چهچٽو ٻيو
(ڪاڪي قيمتراءِ جو گهر. ڪڪلو کٽ تي ستل)
ڪڪلو- ڪاڪا، مان دريءَ وٽ وڃي ويهان؟ حڪيم صاحب انهيءَ تان ته
ڪين چڙندو؟
ڪاڪو- ٻچا حڪيم صاحب ضرور چڙندو، تون ڏيهاڙي انهيءَ دريءَ وٽ
اوڪڙو وڃي ٿي ويهين ته پاڻ کي اٽلندو هلاڪ ٿي
ڪرين.
ڪڪلو- نه ڪاڪا، دريءَ وٽ وڃي ويهندي آهيان، ته اٽلندو پاڻ کي
سکر سمجهندي آهيان.
ڪاڪو- نه ٻچا، تون گهڻي ويهڪ ٿي ڪرين، ننڍو وڏو جيڪو ٿو لنگهي،
تنهن سان ٿي ڳالهائين. اسان جي ڇڄهريءَ جي هيٺان
ڄڻ ته ميلو مچي ٿو وڃي. تون هڏن جي مٺ! تو ۾ ايتري
طاقت آهي ڪٿي جو ٿورڙي به جاکوڙ ڪري سگهين؟ پنهنجو
منهن ته ڏس! سائو ٻير ٿي ويو اٿيئي.
ڪڪلو- ڪاڪا، منهنجو فقير مون کي دريءَ وٽ نه ڏسندو ته هليو
ويندو.
ڪاڪو- ڪهڙو تنهنجو فقير؟
ڪڪلو- مون وٽ هڪ فقير ايندو آهي، جيڪي هنڌ گهميل اٿس، تن جون
ڳالهيون مون کي اچي ٻڌائيندو آهي. سندس ڳالهين مان
مون کي ڏاڍو رس ايندو آهي.
ڪاڪو- سو وري ڪيئن؟ مان ته ڪو فقير سڃاڻان ئي ڪونه.
ڪڪلو- اجهو گهڻو ڪري هيڏيءَ مهل ايندو آهي. هينئر آيو گهرجي.
ڪاڪا، ڀلائي ڪري، اندر وٺي اچجوس ته گهڙي ساعت مون
سان هتي اچي ورونهن وندر ڪري.
(فقير جي ويس ۾ چيلارام اچي ٿو)
ڪڪلو- اجهو آيو آهي! فقير صاحب، هيڏانهن منهنجي کٽ تي اچي ويهو.
ڪاڪو- اڙي هيءُ ته....
(چيلارام اک ڀڃيس ٿو)
چيلارام- مان فقير آهيان.
ڪاڪو- توهين سڀڪي آهيو،ڪي نه به آهيو؟
ڪڪلو-فقير صاحب، هيڏيءَ مهل ڪاڏي ويا هئا؟
فقير- پکين جي پئنچات ۾، اتان سڌو ٿو اچان.
ڪاڪو- پکين جي پئنچات!
فقير-توهان کي عجب لڳو ڇا؟ مان توهان وانگر ڪونه آهيان.
مون کي جتي ايندو آهي تتي هليو ويندو آهيان، پنڌ جي پرواهه
ڪريان ئي ڪانه، نڪو ڪو انهيءَ ۾ هرج پوندو اٿم.
ڪڪلو- (تاڙي وڄائي) واه واه! ڏاڍو مزو! پنهنجو وچن ياد ڪجو. مان
چڱي ڀلي ٿيان ته مون کي به پنهنجو ٽهليو ڪري پاڻ
سان وٺي هلجو.
فقير-مان توکي سفر ڪرڻ جا اهڙا راز سيکاريندس جو جهر جهنگ ۽
ٻيلن مان بلڪه پهاڙن ۽ سمنڊ مان به پار لنگهي
ويندينءَ، ۽ ڪابه اٽڪ ڪانه ٿيندئي.
ڪاڪو-(فقير کي) هي ڪهڙو کڻي لُڙ مچايو اٿوَ؟
فقير- پياري ڪڪلو، مان سمنڊ توڙي جبلن جي به پرواهه ڪانه ڪريان.
جيڪا به واٽ وڃان سا مون لاءِ سنئين، پر جيڪڏهن
تنهنجو ڪاڪو به تنهنجي حڪيم سان ٻٽ ٿي بيهندو، ته
پوءِ منهنجو ڪوبه منتر جنتر هلي ڪين سگهندو.
ڪڪلو- حڪيم صاحب سان ڪاڪو ڳالهه ڪانه ڪندو. مان انجام ٿي ڪريان
ته مان هينئر سانت ڪري سمهي پونديس. پر جنهن ڏينهن
چڱي ڀلي ٿيان، تنهن ڏينهن، فقير صاحب، مون کي پاڻ
سان ضرور وٺي هلجو. جبل جهاڳي ۽ کارو کيڙي مان به
پار هلي پهچنديس.
ڪاڪو- ٻچا! توکي نه رڳو ٻاهر وڃڻ جي تات آهي. تنهنجون اهڙيون
ڳالهيون ٻڌي منهنجا ته ڳچ پيا ڳرن. اول پاڻ ته کڻ.
ڪڪلو- فقير صاحب، مون کي ٻڌايو ته پکين جي پئنچائت ڪهڙي هنڌ
ٿيندي آهي؟
فقير- اهو هڪ عجيب آستان آهي. اتي ماڻهوءَ جي بوءِ به ڪانهي.
اتي رڳو پکي رهن ٿا، جي نڪي پنڌ ڪن نڪي ڳالهائين.
رڳو پيا اڏامن ۽ مٺڙيون لاتيون لنوَن.
ڪڪلو- وڏي وڏائي منهنجي مالڪ جي! اهو آستان ڪنهن سمنڊ جي ڀرسان
هوندو؟
فقير- سو ته ٺهيو پيو آهي.
ڪڪلو- اتي گاهه سان ڇانيل ٽڪريون به هونديون؟
فقير- اهي پکي گذاريندا ئي انهيءَ ساوڪ سبزيءَ ۾ آهن. سج لهڻ
مهل جڏهن آسمان ۾ لالاڻ لڳي پيئي هوندي آهي ۽
ٽڪريءَ طرف نرمل نظارو هوندو آهي، تڏهن هي پکي ولر
ڪري پنهنجن واهيرن ڏي ويندا آهن.
ڪڪلو- اتي جهرڻا به هوندا؟
فقير- ڪهڙي ڳالهه ڪجي! ٽڪريءَ تان جيئن پاڻي گڙ-گڙ ڪري پيو لهي،
تيئن هڪ هڪ ڦڙو هيري جي ڪڻيءَ وانگر جرڪندو ۽ تجلا
ڏيندو نظر پيو اچي. پاڻيءَ جي وهڪ ۾ ننڍڙيون
پهڻيون ڄڻ ته نچنديون ٽپنديون ائين سمنڊ جي سِير
ڏي وڃن ٿيون، جو ڄڻ ته ڇيڄ ٿيون وجهن ۽ ڪنهن جي به
جهلڻ پلڻ جون نه آهن. اتي جي پکين اڳيان اسين
ماڻهو کٻوس پيا ڀانئجون. اسان کي نڪي پک نڪي پَر.
تنهن ڪري پکي اسان کي ليکين به ڪونه. نه ته مان
جيڪر پنهنجي جهوپڙي ٺاهي سندن وچ ۾ وڃي رهان ۽
سمنڊ جي لهرن کي ڳڻيندي، پنهنجا ڏينهن گذاريان.
ڪڪلو- اڙي مان جيڪر پکي هجان ته ڏاڍو چڱو! پوءِ ته جيڪر...
فقير- مون کي معلوم ٿيو آهي ته تو هڪ مکڻ واريءَ مائيءَ کي چيو
آهي ته تون جڏهن وڏي ٿيندينءَ، تڏهن ڏڌ، مکڻ ۽ مهي
هوڪا ڏئي وڪڻندينءَ، پکين وٽ ته اهڙو ڌنڌو هلائي
ڪونه سگهندينءَ، جنهن ڪري تولاءِ ته پاڻ جٺ ٿيندي.
ڪاڪو- توهين ته گهٽايو ئي ڪين ٿا، ههڙيون آسرپوٽاڻيون ڳالهيون
ڪري، منهنجو ته مٿو ڦيرائي ڇڏيو اٿوَ.
ڪڪلو- ڪاڪا، مکڻ واري مائي وري آئي يا نه؟
ڪاڪو- هتان لنگهندي تولاءِ ٿورو ڏڌ ۽ مکڻ ڏيئي ويئي آهي. پاڻ
ترسي ڪين جو تڪڙي هئي؛ ڳوٺ ۾ وهانءُ اٿن.
ڪڪلو- مان به جيڪر وڃي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيان!
ڪاڪو- ٻچا، اهي نڪرڻ جون ڳالهيون ڇڏ.
(وڃي ٿو)
ڪڪلو-(فقير کي) اها ته پڇا ڪريو ته ملڪ جي حاڪم جي ڪا چٺي
منهنجي نالي پوسٽ آفيس ۾ آئي آهي؟
فقير- چٺي رواني ٿي چڪي آهي، هينئر رستي ۾ هوندي
ڪڪلو-رستي ۾؟ ڪهڙي رستي تي؟ متان اها واٽ ٿا چئو جا هتان وڻن
مان لنگهي، ٻيلي جي ڇيڙي ڏي وڃي ٿي؛ جتي برسات
کانپوءِ اُڀ ۾ صاف صفائي هوندي آهي؟
فقير- ٺيڪ، ٻچا ٺيڪ! توکي ته اڳيئي سڌ آهي.
ڪڪلو- مون کي سڀ سڌ آهي.
فقير- توکي اها سڌ ڪيئن پيئي؟
ڪڪلو- اهو مان چئي نٿي سگهان، پر منهنجي نظر ۾ اها ڳالهه پڌري
پيئي آهي. ڀانئيان ٿي ته اڳي اڳي، اها واٽ ڏٺل
اٿم، ڪڏهن ڏٺي هيم، سو به ٻڌائي نٿي سگهان. هينئر
به ائين پيو ڏسڻ ۾ اچيم ته حاڪم جو ٽپالي ٽڪريءَ
واري پاسي کان يڪي سر هيٺ پيو لهي. پٺيءَ تي ٽپال
جي ٿيلهي ۽ هٿ ۾ بتي اٿس. ٽڪريءَ تان جيڪو پاڻي
هيٺ لهي تلاءُ ٿي پيو آهي، تنهن وٽان واٽ ڪيو،
ڪمند جي پُڙڻ مان لنگهي، سوڙهي پيچري تان اچي
چراگاهه ۾ پهچي ٿو. اتي ٻي ڪا به پهر ڪانهي؛ باقي
پکي پڇ لوڏيو مٽيءَ مان پيا چهنب ڀرين. مان ائين
پيئي سمجهان ته ٽپالي اچي ٿو ويجهو پوندو ۽ انهيءَ
ڪري منهنجي دل پيئي بهار بهار ٿئي!
فقير- رستي جو نقشو پورو پورو چٽيءَ طرح ٻڌايو اٿيئي.
ڪڪلو-فقير صاحب، توهين ملڪ جي حاڪم کي سڃاڻو؟
فقير- هائو، مان ڏيهاڙي بکيا وٺن لاءِ وٽس ايندو آهيان.
ڪڪلو- ڏاڍو چڱو! مان چڱي ڀلي ٿينديس، ته مان به بيک پنڻ لاءِ
وٽس وينديس.
فقير- توکي بيک پنڻي ڪانه پوندي، هو توکي پاڻمرادو سڀڪي ڏيندو.
ڪڪلو- نه، مان سندس در تي وڃي پڪارينديس ته ”حاڪم جي جئه!“ پوءِ
ڍولڪ وڄائي، سندس اڳيان ”ٿَنيان ٿَنيان“ ڪري
نچنديس، ۽ بيک گهرنديسانس- ائين چڱو ڪين ٿيندو؟
فقير- ڇا گهرندينئس؟
ڪڪلو- مان اهو گهرنديسانس ته مون کي پنهنجو ٽپالي ڪر ته مان رات
جو بتي هٿ ۾ کڻي، در در خط پهچائيندي وتان ۽ سڄو
ڏينهن گهر ۾ نه پيئي هجان.
فقير-توکي ايترو خيال ڇو ٿو ٿئي؟ گهر ۾ رهڻ ڪا ارمان جهڙي ڳالهه
آهي ڇا؟
ڪڪلو- ڇو نه ارمان جهڙي ڳالهه آهي؟ گهر ۾ بندي پيئي آهيان ته
ڏينهن وڌي ٿو پويم، پر هاڻ جڏهن حاڪم جي پوسٽ آفيس
هتي کلي آهي، تڏهن ائين چاهيان ٿي ته گهر ۾ هجان
ته من ڪنهن ڏينهن حاڪم وٽان چٺي اچيم! اهڙا خيال
ڪري مان خوش ٿيان ٿي ۽ صبر ۽ سانت ۾ وقت ڪاٽيان
ٿي. پر حاڪم جي چٺي مون کي اول پڙهڻ ايندي؟
فقير- کڻي نه به پڙهڻ اچيئي، پر تنهنجي نالي ته چٺي هوندي، سا
ڳالهه بس نه آهي ڇا؟
(ڪاڪو اچي ٿو)
ڪاڪو-توهين ڪي سمجهون ٿا ته توهان منهنجي لاءِ ڪيتري تڪليف پيدا
ڪئي آهي؟
فقير- ڇو؟ ڇاهي؟
ڪاڪو- اهو وٺي هُل هُلايو اٿوَ ته حاڪم وٽان اوهان وٽ چٺيون
اينديون.
فقير-انهيءَ ۾ ڇا آهي؟
ڪاڪو-هن بابت جمعدار هڪ گنگو خط، ملڪ جي حاڪم کي لکيو آهي.
فقير- اسان کي اها سڌ ڪانهي ڇا ته ملڪ جي حاڪم تائين سڀ خبرون
پاڻمرادو پهچنديون آهن.
ڪاڪو-تڏهن سنڀاليو ڇو نٿا؟ حاڪم جو نالو اجايو ڇو ٿا ڳنهو.
منهنجو خانو خراب نه ڪرايو.
ڪڪلو-(فقير کي) فقير سائين، ملڪ جو حاڪم ڏمربو ڇا؟
فقير-خير ته آهي! تو گلن جهڙيءَ ٻارڙيءَ ۽ مون جهڙي درويش تي
حاڪم ڏمربو! جيڪڏهن ڏمربو به ته مون کي به جيڪي
اندر ۾ آهي، سو چئي ڏيندو سانس.
ڪڪلو- اڄ صبح کان وٺي مون کي اکين اڳيان اوندهه پيئي ٿئي، سڀڪا
ڳالهه سپنو ڪري پيئي سمجهان ۽ هينئر مون کان
ڳالهائڻ اڪلي ئي نٿو. ڀانئيان ته سانت ڪري پيئي
هجان. ڀلا حاڪم جي چٺي ايندي؟
فقير-(ڪڪلوءَ کي وڃڻو هڻي)،ٻچا، اڄ پڪ چٺي ايندي.
(حڪيم صاحب اچي ٿو)
حڪيم-(ڪڪلوءَ کي) اڄ پاڻ کي ڪيئن ٿي سمجهين؟
ڪڪلو-اڄ ته پاڻ کي گهڻو سکر پيئي سمجهان، سمورو سور لهي ويو
اٿم.
حڪيم(ڪاڪي کي پٺڀرو) اڄ جنهن نموني مشڪي ٿي، سو مشڪڻ جو نمونو
ئي مون کي نٿو وڻي. هيءَ دل ڪري پاڻ کي سکر پيئي
سمجهي، پر منهنجي نظر ۾ پوڻي پوندي ٿي وڃي. طب جي
ڪتابن ۾ لکيل آهي ته…..
ڪاڪو- طب جي ڪتابن جون ڳالهيون ڇڏيو. مون کي ٻڌايو ته ڪي ٿئيس
ٿو ڇا؟
حڪيم-تڏهن وري ڇا، اڻپڇو پاڻ کي ورايو اٿس. مون اوهان کي اڳيئي
خبردار ڪيو هو، پر ڀانئجي ٿو ته توهين روڪي ڪونه
سگهيا آهيوس.
ڪاڪو- مون ته ڏاڍي سنڀال پئي ڪئي آهي—در کان ٻاهر نڪرڻ ئي ڪونه
ٿي ڏنومانس. دريون ۽ دروازا به گهڻو ڪري سمورو وقت
بند ٿا رهن.
حڪيم- اڄ هوا هيڪاري خراب پيئي لڳي، مان گهر ۾ گهڙيس ته سامهين
دروازي کان هوا گهوگهٽ ڪري پيئي آئي. اها تمام
نقصانڪار آهي. ڀلا ٻه-ٽي ڏينهن ڪو ماڻهو اوهان وٽ
نه آيو ته وڏي ڳالهه آهي ڇا؟ ڪنهن کي لاچار اچڻو
پوي ته پٺئين دروازي کان اچي. هيءَ دري به بند ڪري
ڇڏيو. اتان اس منهن ۾ اينديس ته اک لائي ڪين
سگهندي.
ڪاڪو- ٻچڙيءَ اکيون پوريون آهن، مان ڀانيان ٿو ته ننڊ آئي اٿس.
پر ڏسو ته شڪل ڪهڙي ٿي ويئي اٿس! حڪيم صاحب، هيءُ
ٻار جيتوڻيڪ اصل پرائو ٻارآهي ته به پنهنجي اولاد
کان وڌيڪ سمجهي پاليوٿيمانس.هينئر منهنجا ساس پران
هن ۾ آهن. پر مون کي ته پَرُون پيا پون ته هيءَ
هاڻ موڪلائي ٿي. مان هاڻي ڪيئن ڪندس؟ (اوڇنگار
ڏيئي ٿو)
حڪيم-هي وري ڇا؟ اجهو ڏسو جمعدار اندر ڌوڪي آيو آهي، هيءَ ڳالهه
نه ٺهي. (ڪاڪي کي) توهين هٿ هلائي سڀ دروازا بند
ڪري ڇڏيو، مان هينئر وڃان ٿو. گهر پهچڻ شرط هڪ
تمام تکيءَ دوا جو وزن موڪليندس. اهو دوا جو وزن
آزمائي ڏسجو. بچڻي هوندي ته انهيءَ مان بچي پوندي.
(حڪيم وڃي ٿو. ڪاڪو اماڻڻ وڃيس ٿو)
(جمعدار اندر اچي ٿو)
جمعدار- ڪيئن ٻچا!
فقير- (هٿ سان روڪي) ڇڏيوس ننڊ اٿس.
ڪڪلو- (اکيون پٽي) توهان ڀانيو ٿا ته ننڊ اٿم ڇا؟ مون کي ننڊ
ڪانه هئي، پريان پريان جا آواز به پئي ٻڌم. ائين
پئي سمجهيم ته منهنجي ماتا ۽ منهنجو پتا منهنجي
سيرانديءَ کان اچي مون وٽ ويٺا آهن.
(ڪاڪو اچي ٿو)
جمعدار- (ڪاڪي کي) مون ٻڌو آهي ته اڄڪلهه تون رڳو وڏن وڏن ماڻهن
سان ريجهه رهاڻ ڪندو آهين.
ڪاڪو- ڀلائي ڪري چرچا نه ڪريو، اسين غريب ماڻهو…..
جمعدار- تنهنجي هيءَ نياڻي آسرو رکي ويٺي آهي ته خود ملڪ جو
حاڪم کيس چٺي لکي موڪليندو، پوءِ اوهين غريب ماڻهو
ڪيئن چئبا؟
ڪاڪو-هيءَ اٻوجهه ٻالڪڙي آهي، هن جي ڳالهين جو اوهين ويچار نه
رڪيو.
جمعدار- ڇو نه؟ تنهنجي انهيءَ ٻالڪڙيءَ لاءِ ملڪ جي حاڪم وٽان
چٺي اچي به ويئي آهي.
ڪڪلو-(وائڙي ٿي) سچ!
جمعدار-تڏهن وري ڪوڙ؟
(اڇي لسي پني جو ٽڪر ڏيکاري) اجها هيءَ ڏس چٺي! (ٽهڪ ڏيئي ٿو)
ڪڪلو- مون سان چرچا نه ڪريو. فقير سائين، توهين چئو ته هيءَ سچ
پچ حاڪم جي موڪليل چٺي آهي؟
فقير- هائو، ٻچا! مان چوان ٿو ته اها برابر سندس ئي چٺي آهي.
ڪڪلو- پر مون کي ته هڪ اکر به لکيل ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. جمعدار
صاحب، ڀلا توهين ٻڌايو ته انهيءَ چٺيءَ ۾ لکيل ڇا
آهي؟
جمعدار- ملڪ جي حاڪم لکيو آهي ته ’مان سگهو ئي تو وٽ ايندس،
منهنجي لاءِ پيهون رڌائي رکج. منهنجي محلات جي
کاڌي مان مون کي ڪوبه سواد ڪونه ٿو اچي.‘
(ٽهڪ ڏيئي کلي ٿو)
ڪاڪو-(هٿ جوڙي) جمعدار صاحب، ڀلائي ڪري ٻار سان اهڙيون ٺٺوليون
نه ڪريو.
فقير- مجال اٿس جو ٺٺوليون ڪري.
ڪاڪو- (فقير کي) توهان جو مغز شايد جاءِ ڪونه ٿو ڏسجي.
فقير-ڀلي ائين سمجهو، پر چٺيءَ ۾ حاڪم صفا لکيو آهي ته مان هن
ٻار وٽ ايندس ۽ سرڪاري حڪيم به پاڻ سان آڻيندس.
ڪڪلو- فقير، فقير! توتاڙو ٻڌو ٿا؟ متان حاڪم جي اچڻ جي چتاءَ
ڪرڻ لاءِ اهو توتاڙو وڄندو هجي.
جمعدار-مغز وڌيڪ جاءِ ٿيندس ته پوءِ اهو توتاڙو ٻڌي سگهندو.
ڪڪلو-(جمعدار کي) مون ڀانئيو ته توهين مون تي ڏمريل آهيو ۽ مون
سان قرب ڪونهيوَ. مون نٿي ڀانئيو ته حاڪم جي چٺي
توهين آڻي مون کي پهچائيندا. هاڻ ته مان اوهان جي
پيرَ به چمنديس.
جمعدار-هن نياڻيءَ ۾ عزت جو انگ ججهو آهي. جيتوڻيڪ ٻالي ڀولي
آهي، ته به دل جي صاف آهي.
ڪڪلو- هينئر سانجهيءَ جي مهل آهي، چار ئي پهر اچي گڏيا آهن.
اجهو گهنڊ به پيو وڄي، ”ٺن ٺن، ٺن!“ پر اڃا
سانجهيءَ جو تارو ڪونه اڀريو آهي ڇا؟ مون کي ته
ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿو اچي.
فقير- سڀ دريون بند آهن، بيهه ته مان هيءَ دري کوليان ته پوءِ
ڏسڻ ۾ ايندئي.
(ٻاهرئين دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿئي ٿي)
ڪاڪو- هيءَ وري ڇاجي ٺڪ ٺڪ! ڏاڍو ڪڪ ڪيو اٿن. اڙي ڪير آهين؟
ٻاهران آواز- دروازو کوليو!
ڪاڪو- (ڊڄي) جمعدار صاحب، گهر ۾ چور ته ڪونه ڪاهي آيا آهن؟
جمعدار- اڙي ڪير آهيو؟ منهنجي هتي هوندي به اوهان کي خوف ڪونه
ٿو ٿئي، جو هيتري ٺڪ ٺڪ ڪريو ٿا. (فخر سان) منهنجو
آواز ٻڌو اٿن، ته ٺڪ ٺڪ بند ڪئي اٿن.
ڪاڪو- جمعدار صاحب ٺڪ ٺڪ برابر بند ٿي آهي، پر ڀانئيان ٿو ته
ٻاهريون دروازو ڀڳو اٿن….
(حاڪم جو چوبدار اندر اچي ٿو)
چوبدار- ملڪ جا والي سڳورا اڄ رات پاڻ هتي ايندا.
جمعدار- يا ڌڻي، خير!
ڪڪلو- رات جو ڪيڏيءَ مهل ايندا؟
چوبدار- جڏهن پهريون پهر پورو ٿيندو ته هتي پهچندا.
ڪڪلو- ٻئي پهر جو گنڊ وڄندو، اوڏيءَ مهل؟
چوبدار- هائو، اوڏيءَ مهل (ڪڪلوءَ ڏي اشارو ڪري) سرڪاري وڏو
حڪيم به هن ٻار لاءِ ايندو.
(سرڪاري حڪيم اچي ٿو)
سرڪاري حڪيم- هيءُ ڇا آهي؟ هتي ڪيتري نه گهُٽ آهي! سڀ دريون ۽
دروازا کولي ڇڏيو. (ڪڪلوءَ کي هٿ لائي) تون پاڻ کي
ڪيئن ٿي سمجهين؟
ڪڪلو- حڪيم صاحب مان پاڻ کي بلڪل نونبي ٿي سمجهان. هاڻ سمورو
سور لهي ويو اٿم.د ريون ۽ در کليا آهن ته مونجهه
لٿي اٿم. هينئر مان اُڀ ۾ تارا به ٽمڪندا ڏسان ٿي.
سرڪاري حڪيم- اڌ رات جو ملڪ جو حاڪم تولاءِ ايندو ته تون بستري
تان اٿي سگهندينءَ؟
ڪڪلو- ڇو نه؟ مان ته سندس لاءِ سڪان ٿي. مان حاڪم کي چونديس ته
سائين، مون کي قطب تارو ته ڏيکار! اڳي ڏٺل هوندم،
پر سڃاڻي ڪين سگهنديس ته ڪهڙو آهي.
سرڪاري حڪيم- حاڪم توکي پاڻيهي ٻڌائيندو. (ڪاڪي کي) حاڪم اچن
ٿا ته گلن ڦلن جو ته بندوبست ڪريو. (جمعدار ڏي
اشارو ڪري) هيءُ هاڻي هتي هئڻ نه گهرجي.
ڪڪلو- حڪيم صاحب، ڀلي ته جمعدار هت هجي. هيءُ به اسان جو سڄڻ
آهي. انهيءَ ئي حاڪم جي چٺي مون لاءِ آندي.
سرڪاري حڪيم- جيڪڏهن هيءُ تنهنجو سڄڻ آهي ته پوءِ ڀلي هتي هجي.
ڪاڪو- (ڪڪلوءَ کي ڪن ۾) ملڪ جي حاڪم جو توتي ڏاڍو پيار ٿو
ڏسجي. حاڪم پاڻ تڪليف وٺي ٿو اچي. جڏهن اچي ته
چئجانس ته توکي ڪو انعام ڏئي. اسان جي غريباڻيءَ
حالت جي توکي سربستي سڌ آهي.
ڪڪلو- ڪاڪا، توهين ڪوبه خيال نه ڪريو. مان اڳيئي دل ۾ سٽ سٽي
ويٺي آهيان.
ڪاڪو- ڇا سٽيو اٿيئي؟
ڪڪلو- مان اهو انعام گهرنديسانس ته مون کي پنهنجو ٽپالي ڪر ته
پري پري پنڌ ڪندي ۽ در در تي تنهنجيون چٺيون
پهچائيندي وتان.
ڪاڪو- (نصيب تي هٿ هڻي) افسوس! انعام به اهو گهندينءَ؟
ڪڪلو- ڪاڪا، حاڪم اچي ته اسين سندس اڳيان ڪهڙو نذرانو رکون؟
جمعدار- ڀُڳل پيهون، پاڻ ائين چيو اٿس.
ڪڪلو- پيهون! ٺيڪ. جمعدار صاحب توهين صحيح آهيو. جيڪا اسان کي
سڌ ڪانهي، سا توهان کي آهي.
جمعدار- جيڪڏهن مون کي گهر نياپو موڪليندا، ته حاڪم لاءِ مان….
سرڪاري حڪيم- هاڻ سڀ چپ ڪريو. ٻار کي ننڊ ٿي اچي. مان هن جي
سيرانديءَ کان ويهندس. هاڻي ڪنڌ لاڙي ٿي سمهي.
ڏيئو به وسائي ڇڏيو. رڳو تاري جي روشني اندر اچي.
ڪاڪو- (فقير کي) توهين ٻانهون ٻڌي بت ٿي ڇو بيٺا آهيو؟ منهنجو
ته اندر کاڄي ويو آهي. توهان کي هي سوڻَ چڱا ٿا
لڳن؟ ڏيئو وسائي اوندهه ڇو ڪئي اٿن؟ رڳو تاري جي
روشني ڀلا ڪهڙو سوجهرو ڪندي؟
فقير- بي ويساها، چپ ڪر.
(گلن واري اچي ٿي)
گلن واري- ڪڪلو!
سرڪاري حڪيم- نند اٿس.
گلن واري- مون سندس لاءِ گل آندا آهن، هٿ ۾ نه ڏيانس؟
سرڪاري حڪيم- ڀلي.
گلن واري- ڪيڏيءَ مهل سجاڳ ٿيندي.
سرڪاري حڪيم- ملڪ جو حاڪم اچي سڏ ڪندس، ته انهيءَ گهڙيءَ اٿي
کڙي ٿيندي.
گلن واري- منهنجو هڪ نياپو ڪن ۾ ڏجوس.
سرڪاري حڪيم- چئو.
گلن واري- ايترو چئجوس ته گلن واريءَ توکي وساري ڪونه ڇڏيو هو.
(ملڪ جو حاڪم اچي ٿو.
ڪڪلوءَ تي هٿ رکي ٿو
ته هوءَ ساهه کڻڻ لڳي ٿي،
۽ اٿي سندس پيرن تي ڪري ٿي.)
حاڪم- هي آهي سچي صدق ۽ پيار جو اثر، جو مئل هڏن ۾ به ساهه وجهي
ٿو. هيءَ آزاديءَ جي ڪوڏي هاڻ هميشھ لاءِ آزاد ۽
حياتيءَ جي ٻنڌڻ کان جدا ٿي. هن پاڻ ته تاريو، پر
پنهنجو خاندان به تاريائين.
(خاموشي.) |