان وڌيڪ سهڻيون ۽ وڌيڪ ڪم واريون آهن. اهڙي ڳالهه ته انهيءَ کي ڪرڻ جڳائي، جنهن اکين سان انهن کي ڏٺو هجي.“ شبنم هڪ راءِ تي، ته ٻيون ٻيءَ راءِ تي.

هڪ ڏينهن شبنم کي اچي دل م خيال ٿيو ته ڇو نه آءُ هتان اُڏامي وڃي انسانن جي دنيا کي پنهنجين اکين سان ڏسي اچان، ۽ پڪ ڪريان.

سو، اهو فيصلو ڪري، شبنم هڪ ڏينهن وٺي زمين ڏانهن اُڏاڻي، اڏامندي اڏامندي، هوءَ نيٺ اچي زمين تي لٿي. جان کڻي نهاري ته مار! ماڻهن جي دنيا ۾ ته ڏاڍا مزا لڳا پيا آهن! وڏا وڏا شهر، عاليشان جايون، ڪشادا رستا، باغ باغيچا ۽ هزارين ميلن ۾ سر سبز کيت، جن ڏانهن نهارڻ سان اکين کي سُرور ۽ دل کي راحت پيئي اچي ۽ چوڌاري نهار کڻي ته هرڪو ماڻهو پنهنجي ڌنڌي ۾ مصروف ۽ خوش پيو نظر اچي. هن کي اوڏيءَ مهل پنهنجي پرستان جي دنيا ياد آئي، جنهن ۾ نڪي اهڙا دلوڻندڙ نظارا هئا ۽ نڪا وري ڪا ايتري مصروفيت هئي—هرڪو بيڪار ۽ پنهنجي منهن.

شبنم فيصلو ڪيو ته ’مون کي هن صورت ۾ ماڻهن جي دنيا ۾ وڃڻ نه گهرجي: ائين ڪرڻ سان آءُ اَجنبي لڳنديس ۽ گمان آهي ته متان ڪو مون کي پڪڙي وٺي، تنهن ڪري پنهنجي صورت بدلائي ماڻهن جهڙي ڪرڻ کپي.‘

هوءَ اڃا پاڻ کي بدلائي، ٿورو اڳڀرو هلي ته ڏسي ته هڪڙي هنڌ ڪيترائي ٻار پاڻ ۾ گڏجي وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان پيا کيڏن ڪُڏن ۽ ڊڪن ڊوڙن.

شبنم کي به آئي ريس، سو پاڻ به وڃي ساڻن راند ۾ شريڪ ٿي. راند ڪڏندي کيس ڏاڍو مزو آيو. ڀلا اهڙيون رانديون پرستان ۾ آيون ڪٿان! شبنم ڏاڍو خوش ٿي. دل ۾ چيائين ته جيڪڏهن منهنجون ٻيون ساهيڙيون هينئر هت هجن ته هوند حيران ٿي وڃن ۽ شايد پنهنجيءَ دنيا ڏانهن موٽي وڃڻ جو خيال به دل تان لاهي ڇڏين.

راند ڪڏندي، شبنم جي نيلم نالي هڪ ڇوڪريءَ سان ساهيڙپ ٿي ويئي. نيلم به هڪ نهايت خوبصورت ۽ پيار ڀري ڇوڪري هئي. هن جون اکيون ٻن ماڻڪن جيان ٿي ٻريون، ۽ ڳلن جي لالاڻ صوفن جي رنگ کي به شهه ڏيو بيٺي هئي. شبنم هن جي سونهن کان ايترو ته متاثر ٿي، جو گهڙيءَ گهڙيءَ پئي ڏانهس نهاريائين ۽ دل جو دل ۾ سندس حسن کي داد ٿي ڏنائين.

جڏهن راند پوري ٿي ۽ سڀيئي ٻار پنهنجن گهرن ڏانهن وڃڻ لڳا، تڏهن شبنم سوچيو ته ڇو نه آءُ نيلم سان گڏجي سندس گهر وڃان.

شبنم، نيلم سان گڏجي گهر پهتي ته نيلم جي ماءُ شبنم جي سهڻي صورت ڏسي، مٿس کڻي ماءُ وارو هٿ رکيو. شبنم هاڻي نيلم جي گهر ۾ رهن لڳي. هُن کي ماڻهن جي دنيا توڙي شبنم جو گهر ايترو ته وڻي ويا، جو هن پنهنجيءَ دل ۾ فيصلو ڪيو ته هاڻي آءُ هن ئي دنيا ۾ رهنديس، ۽ هتان ڪڏهن به موٽي پوئتي نه وينديس.

نيلم جي ماءُ شبنم کي يتيم ڄاڻي، پنهنجي اولاد وانگر پالڻ لڳي. اهڙيءَ ريت، سالن پٺيان سال گذرندا رهيا ۽ شبنم جي دل تان مائٽن جي ياد بلڪل ختم ٿي ويئي.

هوڏانهن، شبنم جي گم ٿي وڃڻ کانپوءِ، سندس ماءُ سڄي پرستان ۾ ڳولا ڪرائي، پر ڪٿان به ڪو پتو پيرو ڪونه پيو. آخر جڏهن نااميد ٿي، تڏهن هڪ ڏينهن ويٺي ويٺي اوچتو کيس دل تي خيال آيو ته آءُ شبنم کي ماڻهن جي دنيا جون ڳالهيون ٻڌائيندي هيس، سو ائين ته نه آهي ته هوءَ انهن ڳالهين تي لڳي، اوڏانهن هلي ويئي هجي ۽ اتي وڃي ڪنهن مصيبت ۾ ڦاٿي هجي. وڌيڪ خاطري ڪرڻ لاءِ، هن هڪ ڏينهن شبنم جي هڪ ساهيڙيءَ کان پڇا ڳاڇا ڪئي. هن به اها ئي ورندي ڏنيس ته ”آءُ ڀانيان ٿي ته هوءَ ماڻهن جي دنيا ڏانهن هلي ويئي آهي: هن هڪ دفعي انهيءَ ڳالهه تان وڏو بحث ڪيو هو.“

شبنم جي ماءُ پنهنجي دل ۾ پڪ ڪري، وٺي زمين ڏانهن اڏاڻي، زمين تي پهچي، هڪ پوڙهيءَ عورت جو روپ وٺي، ڪيترا شهر ۽ ڳوٺ، گهر گهر ڪري جاچڻ لڳي. ڪيترن ڏينهن جي ڳولا بعد هوءَ هڪ ڏينهن نيلم جي ڳوٺ اچي سهڙي. اتي، پڇا ڳاڇا ڪندي، ڪنهن ماڻهوءَ ٻڌايس ته ”گهڻا سال اڳي هڪ ڇوڪري رلندي رلندي هن ڳوٺ ۾ آئي هئي ۽ فلاڻي گهر ۾ رهندي هئي- انهيءَ کي گهڻا گهڻا سال ٿيا، هينئرته هوءَ ٻارن ٻچن واري آهي. سامهون جيڪا وڏيءَ جاءِ پيئي ڏسجي، اُن جي هوءَ هينئر مالڪياڻي آهي، ۽ اسان جي ڳوٺ ۾ وڏي ڀاڳ واري ٿي ليکجي.“

شبنم جي ماءُ کي پڪ ٿي ته اهائي منهنجي ڌيءُ آهي، ان کي به گهڻا سال ٿيا جو مون وٽان نڪتي آهي. ٻئي ڏينهن صبح جو هوءَ ڏَس ڏنل پَتي تي انهيءَ گهر م گهڙي آئي. پهريائين ته هوءَ منجهي بيهي رهي، پر پوءِ ٿوريءَ ويرم بعد ڪن اهڃاڻن مان هن کي يقين ٿيو ته منهنجي ڌيءَ شبنم اهائي ٿي سگهي ٿي. پوءِ ته نڪا ڪيائين هم نڪا تم، ڊوڙي وڃي شبنم کي ڀاڪر وڌائين. شبنم کي جڏهن خبر پيئي ته هوءَ منهنجي ماءُ آهي، تڏهن ايترو خوش ٿي، ايترو خوش ٿي، جنهن جي حد ئي نه آهي. ان ڏينهن کانپوءِ ٻيئي ماءَ ڌيءَ گڏجي، ماڻهن جي دنيا کي وڌيڪ سينگارڻ ۽ سرسبز بنائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪنديون رهيون.

هڪ ڏينهن، پرستان  جي ٻين پرين کي به هن ڳالهه جي خبر پيئي: ان ڏينهن کان هُو ماڻهن جي دنيا کي وڌيڪ سرسبز ۽ خوشحال بنائڻ لاءِ اڄ ڏينهن تائين، اتان اينديون رهن ٿيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com