سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل مارچ، جون 1964ع

باب: --

صفحو :2

انگريزيءَ مان ترجمو

مترجم:سومار علي

تِر جي گُٿي، سئو چوٽون کائي

شاهي فوج جو هڪ سپاهي، هڪڙي ڏينهن پاسي واري ڪنهن شهر ڏانهن پئي ويو. هو پنهنجي ڪاري گهوڙي تي ڏاڍي ٺاٺ سان، ٽاپ ٽاپ ڪندو، اڳتي وڌندو رهيو. سندس گهوڙي جي چال مان ائين پئي لڳو  ته هو ڏاڍو اٻرهو هو.

دراصل، سپاهيءَ کي ڪنهن تمام ضروري سرڪاري ڪم سان ٺيڪ پنجين بجي شام جو، شهر پهچڻو هو. رکي رکي، هو گهوڙي کي ٻُچڪارون ڏيندو، وڌيڪ تکي پير کڻڻ لاءِ راضي ڪندو، هڪليندو رهيو. واٽ ويندي گهوڙي سان ڳالهائي به رهيو هو: ”شاباس، پٽ! او ائين، پوري پنجين بجي شهر ۾ هلي ٺڪاءُ ڪجانءِ.“ گهوڙو پنهنجي هڻڪار ذريعي کيس جواب ڏيندو رهيو.

ٻيئي دوست، اهڙيءَ ريت، هڪٻئي سان ڳالهائيندا ۽ رهاڻ ڪندا هلندا هليا. ايتري ۾ هو اچي هڪ ٽڪريءَ تي چڙهيا. سپاهي هو بدن جو ڳرو ۽ چاڙهي هئي اُڀي، سو گهوڙي جي چال به ويئي ڍلي ٿيندي: ”ٽيڪڙ، ٽيڪڙ، ٽيڪڙ، ٽيڪڙ!“ وِک وِک تي!

سپاهيءَ کي اتي اچي اونو لڳو، ۽ سوچڻ لڳو ته ”ٻيلي! گهوڙي جي رفتار حد کان وڌيڪ سست ٿي ويئي آهي. شايد خير ڪونهي.“ ائين سوچيندي، جان کڻي هيڏانهن هوڏانهن نهاري، ته گهوڙي جي هڪ سنب مان نعل نڪري، ٽڪريءَ جي لاهه وٽ وڃي پيو آهي. هاڻي ته سپاهيءَ جون ٻه به ويون ته ڇهه به ويون. دانهن ڪندي چيائين، ”هاءِ هاءِ! هاڻي ڪيئن ڪندس؟ پوري پنجين بجي شهر جو پهچڻو آهي!“ نيٺ هو ٽپ ڏيئي گهوڙي تان هيٺ لٿو، ۽ نعل کڻي، هٿ ۾ ڪيائين.

سپاهيءَ دل ۾ خيال ڪيو ته هاڻي ڪو اهڙو ماڻهو وڃي هٿ ڪريان، جو هيءُ نعل هڻي ڏئي، نه ته گهوڙي جو هلڻ خير ڪو ٿيندو. اهو ارادو ڪري، هڪ ويجهي واهڻ ۾ آيو، ۽ اتان جي لوهار کي وڃي هٿ ڪيائين.

”السلام عليڪم، يار لوهار!“ (سپاهيءَ ڏاڍي بيصبري ڏيکاريندي چيو) ”ٻيلي،  منهنجي ڪا واهر ڪر، منهنجي هن گهوڙي جو هيءُ نعل نڪري ويو آهي ۽ مون کي ٺيڪ پنجين بجي شهر پهچڻو آهي. ڪيئن به ڪري، هي نعل جلدي هڻي ڏي، نه ته منهنجو خير ڪونهي.“

نعل بند، نعل ۽ گهوڙي کي ڏسي، سپاهيءَ کي چيو، ”ادا، مون وٽ هن مهل ڪوئلا آهن ئي ڪين، جي ڪرين ڪا همٿ، ۽ آڻي ڏين ڪجهه ڪوئلا، ته آءُ نعل به اتي ئي (چپٽي وڄائيندي) اک ڇنڀ ۾ هڻي ڏيانءِ.“

سپاهيءَ سوچيو ته ٻيو ڪو چارو ڪونهي، سو وٺي ڪيائين پِيلڪ، ۽ ڪجهه دير گذرڻ  کان پوءِ، سهڪندو سهڪندو، اچي هڪ دڪاندار وٽ رسيو. ”ادا، مون کي ٿورا ڪوئلا کپن؛ ڇا، تو وٽ اهو وڙ آهي؟“ ”نه سائين،“ دڪاندار پنهنجي مال طرف هٿ جو اشارو ڪندي چيو: ”مون وٽ ته سائين، اِجهي هي گجرون، موريون، کٽمٺڙا، ڊبل روٽيون ۽ ٻيو گهڻو ئي وکر موجود آهي، پر جي ڪا شيءَ ڪانهي، ته ڪوئلا ئي ڪينهن.“

اتي سپاهيءَ جي چيلهه ڀڄي پيئي. ٿڌو ساهه ڀري، وري به ساڳيا لفظ چوندو رهيو ته ”هاءِ هاءِ! هاڻ ڇا ڪريان؟ مون کي ته پوري پنجين بجي شهر پهچڻو آهي.“ ماٺ ڪري، ويچارو سپاهي وري اٿي اڳتي هليو. جلد ئي کيس پري کان پاڻيءَ تي هلڻ واري ان پيهڻ جي جانڊهه ڏسڻ ۾ آئي. دل ۾ ٿوري اميد جاڳيس ته من ڪي هتي ڪوئلا ملي پون! جانڊاهي اندر موجود هو، جنهن کي سپاهيءَ نرميءَ سان چيو ته ”السلام عليڪم جانڊاهي! تو وٽ ڪي ڪوئلا آهن، ته آءُ اهي لوهار کي ڏيئي، پنهنجي گهوڙي جو نعل چاڙهايان؟“ ”نه سائين،“ جانڊاهيءَ جهٽ جواب ڏنس: ”مون وٽ ڪڻڪ، جوئر، ٻاجهر ۽ انهن جي اَٽي جي ته ڪمي ڪانهي؛ او هُو ڏس، ڳوڻين جون ڳوڻيون ڀريون پيئون آهن. پر دوست، ڪوئلي جو ته مون وٽ نالو ئي ڪونهي.“

”هاءِ هاءِ!“ سپاهيءَ درد جي دانهن ڪندي چيو: ”هاڻ آءُ ڪيڏانهن وڃان؟ ڪيئن ڪريان؟ مون کي ته پوري پنجين بجي شهر ۾ پهچڻو آهي.“

ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، سپاهيءَ وري کڻي پيرن تي زور ڏنو، ۽ جلد اچي، هڪ ڪڙميءَ کي ويجهو پهتو، جو ان مهل ٻنيءَ ۾ ڪم ڪري رهيو هو. ”السلام عليڪم، ادا هاري!“ (سپاهيءَ سٻاجهڙائيءَ سان سلام ڪيو.) ”ادا، ڪي ڪوئلا اٿئي؟“ هاريءَ جواب ڏنو، ”نه سائين، مون وٽ الله جو ڏنو ٻيو ته سڀڪجهه آهي- ڪڪڙيون، بدڪون اُنهن جا آنا، چوزا، ڪڻڪ، گاهه پٺو، ڏڌ، مکڻ، کير- باقي سائين ڪوئلو ڪينهيم.“

هاڻي ته سپاهيءَ جون سچ پچ وايون ئي بتال ٿي وييون. ”هاءِ هاءِ! آءُ ڇا ڪندس؟ مون کي ته پوري پنجين بجي شهر پهچڻو پيو آهي!“ ائين چئي، هو مٿي کي هٿ ڏيئي، رستي جي پاسي کان هڪ لوڙهي جي ڪناري وٽ ويهي رهيو ۽ پنهنجي بدقسمتيءَ تي افسوس ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ هڪ پوڙهي مائي اچي وٽس پهتي.

”سلام عليڪم، سهڻا سپاهي! (پوڙهيءُ مٿس رحم کائيندي پڇيو) ڪهڙي ڳالهه آهي، جو تون هيئن غم ۾ ٻُڏ ويٺو آهين؟“

”منهنجي گهوڙي جو نعل نڪري ويو آهي، ۽ مون کي شهر پهچڻو آهي- پوري پنجي بجي! لوهار ته نعل هڻڻ لاءِ تيار ويٺو آهي، پر وٽس ڪوئلا ڪينهن. مون به وسان  ڪونه گهٽايو آهي؛ هڪ دڪاندار وٽ ويس، ڪوئلو نه مليو؛ جانڊاهيءَ وٽ ويس، ۽ هاريءَ وٽ به ويس، پر ڪوئلي هئڻ جي هام ڪنهن به نه هنئي. مجبور ٿي ويهي رهيس.“ پوڙهيءَ عورت ٽهڪ ڏيئي، سپاهيءَ کي چيو، ”اي ڳهيلا، ڪوئلو گهرجيئي ته ڪوئلن جي کاڻ ڏانهن وڃ، جتي ان کي ماڻهو زمين مان کوٽي ڪڍندا آهن.“ بس، پوءِ ته سپاهي خوش ٿيندو، ڪوئلن جي کاڻ طرف ڀڳو.

”سلام عليڪم، ادا کاڻ کوٽيندڙ“، سپاهيءَ چاهه وچان چيو، ”ڇا، تون مهرباني ڪري ڪجهه ڪوئلو ڏيندينم، ته اهو لوهار کي ڏيان؛ لوهار باهه ٻاري ۽ منهنجي گهوڙي جو نعل تپائي، ان کي ٺپي ٺاهي ٺيڪ ڪري ۽ گهوڙي کي هڻي ڏئينم؟“

”چڱو يار،“ کاڻ کوٽڻ واري ورندي ڏنيس،- ”پر آءُ آهيان ڏاڍو رُڌل، سو ٻيلي، جيترو وڻيئي، اوترو ڪوئلو کوٽي کڻ.“ بس، پوءِ ته سپاهيءَ دير نه ڪئي، ۽ ڪوئلو ڪڍي، سڌو لوهار وٽ پهچي ويو. ”هان وٺ، يار لوهار!“ سپاهيءَ ڪوئلو سندس اڳيان اڇلائيندي چيو،”هي پيو اٿيئي ڪوئلو، هاڻ جلد ڪري وٺ، ۽ مون کي اُڪلاءِ.“ ايترو چئي، سپاهيءَ لوهار کي سڄي واردات هن طرح بيان ڪري ٻڌائي: ”ادا لوهار، اهي ڪوئلا مون کي ڏاڍا ڏکيا هٿ لڳا اٿيئي؛ آءُ دڪاندار وٽ ويس، ته وٽس گجرون، موريون، ڊبل روٽيون ۽ کٽمٺڙا ته گهڻائي هئا، پر ڪوئلو ڪونه هوس؛ جانڊاهيءَ وٽ ويس ته ڪڻڪ ۽ اٽو جام هيس، پر جي ڪو وکر نه هوس ته اهو ڪوئلو، ڪڙميءَ وٽ ويس ته ڪڪڙيون، بدڪون، آنا ۽ چوزا، ڪڻڪ ۽ بهه گهڻو هيس، پر ڪوئلو ان وٽ به ڪونه هو؛ آخرڪار کاڻ کوٽڻ واري وٽ ويس ته ان وٽ ڪوئلو جام هيو، جنهن مون تي رحم کاڌو. هاڻي مهرباني ڪري، ٽانڊو ٻار ۽ باهه کي تيز ڪري وٺ.“

”چڱو، چڱو،“ لوهار بيپرواهيءَ مان جواب ڏنو، - ”ڪوئلن جي مُٺ ڀري وجهه باهه مٿان، ۽ مڙس ٿي ڦوڪون ڏيئي ڏيکار.“ سپاهيءَ ويچاري لاءِ ٻيو ڪو رستو بچيو ئي ڪهڙو هو! ڪوئلا باهه ۾ وجهي، گوڏا جهڪائي ۽ هٿن جون تريون ڌرتيءَ تي کوڙي، اونڌو ٿي باهه کي ڀنڀٽ ڪرڻ لاءِ ڦوڪن ڏيڻ کي لڳي ويو. ڦوڪون ڏيندو ويو ۽ دل ئي دل ۾ هڪ پراڻي گيت جا ٻول جهونگاريندو رهيو.

بس، پوءِ ته باهه ٻرڻ جي دير هئي. لوهار هڪدم نعل تپائي، گهوڙي جي سنب ۾ هڻي ڏنس. سپاهي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ لوهار جو هٿ پڪڙي، ان کي لوڏي چوڻ لڳو ته ”وڏي مهرباني، وڏي مهرباني! هاڻي ته آءُ ضرور پنجين بجي شهر پهچي ويندس.“

سپاهيءَ گهوڙي کي ٿڦڪي هنئي  ۽ مٿس سوار ٿي، آهستي ڪجهه ڪن ۾ چيائينس. گهوڙي هڻڪار ڪري، ڪنڌ لوڏيو ۽ تڙاپ تڙاپ ڪندو، شهر ڏانهن وڌيو.


 

لئام. او. فليهرٽي

مترجم: مقبول سومرو

پهرين اُڏام

 

ننڍڙو، سامونڊي ڪبوتر پنهنجي پهاڙي آکيري ۾، اڪيلو ويٺو هو. هن جا ٻه ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ، هڪ ڏينهن اڳ ۾ ئي اُڏامي ويا هئا. هن کي اُنهن سان گڏ اُڏامڻ ۾ ڀؤ پئي ٿيو. هن جڏهن اُڏامڻ جي ڪوشش ڪندي، پنهنجي آکيري جي ڇيڙي تائين ڊوڙ پاتي ۽ پَرَ ڦڙڪايا، ته هن تي خوف طاري ٿي ويو. سندس پهاڙي آکيري جي هيٺان اٿاهه سمنڊ هو، جيڪو ايتريقدر ته هيٺ هو جو ميلن جا ميل هيٺ پئي نظر آيو. هن کي ائين ٿي محسوس ٿيو، ته هن جا پَرَ سندس بار کڻي ڪونه سگهندا. ان ڪري هو پنهنجو ڪنڌ جهُڪائي، پهاڙ جي ڪناري تان ڀڄي، واپس وڃي پنهنجي آکيري ۾ ويٺو، جتي هو رات جو سمهندو هو. جيتوڻيڪ سندس ڀائرن ۽ ڀيڻ جا پَرَ سندس پَرَن کان گهڻو ننڍا هئا، ان هوندي به جڏهن هُو ڊوڙ پائي پهاڙ جي ڪناري وٽان پنهنجا پَرَ ڦڙڪائي اُڏامي ويا، ته هن کي ايتري همت ڪانه ٿي، جو هيءُ به پَرَ پڙڪائي، پهاڙ تان ٽپو ڏيئي اُڏامي وڃي. هن کي پهاڙ تان ٽپو ڏيڻ خطرناڪ پئي لڳو. هن جو پيءُ ۽ ماءُ به هن کي ڦري آيا هئا ۽ هن کي رڙيون ڪري اُڏامڻ لاءِ چيائون ٿي ۽ دڙڪو ڏنائونس ته ”جي تون نه اُڏامندين، ته توکي اتي اڪيلو ڇڏي وينداسين، پوءِ ڀل ته پيو بک مر.“ پر پنهنجي جان جي خوف کان هو اُڏاڻو ئي ڪونه.

انهيءَ ڳالهه کي چوويهه ڪلاڪ گذري چڪا هئا، ۽ انهيءَ وچ ۾ ڪوبه سندس ويجهو ڪين آيو. هڪ ڏينهن اڳ، هن پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ کي پئي جاچيو، جن سندس ڀائرن ۽ ڀيڻ کي سارو ڏينهن اُڏامڻ جي مشق ٿي ڪرائي ۽ هنن کي اُڏامڻ ۾ ڀڙ ٿي ڪيو. ماءُ پيءُ پنهنجن ٻچن کي سمنڊ جي ڇولين مٿان ٽپو ڏيڻ، غوطو هڻڻ ۽ سمنڊ مان مڇيون پڪڙڻ ٿي سيکاريو. دراصل هن پنهنجي وڏي ڀاءُ کي پنهنجي پهرين مڇي شڪار ڪري، ٽڪريءَ تي ويهي کائيندي ۽ ماءُ پيءُ کي اُن جي چوڌاري فخر سان چر چر ڪندي، ڏٺو هو. انهيءَ ڏينهن سندس ساري ڪٽنب، سامهون پهاڙ جي هيٺان، هڪ مٿانهينءَ زمين تي چڪر پئي ڏنا ۽ سندس بزدليءَ تي ٺٺوليون پئي ڪيون.

هاڻي ته سج به مٿي چڙحي آيو هو ۽ سندس آکيرو، جنهن جو منهن ڏکڻ طرف هو، اُس اچڻ ڪري گرم ٿي ويو هو. هن کي گرمي ان ڪري به وڌيڪ ستائڻ لڳي، جو هن اڳيئين رات کان ڪجهه کاڌو به ڪين هو. گذريل رات آکيري کان پرڀرو، پهاڙ جي ڪناري وٽ، هن کي مڇيءَ جي سُڪَلَ پڇڙي هٿ آئي، جيڪا هن بک وگهي کاڌي هئي. پر هينئر ته هن وٽ کائڻ لاءِ به ڪجهه ڪين هو. هن پنهنجي آکيري جو ذرو ذرو ڪري جاچيو، اتي پيل سڪل گاهه کي به اٿلائي پٿلائي ڏٺو، جتي سندس ڀائر ۽ ڀيڻ آنن منجهان ڦٽا هئا، پر سڀ محنت اجائي! نيٺ هن اتي پيل سڪل آنن جي کلن کي کرڙي کاڌو. آنن کي کرڙيندي، هن کي ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻڪ هن پنهنجي جسم جو حصو پئي کاڌو. هن پنهنجي پهاڙ جهڙي ميرانجهڙي بدن کي ڊگهين ڄنگهن تي کڻي، پهاڙ جي هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين ٽپا پئي ڏنا، ته من اُڏامڻ کانسواءِ ئي ماءُ پيءُ تائين پهچڻ جو دڳ ملي وڃي. پر ان جي آکيري جي سڀني پاسن کان اونهي لاهي هئي ۽ هيٺان اٿاهه سمنڊ! هن جي ۽ سندس ماءُ پيءُ جي وچ ۾ هڪ اونهو اوڙاهه هو. هو پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ اُڏامڻ کانسواءِ به وڃي ٿي سگهيو، پر ان لاءِ ضروري هو، ته اُتر طرف پهاڙ جي چوٽيءَ وٽان ڦري وڃي، پر اوستائين پهچڻ لاءِ پنڌ ڪري ڪيئن؟ ڇاڪاڻ جو پهاڙ بلڪل اُڀو هو. هو مَک ته ڪانه هئي، جو اهڙي اُڀي پهاڙ تي چڙهي وڃي، جنهن جي چوٽي به ايتري مٿي هئي، جيترو آکيري کان سمنڊ هيٺ هو.

هو آهستي آهستي پهاڙ جي چوٽيءَ ڏانهن وڌي آيو ۽ هڪ ٽنگ تي بيهي، ٻي ٽنگ پرن ۾ لڪائي ڇڏيائين. هن پهريائين هڪ اک بند ڪئي ۽ پوءِ ٻي اک بند ڪري، ائين ٿي بيٺو، ڄڻڪ کيس ننڊ اچي ويئي هئي. اڃا به ماڻس پڻس کي سندس حال تي رحم نه آيو. هن ڏٺو ته سندس ٻه ڀائر ۽ ڀيڻ سامهون مٿانهين پٽ تي پنهنجو منهن ڳچيءَ جي کنڀن، ۾ لڪائي، ستا پيا هئا ۽ سندس پيءُ پنهنجي پٺيءَ جي اڇن کنڀن ۾ چهنب سان کنهي رهيو هو، فقط سندس ماءُ ڏانهس نهاري رهي هئي. هوءَ هڪ اُڀي پٿر تي پنهنجي اڇي ڇاتي ڦوڪيو بيٺي هئي. هن جي پيرن وٽ مڇي پئي هئي، جنهن کي هن چنهنب سان رکي رکي پٽي پئي کاڌو ۽ پوءِ چهنب کي پٿر سان پئي گسايو. مڇيءَ کي ڏسي هو وڌيڪ ڇتو ٿي پيو؛ هن به چاهيو پئي، ته جيڪر هو به ائين ئي مڇيءَ کي پٽي کائي ۽ پوءِ پنهنجي چهنب پٿر سان گسائي، تکي ڪري. هن ٿڌو ساهه ڀري آهستي چر چر ڪئي، جنهن جي جواب ۾ سندس ماءُ به چرچر ڪري، ڏانهس نهاريو.

”گا، گا، گا“—هن پنهنجي ماءُ کي کاڌي آڻڻ لاءِ ٻاڏايو. ”گا-ؤل –آ“، سندس ماءُ مٿس ٺٺولي ڪندي جواب ڏنو. پر هو پنهنجي ماءُ کي ٻاڏائيندو رهيو، ٻن- ٽن منٽن کانپوءِ پنهنجي ماءُ کي چنهب ۾ مڇيءَ جو ٽڪر پاڻ ڏانهن آڻيندي ڏسي، هن خوشيءَ وچان رڙيون ڪيون. پر سندس ماءُ پهاڙ جي ڪناري تي اچي، بيهي رهي. هن جا پير هوا ۾ ٿڙڪڻ لڳا ۽ هوءَ پرَ ڦڙڪائڻ بند ڪري، هوا ۾ خاموش ٿي بيهي رهي. مڇي هن جي چهنب جي بلڪل ويجهو هئي. هو ڪجهه وقت ته حيرت ۾ پنهنجي ماءُ کي تڪيندو رهيو، پر پوءِ بک کان ڇتو ٿي، ماءُ جي چهنب مان مڇيءَ کسڻ لاءِ هن ٽپو ڏنو ۽ دانهن ڪري پهاڙ کان هيٺ کڏ ۾ ڪري پيو. سندس ماءُ ڪجهه مٿڀرواُڏامي ويئي. جيئن هُو ماءُ کان هيٺڀرو ٿيو ته سندس پرن جي ڦڙڪڻ جو آواز ٻڌائين. خوف کان هن جو ساهه ئي سڪي ويو ۽ سندس دل ڄڻ ته هلندي هلندي بيهي رهي، ۽ کيس ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نٿي آيو. پر سندس اها حالت ٿورو وقت هلي ۽ جلد ئي هو محسوس ڪرڻ لڳو ته سندس پَرَ ٻاهر تي پکڙيا پئي ويا، هوا سندس ڇاتيءَ ۽ پَرَن کي چيريندي ٿي ويئي. هن محسوس ٿي ڪيو ته سندس پَرَ ڦڙڪندا هَوا کي چيريندا ٿي ويا، ۽ هو هيٺ ڪرڻ بدران پهاڙ کان پري اُڏامندو ٿي ويو. هن کان خوف موڪلائي ويو. فقط ٿوري ڀنواٽي ٿي محسوس ڪيائين. هن وري پنهنجا پَرَ ڦڙڪايا ۽ هوا ۾  مٿي چڙهڻ لڳو. هو خوشيءَ ۾ گد گد ٿيڻ لڳو ۽ مستيءَ ۾ اچي وري وري پَرَ ڦڙڪائڻ لڳو ۽ آهستي آهستي مٿي چڙهڻ لڳو.هن پنهنجي ڇاتي مٿڀرو ڪئي ۽ هوا ۾ هڪ هنڌ بيهي رهيو.”گا، گا، گا“، ”گا، گا، گا“، ”گا-ؤل-گا“ سندس ماءُ خوشيءَ مان رڙيون ڪندي سندس ڀرسان اچي پهتي. هن به خوشيءَ وچان دانهن ڪري پنهنجي ماءُ کي جواب ڏنو. جلد ئي هن جو پيءُ، ڀائر ۽ ڀيڻ اُڏامي اچي وٽس پهتا ۽ خوشيءَ ۾ سندس چوڌاري بولاٽيون کائڻ لڳا.

ان بعد هو هيٺ آيو ۽ سمنڊ مٿان اُڏامڻ لڳو. هو هيٺ سائو سائو سمنڊ ۽ وِيرن کي اٿندو ڏسي، گد گد ٿيڻ لڳو. هن جا ماءُ پيءُ ڀائر ۽ ڀيڻ به اُڏامندا سندس ويجهو اچي پهتا. سائي پاڻيءَ مٿان بيهڻ لاءِ هن پنهنجا پير هيٺ ڪيا، پر سندس ٽنگون پاڻيءَ ۾ گهڙي ويون ۽ هن تي وري خوف طاري ٿي ويو. هن پنهنجا پَرَ ڦڙڪائي پاڻيءَ مان نڪري اُڏامڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو بک، ٿڪاوٽ ۽ ڪمزوريءَ وچان اُڏامي ڪونه سگهيو ۽ ساڻو ٿي پاڻيءَ مٿان ڪِري پيو. پهريائين سندس پير پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا ۽ پوءِ پيٽ اچي پاڻيءَ سان لڳس، پر ٻڏڻ بدران هو ترڻ لڳو. اهو ڏسي سندس ڪٽنب جا ڀاتي خوشيءَ وچان کيس ساراهڻ لڳا ۽ پنهنجي چهنبن سان مڇيءَ جا ذرا کڻي، کيس ڏيڻ لڳا.

اها هئي هن جي پهرين اڏام!


*جيڪڏهن سپاهي، رواني ٿيڻ کان اڳ گهوڙي جا چارئي سنب کڻي ڏسي ها، ته شايد هڪ نعل ۾ ٻه –ٽي ڪوڪا هڻائڻان پونس ها، ۽ پوءِ ايڏي ساري تڪليف ڪرڻي نه پويس ها. تڏهن ته چيو اٿائون ته ”ڦاٽل ڪپڙي کي مهلائتو ’هڪ‘ ٽوپو، پوءِ جي ’نوَن‘ ٽوپن کان وڌيڪ بچائي ڇڏيندو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com