هڪ ميدان جي وچ ۾ پندرهن فوٽ اوچو ٿلهو هو، جو ايترو ته
جلدائيءَ سان ٺاهيو ويو هو، جو اُن جو ڳچ ۽ گارو
به اڃا نه سڪو هو. گيڙو لباس ۾ ٽي ٻاوا اُتي ويٺا
هئا. هنن جي چوڌاري صندل جون ڪاٺيون، گيهه ۽ سمرجي
هئي. فوجي اعزاز واري دستي جي سپاهين، جواهر لعل
جو جنازو، آهستي آهستي گاڏيءَ تان کڻي، ٿلهي تي
رکيو. ڪانگريس پارٽيءَ جا ميمبر، پير اُگهاڙا ڪري،
ٿلهي جا ست ڏاڪا مٿي چڙهيا ۽ پنهنجي اڳواڻ کي
پوئين سلامي ڏنائون، نهروءَ جي ڌيءَ اِندرا،
پنهنجي پيءُ جي جنازي تي گلاب جون آخرين پنکڙيون
وڌيون.
هندستان جو قومي جهنڊو- جنهن ۾ جنازو ويڙهيل هو- - هٽايو ويو.
صندل جون ڪاٺيون، هڪ هڪ ڪري، آهستي آهستي جنازي جي
مٿان رکيون وئيون. هڪ مذهبي ماڻهوءَ چکيا جي مٿان
گيهه اوتيو، پوءِ نهروءَ جو ڏوهٽو، اِندرا جو پٽ
(نهروءَ جو پٽ ٻالڪپڻ ۾ ئي مري ويو هو) اڳتي وڌيو
۽ ٻاون مان هڪڙي کان صندل جي ٻرندڙ ڪاٺي وٺي چکيا
جلايائين. جيئن ئي هلڪو دونهون ٿورو مٿي هوا ۾
بلند ٿيو ته بندوقن جو ڌڌڪو ٿيو - - اها فوج طرفان
پنهنجي اڳواڻ کي آخري سلامي هئي. بئنڊوارن پنهنجا
توتارا بلند ڪيا ۽ هُو
“The Last Post”
(آخري مورچو) نغمو وڄائڻ لڳا. ٿلهي جي چوڌاري جيڪو
ماڻهن جو سمنڊ هو، تنهن ۾ روڄ راڙو مچي ويو. ڪي
ماڻهو ٿلهي ڏانهن ڊوڙيا، پر پوليس انهن کي پوئتي
ڌِڪيو. چکيا جا شعلا بلند ٿيا ۽ انهن جا شعاع سوين
هزارين ماڻهن جي چهرن تي جهلڪا ڏيڻ لڳا. هوا صندل
۽ ڪافور جي خوشبوءِ سان واسجي ويئي.
جواهر لعل نهرو، سن 1889ع ۾ الهه آباد ۾ ڄائو هو. سندس پيءُ
موتي لعل نهرو، هندستان جو هڪ نالي وارو وڪيل هو ۽
وڏي پئسي وارو هو. الهه آباد ۾ نهروءَ وارن جي
جاءِ ڄڻ ته راجا ئي محلات هئي. موتي لعل ايڏو ته
شوقين مزاج هو، جو چون ٿا ته پنهنجي گهر جا ڪپڙا
ڌئارڻ لاءِ پئرس موڪليندو هو. موتي لعل جي مرضي
هئي ته سندس پٽ جواهر لعل، مغربي نموني جي سڌريل
ماڻهن وانگر ٿئي. سو، پٽ کي اهڙي تربيت ڏيڻ لاءِ
انگلينڊ ۾ هئرو ۽ ڪئمبرج ۾ تعليم ڏياريائين.
ڪئمبرج ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ بعد جواهر لعل، لنڊن ۾
وڪالت سکيو ۽ پوءِ سکيا پوري ڪرڻ بعد، سنه 1912ع
۾، پيءُ جي رهبريءَ هيٺ وڪالت ڪرڻ واسطي واپس وطن
پهتو.
جواهر لعل ست سال ولايت ۾ رهڻ بعد جڏهن موٽي ملڪ ۾ آيو، ته کيس
هتان جي بي رونق حياتيءَ ۾ ڪوبه مزو نه آيو.
انهيءَ ڪري هو گهڻو وقت ڪتابن پڙهڻ ۾ گذارڻ لڳو.
بعضي دل وندرائڻ لاءِ گهوڙي سواري ڪندو هو، يا ترڻ
ويندو هو، يا وري پنهنجي جاءِ ۾ ٿيندڙ سياسي بحث
مباحثن ۾ وڃي شريڪ ٿيندو هو.
هيءُ اهو زمانو هو، جڏهن هندستان تي انگريزن جو
راڄ هو ۽ هنن هندستان ۾ قوميت جي وڌندڙ لاڙي کي
ڏسي، فقط ايترو قبول ڪيو هو ته جيڪي هندستاني لائق
ڏسڻ ۾ ايندا، تن کي ڪن مکيه سرڪاري نوڪرين ۾ رکيو
ويندو. ”لائقيءَ جي آزمائش“ لاءِ انگريزن ڪي سڌارا
آندا. هندستاني قوم پرستن ۾ هڪ ٽولو هو، جو پاڻ کي
”اعتدال پسند“ سڏائيندو هو، تنهن اهي سڌارا قبول
ڪيا پر ٻين اهي سڌارا قبول نه ڪيا ۽ هو وڌيڪ
رعايتون گهرڻ لڳا. انگريز گورنر، اهڙن ماڻهن کي،
مٿي ڦريل، سماج- دشمن ۽ ٻين اهڙن لقبن سان سڏيندا
هئا. خود، ڪي هندستاني قوم پرست به اهڙن شخصن کي
ائين سمجهندا هئا. اهڙين حالتن هيٺ، هوٽلن ۽ وڏن
گهرن جي آرام ده ڪمرن ۾ سياسي بحث ڪرڻ جي شوقين
جوانن لاءِ گهڻو ئي مسالو موجود هو. سو، ان وقت
موتي لعل جو گهر، اهڙن بحث- مباحثن جو مرڪز هو.
انهيءَ زماني ۾ مهاتما گانڌي، ڏکڻ آفريڪا ۾ هو، ۽ اُتي رنگ ۽
نسل جي فرق مٽائڻ لاءِ هلچل هلائي هئائين. گانڌيءَ
جو مکيه هٿيار ”اَهنسا“ هو. سوين هندستاني،
گانڌيءَ جي سڏ تي هندستان ڇڏي، وڃي آفريڪا ۾
گانڌيءَ سان هلچل ۾ شريڪ ٿيا، انهيءَ ڳالهه
هندستان ۾ اوچتو ئي اوچتو تمام گهڻو سياسي چُرپر
آندي.
هندستان جي سياسي جماعتن، تڏهن ڪانگريس جو زور هو، ۽ هوءَ جيئن
پوءِ تيئن، وڌيڪ آزاديءَ جو آواز اُٿاريندي رهي.
نهرو ستت ئي سياسي بحث- مباحثن مان کٽو ٿي پيو ۽
”ڪسان سُڀا“ (هاري پارٽي) ۾ وڃي شريڪ ٿيو. ان
جماعت جي ڪم ۾ هن ڳوٺن جا دورا ڪيا ته کيس پتو پيو
ته عام ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ڪهڙي آهي ۽ هنن جي سوچ
ويچار ڇا آهي؟ هن هارين ۾ پرچار ڪيو ته اوهين هِن
گهُر کي زور وٺايو ته ”هارين کي بهتر زندگي گذارڻ
جو پيدائشي حق آهي.“ هن پنهنجي حياتيءَ ۾ اوچتو
ڦيرو آندو: اوچا ويس وڳا لاهي ڇڏيائين، گوشت کائڻ
ڇڏي ڏنائين ۽ هارين جي گهرن ۾ جيڪو به سادو سودو
کاڌو کيس ملڻ لڳو، سو وڏي خوشيءَ سان کائڻ لڳو. هو
پوءِ پنڌ ڪرڻ تي به هِريو ۽ پيرين پيادو، هڪ ڳوٺ
کان ٻئي ڳوٺ وڃي، ماڻهن ۾ عام پرچار ڪرڻ لڳو. انهن
سفرن ۾ بعضي ته سندس پير به اگهاڙا هوندا هئا. جن
ماڻهن، نهروءَ کي انهيءَ حالت ۾ ڏٺو هو، سي هميشھ
اها شاهدي ڏيندا، ته هن کي هارين سان ڪيڏي نه
همدردي هئي ۽ هارين جي پنهنجي، ”جهڙي تهڙي حالت تي
راضي رهڻ،“ واري راءِ ٻُڌي، کيس ڪيڏي ته مايوسي
ٿيندي هئي.
گانڌي ستت هندستان موٽي آيو ۽ ڪانگريس جي جلسن ۾ شريڪ ٿيڻ لڳو.
نهرو، گانڌيءَ جي شخصيت کان تمام گهڻو متاثر ٿيو،
سو ”ڪسان سُڀا“ کي ڇڏي سياست ۾ گهڙيو. سن 1919ع ۾،
گانڌيءَ اعلان ڪيو ته ”رولٽ ائڪٽ“، جنهن هيٺ
انگريز حاڪمن، عام ماڻهن کان تقريرن ڪرڻ ۽ جلسن
جلوسن ڪڍڻ جي آزادي کسي ورتي آهي. تنهن جي خلاف
احتجاج ڪرڻ لاءِ سڄو ملڪ هڙتال ڪري. نهروءَ،
گانڌيءَ جو پيغام، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائڻ لاءِ
گشت شروع ڪيو. هڙتال جي تاريخ گانڌيءَ جو هڪ امن
پسندانه هٿيار هو، جنهن کي هن ستت وڏي پيماني تي
استعمال ڪرڻ پئي گهريو. ساڳئي وقت نهروءَ جي به
اها پهرين آزمائش هئي ۽ کيس ڏسڻو هو ته ماڻهو سندس
اپيل جو ڪهڙو قدر ٿا ڪن. ماڻهن وڏيءَ دل سان هن جي
اپيل جي آجيان ڪئي. هندستان ۾ هر هنڌ، مقرر تاريخ
تي هڙتال شروع ٿي ويئي. ان موقعي کانپوءِ، نهرو
سوين هزارين ماڻهن جي اَنبوهن ۾ تقريرون ڪرڻ ۽
منجهن پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ جي همت جاڳائڻ جي ڪم کي
جُنبي ويو. انهيءَ ڳالهه سندس آئيندي ڪردار ۾ وڏو
پارٽ ادا ڪيو، ڇو ته ان ريت نهروءَ جو واسطو سنئون
سڌو عام ماڻهن سان ٿيو. هو پاڻ منجهن اعتماد رکڻ
لڳو ۽ ماڻهو به منجهنس ڀروسو ڪرڻ لڳا ته نهرو
واقعي سندن صحيح رهبري ڪندو. اتان کانپوءِ، نهروءَ
جو ماڻهن ۾ اعتماد جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ مضبوط
ٿيندو ويو. هو هميشھ سڌيءَ ريت عام ماڻهن سان لهه
وچڙ ۾ ايندو هو، کين پنهنجي ڳالهه سمجهائيندو هو ۽
کانئن گُهر ڪندو هو ته هو به مٿس پورو ڀروسو رکن.
ستت ئي نهروءَ جي زبردست سياسي تقريرن، انگريزن کي ڊيڄاري ڇڏيو.
چنانچ، هنن کيس جيل ۾ بند ڪيو. هو جڏهن آزاد ٿيو،
ته وري به جيل ۾ ويو. اهڙيءَ ريت، هن پنهنجيءَ
زندگيءَ جا سڄا سارا 13 سال جيل ۾ گذاريا. انهيءَ
جيل جي زماني ۾ هن ڪتاب لکيا. انهن مان ٻه ڪتاب،
هڪ
Discovery of India
”هندستان جي کوجنا“، ۽ ٻيو
Glimpses of World History
”دنيا جي تاريخ جون جهلڪون،“ ستت سڄيءَ دنيا ۾
مشهور ٿي ويا.
جواهر لعل کي لکڻ جو ڏاڍو شوق هو. هو چوندو هو ته ’لکڻ سڀ کان
زياده ٿڪائيندڙ ڪم آهي، پر تخليقي هنرن ۾ ان کان
وڌيڪ ٻيو ڪوبه اهڙو ڪونهي، جو ماڻهوءَ کي اطمينان
بخشي. مان جيسين پنهنجا خيال گڏ ڪري هڪ هنڌ لکي نه
ڇڏيندو آهيان، تيسين پاڻ کي نامڪمل سمجهندو آهيان.
لکڻ جي رستي ماڻهو پنهنجي من کي به ضابطي هيٺ رکي
ٿو ۽ سوچ ويچار جي تخليقي قوت به وڌائي ٿو.‘
جواهر لعل کي لکڻ تي وڏي قدرت حاصل هئي. هن جيڪي به ڪتاب لکيا،
تن کي لافاني حيثيت حاصل ٿي. خاص ڪري هن پنهنجي
آتم ڪهاڻيءَ جو جيڪو ڪتاب لکيو، سو ته جلد ئي
ديسان ديس مشهور ٿي ويو. ان جو مکيه سبب اهو هو ته
هو نهايت ايمانداريءَ، سچائيءَ ۽ همت سان لکندو
هو. سندس نثر ۾ شاعرانه رنگيني هوندي هئي.
آزاديءَ جو مطالبو، جيئن پوءِ تيئن زور وٺندو ويو. آخر 1947ع ۾،
انگريزن مجبور ٿي، ملڪ کي آزاد ڪيو ۽ هندستان ۽
پاڪستان ٻه جدا آزاد ملڪ وجود ۾ آيا. 15 آگسٽ
1947ع تي جواهر لعل نهرو، آزاد هندستان جو پهريون
وزيراعظم مقرر ٿيو، ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين انهيءَ
عهدي تي رهيو.
وزيراعظم جي حيثيت ۾، هن پرڏيهي معاملن ۾ غيرجانبداريءَ جي
پاليسي اختيار ڪئي. گهرو معاملن ۾ جمهوري روايتن
کي زور وٺايو ۽ ملڪ جي اقتصادي ترقي، سوشلسٽ نموني
تي رٿي. سندس رهبريءَ هيٺ ٻه ”پنج ساله ترقياتي
رٿائون“ عمل ۾ آيون ۽ ٽين رٿا اڃا هلي رهي هئي، جو
هن وفات ڪئي. اهي رٿون اقتصادي ماهرن، سائنسدانن ۽
مالي مشيرن، اهڙيءَ ته خبرداريءَ سان ٺاهيون، جو
هندستاني عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ جي هر پهلوءَ جو
انهن ۾ جائزو ورتو ويو ۽ سڌاري جا اُپاءُ سوچيا
ويا. نهروءَ جو اهو بنيادي ڪم هو ته انهن رٿن کي
عمل ۾ آڻي، عام ماڻهن جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو معيار
بلند ڪري. هو چوندو هو ته ”ڪارخانن جون چمنيون،
آبپاشيءَ لاءِ دريائن تي ٻڌل بند، وڏا بجلي گهر ۽
تيل جا کوهه، هندستان جا ’نوان مندر‘ آهن.“
هاڻي جواهر لعل کي پنهنجي ملڪ جي عوام کي غربت، مذهبي ڪٽرپڻي ۽
طبقاتي ڇوت ڇات جي اوندهه مان ٻاهر ڪڍي، ائٽمي دور
جي روشنائيءَ ۾ پهچائڻو هو. هن اهو ڪم زور ۽
زبردستيءَ سان ڪرڻ نه پئي گهريو، پر جمهوري اصولن
تي هلي ڪرڻ ٿي گهريو، ڇو ته هن جو عام ماڻهن ۾
اعتماد هو ۽ ساڻن بيحد محبت ڪندو هو. وصيت ڪيائين
ته ”مان جڏهن مري وڃان ته منهنجي خاڪ کي پوري،
مٿانئس ڪو وڏو يادگار نه ٺهرائجو؛ پر منهنجي خاڪ
انهن ٻنين ۾ ڇٽڪائجو، جن ۾ هاري هر هلائي رهيا
هجن. ۽ مزور محنت ڪري رهيا هجن.“
عام ماڻهن جي ڏکن ڀريءَ حياتيءَ بابت تقرير ڪندي، هن هڪ دفعي
چيو ته ”اسان جي دور جي وڏي ۾ وڏي نيڪ ماڻهوءَ جو
مقصد اِهو آهي ته هُو مظلومن، محتاجن ۽ مسڪينن جي
اکين مان ڳوڙها اُگهي. جيسين اکين ۾ ڳوڙها آهن
تيسين، اسان جو ڪم پورو نه ٿيو آهي.“
هڪ دفعي، ڪنهن ماڻهوءَ کانئس پڇيو ته ”اوهان جي
گذاري وڃڻ کانپوءِ ڀانيو ٿا ته هندستان جا ماڻهو
اوهان کي ڪيئن ياد ڪندا؟“ چيائين ته ”ائين ياد
ڪندا ته ’جواهر لعل نهرو هڪ شخص هو، جنهن پنهنجي
سموريءَ دل ۽ دماغ سان هندستان ۽ هندستاني ماڻهن
کي پيار ڪيو ۽ موٽ ۾ هنن کيس ايڏو ته پيار ڏنو، جو
ان جي نڪا حد هئي، نڪو حساب هو!‘“—هندستان جا
ماڻهو هاڻي کيس سچ پچ ائين ئي ياد ڪن ٿا.
جواهر لعل اڄ هندستان جي تاريخ ۾، انهيءَ ئي مٿانهين مقام تي
آهي، جيڪو هن کان اڳ فقط اشوڪ ۽ اڪبر کي نصيب ٿيو.
”پنڊٽ جواهر لعل نهرو ، هڪ عظيم انسان هو. اهڙا عظيم انسان گهڻي
عرصي کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن.“ -صدر پاڪستان
”پنڊت نهرو برصغير پاڪ ۽ هند جي عظيم ترين انسانن منجهان هو.
هُو پنهنجي دور جي هڪ اعليٰ شخصيت هو. هُن آزاديءَ
واسطي جيڪا جدوجهد ڪئي، سا هندستان جي موجوده
تاريخ جو روشن باب آهي.“
-قائد ايوان، اولهه پاڪستان اسيمبلي
”جواهر لعل نهرو آزاديءَ جو علمبردار، ممتاز فيلسوف، عظيم سياسي
مفڪر، جڳ- مشهور شخصيت ۽ هاڪارو مدبر هو. هُن جي
عظيم ۽ غير معمولي انساني صلاحيتن کي، موزون لفظن
۾ بيان ڪرڻ، ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي.!“
-اسپيڪر اوڀر پاڪستان اسيمبلي
ڊاڪٽر فضل الرحيم. سومرو
اچو اوهان کي سنڌ گهمايان
ڪوٽڏيجي
آرين جي اچڻ کان اڳ، سنڌو ماٿريءَ جي اصلوڪن رهاڪن جي تصوير
جيڪا اسان کي قديم ذريعن مان ملي ٿي، سا هڪ اهڙيءَ
راڪشش قوم جي آهي، جن وٽ نڪو قانون هو ۽ نه وري ڪو
مذهب هو، جن جي ظاهري صورت ۾ نڪ جو ڪو نشان ئي
ڪونه هو، ۽ جن جي ڳالهائڻ جو ڍنگ وڙهڻ جهڙو هو. پر
1920ع کانپوءِ، جڏهن آثار قديمه جي ماهرن، سنڌو
ماٿريءَ جي قديم تهذيبي مرڪزن ”هڙپا“ ۽ ”موهن جي
دڙي“ جي کوٽائي شروع ڪئي، تڏهن معلوم ٿيو ته هندو
آرين جي اچڻ کان ڪافي زمانو اڳي، سنڌ جا اصلوڪا
ماڻهو هنر، ۽ لکڻ پڙهڻ ۾ وڏي درجي تي پهتل هئا.
سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن جي اها تهذيب- جيڪا گهڻين ڳالهين ۾ لاجواب
۽ ترقيءَ جي چوٽيءَ تي پهتل هئي. ڀانئجي ٿو ته
حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان 2300 ورهيه اڳ واريءَ عراقي
تهذيب جي همعصر هئي.
موهن جي دڙي جي اوائلي تهذيب وارو حصو، کوٽيل سر زمين جي هيٺين
طبقن ۾ بيٺل سم جي پاڻيءَ ڪري، ظاهر ٿي نه سگهيو.
بهرحال، انهيءَ تهذيب جو بنياد ڪهڙو به هجي، پر
کوٽاين مان ايتري حقيقت ته ثابت ٿي چڪي ته هندو
آرين جي سنڌو ماٿريءَ ۾ پير پائڻ کان چڱو وقت اڳي،
هتان جي تهذيب عروج تي پهتل هئي.
ڪوٽڏيجيءَ جي ڦٽل شهر جي تازي کوٽائيءَ مان موهن جي دڙي ۽ هڙپا
جي اوائلي تهذيب واري دور جا ٺڪر جا ٿانوَ ۽ ڪي
ٻيون شيون مليون آهن. البت، ايترو فرق آهي ته انهن
ٿانون تي، پِپر جي پنن ۽ هڪٻئي کي ڪٽيندڙ گول
دائرن وارا چِٽَ ڪونه آهن، جيڪي موهن جي دڙي ۽
هڙپا ۾، تهذيب جي ترقيءَ واري دور ۾ ٿانون تي عام
جام ڪڍيا ويندا هئا. اهڙيءَ ريت، ڪوٽڏيجيءَ وارا
ٿانو اهو ظاهر ڪن ٿا ته انهن جو تعلق موهن جي دڙي
۽ هڙپا واريءَ تهذيب جي ”اوائلي زماني“ ۾ ٺهيل
ٿانون سان آهي. |